ڪلان ڪوٽ
هن وقت ڪلان ڪوٽ جي ڪا به ديوار يا ڪو به برج سلامت نه آهي. هاڻي هتي چوڌاري ڊٿل ديوار جي سرن جو ڍير نظر اچي ٿو ۽ ڪنهن ڪنهن هنڌ اهو سرن ۽ مٽيءَ جو وڏو ڍير ڏسي سمجهي سگهجي ٿو ته هتي ديوار سان گڏ برج به هوندو. اسان ڪوٽ اندر اولهه ڏکڻ ديوار کان داخل ٿي ڪچي رستي تي گاڏي هلائيندا رهياسين ۽ هڪ هنڌ گاڏي بيهاري پوءِ ڪوٽ جي اندر پنڌ گهمڻ لڳاسين. ڪوٽ جي اوڀارينءَ ديوار جي دَڙن تي هلندي هلندي اسان کي هڪ برج جي ڪُجهه اڏاوت نظر آئي. اُتان اسين ديوار کان پرئين پاسي لهي برج جي مختصر وجود کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿياسين. مون چيو ته ڪجهه ته نظر آيو. هن برج جي ديوار جي اڏاوت جي بُنياد ۾ اڻ گهڙيو پٿر ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ ان کان مٿي پڪين سرن جي اڏاوت آهي. هن ديوار کان هيٺ پرئين پاسي ساوَڪ ئي ساوڪ نظر اچي ٿي. ڪوٽ تمام مٿانهينءَ تي آهي ۽ اُتان هيٺ تمام خوبصورت واديءَ جو منظر نظر اچي ٿو.
هن ڪوٽ جي اندر هن وقت نمايان نظر ايندڙ صرف مسجد جا کنڊر آهن جيڪي اولاهينءَ ديوار جي وچ واري حصي جي ڀر سان آهن. هيءَ چورس مسجد آهي. هِن جي ڇت ڪِريل آهي ۽ ديوارون موجُود آهن پر انهن جو به مٿيون حصو ڊٿل آهي. هن مسجد ۾ داخل ٿيڻ لاءِ وڏو محرابي دروازو آهي ۽ مسجد جي اندر اولهه واريءَ ديوار ۾ پيش امام لاءِ خوبصورت محراب ۽ ممبر پٿر جا ٺهيل آهن باقي مسجد جون سڀئي ديوارون پڪين سِرن جون ٺهيل آهن ۽ اندر ڪجهه ڪاشيءَ جون سرون به لڳل نظر اچن ٿيون. مسجد جي اُتر ۽ ڏکڻ وارين ديوارن ۾ به هڪ هڪ محرابي دروازو آهي جيڪي ڪجهه ڊٿل نظر اچن ٿا. هي کنڊر ٻُڌائين ٿا ته مسجد تمام خوبصورت هُئي. قلعي اندر هيءَ مسجد ترخانن جي دور ۾ ٺهي.(1) هن مسجد کان ٻاهر پاڻيءَ جو هڪ ننڍو حوض به ٺهيل آهي جيڪو يقينن وضوءَ لاءِ استعمال ٿيندو هوندو پر ان جي ڀر سان پاڻيءَ جو هڪ ٻيو وڏو تلاءُ ٺهيل آهي جيڪو هِن وقت ٽُٽل حالت ۾ موجُود آهي. اهڙي قسم جا ٻه ٻيا تلاءَ پڻ ڪوٽ جي مُختلف حصن ۾ نظر آيا.
