ننگرپارڪر
ننگر شهر کان ٻاهر نڪتاسين ۽ ڪاسبَي طرف روانا ٿياسين. رستي تي شهر جي ٻاهران سنڌ جي قومي هيري ”روپلي ڪولهيءَ“ جي يادگار آهي جنهن جو ذڪر اڳتي هلي ڪنداسين.
اسين ڪاسبو وڃي رهيا هُئاسين جنهن لاءِ مشهور آهي ته هتان جا ماڻهو تمام خوبصورت ٿين ٿا ۽ ڪارونجھر جي دامن ۾ هي شهر به صديون پراڻي تاريخ رکي ٿو. هاڻي ته هڪ پسماندو ڳوٺ نظر اچي ٿو جنهن جي وچ مان اسان جي جيپ گذري رهي هُئي ۽ ڪاسبي جي آباديءَ کي پار ڪري اسين اچي مندر تي پهتاسين. هي هڪ ”صوفي سَنت بابا شري راما پير“ جو مندر آهي. هن مندر جو اڱڻ تمام وڏو آهي ۽ سڄي احاطي تي وڻڪاري آهي. چيو وڃي ٿو ته هتي هندن سان گڏ مُسلمان به اچن ٿا ۽ هيءُ صوفياڻو مندر ليکيو وڃي ٿو. هتي مور پکي به ڪافي تعداد ۾ نظر آيا. پري ويٺل هڪ پُوڄاري اسان وٽ آيو ۽ مندر جو دروازو کولي اسان کي راما پير جي مورتيءَ جو درشن ڪرايائين.
هن مندر کان ٿوري مفاصلي تي ٻه ٻيا مندر هُئا. اُتي به وياسين. اُنهن مان هڪ نانگ ديوتا جو مندر هئو ۽ ٻيو ماتا جو مندر هئو جتي هڪ پنڊت گيان ۾ مشغول ويٺو هئو ۽ سندس ويجهو ڪُجهه ٻالڪا به ويٺا هُئا جيڪي شايد سندس گيان مان ڪجهه پرائي رهيا هُئا. اسين هن جي ويجهو وياسين ته هُن اُٿي اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو. اسان ساڻس ملي واپس روانا ٿياسين. هِن مندر ۾ مور پکي ته هُئا پر ننڍي قد جي نسل وارا ڏاڍا خوبصورت گھوڙا به موجود هئا جن جو قد ننڍو ۽ ڪنڌ جا وار تمام وڏا ۽ خوبصورت هئا. اهڙي نسل جا گھوڙا سنڌ ۾ عام نه آهن. ان کان پوءِ اسان چُوڙهئي جبل لاءِ روانا ٿياسين.
روزانه مقدمو جون 2011ع