صوفي شاهه عنايت شھيد
تاريخ ۾ سنڌ جي صُوفين جي سرتاج صُوفي شاهه عنايت شهيد جو اهم ڪردار آهي، جنهن سنڌ ۽ هند جي صوفين کي گڏ ڪري هاري ۽ پورهيت کي حق ڏيارڻ لاءِ ”جو کيڙي سو کائي“ جي نظام واري فلسفي جو بُنياد وڌو. هُن جي ئي فلسفي جي بُنياد تي يورپ جي ڏاهن ”سوشلسٽ“ نظام جو بُنياد رکيو.
شهيد شاهه عنايت هڪ اهم انقلابي اڳواڻ هئو، جنهن پورهيت ۽ هاريءَ جي زمين تي مالڪيءَ جي حق، خوشحاليءَ ۽ برابريءَ جي نظريي کي عام ڪرڻ ۽ اُن تي عمل ڪرائڻ جي ڏوهه ۾ اُن وقت جي هندستان جي مغل شهنشاهه ۽ اُن جي ڏن ڀرُو سنڌ جي ڪلهوڙن حُڪمرانن جي هٿان شهادت ماڻي. سنڌ جي هن سورمي جي پيدائش 1065هه بمُطابق 1655ع ۾ مُلتان ۾ ٿي. مُلتان اُن وقت سنڌ جو حصو هئو. صوفي شاهه عنايت کي سنڌ جي تاريخ ۾ لانگاهه لکيو ويو آهي ۽ سندس نسبت جو سلسلو مخدوم صدرالدين کان شروع ڪيو وڃي ٿو ۽ ٻيو خيال هي به آهي ته شاهه عنايت جو شُجرو حضرت امام حُسينرضھ جي پٽ حسن مثنى کان شروع ٿئي ٿو ۽ اُن جي شُجري کي اُچ شريف جا جيلاني پاڻ ڏانهن منسوب ڪن ٿا.(1)
صوفي شاهه عنايت دهليءَ ۾ رهي تعليم پرائي. اُن وقت اورنگزيب مُغل هندستان جو شهنشاهه هو. دهلي هندستان جي گاديءَ جو هنڌ هُئي ان ڪري شاهه عنايت تعليم سان گڏو گڏ حڪومتي حڪمت عملين ۽ مُلڪي حالتن جو مُطالعو به ڪيو. خاص طور تي مرڪز پاران سنڌ جي لُٽ مار ۽ پنهنجي حاڪميت جو ڌاڪو ڄمائڻ لاءِ سنڌ جي عوام سان ظلم ۽ ڏاڍ جي پروڙ ڪري اُن وقت مُغل سلطنت جي ايندڙ زوال کي پرکيندي پنهنجي اُستاد محترم سيد عبدالملڪ کان سنڌ وطن وڃڻ جي اجازت گھُريائين. سندس اُستاد کيس خوش دليءَ سان اجازت ڏني ۽ کيس صوفياڻي خلعت سان گڏ هڪ تلوار به ڏني ۽ چيائين تون منهنجو هڪ ذهين شاگرد آهين ۽ تنهنجي اندر مظلوم ۽ مسڪين انسانن لاءِ ڪُجهه ڪرڻ جي لوچ آهي. ان کي ڏسندي تو کي هيءَ تلوار ڏئي رهيو آهيان.
صُوفي صاحب جڏهن سنڌ ڏانهن سفر شروع ڪيو ته ڪافي تعداد ۾ سندس مريدن گڏ هلڻ لاءِ چيو پر پاڻ وڏي ميڙ کان پاسو ڪندي 500 فقيرن کي ساڻ وٺي سنڌ پهتو ۽ سنڌ جي مختلف علائقن مان گذرندي ۽ تصوف جي پرچار ڪندي سنڌ جي اُن وقت جي گاديءَ واري شهر ٺٽي ۾ اچي رهائش اختيار ڪيائين. صوفي شاهه عنايت وٽ سنڌ ۽ هند جي مختلف علائقن مان ماڻهو ايندا رهيا ۽ سندس پوئلڳ بڻجندا رهيا. ائين صوفي ازم جو پيغام سڄيءَ سنڌ ۾ ڦهلجي ويو. ٺٽي ۾ شاهه لطيف به شاهه عنايت سان ملاقاتون ڪيون.
