لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌ سڀيتا

ھي ڪتاب ليکڪ ۽ محقق عنايت اللھ کٽياڻ جي تحقيقي مضمونن، سفري احوالن ۽ شخصيتن بابت لکيل ڪالمن جو مجموعو آھي.
هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ تاريخي شخصيتن بابت مضمون آهن جيڪي مختلف وقتن تي اخبارن ۾ ڇپيل آهن. تاريخ هڪ خشڪ موضوع آهي پر عنايت الله کٽياڻ ان کي سفرنامي واري انداز ۾ لکي دلچسپ بڻائي ڇڏيو آهي جنهن ڪري اوهان کي بوريت محسوس نه ٿيندي ۽ تاريخ جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو.
Title Cover of book سنڌ سڀيتا

رني ڪوٽ

جيئن ته سنڌ سونهاري تاريخي ماڳن سان مالامال آهي جيڪي هن ڌرتيءَ جي قديم تهذيب ۽ تمدن جا گواهه آهن. هر شعوروند کي تاريخ جي ڄاڻ هئڻ ضروري آهي ته جيئن مستقبل لاءِ بهتر رٿابندي ڪري سگهجي.
سنڌو درياهه جي ساڄي پاسي انڊس هاءِ وي تي ”سن“ شهر کان 28 ڪلوميٽر جي فاصلي تي قديم تاريخ جو اهم نشان ”رني ڪوٽ“ واقع آهي. هن علائقي ۾ کيرٿر جبلن جو هڪ وڏو سلسلو آهي جنهن جي هڪ حصي جو نالو ”لڪيءَ جا جبل“ آهي ۽ لڪيءَ جي جبلن جو سلسلو ٽن قطارن تي مشتمل آهي. اهي ٽئي قطارون ڀڳي ٺوڙهي وٽان ڌار ڌار ٿي ڏکڻ طرف وڃي رني ڪوٽ تائين پهچن ٿيون. هنن جبلن جي اوچائي مجموعي طور تي 2 هزار فوٽن تائين آهي ۽ هنن ٽنهي جابلو قطارن جي پڇاڙيءَ تي رني ڪوٽ ٺهيل آهي. هتي رني ڪوٽ جي بيهڪ اهڙيءَ طرح آهي جو اوڀر واري جابلو قطار تي سن در ۽ اوڀاري ديوار جڙيل آهي. اولهه واري قطار تي موهن در ۽ اولاهين ديوار آهي ۽ وچ واري جابلو قطار رني ڪوٽ جي وچ ۾ اچي ختم ٿي وڃي ٿي.
سنڌ جو هي قلعو نه صرف سنڌ جي ڪوٽن ۽ قلعن ۾ نمايان حيثيت جو مالڪ آهي ليڪن ايراضيءَ جي لحاظ کان دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو آهي. رني ڪوٽ جو گهيرو 108174 فٽ برابر 20 ميل يا ½32 ڪلوميٽر آهي.(1) جنهن جو چوٿون حصو پٿر جي ديوار آهي. باقي ٽي حصا قدرتي ديوار يعني جبلن جون اڀڪپريون ۽ جبلن جا ڇن آهن، جن کي ڪو به پار ڪري نٿو سگهي. هن وسيع قلعي ”رني ڪوٽ“ اندر هڪ وڏي نئه آهي جنهن کي نئه رني يا نئه روڻي سڏيو وڃي ٿو. هيءَ نئه ڪوٽ ۾ اولهه پاسي کان موهن در ڀرسان داخل ٿئي ٿي ۽ اوڀر ۾ سن در جي ڀر مان ٻاهر نڪري وڃي سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هن نئه کي ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ کان مٿي اولهه ۾ ”موهن نئه“ سڏيو وڃي ٿو. رني ڪوٽ اندر نئه رني يا نئه روڻي ۽ اوڀر ۾ ڪوٽ کان ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ ڇوڙ ڪرڻ تائين ”سن نئه“ سڏيو وڃي ٿو ۽ چيو وڃي ٿو ته ”رني ڪوٽ“ به هن نئه جي نالي سان منسوب ٿيل آهي.
