لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌ سڀيتا

ھي ڪتاب ليکڪ ۽ محقق عنايت اللھ کٽياڻ جي تحقيقي مضمونن، سفري احوالن ۽ شخصيتن بابت لکيل ڪالمن جو مجموعو آھي.
هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ تاريخي شخصيتن بابت مضمون آهن جيڪي مختلف وقتن تي اخبارن ۾ ڇپيل آهن. تاريخ هڪ خشڪ موضوع آهي پر عنايت الله کٽياڻ ان کي سفرنامي واري انداز ۾ لکي دلچسپ بڻائي ڇڏيو آهي جنهن ڪري اوهان کي بوريت محسوس نه ٿيندي ۽ تاريخ جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو.
Title Cover of book سنڌ سڀيتا

دولھه دريا خان

سنڌ ڌرتيءَ هميشه جوڌن، جوانن، بهادرن ۽ سرويچن کي جنم ڏنو آهي جن ۾ ڪيئي اهڙا نالا آهن جيڪي تاريخي ڪردار بڻجي ويا آهن. سنڌ جي جن تاريخي ڪردارن انتهائي جُرئت ۽ بهادريءَ سان سنڌ وطن جي حفاظت ڪندي پنهنجي جان جو نذرانو ڏيئي ڌرتيءَ جي سينڌ سنواري آهي اُنهن شهيدن کي سنڌ جي سورمن جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. دولھه دريا خان به سنڌ جي انهن سورمن مان هڪ سورمو ۽ سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم ڪردار آهي جيڪو سنڌ جي ”سمان“ خاندان جي حُڪمرانيءَ جي دؤر ۾ ڄام نظام الدين جو وزيراعظم ۽ سپهه سالار هئو. دولهه دريا خان جو اصل نالو قبُوليو هئو ۽ سُلطان نظام الدين جي هڪ وزير ”لکمير“ جو ملازم هئو.
چيو وڃي ٿو ته هڪ ڀيري سُلطان ڄام نندو پنهنجي وزير لک مير کي ساڻ ڪري شڪار ڪرڻ لاءِ نڪتو ته رستي تي پاڻي طلب ڪيائين ته خاص مُلازم پري هُئڻ سبب قبولي ڄام صاحب لاءِ پاڻي آندو جنهن ۾ ڪَک پيل هُئا. ڄام صاحب پاران انهيءَ جو سبب پُڇڻ تي چيائين ته سائين جن کي اُڃ تمام گهڻي لڳي هُئي ۽ جلديءَ ۾ پاڻي پيئڻ سبب اوهان جي طبيعت خراب ٿي پئي سگھي، ان ڪري پاڻيءَ ۾ ڪک وڌم ته جيئن اوهان آهستي آهستي پاڻي پيئو. ڄام صاحب مردم شناس سُلطان هئو ۽ ڇوڪري جي ڏاهپ ڏِسي کيس پاڻ وٽ مُلازم رکيائين. هيءُ ڇوڪرو ڄام نندي جي ويجھڙائپ ۾ تعليم ۽ تربيت حاصل ڪري ترقيءَ جون منزلون طئه ڪندي سپهه سالار ۽ وزيراعظم جي عهدي تي فائز ٿيو ۽ کيس سندس ايمانداريءَ، ڏاهپ، وطن پرستيءَ ۽ وفاداريءَ عيوض دولهه دريا خان، نواب مُبارڪ خان ۽ نواب خان اعظم جي لقبن سان نوازيو ويو. ڄام نظام الدين جو ”فرزند خاص“ به سڏيو ويندو هُئس.
سُلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام ”نندي“ 866هه بمُطابق 1446ع ۾ سنڌ جي حڪُومت سنڀالي.(1) هُن جي دؤر ۾ موجودهه سنڌ کان علاوه بهاول پور، سبي، مڪران ۽ ڪڇ وارا علائقا به سنڌ ملڪ جو حصو هُئا. پُوري ملڪ کي پرڳڻن ۽ جاگيرن ۾ ورهائي ۽ اُنهن جي حد بندي ڪري اُنهن تي آباد اڪثريتي قبيلن مان نواب مُقرر ڪيا ويا هُئا، جيڪي پنهنجي پنھنجي علائقي جو ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ خودمختيار هُوندا هُئا. مطلب ته پُوري مُلڪ تي سنڌي قوم جو ئي راڄ هئو، جنهن ڪري امن امان قائم هئو ۽ پُوري سنڌ خوشحال هُئي. ڄام نظام الدين جي دؤر ۾ سنڌ جي تهذيب، تمدن، علم ۽ هُنر کي به ترقي ملي. ڄام صاحب سمان ننگر ڇڏي سمان ننگر کان 3 ميلن جي فاصلي تي ٺٽو شهر آباد ڪرايو، جنهن ۾ وڏا مدرسا ۽ ڪارخانا ٺهرايائين جنهن ڪري صنعت ۽ واپار کي به هٿي ملي ۽ سنڌ وڌيڪ خوشحال ٿي. ان کان سواءِ ڄام نظام الدين دولهه درياهه خان جي مشاورت سان سنڌ جي زراعت کي ترقي وٺرائڻ لاءِ 6 عدد ننڍا ۽ وڏا واهه کوٽائي آبپاشيءَ جي نظام جو بُنياد وڌو. هِن دؤر کي سنڌ جي مُڪمل آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جو سونهري دؤر ليکيو وڃي ٿو.
