لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌ سڀيتا

ھي ڪتاب ليکڪ ۽ محقق عنايت اللھ کٽياڻ جي تحقيقي مضمونن، سفري احوالن ۽ شخصيتن بابت لکيل ڪالمن جو مجموعو آھي.
هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ تاريخي شخصيتن بابت مضمون آهن جيڪي مختلف وقتن تي اخبارن ۾ ڇپيل آهن. تاريخ هڪ خشڪ موضوع آهي پر عنايت الله کٽياڻ ان کي سفرنامي واري انداز ۾ لکي دلچسپ بڻائي ڇڏيو آهي جنهن ڪري اوهان کي بوريت محسوس نه ٿيندي ۽ تاريخ جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو.
Title Cover of book سنڌ سڀيتا

عمر ڪوٽ تاريخ جي آئيني ۾

گهڻي وقت کان دلي خواهش هُئي ته ٿر جو سير ڪجي. چئن پنجن سالن کان هر سال دوستن سان پروگرام ٺهن پيا پر ٿر وڃڻ نه پيو ٿئي. ڪي دوست چوَن ته وسڪاري جي موسم ۾ ٿر هلجي ۽ جڏهن ٿر ۾ وَسڪارو ٿئي ته هت ڪراچيءَ ۾ به برساتون هجڻ ڪري نڪري نه پئي سگهيس ۽ ٻيو ته مُنھنجي خواهش هُئي ته ٿر کي اصل حالت يعني سوڪهڙي جي مند ۾ ڏسجي. جيئن اُتان جي مُند، مٽيءَ ۽ ماڻهن جي رهڻيءَ ڪھڻيءَ ۽ ڏُکن ڏوجهرن جي پروڙ پئجي سگهي ۽ خاص طور ٿر جي ماڳن مڪانن ڪارونجهر جبل ۽ جين ڌرم جي پُراڻن تاريخي مندرن کي به عام موسم ۾ ڏسي سگهجي. اها مُنھنجي آس ۽ اُڪير هميشه دل کي ستائيندي رهي. نيٺ اها من جي مراد پوري ٿي. ٿيو ائين ته من موهيندڙ مُرڪ جي مالڪ دوست انجنيئر ممتاز علي سانگيءَ جي تعلقي ڇاڇري ۾ پوسٽنگ ٿي ته هن چيو هاڻي ته اچو ته ٿر گڏجي گھمون! پوءِ مُون محترم امتياز ابڙي ۽ لال محمد لاکي صاحب سان صلاح ڪئي. لال محمد لاکو پهريان به ٿر وڃي چُڪو هئو ۽ اُتي جي ڪُجهه معلومات به هُيس. بھر حال اسان ٽئي دوست پروگرام طئه ڪري 16 اپريل 2011ع تي صبح جو 7 وڳي ڪراچيءَ کان روانا ٿياسين. حيدرآباد باءِ پاس ميرپور خاص جي ٻاهران عمر ڪوٽ واري روڊ تي الحسنا ريسٽورنٽ تي چانھن پيئڻ لاءِ 15 منٽن جو اسٽاپ ڪيوسين. چانهن پيئندي لال محمد لاکي پنهنجي هڪ دوست حاجي صديق ميمڻ کي فون ڪيو ته اسين عمر ڪوٽ اچي رهيا آهيون. (حاجي صديق ميمڻ سيشن ڪورٽ عمر ڪوٽ ۾ ريڊر آهي) اسان چانهن پي عمر ڪوٽ روانا ٿياسين.
