لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌ سڀيتا

ھي ڪتاب ليکڪ ۽ محقق عنايت اللھ کٽياڻ جي تحقيقي مضمونن، سفري احوالن ۽ شخصيتن بابت لکيل ڪالمن جو مجموعو آھي.
هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ تاريخي شخصيتن بابت مضمون آهن جيڪي مختلف وقتن تي اخبارن ۾ ڇپيل آهن. تاريخ هڪ خشڪ موضوع آهي پر عنايت الله کٽياڻ ان کي سفرنامي واري انداز ۾ لکي دلچسپ بڻائي ڇڏيو آهي جنهن ڪري اوهان کي بوريت محسوس نه ٿيندي ۽ تاريخ جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو.
Title Cover of book سنڌ سڀيتا

ٿر ياترا

سونهن ڀري سنڌ جي چپي چپي کي اکين سان چُمڻ جي آس ۽ سنڌ جي تاريخي ماڳن مڪانن جي سونهن ۽ سوڀيا پسڻ ۽ سنڌ جي سڀيتا کي پرکڻ، پروڙڻ ۽ اُجاڳر ڪرڻ جي جذبي روح کي ته رولاڪ بڻائي ڇڏيو پر وسيلن جي کوٽ منهنجي هن عشق کي هميشه اڌورو رکيو. پوءِ به حوصلو ڪري سنگت جي ساٿ سان ٿر جو سفر شروع ٿي رهيو هئو .
عمر ڪوٽ شهر کان ٻاهر نڪرندي ئي ٿر جي سونهري سر زمين شروع ٿي وئي. روڊ سٺو ٺهيل هو جيڪو ڀِٽُن جي وچ ۾ ڏاڍو خوبصورت لڳي رهيو هئو. هر طرف ڀٽون ئي ڀٽون نظر اچي رهيون هيون. ڪنهن ڪنھن مهل هيٺانهينءَ تي هلي رهيا هئاسين ته ڪنھن ڪنھن مھل مٿانهينءَ تي. نظارو اهڙو لڳي رهيو هئو ڄڻ جاڳندي ڪو خواب ڏسي رهيو هُجان. هُونءَ به انهن ئي وارياسين ڀٽُن کي ڏسڻ لاءِ سالن کان آس ۽ اوسيئڙو هئو ۽ سڄي ڏينهن جو سفر ڪيو هئوسين. ڀٽن تي هن مُند ۾ مُختصر ۽ سُڪل ٻوٽا نظر آيا ۽ پري پري ڪو ننڍو يا وڏو وڻ جيڪو به پورو يا اڌ سڪل نظر پئي آيو. ڪيترن ئي ميلن تائين ڪا ئي آبادي نه هُئي. 5 يا 8 ڪلوميٽرن کان پوءِ سڄي هٿ تي يا کٻي هٿ تي روڊ کان پري پري ڪنهن ڪنھن ڀٽ جي چوٽيءَ تي يا ٻن يا چئن ڀٽن جي وچ واري ترائيءَ جي ويجهو گھر (چوئنرا) ٺهيل نظر پئي آيا.
ٿر جي وارياسين ڀٽن تي سانوڻ جي تمام گهڻيءَ گرميءَ ۽ تمام گهڻيءَ سرديءَ کان بچڻ لاءِ چوئنرا ٺاهيا وڃن ٿا. گول يا چورس ڪچين ڀتين وارو هڪ ڪمرو ٺاهي اُن تي ڪاٺ ۽ سڪل گاهه سان قُبي نما ڇت وڌي ويندي آهي جنهن ڪري هي گھر (چوئنرا) سج جي گرم تپش ۽ سياري جي ٿڌين هوائن کي روڪڻ جي وڏي صلاحيت رکن ٿا ۽ پنهنجي مالڪن کي موسمي اثرن کان بچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. عمر ڪوٽ کان ڇاڇري شهر تائين 55 ڪلوميٽرن جو سفر آهي ۽ هن سڄي سفر ۾ اسان کي 2 يا 3 ڪار گاڏيون مليون. باقي سوزوڪي جيپ جيڪا هاڻي ٿر ۾ ننڍي ڇڪڙي طور استعمال ٿي رهي آهي. هيءَ جيپ پڪن روڊن تي به هلي ٿي ۽ ٿر جي ڪچي واريءَ واري رستي تي به 8 کان 12 ماڻهو کڻي پنهنجو سفر جاري رکي ٿي. ٿر ۾ هن جيپ تي به سرنديءَ وارا سفر ڪن ٿا، باقي ماروئڙا ماڻهو ته ڏاند گاڏين ۽ گڏهه گاڏين تي سفر ڪن ٿا. هن ڇاڇري واري روڊ سان ڪئي جڳهن تي روڊ جي پاسي عورتون ۽ مرد سواريءَ جي انتظار ۾ ويٺل نظر آيا.