دولھه دريا خان جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ جو فوجي نظام به منظم ۽ مضبُوط هئو، جنهن ڪري اندروني بدامنين ۽ ٻاهرين حملن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو هئو. 890هه بمُطابق 1485ع ۾ شاهه بيگ ارغون قنڌار کان اچي سبيءَ تي حملو ڪيو.(2) نتيجي ۾ سُلطان ڄام نظام الدين پاران مُقرر ڪيل اُتان جو امير بهادر خان ارغونن هٿان مارجي ويو ۽ شاهه بيگ ارغون پنهنجي ننڍي ڀاءُ سُلطان محمد مرزا ارغون کي حاڪم مُقرر ڪري واپس قنڌار هليو ويو. ڄام نظام الدين سبيءَ جو علائقو واپس حاصل ڪرڻ لاءِ دولھه دريا خان جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ شاهي لشڪر مُقابلي لاءِ موڪليو. دولھه دريا خان ارغونن سان جنگ ڪري سبيءَ تي ٻيهر قبضو حاصل ڪري ورتو. ان جنگ ۾ سُلطان محمد مرزا ارغون مارجي ويو ۽ سندس باقي بچيل لشڪر واپس قنڌار ڀڄي ويو. ڄام نظام الدين جي دؤر ۾ وري ڪڏهن به ارغونن سنڌ جو رُخ نه ڪيو. ارغونن کان هيءَ فتح دولهه دريا خان جي هڪ وڏي ڪاميابي هُئي ڇو ته اُن دؤر ۾ ارغون، مُغل ۽ منگول فوجن جي هند ۽ سنڌ ۾ وڏي هاڪ ويٺل هُئي ڇو ته هنن فوجن افغانستان، ايران ۽ عراق ۾ خون جون نديون وهائي ۽ انساني کوپڙين جا مُنارا ٺاهي پنهنجي ظلم ۽ بربريت جو ڌاڪو ويهاري رکيو هئو. اهڙي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي ڪري ارغون، مُغل ۽ منگول جنهن به علائقي تي حملو ڪندا هُئا اُتان جا رهواسي حملي کان اڳ ئي هُنن جو نالو ٻُڌي پنهنجو علائقو خالي ڪري ويندا هُئا. اهڙن ڌاڪي وارن سان مُنھن مقابل ٿيڻ ۽ جنگ ۾ فتح حاصل ڪرڻ ڪا معمولي ڳالهه نه هُئي جنهن ڪري دولهه دريا خان جي عام توڙي خاص ۾ وڏي ساراهه ٿي ۽ سنڌ جو عوام ۽ امير سندس وڏي عزت ڪرڻ لڳا. سُلطان ڄام نظام الدين پاران کيس جاگير به ملي جيڪا موجُودهه ضلعي دادوءَ ۾ ٽلٽيءَ جي ڀر سان هُئي. دولهه دريا خان پنهنجي پُٽن کي هتي رهايو ۽ پاڻ به ايندو رهندو هئو، باقي گهڻو وقت حڪُومتي امُور هلائڻ لاءِ ٺٽي ۾ گُذاريدو هئو يا ننڍين وڏين بغاوتن کي مُنھن ڏيڻ لاءِ سرحدي پرڳڻن تي ويندو هئو.
ڄام نظام الدين 914هه بمُطابق 1508ع تي وفات ڪئي(3) ۽ آخري وقت ۾ دولهه دريا خان کي پنهنجي پُٽ ڄام فيروز جي پارت ڪيائين. ڄام فيروز سنڌ جي تخت تي ويٺو ۽ سنڌ جي بدقسمتيءَ جو دؤر شروع ٿيو. پهريان ته ڄام فيروز سان سندس ئي خاندان جي ڄام صلاح الدين اختلاف ڪيو ته حڪُومت منهنجو حق آهي ۽ تخت تي قبضو ڪيائين پر دولهه دريا خان ڄام فيروز جي مدد ڪئي ۽ کيس ٻيهر تخت تي ويهاريو ويو ۽ ڄام صلاح الدين گُجرات طرف هليو ويو.
