عيسيٰ خان ترخان (ثانيءَ) جو مقبرو
مرزا عيسيٰ خان (ثاني) مرزا جان بابا جو پُٽ ۽ مرزا عيسيٰ خان ترخان (اول) جو پوٽو هئو. پنھنجي ڏاڏي جي مرڻ بعد هيءُ ڄائو ته هُن تي سندس ڏاڏي جو نالو رکيو ويو. مرزا عيسيٰ خان اول شاهه بيگ ارغون سان گڏ پنهنجي قبيلي جي وڏي جٿي سميت 927هه ۾ سنڌ ۾ داخل ٿيو ۽ ارغونن جي حڪومت دوران خاص امير رهيو. شاهه بيگ ارغون کان پوءِ شاهه حُسين ارغون سنڌ جو حاڪم ٿيو ۽ 962هه ۾ فوت ٿيو. شاهه حُسين ارغون کي اولاد نه هُئي جنهن ڪري سندس ٻن اميرن سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهايو. بکر جي قلعي کي اُتر سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ بڻائي اُتي سلطان محمود کوکل تاش حڪومت قائم ڪئي ۽ ٺٽي ۾ مرزا عيسيٰ ترخان اول حاڪم بڻجي ويهي رهيو.(1)
974هه ۾ عيسيٰ ترخان (اول) فوت ٿيو ته سندس ٻيو نمبر پُٽ مرزا باقي بيگ هتي جو حاڪم بڻيو جيڪو تمام ظالم هو. هُن پنهنجي خاندان جا ست فرد قتل ڪرائي ڇڏيا ۽ مرزا جان بابا کي به قتل ڪرائي ڇڏيائين ته مرزا جان بابا جي گهر واري جيڪا ”سميجا“ قبيلي مان هُئي اُن پٽ مرزا عيسيٰ ٻئي سميت وڃي پنهنجن مائٽن (پيڪن) ۾ پناهه ورتي. هيءُ واقعو 978هه جو آهي ان ڪري مؤرخ عيسيٰ ترخان (ٻئي) جي ڄم جو سال 75-976هه لکن ٿا، جيڪو سندس ڏاڏي جي فوت ٿيڻ ۽ پيءَ جي قتل ٿيڻ جي وچ وارو وقت آهي. هن جي زندگيءَ جا پهريان سال ناناڻن ۾ گُذريا ۽ پوءِ جڏهن 983هه ۾ مرزا باقي بيگ پاڻ خودڪشي ڪئي ته سندس پٽ پائيندهه بيگ حاڪم ٿيو پر ذهين نه هُئڻ ڪري حڪومتي وهنوار سندس پُٽ مرزا جاني بيگ حوالي هئو ۽ مرزا جاني بيگ پنهنجي ڏاڏي مرزا باقي بيگ جي خُون کان بچي ويل سڀني عزيزن کي هٿ ڪري آڻي ٺٽي ۾ آباد ڪيو ۽ اُنهن کي حڪُومت ۾ عهدا به ڏنائين. اهڙيءَ طرح مرزا عيسيٰ ترخان (ٻئي) کي به 984هه ۾ واپس آڻي ٺٽي ۾ آباد ڪيو ويو.(2) مرزا جاني بيگ وارو دور مرزا عيسيٰ لاءِ تمام سُکيو دور رهيو. هن ئي دور ۾ هيءُ ننڍپڻ کي عبور ڪري جوانيءَ تي پهتو ۽ مرزا جاني بيگ پاران مليل سهولتن جا مزا ماڻيائين. مرزا جاني بيگ جو دور علائقي ۽ هنن جي پنهنجي خاندان لاءِ امن ۽ خوشيءَ جو دور رهيو. پوءِ 999هه ۾ خان خانا هندستاني مُغلن پاران شاهي لشڪر سان سنڌ تي ڪاهه ڪري آيو ۽ هڪ سال تائين چڪريون هلنديون رهيون. 1000هه ۾ مرزا جاني بيگ کي گرفتار ڪري اڪبر شهنشاهه وٽ پيش ڪيو ويو ۽ سنڌ سڌيءَ ريت مُغلن جي قبضي ۾ اچي ويئي پر دهليءَ جي شهنشاهه اڪبر پاران سنڌ جي هِن حصي کي جاگير جو درجو ڏئي مرزا جاني بيگ جي حاڪميءَ ۾ ئي ڏنو ويو. 1009هه ۾ مرزا جاني بيگ فوت ٿيو. هن جو مقبرو به هتي نهايت خوبصورت ڪاشيءَ جي سِرن سان ٺهيل آهي.