ڇاڇري کان عمر ڪوٽ پوري ڏينهن ۾ شايد هڪ يا ٻه بسون هن روڊ تان گذرنديون هونديون ڇو ته اسان کي ڪا به بس رستي تي نه ملي. ڪيترن ئي هنڌن تي هي مارئيءَ جي ماڳ جا مارو ماڻهو پنهنجي ثقافتي لباس ۾ ٽولن جي صورت ۾ پنڌ سفر ڪندي نظر آيا. هنن ٽولن ۾ مردن سان گڏ عورتون، ڪٿي صرف عورتون ۽ ڪٿي صرف مرد پيادل سفر ڪندي نظر آيا. عورتون پنهنجي رنگ برنگي روايتي لباس پهريل، سفيد چوڙين سان سندن ٻانهون ڀريل ۽ رئي جي جھُنڊ ۾ مڪمل منهن لڪيل هجڻ باوجود جڏهن پري کان ڪنهن کي ايندي ڏسن ته پنهنجو مُنھن پري ڪري ڇڏڻ جي روايت کي به قائم رکيو پيو هلن. اڄ جي دؤر ۾ به انهن جي ان عمل کي ڏسي مون کي محسوس پئي ٿيو ته ڄڻ هي به مارئيءَ جون ڀينرون هُجن ۽ اڄ به پنهنجي لوئيءَ ۽ لڄ کي پنهنجي ميراث سمجهندي پنهنجي روايت تي قائم ۽ دائم آهن ۽ ثابت ڪن ٿيون ته صديون اڳ سندن ڀيڻ مارئيءَ ڪوٽن ۾ قيد هوندي به پنهنجي لڄ بچائي ڪيئن عورت جي عظمت کي آسمانن جيترو اُوچو ڪيو هئو! هن رستي تان هلندي ۽ هنن کي ڏسندي شاهه لطيف جي شاعري به نئين نڪور پئي لڳي. شاهه سائينءَ مارئيءَ جي ماڳ تي گھڻو لکيو آهي ۽ پاڻ به ٿر جي هڪ پاسي واريءَ ڀِٽ کي اچي وَسايائين ۽ ڀلارو ڀٽ ڌڻي سڏجڻ لڳو ۽ سُر مارئيءَ ۾ لکيائين:
نڪا ڪن فيڪون هُئي، نڪا مورت ماهه،
نڪا سُڌ ثواب جي، نڪو غرض گناهه،
هيڪائي هيڪ هُئي، وحدانيت واهه،
لکيائين لطيف چئي، اُت ڳُجھاندر ڳاهه،
اکين ۽ ارواح، اُها ساڃاهه سپرين.
 مفھوم: اڃا ڌڻيءَ ڪائنات کي رَچڻ جو امر ئي نه ڪيو هو ۽ چنڊ جي تصوير ئي نه خلقي هُئي، نه ڪا نيڪيءَ جي خبر هئي نه وري گُناهه سان واسطو هئو. جڏهن رُڳو ڌڻيءَ جي هيڪڙائي هُئي تڌهن مارئيءَ اُتي پرولي پروڙي هُئي. اي جانب! منهنجي نيڻن ۽ قلب کي اها تنهنجي شناس هُئي.
ڌرتيءَ جي هِن گولي تي هڪ وڏو حصو پاڻي آهي جنهن ۾ سمنڊ، درياءَ ۽ ڍنڍون اچي وڃن ٿيون. باقي زمين جي حصي تي وري ٻيو حصو پهاڙن ۽ ريگستانن تي مُشتمل آهي. باقي بچيل زمين تي پوک ٿئي ٿي جنهن کي زرعي زمين چيو وڃي ٿو. اسان جي سنڌ ڌرتيءَ تي زرعي زمين سان گڏ سمنڊ، درياهه، جابلو علائقو (ڪوهستان) ۽ وارياسو علائقو ٿر به آهي.