رني ڪوٽ ۾ ٻه مکيه در آهن، هڪ اوڀر ۾ سن در ۽ ٻيو اولهه ۾ موهن در. رني ڪوٽ جي اندر 3 ننڍا قلعا پڻ ٺهيل آهن 1. ميري ڪوٽ 2. شير ڳڙهه 3.موهن ڪوٽ. رني ڪوٽ ۾ ٻاهرين ديوار ۾ 47 برج ٺيهل آهن جن ۾ ست برج چورس يا مستطيل ۽ چاليهه برج گول ٺهيل آهن جن ۾ ٻه برج اولهه پاسي کان اڪيلا، اڪيلا مورچي طور ٺهيل آهن ۽ چار ٻيا برج هڪ ٻئي سان ويجها ويجها ديوار سان جڙيل آهن. ٻه ٻيا برج هڪ ڊگهي ديوار سان جڙيل آهن اهڙيءَ طرح اولهه پاسي کان بچاءَ لاءِ هنن برجن کان ٿورو اندر هڪ ٻيو برج ۽ ديوار ٺاهي وئي آهي جنهن کي ”ل“ لڪڻ ديوار سڏيو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح سن در کان ڏکڻ طرف واري ديوار جي پڄاڻيءَ کان پوءِ ٿورو اڳتي هڪ اڪيلو برج ٺهيل آهي جيڪو مٿاهينءَ تي هئڻ ڪري رني ڪوٽ ۾ اندر ۽ ٻاهرگهڻي حصي ۾ نظرداريءَ لاءِ ڪم ايندو هوندو باقي ٻيا برج ديوارن سان ۽ ٻاهر جڙيل آهن هن کان سواءِ پنج برج ميري ڪوٽ ۽ پنج برج شير ڳڙهه ۾ ٺهيل آهن. اهڙيءَ ريت رني ڪوٽ جا ٽوٽل برج 57 ليکيا وڃن ٿا.
هن وقت رني ڪوٽ وڃڻ لاءِ انڊس هاءِ وي تي سن شهر کان ٿورو اڳتي اولهه پاسي هڪ روڊ رني ڪوٽ جي سن در تائين پهچائي ٿو. هتي سن در اوٽ ۾ هجڻ ڪري نئه رني جو پيٽ ئي ڪوٽ جي اندر وڃڻ جو رستو سمجهيو وڃي ٿو. اصل ۾ ڪوٽ جي اڏيندڙن دشمن کي ڀلائڻ لاءِ اهڙي تعمير ڪئي هوندي، پر هاڻي ان نئه مان ئي اندر وڃڻ جو رستو آهي جيڪو ميري ڪوٽ تائين ٺهيل آهي. هتي سن در وٽ نئه جي مٿان پل ٺهيل هوندي جنهن جا نشان موجود آهن. هن جاءِ تان هڪ ديوار نئه جي مٿان چورس برج کان شروع ٿي جبل تي هيٺ مٿي ۽ وروڪڙ کائيندي اتر طرف وڃي ٿي. هن ديوار ۾ پهرين چورس برج کان سواءِ اٺ گول برج آهن جن مان هڪ برج اوڀر طرف اڳتي نڪتل آهي ته جيئن وڌيڪ نظرداري ۽ حفاظت ڪري سگهجي. هن جاءِ تي هيءَ ديوار ۽ ان جا برج وروڪڙ کائيندي پهاڙن ۽ پوٺن تي لهندي ۽ چڙهندي ”ديوار چين“ جهڙو خوبصورت نظارو پيش ڪري رهيا آهن. نئه جي ڏکڻ واري ڪپ تي هڪ شاندار گول برج آهي جنهن کان وڪڙ دار ديوار اڳتي هلي هڪ ٻيو وڪڙ کائي ڪوٽ ۾ سن در ٺاهي ٿي. هن در کان اندر ويندي رستي تي چوڪيدارن لاءِ ڪوٺيون ٺهيل آهن ۽ بعد ۾ اندر وڃڻ لاءِ هڪ محرابي در ٺهيل آهي. سن در کان ڏکڻ طرف