سچل سرمست
سچل سرمستؒ جو 1739ع ۾ جنم ٿيو ۽ پاڻ 1829ع ۾ وفات ڪيائون. سچل سرمستؒ جو اصل نالو عبدالوهاب هئو ۽ سندن والد صاحب جو نالو صلاح الدين ۽ ڏاڏي جو نالو صاحب ڏنو هو جيڪو پاڻ هڪ بزرگ ۽ شاعر هئو. سندن شجرو نسب حضرت عمر فاروق سان ٻڌايو وڃي ٿو. جنهن ڪري کين فاروقي به سڏيو وڃي ٿو.
سچل سرمستؒ عشق ۽ محبت جو شهنشاهه، انساني آزاديءَ جو علمبردار، امن ۽ اتحاد جو پيامبر ۽ وحدت الوجود جو درس ڏيندڙ 7 زبانن جو شاعر ۽ صوفي بزرگ هئو، جنهن شاعريءَ ۽ موسيقيءَ ذريعي حسن، عشق، وحدت، ڪثرت، حقيقت، معرفت ۽ انساني عظمت جي پيغام کي عام ڪيو.
سچلؒ سائين هڪ ڪامل عارف هئو تنهن ڪري وحدت ۽ عرفات جي اعليٰ منزل تي پهچي سرمد ۽ منصور جيان ”اناالحق“ جو نعرو بلند ڪندو رهيو. جنهن ڪري کيس ”منصور ثاني“ به سڏيو وڃي ٿو.
جنهن دل پيتا عشق دا جام،
سا دل مستو مست مدام،
حق موجود سدا موجود.
سچل سرمستؒ جنهن وقت ۾ پيدا ٿيو ته ان وقت سنڌ تي ڪلهوڙن جي حڪمراني هئي. هنن جي ئي دؤر ۾ جهوڪ ۾ صوفي شاهه عنايت ۽ سندس پوئلڳن کي شهيد ڪرايو ويو هئو ۽ جهوڪ جي درسگاهن ۽ ڪتب خانن کي ساڙي تباهه ڪيو ويو هئو. جنهن بعد سچل سرمستؒ واري دؤر ۾ ان وقت جي حڪمران غلام شاهه ڪلهوڙي 1759ع ۾ هڪ فرمان جاري ڪيو جنهن موجب مذهبي ڪٽرپڻي جي قانون کي لاڳو ڪيو ويو جنهن ڪري سنڌ جي هندن کان علاوه شيعه توڙي سني مسلمان ۽ عام ماڻهو پڻ مونجهارن ۽ مجبورين جي ور چڙهي ويا ۽ حڪومت کان بيزاري وڌڻ لڳي. ٻئي طرف ان دؤر ۾ حڪمران ڪلهوڙا هئا ۽ فوجي جرنيل ٽالپر هئا ۽ انهن حڪومتي معاملن ۾ ڪلهوڙن پاران انگريزن کي واپار لاءِ سنڌ ۾ رهايو ويو. ان دؤر ۾ حڪمرانن لاءِ قرآن شريف تي وعدا ڪري ڦري وڃڻ عام هئو ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جا فيصلا ڌارين جي چوڻ تي ڪيا ويندا هئا اهڙي دؤر ۾ جنهن ۾ گهڻ طرفي لٽ ڦر، ڏاڍ ۽ جبر هجي ٻئي طرف مذهبي آزاديءَ جي به اجازت نه هجي اهڙين حالتن ۾ شعوروند ۽ حساس انسان ڪيئن چپ رهي سگهي ٿو. سچل سرمستؒ جي شاعري ان وقت جي پيداوار آهي جنهن ٻاٽ انڌاري ۾ روشنيءَ جي لاٽ ٻاري سامراج سان بغاوت ڪندي عوام کي صحيح راهه ڏيکارڻ جي لاءِ جدوجهد ڪئي.
پٽيءَ ڄڃ نه ڄل، منجه تماشي نه پوين،
گهوٽ ڪري تون پاڻ کي ڪر هنگاما هَلُ،
ڀول نه ٻئي ڪنهن ڀل، وٺج حال حلاج جو.
سچلؒ سائين هن بيت ۾ انقلاب جو درس ڏيندي چئي ٿو ته ڌرتيءَ تي ڪائي خوشي نه آهي. پنهنجي وطن وارن لاءِ خوشيون ۽ خوشحالي آڻڻ لاءِ پاڻ کي گهوٽ ٿي ميدان ۾ لهڻو پوندو. جنگ جوٽڻي پوندي، ٻي ڪنهن ڀل ۾ ناهي رهڻو. منصور (حسين ابن منصورالحلاج) وارو دڳ وٺڻو پوندو.
ٻين صوفي بزرگن جيان سچل سرمستؒ تي به ”حسين ابن منصورالحلاج“ جو وڏو اثر هئو. جنهن وجد ۾ اچي حق پرستيءَ جا نعرا هڻندي ”اناالحق“ جو نعرو هنيو هئو ۽ عرب ۾ عباسيه خلافت کي للڪاريو هئو جنهن ڪري کيس سنگسار ڪري شهيد ڪيو ويو هئو.
سچلؒ سائين مذهبي ڪٽرپڻي، ذات پات، رنگ نسل ۽ دين ڌرم ۾ قوم کي ورهائڻ کان روڪيندي برابري ۽ هيڪڙائي جو درس ڏئي ٿو ته:
ڪاٿين ڏاڍو ڪاٿين هيڻو، ڪاٿين جوڙ جڻياڻو پائي،
ڪاٿين ڪوري ڪاٿين موچي، ڪاٿين سيد سڏائي،
ڪاٿين ڪافر ڪاٿين مومن ڪاٿين سوريءَ سر هلائي.