دُنيا ۾ زرعي زمين وارا ماڻهو ته خوشحال رهندا آيا آهن پر اڪثر جابلو علائقن جا ماڻهو جنگجو ٿين ٿا ۽ ٻين جي علائقن ۾ وڃي قبضا ڪندا رهيا آهن ۽ لُٽ ڦُر ڪندا رهيا آهن ۽ ريگستانن جا رهندڙ به ڦورو ۽ ڌاڙيل رهيا آهن پر سنڌ جي ڌرتي جيڪا اوائلي دؤر کان صُوفين ۽ امن جي پرچار ڪندڙن جي ڌرتي رهي آهي ۽ هتان جا ڪوهستاني بهادريءَ سان مالا مال هُجڻ جي باوجود ماٺيڻا ۽ محبتي آهن ته ريگستاني علائقي ٿر جو به پنهنجو الڳ رنگ ۽ ڍنگ آهي. هتي جا ماڻهو ثقافت ۽ روايت جا علمبردار آهن ۽ هتي چوريءَ ۽ ڦُر جو ته وجود ئي نه آهي. وڏي پئماني تي غُربت ۽ اڪثر ڏُڪار هجڻ جي باوجود پنهنجي رُکيءَ سُکيءَ تي خوش آهن. هتي لباس به رنگين پهرين ته سندن مزاج به رنگين آهي. هي روايتن جا پاسدار وڏا سُگھڙ ۽ پنهنجي وارياسين ڀٽن سان پيار ڪندڙ عظيم انسان آهن.
ٿر ۾ مينهن وَسڻ کي ”وسڪارو“ چيو وڃي ٿو ۽ وسڪارو اڪثر مئي، جون ۽ جولاءِ جي مهينن ۾ ٿئي ٿو ته هتي ڀٽن تي ساوا گاهه ٿين ٿا ۽ وڻ ساوا ٿين ٿا. تراين (هيٺانهين) ۾ پاڻي گڏ ٿئي ٿو جيڪو ڪئي مهينا انسانن ۽ جانورن جي ڪم اچي ٿو ۽ جڏهن پاڻي کُٽي وڃي ٿو ته گاهه سُڪي وڃي ٿو ۽ هتان جا مالوند ماڻهو پنهنجو مال ڪاهي سنڌوءَ جي بيراج وارن علائقن ڏانهن روانا ٿين ٿا. (بيراج جي پاڻيءَ واري علائقي کي ٿري ماڻهو سنڌ چون ٿا) مقامي ماڻهو چوَن ٿا ته جڏهن ٿر ۾ گاهه سُڪي وڃي ٿو ۽ پاڻي کُٽي وڃي ٿو ته مال (ڳئون، ٻڪريون، رڍون، مينهون ۽ اُٺ وغيرهه) پاڻ ئي سنڌ ڏانهن وڃڻ جو رُخ ڪري ٿو. ڪنهن سال وسڪارو نه ٿو ٿئي ته هنن مارو ماڻهن جو سفر ڊگهو ٿي وڃي ٿو ۽ تمام گهڻو مال مري وڃي ٿو ۽ خود انسان به بُکن ۾ پاهه ٿيڻ لڳن ٿا. بهرحال هنن جي زندگي ڏاڍي ڏُکي گذري ٿي. تنهن هوندي به هو پنهنجي پٽن کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهن ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان جان کان وڌيڪ پيار ڪن ٿا.
