چُوڙهيو جبل
مون دوستن کي جبل تي مٿي هلڻ لاءِ چيو ته لال محمد لاکي مٿي هلڻ کان نابري واري. پوءِ امتياز ابڙو، ممتاز سانگي ۽ آءٌ جبل تي چڙهياسين.
جيئن مون اڳ ٻُڌايو آهي ته هيءُ جبل گول ۽ لسين ڇپن جو ٺهيل آهي ان ڪري هن تي چڙهڻ ڏکيو آهي ۽ اهو ڏکيو رستو به صرف اڌ تائين آهي جتي هندو ڌرم جي ماتا جو مندر آهي. اسين ٽيئي به مندر تائين پهتاسين پر ايسيتائين پهچڻ ۾ به اسان ٿڪجي صفا ساڻا ٿي پيا هئاسين ۽ رڻ ڪڇ ڏي منهن ڪري ويهي رهياسين. اسان جي سامهون رڻ ڪڇ جو دلڪش نظارو هو. هيءَ رڻ ڪڇ جي رُڃ هئي جيڪا پري کان سمنڊ جي پاڻيءَ وانگر نظر اچي رهي هُئي. مون چيو ته صاف نظر اچي رهيو آهي ته هي پاڻي آهي پر ممتاز سانگي صاحب ٻُڌايو ته اِهو پاڻي بلڪل نه آهي بلڪه اها ڪلر واري زمين ”رُڃ“ آهي جيڪا پاڻيءَ وانگر نظر اچي ٿي. اها ئي رڻ ڪڇ جي رُڃ آهي. اِن تي مون چيو ته هيءَ رُڃ به تمام خوبصورت آهي.
چُوڙهئي جبل جي ٽن طرفن کان رڻ ڪڇ آهي، هڪ طرف کان ٿر آهي. جبل کان رڻ ڪڇ ۽ ٿر جو تمام خوبصورت منظر نظر اچي ٿو، جنهن کي اکرن ۾ لکي نه ٿو سگھجي. اسان تقريبن 15 منٽ ويهي هت ساهه پٽيو ۽ رڻ ڪڇ جو نظارو ڏسندا رهياسين. پوءِ اُٿي مندر طرف وڌياسين. هيءُ ماتا جو مندر آهي جيڪو وڏي هال نما غار ۾ ٺهيل آهي. هن جون ديوارون به اصلي جبل جون ڀِڪُون ۽ ڇپون آهن ته ڇت به جبل آهي جيڪو چوٽيءَ تائين وڃي پورو ٿئي ٿو. مندر جو دروازو لوهي ڄاريءَ جو ٺهيل آهي، جيڪو بند هئو پر ڄاريءَ کان اندر مندر جو نظارو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ ماتا جي مورتيءَ جو درشن به ڪري سگهجي ٿو. هن مندر جي ڇت واري ٽَڪريءَ جي بيهڪ به قدرت جو ڪرشمو آهي ڇو ته جبل اندران پورو غار آهي ۽ پوئين جابلو ديوار کان ڇت واري وڏي ڇپ اڳتي وڌي اچي ٿي، جنهن جي اوچائي هن ٽَڪريءَ جي چوٽيءَ تائين آهي ۽ ايڏو وڏو وزن هڪ طرف جي سهاري تي بيٺل آهي. هي پڻ هڪ وڏو قدرتي نظارو آهي جنهن کي ڏسڻ سان وڏي حيراني محسوس ٿئي ٿي. اسين ڪجھه دير هن مندر جو نظارو ڪندا رهياسين ۽ پوءِ جبل تان هيٺ لهي آياسين.
جيپ وٽ اسان کي پنهنجي دوستن سان گڏ ڳوٺاڻا به نظر آيا، جيڪي ڊرائيور جا مائٽ هُئا. هُنن اسان کي چانهن پيئڻ لاءِ گھڻو ئي چيو پر اسين هُنن کان موڪلائي واپس روانا ٿياسين ڇو ته سج لهي چُڪو هئو ۽ اسان کي واپس ننگر پارڪر به وڃڻو هئو.