اُن وقت سنڌ جون حالتون تمام خراب هيون. مرڪزي ۽ صوبائي حاڪمن ۽ سندن ڇاڙتن جي عوام سان انتهائي بدسلوڪي، ڏاڍ ۽ ڦر لٽ وارو دؤر هلي رهيو هيو. ان ڪري صوفي ازم جي پرچار، برابريءَ ۽ ڀائيچاري جي درس سنڌ جي ڏُکايل ۽ بُکايل عوام ۾ هڪ نئين اُميد پيدا ڪئي. هونءَ به جڏهن ۽ جتي به ظلم ۽ ڏاڍ وڌي ويندو آهي ته اُن علائقي يا مُلڪ جا ماڻهو مجبُور ٿي ظلم خلاف آواز اُٿاريندا آهن ۽ پاڻ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ميدان تي نڪري ايندا آهن. ان سوچ کي سمجھندي صوفي شاهه عنايت ٺٽي کان ٻاهر نڪري تڏهوڪي ميران پور ۽ هاڻوڪي جھوڪ شريف ۾ اچي پنهنجي فقيرن سميت اچي رهائش اختيار ڪئي. اُتي ”جو کيڙي سو کائي“ جي نظام کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ زمين گڏجي آباد ڪئي ۽ اُن جي آمدني سڀني ۾ برابر ورهائڻ جو بنياد رکيو ويو. ان نظام جو ٻُڌي پري پري کان هاري پورهيت جھوڪ شريف اچڻ لڳا ۽ هِن پرڳڻي تي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جو خواب ساڀيان ٿيڻ لڳو. سنڌ جي حُڪمرانن ۽ مُغل شهنشاهه جي اسحتصالي قوتن ان انساني برابريءَ واري نظام جي مُخالفت ڪندي ان کي ختم ڪرڻ جا سانباها شروع ڪيا.
هيءُ اهو دؤر هئو جڏهن هڪ طرف ته سنڌ جي هن علائقي ۾ ڏُڪار پيل هو ته ٻئي پاسي حڪمرانن جي ظلم ۽ ڏاڍ جي به انتها هُئي. عام ماڻهن کي کائڻ لاءِ ڪُجهه به ڪو نه هئو ۽ دانهن ٻُڌڻ وارو به ڪو نه هئو. بربريت واري اهڙي دور ۾ شاهه عنايت جو فلسفو ۽ اُن تي عمل ڪرڻ جي واکاڻ سڄيءَ سنڌ ۾ ٿي وئي ۽ جھوڪ ”ميران پور“ ۾ بُکن ۽ ڏُکن جا ستايل ماڻهو ايندا رهيا ۽ ” جو کيڙي سو کائي“ واري نظام مان فيضياب ٿيندا رهيا. هِن نظام هيٺ سڀني کي برابريءَ جي بُنياد تي عزت به ملي رهي هُئي ته مال به برابريءَ جي بُنياد تي ملي رهيو هو. ان ڪري فطري طور هنن ۾ آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جو احساس ٿيڻ لڳو ۽ صوفي فقير وقت جي حُڪمرانن کان پاڻ کي آزاد سمجھن پيا، جيڪا ڳالهه حڪومت جي ڪارندن کان برداشت نه پئي ٿي ۽ هُنن گورنر لُطف عليءَ کي صوفين کي سيکت ڏيڻ لاءِ اُڪسايو. پوءِ پير واسع، حمل جت ۽ نور محمد پليجي جي اڳواڻيءَ ۾ وڏي تعداد ۾ لشڪر اچي هڪ رات جي اونداهيءَ ۾ سارو ڏينهن پورهيو ڪري سُتل صوفي فقيرن تي حملو ڪري ڏنو. صوفين کي وهم گُمان به نه هو ته ائين اوچتي سَوَن جي تعداد ۾ هٿياربند مٿن حملو ڪندا. ان ڪري هُنن بي هٿيار ۽ سُتل ماڻهن تي ڄڻ قيامت ڪڙڪي پئي. ڪُجهه ئي دير ۾ ”ميران پور“ جي ماڻهن جي مال متاع جي لٽ مار سان گڏو گڏ 30 کان 35 ماڻهن کي قتل به ڪيو ويو. هِن حملي تي صوفي فقيرن ۾ وڏو تاءُ پيدا ٿيو پر شاهه عنايت پنهنجي عقل ۽ فهم جي بُنياد تي اها ڳالهه سمجهي ٿي ته دُشمن اسان کي اشتعال ڏياري اسان جي طاقت ۽ تنظيم جو اندازو ڪرڻ لاءِ هيءُ حملو ڪيو آهي. سو هُن فقيرن کي ٿڌو ڪيو ۽ فيصلو ڪري صوفين جو هڪ وفد سنڌ جي گورنر کي هن راتاهي ۾ قتل ٿيل ۽ ڦر لٽ جي دانهن ڏيڻ لاءِ موڪليو پر گورنر لُطف عليءَ وفد جي ڳالهين کي ٻُڌو اڻ ٻُڌو ڪري کين باغي ۽ شرارتي چيو ۽ حڪومت خلاف انتشار ۽ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ وارين ڪاررواين کي بند ڪرڻ جي تنبيھه ڪندي کين واپس موڪلي ڇڏيائين.