عام راءِ اِها آهي ته ڄام فيروز ناتجربيڪار ۽ خوش آمد پسند ماڻهو هو ۽ حُڪمراني ملڻ سان هُن پنهنجون عياشون وڌائي ڇڏيون هيُون. هُن جي آس پاس خوش آمد ڪندڙ رهڻ لڳا ۽ سندس گھڻو وقت ناچ، گانن ۽ مسخرن جي محفلن ۾ گُذرڻ لڳو جنهن ڪري حڪومتي امُورن تان سندس ڌيان گھٽجندو ويو ۽ شاهي خاندان جي ٻين ماڻهن جا خرچ وڌي ويا ۽ درٻاري ماڻهن به فضُول خرچيون ڪرڻ شروع ڪيون جنهن ڪري دولهه دريا کي ڪجهه سختي ڪرڻي پئي، جيڪا ڄام فيروز کي ناگوار گُذري. دولهه درياهه خان ڄام فيروز سان ڇڪتاڻ وڌائڻ کان پاسو ڪندي وزارتِ اعظميٰ ۽ سپھه سالاريءَ کان استعيفا ڏئي اچي پنهنجي جاگير تي رهڻ لڳو، جنهن ڪري ڄام فيروز وڌيڪ ڇُڙواڳ ٿي ويو ڇو ته مٿانئُنس نظرداري ڪرڻ وارو ڪو به ڪو نه رهيو. ڄام فيروز پنهنجي خوش آمدڙين جي چوَڻ تي ارغونن ۽ مُغلن کي مُلازمت ڏني ۽ اُنهن کي رهڻ لاءِ ٺٽي ۾ هڪ الڳ پاڙو ٺهرائي ڏنائين، جنهن کي مُغل پاڙو سڏيو ويندو هئو. ارغونن ۽ مُغلن اندرئين خاني ڄام فيروز جي ڪمزورين ۽ دولهه دريا خان جي ٺٽي کي ڇڏي وڃڻ جي خبر شاهه بيگ ارغون کي پهچائي جنهن حملو ڪري اچي سڀ کان پهريان سبي فتح ڪئي جتي سندس ڀاءُ مارجي ويو هئو جنهن جو هُن کي وڏو ساڙ ۽ غُصو هئو. هُو اُتي پنهنجي حڪُومت قائم ڪري وري قنڌار موٽي ويو ۽ بار بار اچي سنڌ جي علائقن مان ڦُر لٽ ڪري واپس هليو پئي ويو. اِن صورتحال کان ڄام فيروز لاتعلق بڻيو ويٺو رهيو. انهيءَ صورتحال کي ڏسي نواب دولهه درياهه خان 923هه بمُطابق 1517ع ۾ سبيءَ تي ڪاهه ڪري ويو پر اُتي شاهه بيگ ارغون موجُود نه هئو جنهن ڪري دولهه دريا خان جو مُقابلو ابو محمد مرزا سان ٿيو جيڪو جنگ ۾ مارجي ويو ۽ دولهه دريا خان لشڪر سميت واپس موٽي آيو ۽ ڄام فيروز کي چيائين سنڌ جي گڏيل فوج ساڻ ڪري هلي ارغونن سان مقابلو ڪجي پر ڄام فيروز ان تي راضي نه ٿيو ۽ نواب دولهه دريا خان موٽي اچي پنهنجي جاگير ۾ رهڻ لڳو جنهن بعد شاهه بيگ ارغون سنڌ تي حملا ڪندي پهريان سکر ۽ پوءِ سيوهڻ فتح ڪيو ته دولهه دريا خان وري ڄام فيروز وٽ لنگهي ويو ۽ چيائينس هاڻي ته شاهه بيگ ارغون ٺٽي تي ڪاهه ڪري اچي رهيو آهي. اُن سان مُقابلي لاءِ گڏيل ۽ مُتحد فوج جي ضرورت آهي. کيس سنڌ جي سرحدن کان تڙي ٻاهر ڪڍيو وڃي پر ڄام فيروز خان دولهه دريا خان جي ڳالهه ٻُڌي اڻ ٻُڌي ڪري ڇڏي ۽ نيٺ 926هه بمُطابق 1519ع تي شاهه بيگ ارغون سنڌ جي گاديءَ واري شهر ٺٽي جي ٻاهران اچي منزل ڪئي. ٺٽي شهر ۾ ڄام فيروز جا صرف مائٽ ۽ خوش آمدي هُئا، جيڪي جنگ لاءِ تيار نه هُئا ۽ ڄام صلاح الدين جا مائٽ ۽ دوست جيڪي ڄام فيروز جا مُخالف هُئا اُهي به جنگ ڪرڻ لاءِ تيار نه هُئا.