مسجد کان ٻاهر اچي اسان ڪوٽ جي اولاهينءَ ديوار جي دڙن تي آياسين. هِن پاسي کان ٻاهر هڪ وڏي ڍنڍ آهي. ڪوٽ جي مٿانھينءَ کان هيٺ ڍنڍ جي پاڻيءَ جو نظارو اڄ به تمام دلڪش نظر اچي ٿو. هن ڍنڍ کي اکور ڍنڍ جي نالي سان سڏيو ويندو هو.(2) اسان ڪُجهه دير اُتي ويهي رهياسين ۽ هن خوبصورت نظاري مان لُطف اندوز ٿيندا رهياسين. هِن ديوار جي دڙن تان لهي ڪوٽ اندر اچي وري اُتر واريءَ ديوار ڏانهن روانا ٿياسين. هن پاسي ڪُجهه نيون اڏاوتون هيون جيڪي يقينن انهن قبضا خورن جو جڙيل هيون جن ڪُجهه سال اڳ اچي هن تاريخي ماڳ تي قبضو ڪيو هو ۽ هِن قومي ورثي کي نقصان به پهچايو هُئائون. اسان پيادل هلندي هلندي اچي ڪوٽ جي اُتر اوڀر واريءَ ڪُنڊ تي پهتاسين. ديوار جي دڙي کي پار ڪري ڪوٽ کان ٻاهر آياسين ته اسان کي ڪوٽ جي ٻن برجن جا مضبوط بُنياد نظر آيا. ڪوٽ کان ٻاهر به پڪيون سرون وِکريون پيون هيون. هِن پاسي بُرجن جي وچ واريءَ ديوار جا بُنياد به موجود آهن جن کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته اسان هن ڪوٽ جي زبون حال ديوار جو ڪُجهه ٽڪرو به ڏٺوسين. هتان به ڪوٽ کان ٻاهر جو نظارو تمام خوبصورت آهي. اولهندي ديوار پاسي واري ڍنڍ اُتر پاسي کان هلندي اچي هن اُتر ۽ اوڀر واريءَ ڪُنڊ تي ختم ٿئي ٿي. هِن ڪُنڊ کان هيٺ ڍنڍ ۽ ان سان گڏ سر سبز زمينون خوبصورت منظر پيش ڪري رهيون آهن. هيءُ منظر به ڏاڍو دلڪش ۽ دلفريب محسوس ٿيو. مون کي هن ڪوٽ جي تعريف ۾ مير علي شير قانع جي ڪتاب ”مڪلي ناما“ ۾ لکيل خوبصورت تشبيھُون ۽ منظر ڪشي ياد اچي ويئي. مير صاحب هن ڪوٽ لاءِ لکي ٿو ”هيٺانهينءَ کان ڪوٽ جا بُرج ڏسجن ٿا ته اُهي آسمان سان ڳالهيون ڪندي نظر اچن ٿا ۽ ڪوٽ جي ديوارن ۽ بُرجن تان ڪوٽ جي ٻاهران ڍنڍ جو دلڪش نظارو ساوا ساوا باغات جنت جو منظر نظر اچي ٿو.“
مير صاحب هيءَ منظر ڪشي شام جي ٿڌڙي هير لڳندي ۽ چانڊوڪين راتين جو ذڪر ڪندي ڪئي آهي جيڪا مون کي 100 في صد صحيح لڳي ٿي. مير صاحب تاريخ فيروز شاهيءَ جي حوالي سان لکيو آهي ”دهليءَ جي شهنشاهه فيروز سنڌ تي ڪاهه ڪئي ته ڪلان ڪوٽ کي ڏسي ۽ اُن کي فتح ڪرڻ مشڪل سمجهي واپس هليو ويو. اُن وقت شهنشاهه فيروز جي لشڪر ۾ نوي هزار (90000) سوار، چار سئو اسي (480) هاٿي، پنج هزار (5000) ٻيڙيون ۽ لکين پيادا شامل هُئا ۽ هن ڪلان ڪوٽ جي اندر سنڌ جي فوج جا ويهه هزار (2000) سُوار ۽ چار لک پيادا سپاهه موجُود هُئا. ڪوٽ جي مضبوطيءَ ۽ اُن ۾ سپاهه جي گنجائش کان سواءِ حاڪمن (ڄامن) ۽ ٻين حڪومتي ڪارندن جون رهائش گاهون به ڪوٽ جي اندر هيون.“(3)
اهي سڀ حوالا ثابت ڪن ٿا ته ڪلان ڪوٽ تمام مضبوط ۽ وسيع ڪوٽ هو. هن وقت به تحقيق ڪندڙ ايراضيءَ جي لحاظ کان رني ڪوٽ کان پوءِ ٻيو نمبر سنڌ جو وڏو ڪوٽ هن کي قرار ڏين ٿا. هن ڪوٽ جي برجن جو تعداد 58 ليکيو وڃي ٿو جيڪي هاڻي ته نظر نه ٿا اچن پر برجن جو اهو تعداد ڪوٽ جي مضبوطيءَ جو واضح مثال آهي. ٻيو ته هن ڪوٽ کي اُتر کان وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ وڌيڪ برج ۽ ٻي دفاعي ديوار به ڏنل هُئي. ان کان سواءِ ڪوٽ جي ٻاهران جنهن پاسي کان ڍنڍ نه هُئي اُن پاسي کان ڪوٽ جي حفاظت لاءِ کاهيون کوٽيل هيون. اهي سڀ حفاظتي قدم ثابت ڪن ٿا ته هيءُ ڪوٽ تمام قديم هئڻ سان گڏو گڏ انتهائي حڪمت عمليءَ سان پڻ ٺاهيو ويو هو جيڪو سنڌ جي تاريخي اڏاوت جو هڪ عظيم شاهڪار ۽ مثالي ڪوٽ هئو.