گورنر جي هن اُبتي انصاف جي دانهن دهليءَ جي شهنشاهه کي پُڄائڻ لاءِ صُوفي شاهه عنايت هڪ وفد ٺاهي دهليءَ ڏانهن اُماڻيو ۽ دهليءَ ۾ پنهنجي دوستن ڏانهن خط به لکي ڏنو ته سنڌ ۾ صوفين سان ٿيل ظلم بابت هن وفد سان گڏ وڃي شهنشاهه کي آگاهه ڪن. هُنن ائين ئي ڪيو ۽ شاهه عنايت جي دوستن جو دهليءَ جي شهر ۾ خاص اثر هئو جنهن ڪري هي دهليءَ جي درٻار ۾ پهتا جتي هُنن مُغل شهنشاهه فرخ سير کي دانهن پهچائي. هن عمل جو مُغل شهنشاهه فرخ سير تي وڏو اثر پيو ۽ هُن سنڌ جي گورنر کي لکيو ته پير واسع، حمل جت ۽ نور محمد پليجي وارن جي زمين جا ڪُجهه ٽُڪرا مقتولن جي وارثن کي خون بها طور ڏنا وڃن ۽ زمينن تان ڍَل به نه ورتي وڃي. هيءُ حُڪم نامو جڏهن سنڌ جي گورنر وٽ پهتو ته اها ڳالهه هُن کي ۽ هُن جي درٻاري وڏيرن کي پنهنجي بي عزتي محسوس ٿي پر شهنشاهه جو حڪم هئو ان تي کين عمل ڪرڻو پيو.
انهيءَ عرصي دوران سڄيءَ سنڌ مان صوفين جي حوصلي افزائيءَ لاءِ ماڻهو جھوڪ اچڻ لڳا ۽ پنهنجي جاني ۽ مالي قربانيءَ لاءِ پاڻ کي صوفي شاهه عنايت سامهون پيش ڪندا رهيا. نتيجي ۾ صُوفين جي تحريڪ وڌيڪ طاقتور ٿي وئي. پير ۽ وڏيرا پاڻ کي ڪمزور ٿيندو ڏِسي سنڌ جي حاڪم يار محمد ڪلهوڙي کي وڃي دانهين ٿيا ته صوفي حڪومت جي اندر پنهنجي حڪومت ٺاهيون ويٺا آهن ۽ اها اوهان جي حڪُومت خلاف سازش آهي. ان کي ڪچليو وڃي. يار محمد ڪلهوڙي کين تسلي ڏئي اها ڳالهه مُغل شهنشاهه تائين پهچائي ۽ سنڌ جو گورنر به تبديل ٿيو ۽ نئون گورنر نواب اعظم خان 1128هه ۾ مُقرر ٿيو. نواب اعظم خان يار محمد ڪلهوڙي جو دوست هئڻ سان گڏ شهنشاهه فرخ سير جو به خاص ماڻهو هئو ۽ هي سڀ صوفين جا مُخالف هُئا ۽ اُنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ شروع ڪيائون ۽ جنگ جي تياري ٿي وئي. توپن ۽ ٻئي ڳري جنگي سامان تي ٻڌل ميرن، پيرن، جاگيردارن ۽ مُغلن جو تمام وڏو لشڪر سپهه سالار گورنر نواب اعظم خان، ميان يار محمد ڪلهوڙي ۽ مير شهداد خان ٽالپر جي اڳواڻيءَ ۾ صوفين کي ڪُچلڻ لاءِ اُسهيو. هنن 1129هه بمُطابق 1717ع ۾ ذوالقعد جي مهيني ۾ جھوڪ ميران پور جو گھيرو ڪيو. ميران پور جي صوفين شهر جي ٻاهران هڪ وڏي کاهي کوٽي ڇڏي، جنهن ڪري لشڪر هڪ دم شهر ۾ داخل ٿي نه سگھيو. هيءَ جنگ تاريخ 18هين ذوالقعد 1129هه بمُطابق 13هين آڪٽوبر 1717ع کان شروع ٿي ۽ ٽي مهينا