ڪار روڊ سان هلي رهي هُئي. آءٌ ٿر جي منظرن ۾ گُم هيس ۽ منهنجو روح هنن ڀٽن ۾ ڀٽڪندي هتان جي رهواسين جي ڏکن ڏوجهرن واري زندگيءَ جو تصور ڪندي ڏکارو ٿي رهيو هيو. اسين ڇاڇري جي ويجهو پهتا هئاسين ته اچانڪ روڊ چئوڻ تي ويڪرو ٿي ويو ۽ اٽڪل هڪ ڪلوميٽر کان پوءِ وري پهريان جيترو سوڙهو ٿي ويو. اسان کي سمجهه ۾ نه آيو ته هي ڇا آهي؟ خيالن جو سلسلو ٽُٽي چُڪو هو ۽ اسين روڊ جي پاسي کان گذرندڙ اُٺن جي وَڳن ۽ ڏاند گاڏين تي سامان سان گڏ ويٺل مردن، عورتن ۽ ٻارن کي ڏسندا ڏسندا اچي ڇاڇري شهر پهتاسين. تعلقي جي ميونسپل آفيس جي پُڇا ڪئي جيڪا شهر ۾ موجود هڪ ئي چونڪ جي ڀر ۾ هُئي ۽ شام ٿي چُڪي هُئي جنهن ڪري سڌو ٽي ايم او آفيس وياسين جتي اسان جو ميزبان ۽ مهربان دوست انجنيئر ممتاز علي سانگي صاحب ڪنهن ڪم جي دوري تي ويل هو. سندس آفيس جو ايڊمنسٽريٽر اميربخش جوڻيجو صاحب ۽ ٻيو آفيس جو عملو موجود هئو جن گرم جوشيءَ سان اسان جو استقبال ڪيو ۽ سڀني سان ملڻ بعد اسان هٿ مُنھن ڌوئي توانا ٿياسين ته ايڊمنسٽريٽر صاحب چانهن سان گڏ بسڪيٽ به گھُرايا هُئا. تعارف کان پوءِ ڪچهري ٿي. سائين جوڻيجو تمام سٺو ماڻهو ۽ يار ويس طبيعت جو مالڪ هئو. اسان سان ائين ڪچهري پئي ڪيائين ڄڻ اسان جو پُراڻو دوست هُجي. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ڀاءُ ممتاز سانگي به اچي ويو. ملياسين ۽ ڪُجهه دير ويهڻ کان پوءِ چيائين ته ڪجهه ڪمن جي جاچ جُوچ ۽ دورو ڪرڻو آهي. اوهان جي ٿَڪل نه آهيو ته گڏ هلو ته اسان جي ڪمن کي به ڏسي وٺو ۽ علائقو به ڏسو. اسان هلڻ لاءِ تيار ٿي وياسين ۽ چيوسين اسان ته آيا ئي گھُمڻ آهيون. هلو ته اسين به ڏسون ته اوهان ڪهڙا ترقياتي ڪم ڪرائي رهيا آهيو؟
ٻاهر نڪتاسين ته سج لهي چُڪو هئو. اسين هڪ سوزوڪي جيپ تي روانا ٿياسين. ٿورو پنڌ روڊ تي هلڻ کان پوءِ هيٺ واريءَ تي ٺهيل پيچري تي گاڏي لٿي ته خبر پئي ته ٿر ۾ جيپ ڪيئن هلندي آهي. ڪُجهه ڪلوميٽر سفر ڪرڻ کان پوءِ هڪ هنڌ جيپ بيٺي ته اسين سڀ لٿاسين. اُتي هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو. چئني پاسن کان ڀٽون هيون ۽ وچ ترائيءَ ۾ اسين بيٺا هئاسين. هڪ کوهه کوٽيو ويو هئو جيڪو اٽڪل 265 فوٽ اُونهو هو ۽ اُن جي گولائيءَ جو قطر 3 فوٽ هو ۽ هڪ فوٽ پڪي ڪنڪريٽ سان هيٺ تائين ٺهيل هو. ممتاز سانگي صاحب ٻُڌايو ته هِن کوهه جي کوٽائي مٿي کان هيٺ ٿيندي آهي ۽ ان کي پڪو به مٿي کان هيٺ ڪيو ويندو آهي. هڪ ڪاريگر هن کوهه جي کوٽائي ڪندو ۽ فرمي سان ڪنڪريٽ ڀريندو هيٺ لهندو ويندو آهي. جيستائين پاڻي نڪري کوٽائي جاري رهندي آهي. جيئن کوهه مان رسيءَ ۽ ڏول ذريعي پاڻي ڪڍبو آهي اهڙيءَ طرح ڪاريگر مٿي کان هيٺ رَسيءَ ذريعي لهندو ۽ ٻاهر نڪرندو آهي ۽ ڪنڪريٽ به ائين ئي پهچايو ويندو آهي. هِن علائقي ۾ هنن کوهن ذريعي مارو ماڻهن کي پاڻي پهچائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. هيءَ نئين ٽيڪنالاجي آهي جنهن تي عمل ٿي رهيو آهي.
