جين ڌرم جو گوڙي مندر
اسان جو سفر جاري هو. اسان اسلام ڪوٽ ويجهو آياسين ته هڪ رينجرس جي چيڪ پوسٽ هئي جتي اسان کي چيڪ ڪرڻ بعد اسان جو نالو ۽ گاڏيءَ جو نمبر رجسٽر تي لکڻ بعد اسان کي اڳتي وڃڻ لاءِ ڇڏيو ويو. هن چيڪ پوسٽ کان پار ٿيندي ئي سڄي هٿ تي روڊ هو جنهن تي هلندي ئي اسان اسلام ڪوٽ شهر جي ٻاهران ئي ٻاهران مٺيءَ کان ننگر پارڪر واري روڊ تي اچي وياسين ۽ کٻي هٿ تي مُڙي ننگر پارڪر روانا ٿياسين. هن روڊ تي هلندي اسان اسلام ڪوٽ کان گهڻو اڳتي نڪري آيا هُئاسين ته هڪ وڏيءَ ڀِٽ کان هيٺ لهندي سڄي هٿ تي پاڻيءَ جي وڏيءَ ڍنڍ وانگر اَڇ نظر آئي ته مون لال محمد لاکي کان پڇيو ته هي ڇا آهي؟ ته هن وراڻيو ته سائين هاڻي اهڙا ڪافي نظارا ملندا. هي ڪلر آهي جيڪو پاڻيءَ وانگر نظر اچي رهيو آهي. پوءِ اسين هن ڪلر جي پاسي کان گُذري رهيا هُئاسين جيڪو ويجهو ڪلر ۽ پري کان پاڻي نظر اچي رهيو هو ۽ هي به هڪ خوبصورت نظارو هو جنهن کي رُڃ چئبو آهي. رُڃ مُتعلق گهڻو ٻڌو ۽ ڪجهه پڙهيو به هو ۽ اڄ اکين سان ڏٺيسين. هن کان اڳتي نڪتاسين ته اسان جون نظرون گوڙيءَ جي مندر واري بورڊ کي ڳولهي رهيون هيون ته ائين نه ٿئي جو اسان ان کان اڳتي نڪري وڃون. ننگر پارڪر کان 28 ڪلو ميٽر پهريان روڊ جي کٻي پاسي تي ننڍو بورڊ نظر آيو جنهن تي آثارِ قديمه لکيل هئو ۽ هن جي ڀر سان هڪ ننڍو لنڪ روڊ نڪري رهيو هئو. ڀر سان هڪ وڻ جي ڇانوَ ۾ بيٺل ٻن ڳوٺاڻن کان تسليءَ لاءِ پڇيوسين ته هي رستو گوڙيءَ جي مندر ويندو؟ ته هنن هائوڪار ڪئي ته اسين اڳتي ننڍي روڊ تي گوڙيءَ جي طرف روانا ٿياسين. هن روڊ تي هلندي 4 ڪلو ميٽرن کان پوءِ اسين گوڙيءَ جي ڳوٺ ۾ پهتاسين جتي اسان کي ٻڌايو ويو ته مندر ڳوٺ کان ٻاهر آهي ۽ هي روڊ سڌو اُتي وڃي ختم ٿيندو. اسين ڳوٺ جي وچ کان ٻاهر آياسين ۽ هن رستي جي اٽڪل هڪ ڪلوميٽر ڳوٺ کان ٻاهر اچڻ کان پوءِ مندر تي پهتاسين. ڳوٺ مٿاهينءَ تي هئو ۽ مندر هيٺانھينءَ تي هو. بلڪل ويراني ۾ اڪيلي مندر جي هيءَ عمارت ڏاڍي خوبصورت لڳي رهي هُئي. احاطي جي ٻاهران به آثار قديمه جو بورڊ لڳل هئو. اسان ڪار بيهاري احاطي جي اندر ٿياسين ته مندر جي ٻاهران هڪ ٻي ننڍي ديوار به هُئي جنهن جي دروازي تي اسان پنهنجون جُتيون لاهي اندر گھڙياسين. هيءُ مندر سنگ مرمر جهڙي هلڪي ڳاڙهي رنگ واري پٿر سان جُڙيل آهي ۽ ڇت تي هڪ وڏو گُنبذ ۽ ڪيترا ئي ننڍا گنبذ اٿس جيڪي خوبصورت نظارو پَسائي رهيا