لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌ سڀيتا

ھي ڪتاب ليکڪ ۽ محقق عنايت اللھ کٽياڻ جي تحقيقي مضمونن، سفري احوالن ۽ شخصيتن بابت لکيل ڪالمن جو مجموعو آھي.
هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ تاريخي شخصيتن بابت مضمون آهن جيڪي مختلف وقتن تي اخبارن ۾ ڇپيل آهن. تاريخ هڪ خشڪ موضوع آهي پر عنايت الله کٽياڻ ان کي سفرنامي واري انداز ۾ لکي دلچسپ بڻائي ڇڏيو آهي جنهن ڪري اوهان کي بوريت محسوس نه ٿيندي ۽ تاريخ جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو.
Title Cover of book سنڌ سڀيتا

مارئيءَ جو ملير

مٺيءَ کان ننگرپارڪر واري روڊ تي هلندي گوڙيءَ جي مندر واري موڙ کان 3 ڪلوميٽر اڳتي ۽ ننگرپارڪر شهر کان 25 ڪلوميٽر پهريان ”ڀالوا ۽ مارئيءَ جي کوهه“ وارو بورڊ نظر اچي ٿو ۽ ان بورڊ جي ڀر سان هڪ ننڍو روڊ نڪري ٿو جنهن تي اسين هلڻ لڳاسين ۽ ڀالوا ڳوٺ جي وچ مان گذرندي اسان مارئيءَ جي کوهه جي پُڇا ڪئي. اسان کي ٻُڌايو ويو ته هيءُ روڊ مارئيءَ جي کوهه تي وڃي ختم ٿيندو ۽ ننگر پارڪر وارري روڊ کان تقريبن اڍائي ڪلوميٽر طئه ڪياسين ته مارئيءَ جو کوهه اچي ويو ۽ روڊ به اُتي پورو ٿيو. اسان ڪار مان لهي کوهه تي لڳل بورڊ پڙهيو جنهن تي ڪو به سن يا تاريخ وغيرهه لکيل نه هُئي. کوهه جي ٻاهران تقريبن 4 فوٽن جي پڪي ديوار احاطي طور ٺهيل آهي ۽ هڪ دروازو به آهي جنهن کان پار ٿي اسين احاطي جي اندر آياسين. کوهه جي ڀر ۾ هڪ پٿر جي ڪُونڊي به رکيل هُئي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته مارئي ان ڪونڊيءَ مان پنهنجي ٻڪرين کي پاڻي پيئاريندي هُئي. هيءَ ڪُونڊي هاڻي هڪ پاسي کان ڀڳل آهي ليڪن هڪ تاريخي نشان طور موجود آهي. مارئيءَ جو کوهه ويڪرو ۽ اندران پٿر سان جڙيل آهي ليڪن مٿيون ڪنارو هاڻي سيمينٽ ۽ پڪين سرن سان ٺاهيو ويو آهي. اسان کوهه تي بيهي آس پاس جو نظارو ڪرڻ لڳاسين. هتي سارو سڌو پٽ نظر اچي ٿو. هن وارياسي ميدان تي پري پري وڏا ليڪن اڌ سُڪا وڻ نظر اچن ٿا ۽ هن کوهه کان تقريبن 100 فوٽن جي مفاصلي تي هڪ ٻيو کوهه به موجود آهي جيڪو اندران پڪين سرن سان جُڙيل آهي ۽ مارئيءَ واري کوهه کان پوءِ جو ٺهيل نظر اچي رهيو هئو ۽ باقي سارو خالي پَٽ آهي ۽ آس پاس ٻي ڪا ئي آبادي نظر نه پئي اچي. خود ڀالوا ڳوٺ هن کوهه کان 2 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آهي.