مرزا جاني بيگ جي وفات کان پوءِ سندس پُٽ مرزا غازي بيگ حاڪم بڻيو ۽ هُن به شروع ۾ مرزا عيسيٰ سان سُٺي روش رکي پر اڳتي هلي رنجش پيدا ٿي ۽ مرزا عيسيٰ 1012هه ۾ سنڌ ڇڏي ۽ 1013هه ۾ هندستان جي شاهي درٻار ۾ وڃي مُغل شهنشاهه اڪبر وٽ پهتو. اڪبر بادشاهه هُن کي عزت ۽ عهدو به ڏنو ۽ پوءِ وري 1014هه ۾ اڪبر فوت ٿيو ۽ جهانگير شهنشاهه بڻيو. هُن به عيسيٰ ترخان کي ڪافي نوازيو ۽ کيس مُختلف عهدن تي مُقرر ڪندو رهيو ۽ هُن کي ترقي ملندي رهي. جهانگير جي وفات کان پوءِ 1037هه سندس پُٽ شاهجهان هندستان جو شهنشاهه مُقرر ٿيو ته هُن مرزا عيسيٰ کي سنڌ جو صوبيدار ڪري موڪليو ڇو ته هتي شريف الملڪ صوبيدار هئو (3) جنهن تي شاهه جهان ناراض هئو. هُن مرزا عيسيٰ کي حڪم ڪيو ته شريف الملڪ کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي. مرزا لشڪر وٺي جڏهن ٺٽي پهتو ته شريف الملڪ هُن سان مقابلو ڪيو پر شاهي لشڪر کان هار کائي ويو ۽ کيس گرفتار ڪري شاهي درٻار موڪليو ويو. ان فتح جي ڪارنامي تي مرزا عيسيٰ کي هڪ لک روپيا انعام ڏنو ويو جڏهن ته کيس عهدي ۾ ترقي پڻ ملي پر اڍائي مهينن کان پوءِ مرزا کي هٽائي شير خواجا کي سنڌ جو صوبيدار مقرر ڪيو ويو ۽ مرزا کي ٻي ذميواري ڏني ويئي. مرزا هتي رهي پنهنجي والد مرزا جان بابا جي مقبري جي اڏاوت ڪرائي ۽ پوءِ پنهنجي مقبري جي ٺهرائڻ جو بندوبست به ڪيو. هي ٻئي مقبرا هن جي پنهنجي سوچ ۽ رٿابنديءَ تحت ٺهيا آهن ڇو ته هن جي هندستان جي گهڻن حصن ۾ مُقرري ٿي هُئي ۽ هُن اُتان جي طرز تعمير ڏٺي هُئي. مرزا عيسيٰ خان ٺٽي ۾ مُقرريءَ کان اڳ ۽ پوءِ گهڻو وقت گُجرات ۾ به مُقرر رهيو جتي هن هڪ قلعو ۽ ٻيون به تاريخي اڏاوتون ڪرايون. هُن کي فن تعمير جو شوق به هئو ۽ ڄاڻ به هُئي جنهن جو مثال سندس مقبري جي اڏاوت به آهي. هن 1062هه ۾ وفات ڪئي پر وفات کان اڳ ئي پاڻ رٽائر ٿيو هو ۽ سندس جاءِ تي سندس پُٽ مرزا محمد صالح کي مُقرر ڪيو ويو هو. سندس آخري وقت پنهنجي جاگير (سورٺ) راڌڻ پور ۾ گذريو ۽ آخر ۾ مُغل شهنشاهه کيس پاڻ ڏانهن گهُرايو ته اُن ڏانهن ويندي رستي ۾ وفات ڪيائين.(4)
مرزا عيسيٰ خان لاءِ چيو وڃي ٿو ته هيءُ بهادر به هئو ته دانشمند به هئو ۽ فن تعمير سان شوق به هئس ۽ موسيقيءَ سان لڳاءُ به هئس. بھر حال سندس مقبرو مڪليءَ جي هِن قبرستان جي هڪ خوبصورت ترين عمارت آهي جنهن کي مون مٿي به هڪ محل ڄاڻايو آهي. هن جو نظارو دلڪش ۽ دلفريب آهي.
سنڌ تي ترخان به ارغونن سان گڏ ڪاهه ڪري آيا هُئا ۽ سنڌ تي قبضو ڪيو هُئائون. اصل حملو ڪندڙ ارغون هُئا پر ترخان به اُنهن جي لشڪر ۾ موجُود هُئا. ارغونن ۽ ترخانن جو گڏيل اٽڪل 100 سالن تائين سنڌ تي قبضور هيو. ارغونن جي وقت ۾ مقامي عوام سان ظلم ۽ زيادتيون تمام گهڻيون ٿينديون رهيون ۽ ترخانن جي دور ۾ هتي جي عوام سان ظلم گهٽ ٿيو ڇو ته هُو پنهنجيءَ ڄُنڊا پٽ ۽ قتل غارت ۾ رُڌل رهيا. ترخانن سنڌين سان مٽيون مائٽيون به ڪيون پر 100 سالن ۾ به سنڌي ٿي نه سگهيا ۽ آخر ۾ به جڏهن مغلن هُنن جي هتان تڏا ويڙهه ڪرائي ته سنڌين کي ان جو ڪو به ڏک نه ٿيو ۽ انهن جي جنگين کان لاتعلق رهيا.
حوالا:
مڪلي نامون، صفحو 237
مڪلي نامون، صفحو 245
مڪلي نامون، صفحو 291
مڪلي نامون، صفحو 223