چوڙهئي جبل کان اڳتي هڪ ٻيو جبل آهي جنهن جو نالو ”ووڙائو جبل“ آهي. ووڙائوءَ کي هتي ڏس ڏيندڙ جبل چون ٿا. هيءُ جبل گُجرات، راجستان ۽ ڪڇ کان ايندڙ مُسافرن لاءِ وڏو اهم نشان ليکيو ويندو هئو، ان ڪري هن جو نالو ووڙائو يعني ڏس ڏيندڙ رکيو ويو آهي. اسان وٽ وقت نه هئو ۽ سج لهي چُڪو هئو ان ڪري اسان اڳتي وڃي نه سگھياسين. واپسيءَ تي ڊرائيور چيو منهنجو ڳوٺ رستي تي بڙ تلاءَ جي ڀر سان آهي. اُتي هلون ٿا. صرف 15 منٽ لڳندا. اوهان چانهن پاڻي پيئندا ته آءٌ گھر وارن سان ملي وٺندس. سندس ان حجت تي اسان سڀني هائوڪار ڪئي ۽ سندس ڳوٺ وياسين. هُو اسان کي اوطاق ۾ ويهاري پاڻ گھر ويو. سندس هڪ ڀاءُ ۽ سئوٽ اسان سان ڪچهري ڪئي ۽ چانهن اچي وئي، اسان اڃا چانهن پي ئي رهيا هُئاسين ته غلام رسول پاڻ به واپس اچي ويو. هيءُ ڳوٺ به عام ٿري ڳوٺ هو پر ڪجهه پڪا گھر ٺهيل هُئا ۽ اوطاق به عام سنڌ جي ڳوٺن وانگر پڪي ۽ ڪُشادي ٺهيل هُئي. هن ڳوٺ ۾ سڀ کوسا رهن ٿا.
واپسيءَ جو سفر رات جي اونداهيءَ ۾ ٿيو. اسان کي رستن جي ڪا به خبر نه ٿي پئي. جيپ ساڳيءَ تيز رفتاريءَ سان هلندي رهي ۽ اسان به جھاڪا ۽ لوڏا کائيندا رات جو 9 وڳي اچي ننگر پارڪر جي ريسٽ هائوس تي پهتاسين. اسان ريسٽ هائوس تي موٽي اچي هٿ منهن ڌوئي ٻاهر صحن تي آياسين ته تعلقي ننگر پارڪر جي مُختيارڪار الله بخش مگسي صاحب اچي اسان جو خوش دليءَ سان ڀليڪار ڪيو. اسان جي رات جي ماني به مگسي صاحب ڪرائي هئي، جيڪا ڪجهه دير ۾ اچي وئي ۽ ماني کائڻ کان فارغ ٿي اسين رات هڪ وڳي تائين مگسي صاحب سان ڪچهري ڪندا رهياسين.
مگسي صاحب منهنجي هڪ سوال تي ٻُڌايو ته تعلقي ننگر پارڪر جي هن وقت آدم شُماري هڪ لک ويهه هزار (1،20،000) آهي جنهن ۾ 30،000 ٽيهه هزار مُسلمان ۽ 90،000 نوي هزار غير مُسلم آهن. هِتي زمين جي خريد و فروخت بلڪُل نه آهي. ماڻهن جو گُذران صرف مال ۽ وَسڪاري تي ٿيندڙ پوک تي آهي. سامهون ڪارونجهر جبل آهي جنهن جو پٿر ”گري نائيٽ“ تمام اعلى درجي جو پٿر آهي جيڪو هتان نڪري ٿو ليڪن ان جي ڪٽائي وڃي وڏن شهرن ۾ ٿئي ٿي. جيڪڏهن حڪومت اهڙو ڪو قانون ٺاهي ۽ هتي ئي ڪارخانا لڳايا وڃن ته هن علائقي جي ماڻهن کي سُٺو روزگار ملي سگهي ٿو. مگسي صاحب اسان کان رات هڪ وڳي موڪلايو ۽ پُڇيائين ته صبح ڪهڙي وقت جاڳندؤ؟ ته مون کيس 9:00 وڳي جو چيو ۽ پوءِ اسين وڃي ڪمري ۾ سُتاسين.