ديوار جبل تي چڙهندي وڃي ٿي. هن ديوار ۾ چار گول برج ۽ آخري ڇيڙي تي مستطيل برج آهي جنهن کي بعد ۾ مسجد بڻايو ويو آهي. سن در جي سامهون اندر هڪ چورس اڪيلو ڪمرو جنهن تي مٿان گنبذ نما ڇت آهي جنهن کي بارود خانو چيو وڃي ٿو ۽ ڪي وري ان کي ٻڌمت جي عبادتگاهه چون ٿا. سن در جي ديوار کان پوءِ ڪوٽ کي قدرتي بند آهن جن کي پار ڪرڻ سولو نه آهي. پوءِ به هڪ برج نظرداريءِ لاءِ اڪيلو ڳاٽ اوچو ڪيون بيٺو آهي ان کان اڳتي ڏکڻ طرف جابلو رڪاوٽن کان پوءِ گهڻو اڳتي ڏاکڻي ديوار شروع ٿئي ٿي جيڪا وڃي ڪوٽ جي اولهه ۾ قدرتي مورچي وٽ ختم ٿئي ٿي. هيءَ ديوار رني ڪوٽ جي سڀ کان ڊگهي ديوار آهي جنهن ۾ چوڏهن برج آهن جن ۾ چار چورس برج آهن ۽ ڏهه گول برج آهن. هيءَ ديوار به لاهين چاڙهين ۽ ڏکڻ جي ميدان ۽ پوٺن کان ايندڙ پاڻيءَ جي رستن کي پار ڪندي تمام خوبصورت نظر ايندي آهي. هن ديوار جي سِڌَ ۾ ڪوٽ جي اندر تقريباَ ٽن ڪلوميٽر تي هڪ ٻي اڻپوري ديوار آهي جيڪا شايد ڏکڻ کان ٻي دفاعي لائن جوڙڻ لاءِ ٺاهي پئي وئي ليڪن اها مڪمل نه ٿي سگهي. رني ڪوٽ جي اولهه ۾ مٿي ذڪر ڪيل اڪيلن ۽ ڳنڍيل برجن کان پوءِ موهن ڪوٽ اچي ٿو ۽ موهن ڪوٽ کان ديوار نئه رني جي داخل ٿيڻ واري جڳهه تائين هلندي وڃي ٿي. هن ديوار ۾ موهن ڪوٽ کان سواءِ ٽي گول برج آهن. نئه کي پار ڪندي ديوار ۾ موهن در آهي جتان ديوار پهريان اولهه طرف وڃي ٿي ۽ پوءِ موڙ کائي اوڀر طرف رواني ٿئي ٿي. هن ديوار ۾ چار برج ٿوري ٿوري فاصلي تي آهن ته جيئن موهن در جي حفاظت ٿي سگهي. آخري پنجون برج هن ديوار جي ڊگهي مفاصلي کان پوءِ اچي ٿو ۽ هي برج رني ڪوٽ جي سڀني برجن ۾ وڏو برج ليکيو وڃي ٿو. هن برج کان پوءِ وري قدرتي ديوار يعني اڀڪپريون شروع ٿي وڃن ٿيون ويندي اوڀر واري ديوار جي شروع ٿيڻ تائين. اهڙيءَ ريت رني ڪوٽ ٻاهران گهيرو مڪمل محفوظ ٿي وڃي ٿو.
رني ڪوٽ ۾ نئه رني جيئن موهن در کان داخل ٿئي ٿي ته ان جي وچ پيٽ مان هڪ چشمو ڦٽي نڪري ٿو جيڪو شير ڳڙهه ۽ ميري ڪوٽ جي هيٺان گذري اڳتي اچي زمين ۾ گم ٿي وڃي ٿو. هن چشمي تي هڪ هنڌ هڪ خوبصورت تلاءُ آهي جنهن کي هتان جا مقامي ماڻهو پرين جو تڙ چون ٿا، هن چشمي جو پاڻي پيئڻ کان علاوه پوک ڪرڻ جي به ڪم اچي ٿو. هي به هڪ خوبصورت نظارو آهي.