جاري رهي(2) جنهن ۾ هڪ طرف وڏو ۽ تربيت يافته لشڪر ۽ ٻئي طرف عام هٿيارن سان سنڌ جا صوفي فقير هُئا تنهن ڪري شاهه عنايت پنهنجي فقيرن کي رات جو مُغل فوج تي ڇاپا هڻڻ جي حڪمت عملي ڏني جنهن ۾ شاهي فوج جو تمام گھڻو نُقصان ٿيندو رهيو. هڪ رات صوفي فقيرن شاهي لشڪر تي راتاهو هنيو. يار محمد ڪلهوڙي ۽ گورنر نواب اعظم جي خيمن تائين وڃي پهتا، جنهن ڪري شاهي سالارن کي پاڻ دوبدو وڙهڻو پئجي ويو ۽ پنهنجي جان بچايائون. هن وڏي لشڪر تي پنهنجي سرسي ڏسندي هڪ صوفي فقير جوش ۾ اچي نعرا هنيا ۽ هنن نعرن هڻڻ ڪري هو ظاهر ٿي پيا ۽ شاهي لشڪر کين گھيري ۾ آڻي ڇڏيو ۽ پوءِ صوفي فقيرن جو به وڏو نقصان ٿيو.
شاهي فوج جنهن جو اڳ ۾ تمام وڏو نقصان ٿي چُڪو هو تنهن ڪري شاهي فوج جي اڳواڻن هڪ سازش تيار ڪئي ته صُوفي شاهه عنايت کي پاڻ وٽ گھُرائجي ۽ پوءِ جھوڪ تي ڀرپُور حملو ڪري شهر تي قبضو ڪجي. اِن سازش هيٺ مير شهداد خان ويهن پنجويهن سپاهين کي اڇا جھنڊا کڻائي ۽ پاڻ قرآن شريف هٿن تي کڻي اچي شهر ٻاهران کوٽيل کاهيءَ تي پهتو ۽ وڏي واڪي امن ۽ صُلح جا سڏ ڏيڻ لڳو. هن عمل تي صوفي شاهه عنايت پاڻ وٽ ويٺل صوفي فقيرن سان صلاح ڪئي ته صُلح لاءِ ڳالهيون ڪجن يا نه؟ ٻنهي راين کان پوءِ صُلح جي حق ۾ فيصلو ڪيائون ۽ صُلح لاءِ ايندڙ وفد کي پاڻ وٽ گھُرايائون. مير شهداد خان ۽ سندس ساٿي جڏهن شاهه عنايت وٽ پهتا ته مير شهداد خان کي قُرآن پاڪ هٿن تي هيو ۽ شاهه عنايت آڏو نيازمنديءَ سان عرض ڪيائين ته گورنر اعظم خان بيمار آهي ۽ ميان يار محمد ڪلهوڙي جو پُٽ دائود خان به سخت زخمي آهي جنهن ڪري اُهي هتي اچي نه ٿا سگھن. اوهان مهرباني ڪري گورنر اعظم خان جي خيمي تائين هلو. هِن جنگ ۾ خلقِ خُدا مارجي رهي آهي. اوهان هلي هِن جنگ کي هميشه لاءِ ختم ڪريو. صوفي شاهه عنايت قرآن شريف ۽ سندس ڳالهه تي اعتبار ڪندي هلي ڳالهيون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. صفر مهيني جي 9 تاريخ 1130هه ۽ پھرين جنوري 1718ع هُئي جڏهن صوفي شاهه عنايت پنهنجي ننڍي ڀاءُ رحمت الله، سندس پُٽ ميان محمد يوسف، قاسم پنهور، سبوءَ پنهور ۽ ٻين 10 ساٿين جو وفد وٺي صُلح لاءِ روانو ٿيو،(3) جنهن تي سڀني صوفي فقيرن گڏ هلڻ لاءِ عرض ڪيو پر جيئن ته هي صوفين جي سپريم ڪائونسل جو فيصلو هئو، ان ڪري ٻين ساٿين کي سختيءَ سان منع ڪيو ويو.