هُئا. مندر ۾ اندر گھڙياسين ته اسان کي هڪ پوڄاري ويٺل نظر آيو جنهن اڳتي وڌي اسان جو استقبال ڪيو. مندر جي اندر ننڍي صحن کان پوءِ ٽن طرفن کان کُليل هڪ دالان آهي ۽ دالان جي چوٿين طرف مندر جو وڏو هال آهي ۽ هال جي آخر ۾ وري هڪ ننڍو هال آهي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هتي ”پارس ناٿ“ جو وڏو بُت رکيل هوندو هيو. دالان پٿر جي ٿنڀن تي ٺهيل آهي جيڪي دالان جي ٽن طرفن کان ڏاڍا خوبصورتيءَ سان ٺهيل آهن ۽ دالان جي ڇت هڪ وڏو گول گنبذ ٺهيل آهي. گنبذ جي اندران خوبصورت ۽ پائيدار چٽ سالي ٿيل آهي جيڪا اڄ تائين قائم آهي ۽ دالان جي ٿنڀن تي به اُڪر جو ڪم ٿيل آهي ۽ ننڍيون ننڍيون مورتيون ٺهيل آهن. دالان جي پاسي واريءَ ڀِت تي به مورتيون اُڪريل آهن جن تي ڌڪ لڳل آهن. چيو وڃي ٿو ته هڪ ڀيري انتها پسند مُسلمانن هن مندر تي حملو ڪري هنن ننڍين مورتين کي نقصان پهچائي پاڻ کي بُت شڪن ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هُئي. دالان کان وڏي هال ۾ هڪ دروازو آهي. اسان اُن دروازي کان وڏي هال ۾ داخل ٿياسين ته اندر هڪ دم چمڙن جي اُڏرڻ جي ڦَڙ ڦَڙاهٽ ۽ چون چون جا آواز شروع ٿي ويا. ڄڻ اسان هنن چمڙن جي آرام ۽ اڪيلائپ واري ماحول ۾ مداخلت ڪئي هُجي جن تي هو احتجاج ڪري رهيا هُجن. پُوڄاريءَ اسان کي مخاطب ٿيندي چيو ته سائين اڳ ۾ هتي چمڙا گھڻا هُئا ليڪن هاڻي آءٌ مندر جي صفائي سُٿرائي ڪندو آهيان ان ڪري گھٽ ٿي ويا آهن، اسان پوڄاريءَ جي ڳالهه ٻُڌندي هال جو جائزو ورتو ته وڏي هال جي وچ ۾ ڪيترا ئي پٿر جا ٿنڀا نظر آيا جن جي آڌار تي ڇت بيٺل آهي. ڇت به ننڍن ننڍن گول گُنبذن تي مُشتمل آهي. هال جي وچ وارن ٿنڀن تي به دالان جي ٿنڀن جيان مورتيون اُڪريل آهن. هال جي چوڌاري ننڍڙيون ڪوٺڙيون خاص پُوڄارين لاءِ ٺهيل هيون جن ۾هڪ هڪ پوڄاري ويهي پُوڄا پاٽ ڪندو هو ۽ هال جي آخر ۾ جيڪو ننڍو هال موجود هو اُن ۾ ”پارس ناٿ“ جو وڏو بُت رکيل هو. ننڍي هال جي مٿان اونچي چوٽيءَ وارو چورس گُنبذ موجود آهي جنهن جي چوٽي ڊٿل آهي ليڪن چورس چوٽيارو گنبذ ٻاهران ڏاڍو خوبصورت ٺهيل آهي. هن جي ٻاهران مورتيون ٺهيل آهن ۽ ٻيون پٿر تي اُڪر جون دلڪش ڊزائنون ٺهيل آهن جن جي ڪري هيءُ گُنبذ مڪمل نه هجڻ جي باوجود ڏاڍو خوبصورت نظر اچي ٿو. هِن مندر جي ننڍن وڏن گُنبذن جو تعداد 52 آهي جيڪي پنھنجي خوبصورت بيھڪ جي ڪري دلڪش نظارو پَسائي رهيا آهن.