1. ميري ڪوٽ
رني ڪوٽ جي اندر هي هڪ ننڍو قلعو ٺهيل آهي جيڪو لڳ ڀڳ رني ڪوٽ جي وچ ۾ قائم آهي ۽ رني ڪوٽ جي مک دروازي سن گيٽ کان تقريبن 3 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. هن تائين پهچڻ لاءِ ٻه دفعا رني ڪوٽ اندر هڪ نئه (جنهن جو نالو نئه رني آهي) کي پار ڪرڻو پوي ٿو. هي قلعو به هڪ ننڍي ٽڪريءَ تي قائم آهي جنهن جي ٽن طرفن کان مٿي چڙهي قلعي تائين پهچڻ تمام مشڪل آهي صرف در واري پاسي کان ئي قلعي تائين پهچي سگهجي ٿو. جيئن ته هي پنهنجي نالي مان ئي ظاهر ٿئي ٿو ته هتي حاڪم يا سپهه سالار جي رهائش هئي جنهن لاءِ هن جي مخصوص اڏاوت ڪئي وئي هئي. هن قلعي اندر ڊٿل اڏاوتن مان به هي قلعو شاهي رهائش لاءِ استعمال ٿيندڙ محسوس ٿي رهيو آهي ڇو ته هن جي اندر گهٽيءَ ۾ ٿيل چٽسالي خوبصورتي لاءِ ٿيل ڪم اهو ئي ظاهر ڪري رهيو آهي. ميري ڪوٽ جي چوڌاري ڏنل ديوار جي ڊيگهه 1434فٽ آهي. هي ديوار هيٺان 11 فٽ ۽ مٿي 8 فٽ ويڪري آهي. هن ڪوٽ کي ڪل پنج برج آهن جن ۾ مک دروازي وارو وڏو برج آهي جنهن جو قطر 22.5 فٽ آهي باقي چئن ڪنڊن تي 4 برج آهن. ميري ڪوٽ ڏسڻ کان پوءِ محسوس ٿئي ٿو ته پهرين اڏاوت کان پوءِ جي دور ۾ ڪوٽ ۾ مرمت ڪرائي ان ۾ ڦير گهير ڪرائي وئي آهي. هن قلعي اندر پراڻي ڊٿل اڏاوتن کان علاوه هڪ ٻن ڪمرن وارو ”ريسٽ هائوس“ سائين جي.ايم سيد پاران ٺهرايو ويو هئو ته جيئن هتي تفريح ۽ تحقيق لاءِ ايندڙ ماڻهو ترسي سگهن. اڄ به قلعي اندر اها ئي واحد جڳهه آهي جتي ڪجهه وقت لاءِ يا رات به رهي سگهجي ٿو ۽ هن قلعي جي ديوار تي چڙهي آسپاس جون جابلو قطارون، ڀرسان وهندڙ قدرتي چشمو ۽ سامهون تمام اوچائي تي اڏيل شيرڳڙهه جو نظارو به ڪري سگهجي ٿو.

2. شير ڳڙهه
هي قلعو مڪمل طور حفاظتي ۽ فوجي نوعيت واري انداز ۾ ٺهيل آهي. هن قلعي جي ديوار جي ڊيگهه 1255 فٽ آهي ۽ 5 برج ٺهيل آهن. در کان داخل ٿيڻ لاءِ ميري ڪوٽ وانگر ٻن برجن جي وچ ۾ هڪ گهٽي آهي. شير ڳڙهه رني ڪوٽ جي اتر اولهه واري ڊگهي جابلو قدرتي ديوار تي قائم ڪيو ويو آهي. هي قلعو رني ڪوٽ اندر تمام مٿاهينءَ جڳهه ۽ سمنڊ جي سطح کان 1480 فٽ اوچائيءَ تي ٺهيل آهي جتان رني ڪوٽ کان ٻاهر ڪافي وڏي ميداني علائقي تي نظر رکي سگهجي ٿي ۽ رني ڪوٽ اندر به وڏي حصي تي نظرداري ڪري سگهجي ٿي. هن قلعي اندر صرف هڪ وڏو پاڻيءَ جو حوض ٺهيل آهي جنهن ۾ اتي رهندڙ فوج جي استعمال لاءِ پاڻي جمع ڪيو ويندو هوندو. شير ڳڙهه تي صرف هڪ طرف کان پاڻيءَ واري چشمي کان مٿي شيرڳڙهه تي چڙهڻ جو رستو آهي جيڪو به پنڌ ڪري اٽڪل ڏيڍ يا ٻه ڪلاڪ جي وقت ۾ طئي ڪري مٿي پهچي سگهجي ٿو. ان ڪري قلعي ۾ ٺهيل حوض ۾ پاڻي ڀرڻ لاءِ به چشمي کان شير ڳڙهه تي چڙهڻ واري رستي تي وچ ۾ به هڪ حوض ٺهيل آهي ته جيئن پاڻي ٻن ساهين ۾ مٿي پهچائي سگهجي. هن قلعي ۾ فوج جي رهائش هوندي جيڪا قلعي اندر ۽ ٻاهر نظرداريءَ ۽ حفاظت لاءِ مقرر هوندي. رني ڪوٽ اندر شير ڳڙهه تمام اوچائيءَ تي جڙيل آهي جنهن تائين پهچڻ لاءِ جيڪو رستو آهي سو تمام ڏکيو ۽ ٿڪائيندڙ آهي. هن پٿريلي چڙهائيءَ تي چڙهڻ لاءِ jogger shoes هجڻ ضروري آهن.