منهنجي هڪ سُوال تي ممتاز صاحب ٻُڌايو ته هتي 250 فٽن کان 300 فٽن تائين کوٽائيءَ سان مِٺو پاڻي ملي ٿو جيڪو مڪمل مِٺو ته نه هُوندو آهي ۽ هڪ کوهه جي تياريءَ تي ٽن کان ساڍا ٽي لک رُپيا خرچ اچي ٿو. هن سال اسان کي تعلقي ۾ 600 کوهه ٺهرائڻا آهن جيڪي ٺيڪيدارن کان ٺهرايا وڃن ٿا ۽ ٻي رٿا پاڻيءَ کي گڏ ڪرڻ جي آهي جنھن پٽاندڙ پڪو تلاءُ ۽ ٽينڪ جيڪا زمين جي اندر ۽ ڪجهه ٻاهر ٺاهي وڃي ٿي. هن کي ٿري لھجي ۾ ”ٽانڪو“ چيو وڃي ٿو ۽ کوهه کي ”تَڙو“ چيو وڃي ٿو. اِهي ڳالهيون ڪندي اسان ڳوٺ وارن کان موڪلايو ته هڪ ڳوٺاڻي ممتاز صاحب کان موڪلائيندي ڪجهه رقم ڏيندي چيو سائين! هيءُ ”اوڍاڻو“ آهي ته ممتاز صاحب اُن کان انڪار ڪندي چيو آءٌ ٿر ۾ اوڍاڻو نه وٺندو آهيان جنهن تي ڳوٺاڻو ڄڻ ناراض ٿيو ۽ چيائين سائين! اوهان اسان جي چانهن به نه پيتي ۽ اوڍاڻو به نه ٿا وٺو. هيءَ ته اسان جي روايت آهي ليڪن ممتاز صاحب نرميءَ سان کيس ريجهائيندي چيو آءٌ نه ٿو وٺان. باقي اوهان جي چانهن ٻئي ڀيري پيئنداسين. وضاحت ڪندو هلان ته جيڪڏهن ٿر ۾ ڪو مھمان اوچتي ايندو آهي ۽ اُن لاءِ اجرڪ، ٽوپيءَ، ٿري چادر يا ڪنھن ٻيءَ سُوکڙيءَ جو بندوبست نه هُوندو آهي ته کيس اُن جي عيوض روڪ رقم ڏني ويندي آهي جنھن کي اوڍاڻو چيو وڃي ٿو.
مون ممتاز صاحب کان پڇيو ته هِن ڳوٺ جو نالو ڇا آهي؟ ته هُن وراڻيو ته هِن ڳوٺ جو نالو ”ٻاڻيئو“ آهي ۽ هيءُ هندو بجيرن جو ڳوٺ آهي ۽ هتي ٿر ۾ بجير قبيلي وارا هندو به آهن ۽ مُسلمان به آهن.
اسان گاڏيءَ ۾ اچي ويٺاسين ته ممتاز صاحب اسان جو چندي رام سان تعارف ڪرايو ته هيءُ ٺيڪيدار آهي ۽ هي کوهه (تڙو) يا جيڪي اڳتي هلي ڪم ڏسندس اُهي سڀ هن ٺيڪيدار ٺهرايا آهن.
رات ٿي چُڪي هُئي. وارياسي رستي تي جيپ تيزيءَ سان هلي رهي هُئي ڇو ته هتي آهستي هلائڻ سان جيپ جي ڦاسي پوَڻ جو خطرو رهي ٿو پر تکي هلائڻ سان جھاڪا اچن ٿا پر بيهي وڃڻ جو خطرو نه هوندو آهي. 2 يا 3 ڪلو ميٽر سفر ڪرڻ کان پوءِ اسان ڳوٺ ”نئين پور“ ۾ پهتاسين جتي چندي رام پاڻيءَ جي ٽينڪ (ٽانڪو) ڏيکاريو ۽ هن ٽينڪ جي ماپ ٿي جيڪا ڊيگهه 30 فوٽ، ويڪر 20 فوٽ ۽ اونهائي 10 فوٽ هُئي. ممتاز صاحب ٻُڌايو ته هِن ٽينڪ ۾ برسات جو پاڻي گڏ ٿئي ٿو جيڪو برساتن جي موسم کان پوءِ ڳوٺ وارن جي ڪم اچي ٿو ۽ اسان جيڪي به ٽانڪيون ٺهرايون ٿا اُنهن جي ماپ ساڳي ٿئي ٿي جيڪا هِن ٽينڪ جي آهي.