اسان کي پُوڄاريءَ ٻُڌايو ته هتي هاڻي ڪو به جين ڌرم وارو نه رهيو آهي ۽ هُو پاڻ هندو آهي ۽ هن دالان جي ٻاهران ديوار تي ”گَڻِيش ديوتا“ جي تصوير لڳائي ڇڏي آهي ۽ اُن جي پوڄا پاٽ ڪندو آهي ۽ ٻُڌايائين آءٌ غريب آهيان ۽ مون کي هتي ايندڙ سياحن کان ڪجهه خرچ پکو به ملي ويندو آهي. هن کي جين ڌرم بابت ڪا به خاص معلومات نه هُئي ۽ هُو هتي صرف پنهنجي روزگار ڪمائڻ لاءِ ويٺو هو. مون هُن کان سوال پُڇيو ته هتي سرڪار طرفان ڪنهن کي مُقرر ڪيو ويو آهي يا ڪا ٻي ڪهڙي سهولت سرڪار پاران هتي ڏنل آهي؟ اِن تي پُوڄاريءَ وراڻيو ته منهنجي هڪ سوٽ کي هتي جي سار سنڀال لاءِ سرڪار کان پگهار ملندي آهي، باقي ٻي ڪا به سهولت نه آهي. آءٌ پنهنجي طور تي هن جي صفائي سٿرائي ڪري ويٺو هوندو آهيان. اسان دالان ۾ ڪجهه دير لاءِ ويٺا رهيا سين ۽ پُوڄاريءَ کي ڪجهه خرچو پاڻي به ڏنوسين.
محترم عبدالقادر منگيءَ جي مُرتب ٿيل ڪتاب ”ٿر“ ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي لکيل مضمون ۾ جين ڌرم ۽ ٿر ۾ موجود جين ڌرم جي مندرن بابت ڪافي معلومات آهي. ميمڻ صاحب لکي ٿو ته گوڙيءَ جي مندر جي اڏاوت 1376ع ۾ منگهي نالي اوسواڙ ذات جي هڪ دولت مند ڪرائي ۽ هن مندر جي اڏاوت لاءِ پٿر راجستان کان گهرايو ويو هئو ۽ جين ڌرم بابت لکيو اٿائين ته ”مھا وير“ کان اڳ جين ڌرم جا (23) ڌرم نيتا ٿي گذريا آهن ۽ جين ڌرم جو پھريون نيتا ”رَشپ ناٿ“ هئو ليڪن برِ صغير ۾ موجود جين ڌرم ”مها وير“ جي پوئلڳن تي مشتمل آهي. جين ڌرم جي تاريخ قبلِ مسيح کان تمام پُراڻي آهي ۽ سندس آخري نيتا ”مها وير“ هئو جنهن جو اصل نالو ”ورڌماڻ“ هئو ۽ جڻاٿ قبيلي جي راجا جو پُٽ هئو. هُن پنهنجي بادشاهي تياڳي جنگل ۽ رڻ پٽ ۽ ريگستان جهاڳيا ۽ جين ڌرم جي (23) ڌرم نيتا ”پارس ناٿ“ کي گرو مڃي ڌرم جي پرچار ڪئي. جين ڌرم موجب ”مها وير“ 545 قبلِ مسيح ۾ ديھانت ڪري ويو ليڪن ٻين ڪتابن موجب ”مھا وير“ 599 قبلِ مسيح ۽ 527 قبلِ مسيح واري زماني ۾ جيئرو هئو ۽ هيءُ اُهو دور هو جنهن ۾ هندستان ۾ ”گوتم ٻُڌ“ پنهنجي ”ٻُڌ ڌرم“ جي پرچار ۾ مصروف هئو. ايران ۾ زرتشين جو دور هئو ۽ عربستان ۾ حضرت اسماعيلعھ ۽ حضرت اسحاقعھ پنهنجي پنهنجي دين جي تبليغ ڪري رهيا هُئا. اُن وقت ”مھا وير“ هندستان جي ڏکڻ ۽ اولهه جي علائقن ۾ مختلف راجائن سان ملاقاتون ڪري ۽ کين جين ڌرم لاءِ آمادو ڪيو ۽ ڌرم جي وڌائڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي ۽ پوءِ 72 سالن جي عُمر ۾ ڏکڻ بِھار جي شهر ”پاوا“ ۾ وفات ڪيائين.(1)
مھا وِير سميت جين ڌرم جا 24 ڌرم نيتا پيدا ٿيا جيڪي سڀ جا سڀ کتري ذات مان هُئا. کتري هندستان جي مُک ذاتين مان هڪ ذات آهي. اِن ذات جا ماڻهو هندستان جي هڪ وڏي پرڳڻي جا حاڪم رهيا آهن. جين ڌرم هي 24 ڌرم نيتائن مان يارهون نمبر ڌرم نيتا ”شري انشا ناٿ“ سنڌ ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ جو نالو وسڻ هو ۽ ماءُ جو نالو وشني هو. هُن سنڌ ۽ هند جي تمام وڏي پرڳڻي ۾ جين ڌرم جي پرچار ڪئي ۽ ڌرم کي وَڌايائين وِيجهايائين. شري انشا ناٿ وارو دور 1500 سال قبل مسيح وارو زمانو هو جنھن کي اڄ تائين ساڍا ٽي هزار سال گُذري چُڪا آهن. هيءُ جين ڌرم جو وچولو دور هو جنھن مان لڳي ٿو ته موهن جي دڙي واريءَ تھذيب جي پُڄاڻيءَ کان پوءِ سُتت ئي جين ڌرم جو بُنياد پيو ۽ هِن ڌرم جو وڏو اثر سنڌ جي ٿر، لاڙ، گُجرات ۽ راجستان وارن علائقن ۾ رهيو.(2)
جين ڌرم جا مکيه بنياد:
1. ڪنهن ساهواري کي نه مارجي ۽ نه تڪليف ڏجي.