صوفي شاهه عنايت جو وفد گورنر نواب اعظم خان جي خيمي وٽ پهتو ته هٿياربند سپاهين جي دستي هنن هٿين خالي مهمانن کي اچي هٿڪڙيون وڌيون ۽ صوفي شاهه عنايت کي قيد تنها ۾ رکيو ويو ۽ سندس ڀاءُ ۽ ڀائٽئي کي الڳ قيد ڪري باقي قاسم پنهور ۽ سبوءَ پنهور سميت 12 صوفين کي شهيد ڪيو ويو. هيءَ ماجرا جڏهن صوفين تائين پهتي ته هُنن پروڙي ورتو ته هاڻي دُشمن جلد ميران پور تي حملو ڪندا، جنهن کي مُنھن ڏيڻ لاءِ صوفي شاهه عنايت جي فرزند عزيز الله شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ صوفين جي اعلى ڪائونسل جي گڏجاڻي گھُرائي وئي. هيءَ گڏجاڻي ٻي جنوريءَ تي شام 5 وڳي کان شروع ٿي ٽين جنوري صُبح تائين هلندي رهي، جنهن ۾ صوفي فلسفي، عزت، آزاديءَ، ننگن ۽ دَنگن جي حفاظت لاءِ آخري دم تائين وڙهڻ جي حڪمت عملي تيار ڪئي وئي.
هوڏانهن ٻي جنوريءَ تي صُوفي شاهه عنايت کي گورنر اعظم خان آڏو پيش ڪيو ويو، جتي ٻيا حاڪم به موجود هُئا. اُتي شاهه عنايت کان گورنر نواب اعظم خان ڪئي سوال ڪيا، جن جا صُوفي صاحب وڏيءَ ڏاهپ ۽ بهادريءَ سان جواب ڏنا. هنن سوالن ۽ جوابن جو هڪ وڏو سلسلو آهي جيڪو هتي سڄو ته نه ٿو ڏئي سگھجي پر انهن مان روايت ڪيل ڪُجهه خاص سوال جواب هي هُئا.
نواب اعظم خان: آخر تو اها شورش ڇو برپا ڪئي؟
شاهه عنايت: جنهن ڏينهن خُدا تعاليٰ آسمان کي گردش جو حُڪم ڏنو ۽ ستارن جي جهرمٽ سان ان کي سينگاريو اُنهيءَ ڏينهن خُدا منهنجي نصيب ۾ ائين ئي لکي ڇڏيو. ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه آهي؟
ان جواب تي گورنر جي واقعي نويس ۽ شاعر محمد رضا شاهه چيو ته دوست سُجاڳ ٿي بيھه! هيءَ موت جي جڳهه آهي! بيھُودو لفظ نه ڳالهاءِ! هتي حساب ڏيڻ جي جاءِ آهي!
شاهه عنايت: مُنھنجو نيڪ ناميءَ واري گهٽيءَ مان گُذر نه ٿيو آهي! جيڪڏهن تو کي ڳالهه نه ٿي وڻي ته قضا جو قانون بدلائي ڇڏ!
نواب اعظم خان: ٺيڪ آهي ته پوءِ مُصيبت لاءِ تيار ٿي وڃ! تون پاڻ کي بدنام ڪري مُصيبت جي تير جو ڇو ٿو نشانو بڻجين؟
شاهه عنايت: عاشق جو ڪهڙو وس جو ملامت جو بار کڻي؟ موت جي تير کان بچاءَ جي ڍال ڪنهن به بهادر وٽ نه آهي!
يار محمد ڪلهوڙو: پوءِ تيار ٿيءُ مرڻ لاءِ!