وري اسان جو سفر شروع ٿيو ڇاڇري واري روڊ تي اچي چڙهياسين ۽ عمر ڪوٽ واري پاسي تي هلڻ لڳاسين ته ڪُجهه پنڌ هلڻ کان پوءِ جيپ جو ٽائر پنچر ٿي پيو. جيپ مان لٿاسين. آسپاس ڪا ئي آبادي نه هُئي. رات جي اونداهيءَ ۾ ستارا وڏا نظر اچي رهيا هُئا ۽ اُنهن جي روشنيءَ ۾ ئي آسپاس وارياسين ڀٽُن تي اڌ سُڪل ٻُوٽا نظر اچي رهيا هُئا. جيستائين ٽائر مٽجي اسين ممتاز ۽ چندي رام صاحبن سان ڪچهري ڪري رهيا هُئاسين. امتياز ابڙو صاحب جيڪو دوائن جي ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪندو آهي جنهن جو ڪم آهي زندگي بچائڻ واريون دوائون ٺاهڻ ۽ امتياز صاحب اهي دوائون سنڌ جي ڏورانهن علائقن تائين پهچائيندو آهي ان لاءِ هُن محترم چندي رام کان ٿر ۾ نانگن بابت معلومات ورتي. چندي رام کيس ڪافي نانگن جا قسم ٻُڌايا ۽ چيائين هتي ”لُنڊي“ سڀ کان گھڻي ٿئي ٿي ۽ وسڪاري کان پوءِ تعداد ۾ تمام وڌي وڃي ٿي پر هتي جا ماڻهو 3 ڏينهن يا 4 ڏينهن بغير علاج جي هلندا رهن ٿا ۽ پوءِ ڪو ٽوٽڪو آزمائيندا آهن يا ڪنهن شهر تائين پهچي علاج ڪرائن ٿا. هتي نانگ گھڻا ٿين ٿا ۽ ڏَنگين به گھڻو ٿا پر هتي ماڻهو نانگ جي ڏَنگڻ سان ڪو گھڻو پريشان نه ٿا ٿين ۽ پنهنجو ڪم ڪار جاري رکن ٿا ۽ ڪم ڪار ڪندي علاج به ڪرائن ٿا. جيپ ڏانهن خيال ڪيوسين ته خبر پئي ته اسپيئر ٽائر به پنچر هو پر ڊرائيور ٽائر کي پنچر به پاڻ لڳايو ۽ جيپ ۾ هوا ڀرڻ جو اوزار به لڳل هئو جنهن سان ٽائر ۾ هوا ڀري وئي ۽ وري سفر شروع ٿيو ۽ اسين ڳوٺ ”ڀاڏاريءَ“ ۾ پهتاسين جتي پڻ هڪ واٽر ٽينڪ (ٽانڪو) هُئي. ان جي ماپ ڪرڻ کان پوءِ وري اچي روڊ تي چڙهياسين ۽ ”مٺڙئي موڙ“ کان کاٻي هٿ تي 2/3 ڪلو ميٽر هلي ڳوٺ ” مٺڙيو پير“ پهتاسين جتي هڪ کوهه ٺهي رهيو هيو. رات جي هوندي به ڪم جاري هئو ۽ رسيءَ ذريعي هڪ ڪاريگر کوهه ۾ هيٺ ڪم ڪري رهيو هيو. ممتاز صاحب جيپ جي هيڊلائٽ جي روشنيءَ تي اسان کي اُن ۾ ڪم ٿيندي ڏيکاريو. چوَندا آهن ته ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي سو هتي اونداهه ۾ به جيپ جي لائيٽ ۽ آئيني جي مدد سان 150 فوٽ اونهائيءَ ۾ ڪم ڪندڙ ڪاريگر نظر اچي رهيو هئو جيڪو کوهه جي پاسن ۾ ڪنڪريٽ ڀري رهيو هئو. ممتاز صاحب کوهه جي ڀر ۾ پسيل ڪنڪريٽ به چيڪ ڪيو ۽ موڪلائڻ مهل اسان کي اجرڪ اوڍاڻي طور پيش ڪيا ويا جيڪي چندن زور ڀري چيو سائين! هي مهمانن لاءِ آهن سو مهرباني ڪري هي قبول ڪريو. هن جي ضد ۽ محبت کي ڏسندي ممتاز صاحب چيس ته ٺيڪ آ رکو گاڏيءَ ۾ ته هلون.