2. ڪنھن انسان سان ڪا زيادتي (قتل، چوري، زنا ۽ پرماريت وغيرهه) نه ڪجي نه ڏُکوئجي
3.. ڪنهن بُت، ڪنهن انسان يا ٻيءَ ڪنهن شئي جي پوڄا نه ڪئي وڃي.
4. جين ڌرم موجب ڌڻي انسان جي روح ۾ سمايل لياقتن ۽ صلاحيتن جي تڪميل ۽ اظهار جو ٻيو نالو آهي. جين ڌرم موجب ڪنهن انسان کي ٻئي انسان جي پُوڄا نه ڪرڻ گھُرجي ۽ پنهنجي خواهش کي ضابطي ۾ رکي زندگي گُذارجي. ڪنهن کي ڏُک نه ڏجي.
”مھا وير“ به اهڙي ئي ڌرم جي پرچار ڪئي ۽ انهن ڳالهين لاءِ ڪنهن به عبادت گھر جي ضرورت نه هُئي. هُن جي دور ۾ ڪو به جين ڌرم جو مندر نه ٺهيو ليڪن گھڻو پوءِ جين ڌرم جا مندر ٺاهيا ويا ۽ اُنهن ۾ پهرين (23) ڌرم نيتائن جا بُت رکيا ويا ۽ خود ”مھا وير“ ۽ سندس گرو ”پارس ناٿ“ جا بُت ٺاهي اُنهن جي پُوڄا ڪئي ويئي. هن نقطي (بت پرستيءَ) کان سواءِ باقي ٻين نقطن تي (جين ڌرم) جا سندس پوئلڳ قائم رهيا. ايتري قدر جو رات جو سفر به نه ڪندا هُئا ته ڪٿي رات جي سفر ۾ ڪو ڪيڙو ماڪوڙو پير جي هيٺان اچي مري نه پوي ۽ رات جو بتي به نه ٻاريندا هُئا ڇو ته بتيءَ جي روشنيءَ تي پتنگ اچي مِڙن ٿا ۽ پوءِ سڙي وڃن ٿا جنهن کي پاپ سمجھيو ويو. هن ڌرم ۾ ڪافي سخت اُصُول هُجڻ ڪري هيءُ ڌرم اڳتي وڌي ويجھي نه سگھيو. جين ڌرم جا پيروڪار گوشت مڇي نه کائيندا هُئا ڇو ته انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن ساهواري جي جان وٺڻي پئي ٿي ۽ پيرن ۾ به ڪپھه ٻَڌي هلندا هُئا ته ڪو ساهوارو هيٺان اچي مري نه پئي ۽ وڻ وڍڻ کي به پاپ سمجھندا هُئا. ان ڪري هن ڌرم وارا آهستي آهستي گھٽ ٿيندا ويا. خاص ڪري ٿر جي علائقن مان هنن جي مختلف وقتن ۾ وڏي لڏپلاڻ به ٿي جنهن ڪري هتان هي لڏي وڃي هندستان واري راجستان ۾ آباد ٿيا آهن جتي هن ڌرم وارا اڳي ئي موجُود هُئا. ٿر جي علائقي ۾ جين ڌرم جا ڪافي مندر آهن ليڪن سڀ ويران آهن ۽ سڀ آثار قديم وارن جي حوالي آهن.