راجا ڏاهر جي وقت ۾ ديبل جو ڪوٽ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هئو پر ڪلان ڪوٽ راجا ڏاهر جي حڪُومت کان اڳ جو تعمير ٿيل آهي. هن ڪوٽ جي اڏاوت تمام پُراڻي آهي ۽ ٻه ڀيرا ڊهي وڃڻ کان پوءِ هِن کي وري ٺاهيو ويو. (4)ديبل جي اُجڙڻ کان پوءِ سمن جي دور ۾ سمان ننگر/ سموئي / ٺٽو سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ بڻيا ۽ سنڌ تي ڪلهوڙن جي دور تائين ٺٽو ئي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ رهيو ۽ ڪلان ڪوٽ ۾ ٺٽي جي هر حاڪم هر ڏُکئي دور ۾ پناهه ورتي هُئي. اوائلي دور کان پوءِ سمن ڄامن، ارغونن، ترخانن ۽ مُغلن جي دورن تائين هيءُ ڪوٽ مُختلف نالن سان سڏيو ويو. هن کي ڪڏهن ڪلان ڪوٽ ۽ ڪڏهن ڪلياڻ ڪوٽ چيو ويو ته ڪن وري هِن کي تُغرل آباد ۽ تُغلق آباد به نالو ڏنو. راجا ڏاهر واري دور کان اڳ جي ٺهيل هن ڪوٽ کي ڊهي وڃڻ کان پوءِ وري سمن پنهنجي دور ۾ ٺهرايو ۽ ترخانن به هن ڪوٽ جي مرمت ڪرائي ۽ مغلن جي دور کان پوءِ هيءُ زبون ٿيندو ويو ۽ اڄ مٽيءَ ۽ سِرن جي ڍير جي شڪل ۾ موجُود آهي. ڪُجهه سال اڳ قبضا گيرن هن تاريخي ماڳ تي به وڃي قبضو ڪيو ۽ پوءِ ڪوٽ اُنهن کان خالي ڪرايو ويو پر اهي قبضا گير جيترو وقت به اُتي ويٺا ته اُنهن هن تاريخي ماڳ کي تمام گهڻو نُقصان ڏنو. ڪوٽ جون پڪيون سرون پٽي پنهنجا گهر پيا ٺاهين، ٻيو ته ڪوٽ اندر پوليس ٽريننگ لاءِ فائرنگ رينج به ٺاهي ويئي آهي جنهن لاءِ ڪوٽ جي هڪ پاسي ديوار جي دڙن کي وڌيڪ مٽي چاڙهي اُوچو ڪيو ويو آهي.
هن دور ۾ جنهن ۾ تاريخي ماڳن جي بچاءَ لاءِ ڌار وزارتون آهن اُن جي هوندي به اسان جي تاريخي ماڳن جو اهو حال آهي ته انهن جي ديوارن جي صفائي ڪرائي انهن کي ظاهر ڪرڻ بدران بلدوزرن سان انهن مٿان مٽي چاڙهي چست پڪي ڪرڻ جو ڪم ورتو وڃي ٿو.
انهن اهم تاريخي ماڳن کان سواءِ به مڪلي ٽڪريءَ تي ڪئي تاريخي نشانيون وکريون پيون آهن. هتي سنڌ جي 600 سالن جي تاريخ دفن آهي. ان تي تحقيق ٿيڻ گهُرجي ۽ ان کي اُجاڳر ڪرڻ جي ضرورت آهي.
(روزانه عوامي آواز سنڊي ميگزين ۾ قسطوار 1 مارچ کان 7 اپريل 2013ع)
حوالا:
مڪلي نامون، صفحو 686
مڪلي نامون، صفحو 685
مڪلي نامون، صفحو 35
سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا، صفحو 188