پوءِ اسان جيپ ۾ سوار ٿي اچي مٺڙيو موڙ تي پهتاسين جتي هڪ ٻه دُڪان ٺهيل هئا. اُتي اچي هوٽل تي چندي رام پاران ٿڌيون بوتلون پيتيونسين ۽ ڪُجهه دير چندي رام صاحب سان ڪچهري ڪئي. چندي رام هڪ اُستاد، سماج سُڌارڪ ۽ وڏو محبتي ماڻهو پڻ هو. هتان کان پوءِ واپس ڇاڇري روانا ٿياسين.
ڇاڇري پهتاسين ته رات جا 11 ٿي رهيا هُئا ۽ امير بخش جوڻيجو صاحب آفيس جي پڌر تي کٽون ۽ ڪُرسيون رکرايون ويٺو هو. اسان هٿ مُنھن ڌوتا ۽ پوءِ سڀني اندر ڊائننگ ٽيبل تي گڏجي ماني کاڌي.
اُتي جوڻيجي صاحب ۽ ممتاز صاحب ٻُڌايو ادا اسين هتي رات ڏينهن ائين ئي مصروف هوندا آهيون ۽ صُبح ڏسجو سويري وري ماڻهن جا هتي هجُوم هوندا ڇو ته هيءَ اسان جي آفيس به آهي ۽ گهر به ۽ ماڻهن جون گهُرجون به تمام گهڻيون آهن. پوءِ بجيٽ آهر پوريون ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رهون ٿا.
اسان به واريءَ واري پنڌ ۾ ٿڪجي پيا هُياسين ۽ ننڊ لاءِ وڃي سُتاسين. صُبح جو مون کي 7:30 سُجاڳ ٿي. نيرن ڪري ننگر پارڪر وڃڻ لاءِ ممتاز صاحب کان موڪلايوسين ۽ هن چيو ته ننگر پارڪر ۾ آءٌ شام پهچڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. اسان ماڻهن جي هجوم ۾ جوڻيجي صاحب کان به موڪلايو ۽ ٻاهر نڪتاسين ته لال محمد لاکي صاحب چيو هتي سول جج عبدالستار منهنجو دوست آهي. رات به اُن سان ملي نه سگھياسين. هلو ته اُن سان ملندا پوءِ هلون ٿا. چونڪ جي ٻئي پاسي ڪورٽ هُئي سو سڌا وڃي جج صاحب سان ملياسين. محترم عبدالستار عباس تمام سُٺو، خوش مزاج ۽ تاريخي ڄاڻ رکندڙ ماڻهو هو. هُن اسان کي ٻُڌايو ته هتي ڏوهه تمام گھٽ ٿين ٿا. ان ڪري ڪيس به گھٽ داخل ٿين ٿا. مون وٽ صرف 11 ڪيس داخل ٿيل آهن جيڪي هڪ نه ٻئي ڏينهن حاضري رکي هلائيندو آهيان. مون کائنس گوڙيءَ جي مندر جي رستي بابت پُڇا ڪئي ته هُن ٻڌايو ته هاڻي مندر تائين پڪو روڊ ٺهي ويو آهي ۽ ننگر پارڪر واري روڊ کان کاٻي هٿ تي لنڪ روڊ آهي ۽ آثارِ قديمه جو بورڊ به لڳل آهي. اسان کي تاڪيد پڻ ڪيائين ته ضرور وڃي هي مندر ڏسو. مان اُن وقت کان اُتي ويندو آهيان جڏهن ننگر پارڪر وارو روڊ به ٺهيل نه هو. هاڻي ته وڏي سهولت آهي. عبدالستار صاحب ننگر پارڪر جي سول ڪورٽ جي جج افضال خان سان ڳالهائي ننگر پارڪر جي ريسٽ هائوس ۾ اسان جي رهائش جو بندوبست به ڪري ڇڏيو. اسان سندس محبت جي ميٺاس واري چانهن ۽ بسڪيٽ واپرائي کانئس موڪلايو ته هي صاحب اسان کي ڪورٽ جي گيٽ تائين ڇڏڻ آيو ۽ اسان موڪلائي ساڳئي شهر واري چونڪ کان ننگر پارڪر لاءِ روانا ٿياسين.

(روزانه مقدمو 13 مئي 2011ع)