هن وارياسي پٽ تي نظرون ڊوڙائيندي منهنجو خيال ماضيءَ ڏانهن ڇڪجي ويو ته جڏهن مارئي هت موجود هُئي ته اُن وقت هتي يقينن آس پاس آبادي هُوندي ۽ ساوڪ هوندي ڇو ته مارئيءَ جي ديس کي شاهه سائينءَ ۽ ٻين محققن به ”ملير“ جو نالو ڏنو آهي ۽ ملير سر سبز ۽ آباد علائقي کي چيو ويندو آهي. هن وقت ته هتي صرف وارياسو پَٽ آهي ليڪن ماضيءَ ۾ ٿي سگھي ٿو ته ”هاڪڙي درياهه“ يا ”مهراڻي“ جي ڪا شاخ هتان گُذرندي هُجي جنهن ڪري هيءُ علائقو ٿر ۾ ”ملير“ سڏبو هُجي ۽ اُن وقت هن کوهه جي ڀر سان چوئنرن، پکن ۽ ڇپرن واري ڳوٺ ۾ مارئي پنهنجي مارن سان پنهنجي زندگي گذاري رهي هُئي ته مارئيءَ جي ناني ”پالڻي“ کان هڪ ڳوٺاڻي ”ڦوڳ“ مارئيءَ جو سڱ گھُريو جنهن تي پالڻيءَ اُن کي ٻُڌايو ته مارئي ”کيت“ سان مڱيل آهي ۽ سندس شادي به اُن سان ئي ٿيندي. ڦوڳ انڪار ٻُڌي ساڙ ۾ اچي ويو ۽ عمر ڪوٽ وڃي بادشاهه عمر سومري جي سامهون مارئيءَ جي سونهن ۽ سوڀيا جي وڏي ساراهه ڪيائين ۽ چيائين ته بادشاهه! اوهان جي محل ۾ مارئي سونهين ٿي. اهو ٻُڌي عمر سومري مارئيءَ کي کڻي اچڻ جو فيصلو ڪيو.
مارئيءَ جي کوهه کان عمر ڪوٽ تقريبن 150 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آهي جتان عمر سومري پنهنجي اُٺ تي سوار ٿي ڪُجھه ساٿين سميت اچي مارئيءَ جي کوهه تي پهتو ۽ مارئيءَ کي زوريءَ کڻي وڃي ڪوٽ ۾ قيد ڪيو ۽ مارئيءَ کي شاديءَ تي راضي ڪرڻ لاءِ ريشمي ڪپڙا ۽ سونا زيور آڇيندو رهيو پر مارئي ڪنهن لالچ ۽ لوڀ ۾ نه آئي ۽ عمر بادشاهه کي ليلائيندي عرض ڪندي رهي ته مون کي آزاد ڪر! آءٌ پنهنجي ملڪ ملير وڃان ۽ وڃي پنهنجي مارن سان ملان! عمر سومرو وقت جو بادشاهه هيو. هُن مارئيءَ کي کڻي اچي پنهنجي ڪوٽ ۾ قيد ته ڪيو ۽ کيس شادي ڪرڻ لاءِ هن پنهنجو هر حربو آزمايو ليڪن مارئيءَ هڪ نماڻي ڳوٺاڻي ڇوڪري هوندي به پنهنجي لوئيءَ جي لڄ بچائي ۽ پنهنجي وطن جي محبت ۽ پنهنجي مارن (مائٽن) جي سڪ ۽ ملڻ جي اوسيئڙي ۾ قيد ڪاٽيو پر پنهنجي عصمت تي داغ اچڻ نه ڏنو ۽ پنهنجي عظيم ڪردار جو مثال قائم ڪيو ته هڪ جسماني طور ڪمزور ڇوڪري به پنهنجي اصولي فيصلي تي اٽل ٿي بيهي ته وقت جو بادشاهه جنهن وٽ دولت، شهرت، هٿيار، ڪوٽ ۽ قلعا هجن ته به اُن کي جھڪائي نه ٿو سگھي جنهن لاءِ شاهه سائينءَ چيو آهي:
سنهيِءَ سُئيءَ سبيو، مون مارن سين ساهه،
ويٺي ساريان سومرا!، گولاڙا ۽ گاهه،
هينئيون منهنجو هِت ٿيو، هُت مٽي ۽ ماهه،
پکن منجهه پساهه، قالب آهي ڪوٽ ۾.