هلندي خيال آيو ته عمر ڪوٽ هلون ٿا. اُتي رهندڙ سنڌ جي مھان ڪلاسيڪل ۽ صُوفي راڳ جي راڻي شفيع فقير سان مُلاقات ڪجي. اهو سوچي ساڻس رابطو ڪيوسين. اسان جي خوش قسمتي هُئي جو فقير به شهر ۾ موجود هو. اسان هڪ ڪلاڪ ۾ ميرپور خاص کان عمر ڪوٽ جو سفر طئه ڪيو. هن رستي تي بچاءُ بند اسٽاپ کان ٿيندي اسان 12هين وڳي عمر ڪوٽ شهر جي مُک چوڪ تي پھتاسين جتي حاجي صديق ميمڻ صاحب اسان جو انتظار ڪري رهيو هئو. اسين کيس ساڻ ڪري شفيع فقير جي جاءِ تي پهتاسين جنهن کي هُن راڳ جي سکيا لاءِ ”آلاپ سنگيت اڪيڊميءَ“ جو نالو ڏنو آهي. اُتي هڪ وڏي ڪمري ۾ شفيع فقير ۽ سندس ساٿين سان ملاقات ڪئيسُون. هُن اسان جي گرم جوشيءَ سان آجيان ڪئي. مُنھنجي ته ساڻس گذريل 10 سالن کان واقفيت هُئي ۽ ملاقاتن جو هڪ سلسلو رهيو آهي. هُن اسان کان مانيءَ لاءِ پُڇيو ته مون کيس ٻڌايو مانيءَ جو بندوبست اسان جي دوست حاجي صديق ڪري ڇڏيو آهي. اهو ٻُڌي هُن بوتلون گھرايون جيڪي پيئندي ڪچهري به ٿيندي رهي.
مون کائنس ننگر پارڪر جي تاريخي ماڳن بابت پُڇا ڪئي ته هُن ننگر شهر جي هڪ سُگھڙ نواز خان کوسي لاءِ چيو ته اُن سان مِلجو. اوهان کي تاريخ بابت پُوري پُوري ڄاڻ ملي ويندي. شفيع فقير اسان کي کيس مليل ايوارڊ به ڏيکاريا جيڪي هڪ شوڪيس ۾ سجايل هُئا ۽ ٻُڌايائين ته هِن ڪمري ۾ سنگيت جي شاگردن کي سُرن جي سکيا ڏني ويندي آهي. ڪمري ۾ ساز به سُٺي نمُوني سان سجائي رکيل هُئا جيڪي ڏسڻ کان پوءِ کائنس موڪلايوسين.
حاجي صديق ميمڻ اسان کي ڪارونجھر ريسٽورينٽ تي وٺي هليو جتي مانجھاندو ڪيوسين. مون محسوس ڪيو ته عمر ڪوٽ شهر ۾ شايد سڀني کان سُٺو هيءُ ريسٽورينٽ آهي ان ڪري ئي حاجي صديق اسان کي هت وٺي آيو. هتي ماني به سُٺي ۽ اسان جي وس کان وڌيڪ هُئي جنهن مان ميزبان جو خلُوص جھلڪي رهيو هئو. هتي صاف سُٺو ماحول هئو جتي فيمليءَ سان گڏ به ويھي ماني کائي سگھجي ٿي. هيءُ ريسٽورينٽ قلعي جي ڀر سان ئي موجُود آهي. هيٺ مارڪيٽ ٺهيل آهي ۽ مٿي هيءُ ريسٽورينٽ ٺهيل آهي. ماني کائي قلعي ڏانھن روانا ٿياسين.