اُن کان پوءِ صوفي شاهه عنايت کي جيل ۾ بند ڪيو ويو ۽ اُتي وڃي ڪڏهن گورنر اعظم خان ۽ ڪڏهن يار محمد ڪلهوڙو ساڻس مُلاقات ڪري کيس ڏهڪاءَ ۽ ڊپ ڏيندا هُئا. لوڀ ۽ لالچ ڏئي کيس حق ۽ سچ جي راهه تان هتائڻ جي ڪوشش پڻ ڪندا رهيا. هڪ ڀيري گورنر اعظم صُوفي شاهه عنايت کي چيو تنهنجا ساٿي روز جنگ ۾ مري رهيا آهن. اُنهن کي چئو ته هٿيار ڦِٽا ڪن جنهن تي شاهه عنايت وراڻيو مان هڪ قيدي آهيان، هو آزاد آهن، هو آزاد رهي پنهنجي نفعي نُقصان کي سمجهي صحيح فيصلو ڪري سگهن ٿا. اهڙن جوابن کان پوءِ شاهه عنايت کي شهيد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
15هين صفر 1130هه بمُطابق 8 جنوري 1718ع تي حُڪمرانن جي خيمن جي چوڪسي وڌائي وئي ۽ هڪ ميدان به صاف ڪرايو ويو جتي صوفي شاهه عنايت کي اڃا به ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ سندس سامهون سندس ڀاءُ ۽ ڀائٽئي کي قتل ڪرڻ جو حُڪم ڏنو ويو ۽ صوفي شاهه عنايت کي پنهنجي نظريي تان هٿ کڻڻ لاءِ چيو ويو پر شاهه عنايت پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀائٽئي کي چيو ته ڪُسڻ کان نه ڊڄو، مقتل ۾ ڪمزور ۽ هيڻا نه پر حق ۽ سچ جا عاشق سر ڏيندا آهن، جنهن کان پوءِ جلادن ٻنهي پيءُ ۽ پُٽ کي شهيد ڪري ڇڏيو(4) جنهن لاءِ شاهه لطيف چيو آهي:
دوست ڪُھائي دادلا، مُحب مارائي
خاص خليلن کي سختيون سهائي
الله صمد بي نياز، جا ڪري سا چاهي
انهين منجهه آهي، ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي.
(شاهه لطيف)
ان کان پوءِ صوفين جي سرتاج گيڙو ويس واري انسانيت جي برابريءَ جو درس ڏيڻ واري جديد صوفي نظريي جي باني ”جو کيڙي سو کائي“ جي نظام جي خالق، آزاديءَ جي علمبردار صوفي شاهه عنايت کي مقتل جي اَڏيءَ تي آندو ويو ته هن حق سچ جي علمبردار انساني برابريءَ واري نظام لاءِ پنهنجو ڪنڌ اڏيءَ تي آڻڻ کان پهريان جلاد جي هٿ ۾ پنهنجي اُستاد کان مليل تلوار ڏٺي ۽ جلاد کي پنهنجي پاران ڪُجهه سڪا ڏئي چيو ته هيءَ تنهنجي مزدوري آهي. تون مون کي هستيءَ جي قيد مان آزاد ڪرائين ٿو، الله تو کي ان خير جو بدلو ڏيندو ۽ پوءِ سندس اُستاد کان تحفي ۾ مليل تلوار جيڪا کيس گرفتار ڪرڻ مهل ضبط ڪئي وئي هُئي اُنهيءَ ئي تلوار سان هِن مُحبِ وطن، قوم پرست، نئين سماجي نظام جي پيڙهه رکندڙ، انسانيت، آزاديءَ، مساوات ۽ تصوف جي مُدرس سنڌ جي سورهيه کي قسم ۽ قرآن جا واسطا ڏيئي ڌوڪي سان پاڻ وٽ گهرائي شهيد ڪيو ويو ۽ سندس سِر هندستان جي شهنشاهه فرخ سير جي درٻار ۾ موڪليو ويو.