 مارئي محل ۽ ماڙين کي ٿُڏي پنهنجي پکن ۽ پنهوارن کي ساريندي رهي. ريشمي ڪپڙا، محل ۽ ڪيمخوابن کي ٺُڪرائي پاڻ کي لاک جي لوئيءَ ۾ محفوظ رکيائين. عطرن ۽ عنبرن کان مُنھن موڙي کٻڙن ۽ ڄارين، ڪنڊين ۽ ٻٻرن جي پيلن گلن کي ساريندي رهي ۽ پوءِ به عمر نه ڇڏيُس ته هُن کائڻ پيئڻ بلڪل ڇڏي ڏنو ۽ چيائين مون کي جيئري آزاد نه ٿو ڪرين ته آءٌ بُکون ڪٽي مري وينديس ۽ پوءِ منهنجو مڙهه ملير ضرور موڪلجانءِ ۽ آءٌ جيئري نه ته مُئي به وڃي مارن سان ملان ۽ پنهنجي ڌرتيءَ ۾ دفن ٿيان.
واجھائي وطن کي، آئون جي هت مُياس،
ته گور منهنجي سومرا، ڪج پنهوارن پاس،
ڏج ڏاڏاڻي ڏيهه جي، منجهان ولڙين واس،
مُيا ئي جياس، جي وڃي مڙهه ملير ڏي.
(شاهه سائين)
 نيٺ مارئيءَ جي اٽل ارادي اڳيان بادشاهه عمر ٿڪجي ۽ هارجي مارئيءَ جي مٿي تي رئو پارائي کيس ڀيڻ بڻائي پنهنجي مارن سان ملڻ لاءِ واپس موڪلي ٿو. مارئيءَ جي حُب الوطنيءَ ۽ اٽل ارادي مارئيءَ جي ڪردار کي عظيم بڻائي ڇڏيو.
هڪ چوڻي هيءَ به موجود آهي ته جنهن وقت عمر سومري جو والد عمر ڪوٽ جو بادشاهه هو ته مارئيءَ جا ناناڻا ڪجھه وقت لاءِ اچي عمر ڪوٽ ڀر سان رهيا هُئا ۽ عمر جي والد مارئيءَ جي ماءُ ”ماڏوهيءَ“ سان شادي ڪئي هُئي جنهن جي خبر صرف مارئيءَ جي ناناڻن کي هُئي ۽ بادشاهه چيو ته ڪُجھه وقت کان پوءِ هو اهو راز عمر ڪوٽ جي اندر پڌرو ڪندو ۽ انهيءَ دوران ماڏوهيءَ کي حمل ٿيو ۽ ٻئي طرف وري بادشاهه پنهنجي شاديءَ جي راز پڌري ڪرڻ کان اڳ ئي فوت ٿي ويو ۽ مارئيءَ جو نانو مارئيءَ جي ماءُ سميت موٽي اچي ملير ۾ رهڻ لڳو ڇو ته هي غريب مارو ماڻهو ته بادشاهه سان مائٽيءَ جي ڳالهه به نه پيا ڪري سگھن. اهڙيءَ طرح مارئي پيدا ٿي جيڪا عمر سومري جي ڀيڻ ٿئي ٿي. ان راز جي خبر مارئيءَ کي هُئي ان ڪري هُوءَ عمر کي چوندي هُئي تون منهنجو ڀاءُ آهين ۽ تنهنجي مون سان شادي نه ٿي ٿي سگھي. پوءِ دير سان ان ڳالهه جي عمر سومري کي به خبر پئجي وئي ۽ هُن مارئيءَ کي ڀيڻ بڻائي واپس ڪيو. مارئيءَ جي موٽ کان پوءِ به ٻه ٽي رايا آهن. هڪ راءِ هيءَ آهي ته مارئيءَ واپس اچي پنهنجي عصمت جي ساک ڏيڻ لاءِ باهه مان اُڪري پنهنجي سچائيءَ جو ثبوت ڏنو ۽ سندس مڱيندي کيت کيس قبول ڪري ساڻس شادي ڪئي. ٻي راءِ هيءَ آهي ته کيس قبوليت نه ملي ۽ هُن وڃي کوهه ۾ ٽُپ ڏئي پنهنجو انت آندو. ٽين راءِ هيءَ آهي ته عمر ڪوٽ کان واپسيءَ تي مارئيءَ اهو سوچيو ته هاڻي مون کي مارو قبول ڪندا يا نه؟ ان ڪري رستي تي ئي کوهه ۾ ٽُپ ڏيئي اُن ۾ فوت ٿي وئي ۽ پنهنجي مارن سان ملي ئي ڪو نه.