عمر ڪوٽ قلعي مُتعلق مون گهڻو ڪُجهه پڙهيو هو ۽ ٻُڌو هو. ان ڪري سنڌ جي هن اهم اُهڃاڻ کي ڏسڻ جي وڏي آس هُئي جيڪا پُوري ٿي رهي هُئي. مُک دروازي تي پهتاسين ته دروازي ٻاهران ٻنهي پاسن کان ٺهيل وڏا ويڪرا ۽ اُوچا ٻه گول برج سنڌ ڌرتيءَ جي تاريخي عظمت جي شاهدي ڏئي رهيا هُئا ۽ ائين محسُوس پئي ٿيو ته اڄ به هي ٻئي برج سنڌ جي سڀيتا جا محافظ بڻيا بيٺا آهن. مُک دروازي کان وَڪڙ کائي قلعي جي اندر پهتاسين ته قلعي جي اندر جديد دور جون اڏاوتون ڏسي دل کي مھٽو آيو ۽ کُليل ميدان ۾ به مونجهه محسُوس ٿي رهي هُئي پر اڳتي اچي هڪ وڻ جي هيٺان ڪار بيهاري ڪوٽ جي وچ ۾ ٺهيل هڪ گول برج ويجھو آياسين. هيءُ تمام وڏو برج آهي. هن تي چڙهڻ لاءِ هڪ وڏي ڏاڪڻ ٺهيل آهي جنھن جا 59 ڏاڪا مٿي چڙهي برج تي پھچي سگهجي ٿو. هِن برج تي چوڌاري ڪٽهڙو ڏنل آهي جنهن ۾ توبن جي مار لاءِ ڳڙکا رکيل آهن ۽ انهن ڳڙکن وٽان مُختلف سائيزن جو 7 عدد توبون رکيل آهن جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته انگريزن پنهنجي دؤر ۾ اهي توبون برج تي رکرايون هيون ۽ هيءُ برج پهريان ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ٺهرايو ويو ۽ اندران خالي هئو جنهن ۾ انگريزن مٽي ڀرائي مٿان توبون رکرايون هيون. هي توبون پُراڻيون هُوندي به خوبصورت ٺهيل آهن. اهي توبون ٻُڌائي رهيون هيون اسان جي اڄ به اهميت آهي. هن برج تان سڄو عمر ڪوٽ شهر ڏِسڻ ۾ پئي آيو ۽ سڄي شهر کان ٻاهر پري پري تائين وارياسيون ڀِٽُون پڻ ڏسڻ ۾ پئي آيون ڇو ته قلعو حفاظتي اعتبار کان تمام مٿانهينءَ تي ٺهيل آهي ۽ ڪوٽ جي اندر به برج مٿانهينءَ تي ٺهيل آهي ۽ اڄ به هن برج کان بيهي شهر کان ٻاهرينءَ چُرپُر تي به نظر رکي سگهجي ٿي. هيءُ سڄو برج ۽ ڏاڪڻ پڪين سرن سان ٺهيل آهي. هيءُ برج زمين کان 32 فوٽ اُوچو ٺهيل آهي. هيءُ قلعو مستطيل ٺهيل آهي. هِن جي ديوار جي ٿولهه ڪٿي 10 فوٽ ته ڪٿي 14 فوٽ آهي جيڪا مُک دروازي واري پاسي کان تمام گهڻي مضبوط بيٺي آهي. باقي ٻين پاسن کان ڪافي ڀُريل ۽ ڳريل لڳي ٿي جنهن ڪري سندس اُوچائي ڪٿي گهٽ ڪٿي وڌ نظر اچي رهي آهي. هن قلعي ۾ مُک دروازي وارا ٻه برج ۽ وچيون برج مضبوط بيٺا آهن. باقي ديوار جي چئن ڪُنڊن وارن برجن مان ٽي برج ڪمروز حالت ۾ موجود آهن. چوٿينءَ ڪُنڊ واري برج جا صرف آثار نظر اچي رهيا آهن. باقي سڀني برجن جي اڏاوت گول آهي.
تاريخ جي آئيني ۾ عمر ڪوٽ کي پهريان امر ڪوٽ سڏيو ويندو هُئو ۽ واديِ سنڌ کي زرخيز ڪندڙ سنڌو درياهه جو هڪ وهڪرو جيڪو اروڙ ”روهڙيءَ“ وٽ سنڌو درياهه کان الڳ ٿي ٿر جي علائقي امر ڪوٽ جي ڀر مان ٿيندو ڇاڇري جي اولهه کان ٿيندو سمُنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هئو. سنڌو درياءَ جي هن شاخ کي ”هاڪڙو“ سڏيو ويندو هئو ۽ 13هين صدي عيسويءَ جي آخر ۾ سنڌو درياءَ جي هن شاخ ۾ پاڻي گهٽ ٿي ويو ۽ اروڙ کان ٺٽي واريءَ شاخ ۾ وڌي ويو. اڳتي هلي هاڪڙو بلڪل خُشڪ ٿي ويو ۽ ٿر جي علائقي جنهن مان هاڪڙو گُذرندو هو اُن کي اوائلي دور کان اڄ تائين مھراڻو سڏيو وڃي ٿو. هن مھراڻي ۾ امر ڪوٽ قلعو صدين کان ڳاٽ اونچو ڪيون بيٺو آهي.