سچل سرمستؒ مذهبي فرقيواريت جو سخت مخالف هئو. ان وقت حڪمرانن جي ڏاڍ ۽ جبر کان علاوه سخت مذهبي ڪٽرپڻي جي ڪري عوام ڏکن ۽ سورن جي ور چڙهيل هئو ۽ ان وقت ۾ سچلؒ سائين مذهب جي جبريت واري فلسفي کي مڃڻ کان انڪار ڪندي صوفي ازم(روحانيت) جو پيغام ڏئي ٿو جنهن جو مقصد آهي ته پيار ۽ محبت ذريعي انسان ۽ خدا تعاليٰ جي وچ ۾ تعلق جوڙڻ، نه ڪي جنت جي لالچ، نه جهنم جي ڊپ ذريعي مذهب جي نالي ۾ حاڪميت قائم ڪرڻ. صوفين جو چوڻ آهي ته خداتعاليٰ انسان سان محبت ڪري ٿو جنهن ڪري انسان کي پاڻ وانگر پيدا ڪيو اٿس ۽ انسان کي ذهني آزادي ڏني آهي ته پوءِ ڌرتيءَ جا وقتي حاڪم ڇو انسان کي غلام بڻائڻ لاءِ سندس سوچ ۽ ذهن کي پنهنجي تابع ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
سچل سرمستؒ جو حق ۽ سچ جو درس پوري انسان ذات لاءِ آهي. سندس فلسفي موجب رنگ، نسل، طبقي ۽ عقيدي جي قيد مان آزاد ٿي انسان جي عظمت کي سڃاڻڻ جو درس ملي ٿو:
ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي،
ڪو ڪافر چوي ڪو مومن چوي،
مان جو ئي آهيان سو ئي آهيان.
سچلؒ سائين انسان ذات کي ٽڪرن ۾ ورهائجڻ کان روڪيندي اتحادِ انسانيءَ لاءِ جدوجهد ڪئي. سندس ڪلام 936636 اکرين نَوَ لک ڇٽيهه هزار ڇهه سئو ڇٽيهه بيتن تي مشتمل آهي.
سچل سرمستؒ جي ڪلام ۾ انساني عظمت، ذهني آزادي، ظالماڻي ۽ جابراڻي نظام کان بغاوت، انسان دوستي، محبت ۽ ڀائيچاري جو درس سمايل آهي. سندس فڪر ۽ فلسفي موجب انسان خداوندي جو مظهر آهي.
سچلؒ سائين دين ڌرم جي فاصلن کي مٽائيندي پنهنجي ڪلام ۾ روحانيت جي رنگ کي عام ڪيو جنهن ڪري سندس ڪلام مسلم توڙي غير مسلم ۾ يڪسان مقبول ٿيو آهي.
نا مين ملا نا مين قاضي، نا مين سبق پڙهاوان،
نا مين ڪعبه نا مين قبله، مڪي مول نه جاوان،
نا مين سني نا مين شيعا، سيد ڪيون سڏاوان،
نا مين نانڪ نا مين لڇمڻ، گنگا مول نه جاوان،
يار ته ميڏا درس درازي، سچو نانءُ سڏاوان.
سچل سرمستؒ محبت ۽ ڀائيچاري جي درس ذريعي دين ۽ ڪفر ۾ ٺاهه ڪرائڻ پي چاهيو جنهن ڪري سندس مٿان مولوين فتوائون جاري ڪيون ۽ حڪمران ناراض ٿيس ليڪن سچلؒ سائينءَ پنهنجي انسان دوستيءَ ۽ اصول پرستيءَ تان هٿ نه کنيو ۽ ثابت قدم ٿي صوفين جي پيغام کي عام ڪندو رهيو ۽ ذري برابر به مصلحت يا اصولن تي سوديبازي نه ڪئي. سچل سرمست حق ۽ سچ، محبت ۽ ڀائيچاري جي پيغام کي بهادريءَ ۽ بيباڪيءَ سان اڳتي وڌائيندو رهيو.
سچل سرمستؒ انساني عظمت کي روشناس ڪرائڻ لاءِ امن ۽ محبت جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ سنڌيءَ کان علاوه سرائڪي، اردو، فارسي، پنجابي ۽ هندي زبانن ۾ به شاعري ڪئي ۽ ڪوشش ڪئي ته هن خطي ۾ امن ۽ ڀائيچارو قائم ڪري ترقي ۽ خوشحالي ڏياري سگهجي.
اڄ جي دؤر ۾ به سچل سرمستؒ جي درس ۽ فلسفي جي سخت ضرورت آهي. اڄ به سندس ڪلام ۾ حق ۽ سچ، امن ۽ ڀائيچاري ۽ انساني برابريءَ جو ڏيئو روشن آهي جنهن جي روشني ۽ سرهاڻ کي ڦهلائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سندس فڪر ۽ فلسفي ذريعي مسڪين ماروئڙن جي ڏکن ۽ سورن کي گهٽائي سگهجي ۽ سنڌي قوم کي قبيلائي ويڙهاند کان پاسي ڪري قومي يڪجهتيءَ جي پليٽ فارم تي گڏ ڪري سامراجي ڦرلٽ جي رستي روڪ ڪري سنڌ وطن جي خودمختياري ۽ سنڌي قوم جي خوشحاليءَ جي جدوجهد لاءِ عوام کي ڪوڙ ۽ مڪاريءَ جي ماحول کان پري ڪري سچل سرمستؒ جو حق ۽ سچ وارو دڳ ڏيکارڻ جي ضرورت آهي.
سچل سارو سچ................................حق موجود، سدا موجود
(روزاني عوامي آواز 5 سيپٽمبر 2009ع)