شاهه عنايت جي شهادت جي خبر جھوڪ ميران پور پهچائي وئي ۽ صوفين کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ چيو ويو پر صوفي فقيرن شاهه عنايت کان سواءِ جيئڻ فضول ٿي سمجھيو ۽ هو فدائين جيان دُشمن جي لشڪر تي ڪڙڪي پيا. ان صورتحال کي ڏسي شاهي لشڪر هڪ وڏو حملو ڪري ڏنو. شهر جي قلعي کي توبن سان مُسمار ڪيو ويو، شهر کي باهه ڏني وئي، صوفين جا مڪتب ۽ لائبريريون ساڙيون ويون. سڀ صوفي فقير وڙهندي وڙهندي شهيد ٿي ويا. شاهي لشڪر صُوفين جي شهر کي تاراج ڪرڻ ٻئي ڏينهن تائين جاري رکيو ۽ هيءُ سڄو شهر کنڊرن ۽ رَک ۾ مَٽجي ويو. هيءَ جنگ جيڪا 4 مهينا جاري رهي اُن ۾ اٽڪل پنجويھه هزار (25000) صوفي فقير شهيد ٿيا جن کي اجتماعي قبرون کوٽي انهن ۾ دفن ڪيو ويو. اِنهن اجتماعي قبرن کي هاڻي ”گنج شھيدان“ سڏيو وڃي ٿو جيڪي شهيد شاهه عنايت جي مقبري ڀر سان موجُود آهن.(5)
حق ۽ سچ جا سفير سنڌ جا هي سڀئي صوفي فقير وڙهندي وڙهندي سر گهوري سورهيه ٿيا. هيءَ جنگ صرف هن علائقي يا سنڌ جي حاڪميت لاءِ نه هُئي بلڪِه هيءَ جنگ پُوري برِ صغير ۽ اُن کان پوءِ پُوري دُنيا جي سامراجي قوتن خلاف جنگ هُئي. جيڪڏهن هِن جنگ ۾ صوفي شاهه عنايت جا صوفي فقير سوڀارا ٿين ها ته سنڌ ۾ هارين کي زمين تي مالڪيءَ جو حق ملي وڃي ها ۽ اهو انقلاب ۽ نعرو دُنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ تائين ڦهلجي وڃي ها ۽ دُنيا ۾ رائج اڻ برابريءَ کي ختم ڪري معاشي خوشحاليءَ جو سبب بڻجي ها.
هر سال اڄ به 17هين صفر تي صوفي شاهه عنايت جو ميلو ”جھوڪ شريف“ ۾ لڳندو آهي جنهن ۾ هند ۽ سنڌ جا صوفي سندس ڏنل درس کي صوفياڻي راڳ ذريعي ڦهلائڻ جي روايت کي جاري رکيو اچن پيا پر عام ماڻهن کي خبر نه آهي ته صوفي شاهه عنايت معصوم ۽ مظلوم ماڻهن کي آزادي، خوشحالي، عزت ۽ برابري ڏيارڻ لاءِ هڪ مُنظم انقلابي جدوجهد ڪئي، حق ۽ انصاف لاءِ جنگ ڪري صوفياڻي فلسفي ۾ ”مجاهدو“ ڪرڻ جو نئون دڳ ڏنو.
سنڌ جي هن سورهيه جي فڪر، فلسفي، جدوجهد ۽ ساٿين سميت شهادت جھڙي قرباني ڏيڻ واري جذبي کي روشناس ڪرائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن عام ماڻهن کي خبر پوي ته صوفي شاهه عنايت سنڌ جي تاريخ جو اهم ڪردار آهي، جنهن روحانيت سان گڏ حق ۽ انصاف لاءِ هڪ وڏي تحريڪ هلائي. برابريءَ ۽ جمهوريت کي عملي جامو پارائڻ واري هن انقلابي اڳواڻ کي ڪيئن ڌوڪي سان شهيد ڪري ظالماڻي ۽ جاگيرداراڻي نظام جي مخالف تحريڪ کي ڪُچليو ويو؟ صوفي شاهه عنايت جي انقلابي پاسي کي ڄاڻي واڻي اونداهيءَ ۾ رکيو ويو آهي ڇو ته اڄ به سنڌ سامراجيت جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهي آهي ۽ غريب عوام اڄ به حق ۽ انصاف لاءِ پُڪاري رهيو آهي. اڄ به سنڌ کي مهانگائيءَ ۽ بيروزگاريءَ جي گھاڻي ۾ پيڙهيو وڃي ٿو. ضروري آهي ته صوفي شاهه عنايت جي فلسفي، عمل ۽ ڪردار تي سيمينار ڪرايا وڃن ته جيئن سندس تحريڪ ۽ قربانيءَ جو مقصد به عوام اڳيان آڻي سگھجي ۽ مذهبي ڪٽرپڻي ۽ رجعت پسنديءَ جي آيل طوفان کي به روڪي سگھجي.
(روزانه برسات 2 فيبروري 2010ع)
حوالا:
ڪتاب صوفي شاهه عنايت شهيد، صفحو 14، ليکڪ صوفي حضور بخش
ڪتاب صوفي شاهه عنايت شهيد، صفحو 139
ڪتاب صوفي شاهه عنايت شهيد، صفحو 160
ڪتاب صوفي شاهه عنايت شهيد، صفحو 169، 170
ڪتاب صوفي شاهه عنايت شهيد، صفحو 175