دولهه دريا خان لاءِ هڪ رستو هيءُ هو ته ٻين وانگر ارغونن سان ٺاهه ڪري ويهي رهي يا سنڌ ڌرتيءَ جي آزاديءَ ۽ ناموس لاءِ ارغونن سان مُقابلو ڪري. دولھه دريا خان هِن ڌرتيءَ جو نمڪ حَلال فرزند هئو ۽ وطن سان وفا نڀائيندي ڄام فيروز کي ٺٽي شهر ۾ ئي ڇڏي پنهنجي پُٽن ۽ پنھنجي لشڪر سميت وڃي ارغونن کي للڪاريائين. ٽن پهرن تائين وڙهندو رهيو ۽ شهيد ٿيڻ تائين ارغونن سان مُقابلو ڪندو رهيو ۽ رَت جي آخري ڦُڙي تائين کين سنڌ جي گاديءَ واري شهر ٺٽي ۾ پير پائڻ نه ڏنائين ۽ پنهنجي ٽن پُٽن ۽ ساٿين سُوڌو شهيد ٿي ويو.
دولھه دريا خان جي شھادت کان پوءِ ارغونن جو قابض لشڪر ٺٽي شهر ۾ داخل ٿيو ته ڄام فيروز شهر ڇڏي ڀڄي ويو ۽ ارغونن 10 ڏينهن تائين شهر کي لُٽيو ۽ ڦُريو هو. هتي جي علم، ادب ۽ تاريخ جي ڪُتب خانن کي ساڙيو ويو ۽ پوءِ سنڌ جا حاڪم ٿي ويهي رهيا. ٿوري ئي مُدي اندر ڄام فيروز واپس اچي ارغُونن کان معافي ورتي ۽ زمين جو هڪ محدود ٽُڪرو وٺي ويهي رهيو.
دولھه دريا خان جي مزار مڪليءَ جي قبرستان ۾ آهي جنهن جي چوديواريءَ جو بُنياد پاڻ پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي پنهنجي بادشاهه سلطان نظام الدين جي مقبري جي ٿوري مفاصلي تي رکيو هُئائين، جنهن کي سندس شھادت بعد سندس پُٽ ۽ ساٿين مڪمل ڪرايو. نواب دولھه دريا خان جي پڳدار مزار ۽ ننڍي قلعي نُما چوديواري ڏسڻ سان ئي اهو احساس اُڀري ٿو ته ڪو وڏو دلير سپهه سالار سُتو پيو آهي. سندس آخري آرام گاهه سندس شايان شان آهي جيڪا پٿر جي چٽ سالي ۽ اُڪر جي هُنرن ۽ فن جو هڪ شاهڪار آهي. سنڌ جي هِن حَلالي پُٽ پنهنجي پُوري زندگي سنڌ جي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ پتوڙيندي گُذاري. سندس شھادت کان پوءِ به ڪيترا ئي سال سندس جاگير جا ماڻهو، باغبان پرڳڻي ۽ چانڊڪا پرڳڻي جا ماڻهو جن دولهه دريا خان جي اڳواڻيءَ ۽ صحبت ۾ ارغونن سان مُقابلا ڪيا هُئا سي ارغونن، مُغلن ۽ ترخانن سان گوريلا ويڙهه وڙهندا رهيا ۽ پنهنجي وطن پرستيءَ جو احساس ڏياريندا رهيا.
سنڌ جا عالم ۽ مورخ ان ڳالهه تي مُتفق نظر اچن ٿا ته ڄام نظام الدين جو دؤر سنڌ جي خوشحاليءَ جو اهڙو دؤر هئو جنهن جو ڪو مثال نه ٿو ملي. هِن دور ۾ سنڌ فوجي لحاظ کان به مضبُوط ۽ مُنظم هُئي ته سياسي، سماجي ۽ اقتصادي طور به پنهنجو مَٽ پاڻ هُئي. هِن ئي دؤر ۾ علم، هُنر، صنعت، زراعت ۽ آبپاشيءَ لاءِ جيڪي سُڌارا آندا ويا اُنهن ۾ دولھه دريا خان جو به وڏو عمل دخل نظر اچي ٿو. دولھه دريا خان جي بهادريءَ، ڏاهپ ۽ وطن پرستيءَ جو سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ مثالي باب آهي ۽ دولھه دريا خان سنڌ جو مثالي هيرو ۽ سُورمو ليکيو وڃي ٿو.

(روزانه مقدمو 18 آڪٽوبر 2009ع)

حوالا:
ڪتاب جنت السنڌ، صفحو 301
مڪلي نامون، صفحو 178
مڪلي نامون، صفحو 97