چيو وڃي ٿو ته هن قلعي کان پُراڻو ٻيو قلعو امر ڪوٽ هئو پر اُن جا ڪي به آثار نه ٿا ملن جنهن ڪري مورخ هن کي ئي اوائلي قلعو قرار ڏين ٿا جيڪو ڪنهن ٺهرايو؟ ان جي تصديق نه ٿي ٿئي پر مُختلف حڪومتي دؤرن ۾ هن قلعي تي حملا ٿيندا رهيا آهن ۽ قبضا به ٿيندا رهيا آهن ۽ مُختلف دؤرن ۾ هن قلعي کي مضبوط ڪرائڻ لاءِ هن تي ڪم به ڪرايو ويو آهي.
هن قلعي جي اوائلي تاريخ موجب جيڪا ڇهين صدي عيسويءَ کان ملي ٿي ته هتي پرمارن جي حڪومت هئي ۽ 559ع ۾ راجا معظم راءِ عرف منڊم راءِ امر ڪوٽ جي گاديءَ تي ويٺو. ان بعد جي تاريخ 1125ع کان ملي ٿي ته هتي سڄي سنڌ تي سومرن راجپوتن جي حڪومت هُئي. امر ڪوٽ گاديءَ جو هنڌ هئو. اُن وقت آبو (راجستان جو علائقو) جي راجا ڌرڻي براهه جي ننڍي پٽ باهڙ جو وڏو پٽ سوڍو امر ڪوٽ ۾ سومري حاڪم وٽ مدد لاءِ لنگهي آيو ۽ سومري حاڪم کيس رتو ڪوٽ مهربانيءَ طور ڏنو. هن رتي ڪوٽ جا آثار کپري شهر کان ڪجهه ميل پري اڄ به موجود آهن. اهڙيءَ طرح سوڍو رتي ڪوٽ جو حاڪم ٿيو ۽ سندس مرڻ کان پوءِ سندس وڏو پٽ رتي ڪوٽ تي حاڪم رهيو پر هن جي ننڍي پُٽ راج ديو 1226ع ۾ امر ڪوٽ تي قبضو ڪري ورتو ۽ پوءِ وري 1330ع ۾ راڻي ڌارا برش کان دودي سُومري (ٽئين) امر ڪوٽ کسي پنهنجي حڪومت جي گاديءَ جو هنڌ بڻايو ۽ پوءِ 1439ع تائين امر ڪوٽ تي سومرن جي حاڪميت رهي. (سُومرا راجپوت پهريان هندو ڌرم جا هُئا جيڪي بعد ۾ مُسلمان ٿيا) پهريون همير سومرو همير سنگھه سومرو لکيو ويو آهي ۽ سُومرن جو سنڌ تي حاڪميت جو دؤر 500 سال ليکيو وڃي ٿو. (وضاحت ڪندو هلان ته تحفته الڪرام ۽ تاريخ معصوميءَ ۾ سُومرن جي حُڪومت جو دورانيو 505 سال جڏهن ته مُنتخب التواريخ ۾ 365 سال ڄاڻايو ويو آهي.)(1)
اهڙيءَ طرح هتي سومرن ۽ سوڍن جي وارا ڦيري هلندي آئي ۽ 1439ع ۾ سومرن جي آخري حاڪم همير سُومري کان راڻي همير سوڍي امرڪوٽ کسي ورتو جنهن کان پوءِ سنڌ ۾ سومرا ڪمزور ٿي ويا ۽ سڄيءَ سنڌ تي سمن جي حاڪميت قائم ٿي وئي ۽ سوڍا به سمن جي بادشاهيءَ ۾ اچي ويا پر امر ڪوٽ سوڍن وٽ قبضي ۾ رهيو جنهن کان پوءِ هِن قلعي بابت معلومات وري ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ملي ٿي ته ڪلهوڙن هِن قلعي ۾ وچون برج تعمير ڪرايو ۽ 1807ع ۾ جوڌپور جي راجا امر ڪوٽ تي قبضو ڪيو جنهن کان پوءِ مير ڪرم علي ٽالپر ۽ مير سهراب خان ٽالپر پنهنجي سپهه سالارن نواب طاهر، نواب ولي محمد لغاريءَ ۽ سيد گولي شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ فوج موڪلي ۽ عمر ڪوٽ فتح ڪيو. هِن جنگ ۾ راجپوت لشڪر گھڻو مارجي ويو، باقي لشڪر ڀڄي جان بچائي. 1817ع ۾ هيءَ جنگ ٿي ۽ وري عمر ڪوٽ ٽالپرن جي قبضي ۾ اچي ويو.