گوڙيءَ جي مندر ۾ رکيل ”پارس ناٿ“ جي بُت لاءِ چيو وڃي ٿو ته 1716ع ۾ هِن مندر ۾ بُت موجود هئو جنهن جي درشن ڪرائڻ لاءِ ميلا لڳايا ويندا هُئا ۽ جيڪا ڀيٽا ملندي هُئي اُن مان هڪ حصو راجا کي ملندو هئو ۽ ٻيو حصو پُوڄاري پاڻ ۾ ورهائي کڻندا هُئا. 1716ع ۾ سوڍَي راجا ”سڌيجي“ هيءَ بت زوريءَ کڻائي وڃي ٻاکاسر (جوڌ پور رياست) ۾ رکرايو ۽ ان جي درشن مان رقم ڪمائيندو رهيو. بعد ۾ سندس پونئير سوڍي ”پونجاجي“ ۽ ٽالپرن ۾ جنگ ٿي ۽ سوڍو راجا مارجي ويو. سندس مرڻ کان پوءِ بُت جي ڪا به خبر نه پئجي سگهي ڇو ته سوڍا حُڪمران درشن ڪرائڻ کان پوءِ بُت کي پُورائي ڇڏيندا هُئا. صرف ميلي جي موقعي تي ٻاهر آڻي درشن ڪرائي رقم ڪمائيندا هُئا.(3)
گوڙيءَ جي مندر جي اڏاوت 1376ع ۾ ٿي ان وقت ۾ هتي جا حڪمران سوڍ هئا ۽ هن مندر جي آخري مرمت 1715ع ۾ ٿي هُئي. اُن کان پوءِ هن جي ڪا به مرمت نه ٿي آهي(4) بلڪه مختلف وقتن تي مندر تي حملا ٿيا آهن. هن جي عمارت ۽ نقش و نگار کي نقصان پهچندو رهيو آهي.
جين ڌرم جي هن مندر کان سواءِ ننگر پارڪر شهر ۾ به هڪ جين ڌرم جو مندر آهي ۽ ننگر پاڪر کان 3 ڪلو ميٽر پهريان ”ڀوڏيسر“ ۾ هڪ زبون حال مندر ۽ ڦِٽل شهر جا آثار موجود آهن. ويرا واهه جي ڀر سان ”پاري ننگر“ ۾ جين ڌرم جا گھڻا مندر هُئا جن ۾ وڏي تعداد ۾ بُت رکيل هُئا. هن شهر جي آبادي چاليهه هزار هُئي ۽ هتي 5200 جين ڌرم وارا رهندا هُئا. هن شهر جو بُنياد پهرين عيسوي صديءَ ۾ پيو. اُن وقت رڻ ڪڇ وارو علائقو سمنڊ هئو ۽ پاري ننگر بندرگاهه وارو شهر هئو ۽ ٿر جو وڏو واپاري مرڪز هو. هِن شهر تي 1226ع ۾ هندستان پاران حملو ٿيو جنهن بعد هيءُ شهر برباد ٿي ويو ۽ هتان وارن بُتن مان هڪ وڏو بُت ويرا واهه جي مندر ۾ موجود هو. 1971ع واري هندستاني حملي جنهن ۾ هيءُ علائقو وقتي طور هندستان جي قبضي ۾ رهيو اُن وقت هيءُ بت هتان غائب ٿي ويو. چيو وڃي ٿو ته اُهو بُت هندستاني پاڻ سان گڏ کڻي ويا.
ٿر جي علائقي ۾ ”پاري ننگر“ ۽ ”ڀوڏيسر“ جين ڌرم وارن جا پهريان شهر هُئا جيڪي جين ڌرم جي دولت مند واپارين ٿر ۾ اچي آباد ڪيا هُئا جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو هتي راجستان واري علائقي کان اچي آباد ٿيا هُئا ۽ هتي خوبصورت مندر به جوڙايائون ۽ پوءِ هتان سمنڊ پري ٿي وڃڻ ڪري ۽ مختلف حاڪمن جي ڏاڍ ۽ ڏمر کان آهستي آهستي هتان لڏي ويا ۽ آخري جيڪي چند گھر بچيا ته اُهي به 1971ع واري پاڪستان ۽ هندستان جي جنگ ۾ هتان لڏي ويا ۽ هاڻي سندن سڀ مندر ويران ۽ لاوارث آهن. موجُودهه دور ۾ جين ڌرم وارن جو مرڪز گُجرات وارو علائقو آهي ۽ اُتي آبو جبل جي گرنار واري پاسي ۾ جين ڌرم جا شاندار مندر آهن.
روزانه مقدمو 2 جون 2011ع
ڪتاب ” ٿر “ صفحو نمبر 142 مرتب عبدالقادر منگي
ڪتاب پراڻو پارڪر صفحو نمبر 41 ليکڪ منگهارام اوجها
ڪتاب تاريخ ريگستان ڀاڱو پهريون صفحو 114 ليکڪ راءِ چند هريجن
ڪتاب تاريخ ريگستان ڀاڱو پهريون صفحو 116 ليکڪ راءِ چند هريجن