3. موهن ڪوٽ
هي قلعو موهن در کان 1500 فٽ پري هڪ اڀڪپريءَ تي ٺهيل آهي. هي مستطيل قلعو آهي ۽ ميري ڪوٽ ۽ شير ڳڙهه کان ايراضيءَ ۾ ننڍو آهي. سندس ڊيگهه 123 ۽ 127 فٽ آهي. ڪنهن به هڪ پاسي 32 فٽ ۽ ٻئي پاسي 58 فٽ آهي. هي به هڪ حفاظتي ڪوٽ آهي جنهن جي ٽن پاسن کان وڏيون کاهيون آهن ته جيئن هي ڪوٽ رني ڪوٽ جي اولهه واري در (موهن در) جي ڀر ۾ آهي ۽ هتي هن پاسي مقرر ٿيل لشڪر ۽ اعليٰ عملدار جي ڪم ايندو هوندو ۽ هتان قلعي جي اندر ۽ ٻاهر واري موهن وادي ۽ ٻئي وڏي علائقي جي نگهباني ڪئي ويندي هوندي.
رني ڪوٽ جي اڏاوت ڪڏهن ٿي ۽ ڪنهن ڪرائي ان تي محققن جو تمام وڏو بحث ٿيل آهي پر اڃان تائين ان جي ڪا حتمي راءِ نه جڙي سگهي آهي ته ڪهڙي سن ۽ ڪنهن جي دور ۾ ٺهيو ليڪن اهو طئي آهي ته هي تمام اوائلي دور جو قلعو آهي جنهن جي اڏاوت ”ديوار چين“ ۽ ايران جي اتر ۾ ٺهيل ديوارن سان مشابهت رکي ٿي جن کي شڪه ياجوج چيو وڃي ٿو. اهي ديوارون سائرس اعظم ۽ سندس پوين ڪياني شهنشاهن ٺهرايون هيون. هي دؤر سڪندر اعظم جي دور کان به اڳ جو دؤر هو.(2) محقق چچنامي مان مثال ڏنو آهي ته محمد بن قاسم هن قلعي ۾ اچي ترسيو ۽ هتان حجاج بن يوسف کي خط لکيو جنهن ۾ هن رني ڪوٽ کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو لکيو آهي.(3) هن قلعي اندر عربن ۽ رومين جا قبرستان به موجود آهن ۽ هتي ٻڌمت جا نشان به ملن ٿا جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هي ڪوٽ عربن کان اڳ جو اڏيل آهي. هڪ تاريخي ڪتاب موجب سنڌ جو هي جابلو ڪوهستاني علاقو ايران تي ساساني حڪمرانن جي دؤر ۾ ايران جو آخري سرحدي علائقو هو. ان ڪري انهن اتي ڪوٽ ۽ قلعا تعمير ڪرايا.
بهرحال سنڌ جو هيءُ عظيم قلعو اڄ به پنهنجي طلسماتي ڪهاڻين ۽ نظارن سان گڏ تحقيق جو طلبگار آهي. بدقستمي اها آهي ته سنڌ تي ڌارين جي باربار يلغارن ۽ ڦرلٽ سنڌ جي ڪتبخانن کي به تهس نهس ڪيو آهي جنهن ڪري سنڌ جي تاريخ ۾ تسلسل نه آهي. اڄ جا محقق به ڌارين جي لکيل تاريخ جي بنياد تي اڳتي وڌيا آهن، سندن جاکوڙ ضرور منزل ماڻيندي. رني ڪوٽ دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو آهي، مون صرف ان جو اوهان سان مختصر تعارف ڪرايو آهي ته جيئن شعور وندن کي اتساهه ڏياري ته سنڌو ماٿريءَ جي اهڙن تاريخي ماڳن تي وڃي پنهنجي وڏڙن جي ٿيل پورهئي، محنت ۽ ڪاريگريءَ کي ڏسي کين خراج پيش ڪري سندن عظمت کي سلام ڪجي ۽ ضروت آهي ته پنهنجي تاريخي ماڳن ۽ قومي ورثي بابت معلومات حاصل ڪري پنهنجي ماضيءَ کي پروڙي پنهنجو مستقبل سنوارڻ جي لاءِ جاکوڙ ڪجي ته جيئن پنهنجي قوم کي ترقي ۽ خوشحالي جي شاهراهه تي آڻڻ لاءِ پاڻ به ڪو ڪردار ادا ڪري سگهجي.

(روزاني عوامي آواز 24 نومبر 2009ع)

ڪتاب سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا صفحو نمبر 409 ليکڪ اشتياق انصاري
ڪتاب رني ڪوٽ صفحو نمبر 97 ليکڪ بدر ابڙو
ڪتاب رني ڪوٽ صفحو نمبر 109 ليکڪ بدر ابڙ