ان کان پوءِ سنڌ تي انگريزن چڙهائي ڪئي ۽ مير شير محمد خان ٽالپر دُٻي جي جنگ مان نڪرڻ کان پوءِ ڪُجهه وقت ميرپور خاص ۾ رهڻ کان پوءِ اچي عمر ڪوٽ ۾ رهيو. انگريز لشڪر سندس پيڇو ڪندي اچي عمر ڪوٽ تي حملو ڪيو. ميرشير محمد خان هڪ هفتي تائين انگريزن جي فوج سان مقابلو ڪندو رهيو ۽ پوءِ ٿر ڏانهن نڪري ويو ۽ انگريزن عمر ڪوٽ تي پنهنجو جھنڊو ڦڙڪائي 21هين اپريل 1843ع تي سنڌ تي قبضو مُڪمل ڪيو پر اڃا گھڻو ڪُجهه تحقيق طلب آهي ۽ سنڌ حڪومت جي آثارِ قديمه ۽ ثقافت کاتي کي ماضيءَ تي تحقيق ڪرائڻ گھُرجي ۽ هِن قومي ورثي جي بچاءَ لاءِ به اُپاءَ وٺڻ گھرجن.
ڪوٽ اندر ٺهيل ميوزم به ڏٺوسين جنهن ۾ مارئيءَ جي کوهه جون تصويرون ۽ ماڊل به ٺهيل آهن ۽ هتي ٿر جي تاريخي مندرن جون تصويرون ۽ ڪارونجھر جبل جون تصويرون به موجود آهن ۽ ڪجهه ثقافتي مواد به آهي پر گھڻي جڳهه مُغل ثقافت کي ڏني وئي آهي. ياد رکڻ گھُرجي ته جڏهن راڻو پرشاد سوڍو امر ڪوٽ جو حاڪم هو ته 1542ع ۾ هندستان جو بيدخل ٿيل مُغل شهنشاهه همايون راجپوتانا کان به مايوس ٿي اچي امر ڪوٽ پهتو ۽ راڻي پرشاد سوڍي سندس آجيان ڪئي ۽ سوڍي سردار هن هارايل ۽ ٿڪل شهنشاهه جي ميزباني ڪئي هُئي. اِن دوران همايونءَ جي گھر واريءَ کي پُٽ ڄائو جنهن جو نالو محمد اڪبر رکيو ويو جيڪو بعد ۾ هندستان جو شهنشاهه اڪبرِ اعظم بڻيو. اُن لاءِ ميوزيم جو وڏو حصو مخصوص ڪيو ويو آهي جڏهن ته هيءُ قلعو سُومرن ۽ سوڍن جو يادگار آهي. هِن قلعي کي مُغلن فتح نه ڪيو هو ته اُنهن جي تيرن تلوارن، ڀالن بڙڇن ۽ ڍالن سان هن ميوزم کي سينگاريو وڃي. هتي ٿر جي ثقافت ۽ تاريخ کي اُجاڳر ڪرڻ جو ساز و سامان رکيو وڃي ته جيئن هِن قلعي جي اصل صورت سامهون اچي سگھي. ميوزيم جي ٻاهران سجاوٽ لاءِ توبون رکيل آهن ۽ ڀر ۾ توبن ۾ استعمال ٿيندڙ گولا به هيٺ پيل آهن. هي هيٺ رکيل توبون ۽ گولا ميوزيم جي جديد عمارت جي اڳيان ڄڻ لاچار ۽ ويچارا لڳي رهيا آهن.