هڪ راءِ هيءَ به آهي ته مارئي ڳوٺ موٽي آئي. کيس ڇڏڻ لاءِ بادشاهه عمر سُومري جا ماڻهو ساڻس گڏ آيا ۽ مارئيءَ جي مائٽن کي چيائون ته مارئي پاڪ دامن آهي ۽ بادشاهه کيس ڀيڻ بڻايو آهي ليڪن مارئيءَ جي ڪُجھه مائٽن ان ڳالهه تي يقين نه ڪندي مارئيءَ جي پاڪ دامنيءَ تي شڪ ڪيو جيڪا خبر عمر سومري کي پئي ته هُن مارئيءَ جي مائٽن تي ڏمرجي اُنهن تي حملو ڪرايو جنهن تي مارئيءَ سوچيو ته منهنجي ڪري منهنجي مارن تي الزام ۽ تهمتون به آيون ۽ منهنجي ڪري سندن بدنامي به ٿي ۽ هاڻي وري منهنجي ڪري اُنهن تي حملا به ٿين ٿا. ان کان بهتر آهي ته آءٌ مري وڃان. اهو سوچي مارئيءَ وڃي هڪ کوهه ۾ ٽُپ ڏنو ۽ پاڻ کي مارن تان گھوري ڇڏيو.
ٿورا منجهه ٿرن، مون سين مارن جي ڪيا،
عمر! اُن ڳڻن، آءٌ ڪيئن لوئي لاهيان.
(شاهه سائين)
مارئيءَ جي موٽ ڪيئن ٿي ۽ سندس موت ڪيئن ٿيو؟ اهو سُوال اڃا تحقيق طلب آهي ليڪن مارئي ته اڄ به زندهه آهي ۽ عورت جي عظيم ڪردار جي علامت آهي جنهن وطن پرستيءَ جو هڪ مثال قائم ڪيو. هُن پنهنجي مارن ۽ ملير واسين، پکن ۽ ڇپرن، چونئرن، لوڙهن، لانڍين، مال، ڌڻ، ڏُٿ ۽ ڌوٿيئڙن سان محبت ڪرڻ ۽ پنهنجي قومي ريتن، رسمن ۽ روايتن کي قائم رکڻ جو عظيم مثال قائم ڪيو. جيئن سنڌ جي تهذيب دُنيا جي تهذيبن ۾ سڀني کان قدآور آهي ائين ئي مارئيءَ پنهنجي جسماني ڪمزوريءَ جي باوجود ارادي جي مضبوطيءَ سان حُب الوطنيءَ ۽ اُصول پرستيءَ جو هڪ اهڙو مثال قائم ڪيو آهي جنهن عورت جي عظمت کي لازوال بڻائي ڇڏيو آهي.
جنهن ستيءَ ست نه ڇڏيو، سا مارئي مر ڄائي،
انهيءَ عمر ڪوٽ ۾، لڄ نه لڄائي،
سا پيئي بندياڻي بند ۾، ڪوٺين ڪُڄائي،
جا سانگين سيڏائي، سا مور نه مرڪي ماڙين!
(شاهه سائين)

 روزانه مقدمو جون 2011ع

نوٽ: عمر ۽ مارئيءَ واري واقعي جي صحيح سن يا تاريخ جي ڄاڻ نٿي ملي پر عمر سومري جي حاڪميت 1355ء کان 1390ء تائين رهي آهي.
(ڪتاب سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا صفحو 213)