صُبح جو مون کي سوير جاڳ ٿي ۽ آءٌ تيار ٿي ريسٽ هائوس جي ڇت تي ويس ۽ ڪارونجهر جبل جو نظارو ڪندو رهيس. هيءُ جبل ننگر شهر جي ٽن پاسن کان ڦري اچي ٿو جيڪو ُصبح جو تمام خوبصورت نظر اچي رهيو هئو. آءٌ ڪارونجهر جي حسين نظاري ۾ گم هئس ته ريسٽ هائوس جو سپروائيزر غلام رسول کوسو به ڇت تي اچي ويو ۽ دُعا سلام کان پوءِ مون کائنس نامياري سُگهڙ نواز خان کوسي مُتعلق پُڇيو ته هُن وراڻيو ته هُو شهر جي ٻئي پاسي رهي ٿو. جيڪڏهن اوهان ڪچهري ڪرڻ چاهيوس ته وٺي اچانس. چيومانس هل ته ڪار تي وٺي اچونس ٿا ۽ پوءِ نواز خان کي وٺي آياسين ته امتياز ابڙو ۽ لال محمد لاکو صاجب به تيار ٿيا ويٺا هُئا. اسان گڏجي نواز خان سان ڪچهري ڪئي. هيءُ جهونو واقعي وڏي تاريخ جي ڄاڻ رکي ٿو ۽ پيرسنيءَ ۾ به خوبصورت يادگيري اٿس. هن جين ڌرم، مارئيءَ ۽ ٻين تاريخي ماڳن بابت سٺي ڄاڻ ڏني. اسان کان موڪلائيندي ”بدر ابڙي صاحب“ لاءِ سلام چيائين ۽ مون کي چيائين ابڙي صاحب کي چئو ته جلد اچي ملي وڃي. منهنجو ٻيڙو تيار بيٺو آهي.
نواز خان کوسي مونکي ٿر جي فصلن، وڻن، ڀاڄين ۽ ريتن رسمن بابت وڏي ڄاڻ ڏني ۽ روپلي ڪولهيءَ، مارئيءَ ۽ جين ڌرم بابت به مون کي تمام گهڻي معلومات ڏني.
نواز خان کوسو اهو ئي شخص آهي جنهن بدر ابڙي صاحب ۽ انور پيرزادي صاحب کي سنڌ جي سورمي روپلي ڪولهيءَ جي بابت تفصيلي احوال ڏنو هو ۽ ان جي ڦاسيءَ واري جاءِ جي ڄاڻ ۾ مدد ڪئي هئي ۽ ان لاءِ هڪ وڏي ڄمار واري دوست مهرو ڪولهيءَ کي هٿ ڪيو جنهن کي سندس والد اهو وڻ ڏيکاريو هو جنهن ۾ روپلي کي ٽنگي ڦاسي ڏني وئي هئي. مهرو ڪولهيءَ اها جاءِ ڳولي لڌي جتي اڳ اهو وڻ هئو ۽ هنن سڀني ان جاءِ تي ڪجهه پٿر رکي روپلي ڪولهيءَ جي پهرين يادگار ٺاهي هئي.
9:00 وڳي مختيارڪار مگسي صاحب به اچي ويو ۽ پاڻ سان گڏ اسان لاءِ نيرن به کڻائي آيو. پوءِ گڏ ويهي نيرن ڪئيسون. مگسي صاحب رات جي مانيءَ وانگيان نيرن به سُٺي پَچرائي هُئي ۽ ٿر جو خاص ساڳ به پچرايو هُئائين. هُو تمام پُر خلوص ۽ محبتي ماڻهو آهي. نيرن ڪرڻ کان پوءِ ٿوري ڪچهري ڪري مگسي صاحب کان موڪلايوسين ۽ پنهنجو سامان ڪار ۾ رکي ”ڀوڏيسر تلاءَ“ تي وياسين.
روزانه مقدمو 14جولاءِ 2011ع