ميوزيم جي ڀر ۾ 1971ع جي جنگ ۾ شهيد ٿيل حُر مجاهدن جي يادگار (هنڱورو معرڪا) به ٺهيل آهي. ٻُڌايو ويو ته 1971ع ۾ ڀارت جڏهن پاڪستان تي حملو ڪيو ته سنڌ جي سرحدن تي ڪا به فوجي مزاحمت نه ٿي ۽ ڀارتي فوج ننگر پارڪر ۽ ڇاڇرو فتح ڪندي عمر ڪوٽ پهتي ۽ پوءِ سنڌ جي آزاديءَ جي علمبردار سورهيه بادشاهه جي پوئلڳ حُر مُجاهدن هنن ڀارتي فوجن جي رستي روڪ ڪئي ۽ ڀارتي فوج سان وڙهندي وڙهندي انهن کي پوئتي ڌڪيندي وڃي ڀارت جي سرحد پار ڪري ويا. ان جنگ ۾ وڏي تعداد ۾ ڀارتي فوجي مارجي ويا هُئا ۽ ڪافي تعداد ۾ حُر مجاهد به شهيد ٿيا هُئا. انهن شهيدن جا يادگار ٿر جي ٻين هنڌن تي به ملن ٿا. قلعي اندر ٺهيل يادگار (هنڱورو معرڪي) جي مٿان هڪ فوجيءَ جو پُتلو به ٺهيل آهي جيڪو ڏسي عجيب لڳو ته يادگار جو نالو هنڱورو معرڪا! جڏهن ته وڙهيا ۽ شهيد ٿيا بهادر حُر مجاهد جيڪي نه ڪڏهن پَتلون پائين، نه وري لوهي ٽوپي پائين. هُنن کي ته سدائين مليشيائي ڪپڙن جون وڏيون سلوارون، قميصون ۽ اجرڪ جا وڏا پٽڪا پهريل هُوندا آهن جنهن جي ڪري حر مجاهد پري کان ئي سنڌي ثقافت جا جھنڊا نظر ايندا آهن ۽ اُنهن جي شهادت جي يادگار تي وري هن ورديءَ واري جو پُتلو جيڪي سنڌ جي سرحدن تي حملي وقت نظر ئي نه آيا ليڪن جيڪڏهن هن يادگار تي پُتلو سلوار قميص ۽ پٽڪي وارو هجي ها ته ٻاهران ايندڙ سياح ۽ عملدار ضرور پُڇن ها ته هيءُ پٽڪي وارو ڪير آهي؟
ڪڇان ته ڪافر ٿيان، ماٺ ٿيان ته مشرڪ
بهر حال هتي هن قديم تهذيب جي ورثي ڪوٽ اندر ميوزيم يا شهيد حر مجاهدن جو يادگار ته ٺيڪ آهي پر ٻيون سرڪاري آفيسون ۽ رهائشي بنگلا يا ڪوارٽر قلعي اندر نه هجن ها ته بهتر هو پر هاڻي وڌيڪ اڏاوتون نه ٺهڻ گھرجن ڇو ته هن ڪوٽ جي پنهنجي هڪ خوبصورتي آهي جيڪا جديد اڏاوتن جي ڪري متاثر ٿي رهي آهي. ڪوٽ جون ڀتيون به ننڍيون ٿينديون پيون وڃن. اهي ڀُري رهيون آهن يا وري پاڙي وارا انهن مان سرون ڪڍي وڃي پنهنجي گھرن ۾ هڻي رهيا آهن. ڪوٽ جي حفاظت ٿيڻ گھُرجي ڇو ته هيءُ هڪ اهم قديم قومي ورثو آهي.
قلعي کان ٻاهر اچي شهر مان ٿيندا ڇاڇري واري روڊ تي آياسين ۽ جڏهن واريءَ واريون ڀِٽون شروع ٿيون ته حاجي صديق ميمڻ صاحب کان زوريءَ موڪلايوسين ڇو ته هُو رات ترسڻ لاءِ گھڻو اصرار ڪري رهيو هئو. سندس محبت ۽ خلوص اسان کي سدائين ياد رهندو.

(روزانه مقدمو 20 مئي 2011ع)

ڪتاب سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا صفحو نمبر212 ليکڪ اشتياق انصاري