روپلو ڪولهي
حقيقت ۾ انگريزن لاءِ چيو وڃي ٿو ته انهن پارڪر جي ڏوهارين ۾ پنهنجي جاسوسن جي معرفت هٿيار ورهايا هُئا ۽ پاڻ ئي هتي امن امان جو مسئلو پيدا ڪرايو هُئائون. هتي مقامي طور حاڪميت راڻن جي هُئي. انگريزن جي حملي وقت ويرا واهه جو راڻو انگريزن سان سهڪاري هئو، ان ڪري ننگر پارڪر جو راڻو ”جگو جي“ مُقابلي کان ڀڄي ويو جنهن کي بعد ۾ ميرن گرفتار ڪري انگريزن جي حوالي ڪيو هو ۽ ”راڻي ڪِرڻ“ کي ننگر پارڪر جو حاڪم بنايو ويو ۽ سنڌ جي هيءَ ڪُنڊ انگريز سرڪار جي اثر ۾ اچي ويئي ڇو ته ٽالپر حُڪمران سنڌ جي هِن ڏورانهين علائقي ۾ اڳ ئي بي اثر ٿي چُڪا هُئا، باقي مقامي طور تي هتي راڻن جو ئي راڄ هلندو رهيو.
1843ع ۾ جڏهن انگريزن ٽالپرن کي شڪست ڏئي سڄي سنڌ فتح ڪئي تڏهن به هتي راڻن جو ئي راڄ هلندو رهيو ۽ راڻا پاڻ کي آزاد ۽ خودمختيار سڏائيندا رهيا ليڪن انگريزن پنهنجي طور تي هتان جو پهريون پوليٽيڪل ايجنٽ ڪئپٽن ”اسٽئنلي ريڪس“ کي مقرر ڪيو هئو ۽ پوءِ 1846ع ۾ ”ڪرنل تروٽ“ کي هتان جو پوليٽڪل سُپريڊنٽ مُقرر ڪيو ويو جيڪو عمر ڪوٽ ۾ رهندو هئو. 1856ع ۾ پارڪر کي ڪمشنر حوالي ڪيو ويو.
1859ع ۾ ”راڻي ڪرڻ“ ۽ ننگر پارڪر ۾ انگريزن پاران مُقرر ڪيل مختيارڪار ”ڏيئو مل“ ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا جن جي بُنياد تي ۽ ٻين راجپوت راڻن سان به انگريزن جي غلط روين ڪري سڀني ۾ انگريزن خلاف نفرت پيدا ٿي ۽ پوءِ سڀني کي ”راڻي ڪرڻ“ گڏ ڪيو، جن ۾ سندس ڀاءُ ڀُوپت سنگهه، ويرا واهه جو راڻو لاڌو سنگهه، ٻهراڻي جو ٺَڪُر ڪَلجي ۽ ٻيا به موجود هُئا ۽ راڻي ڪِرڻ لاءِ پنج هزار ڪولهين جو لشڪر به اچي ننگر پارڪر ۾ گڏ ٿيو. سڀني گڏجي انگريزن خلاف بغاوت ڪئي. 15هين اپريل 1859ع جي ڏينهن تي ٽيلي گراف کاتي جون تارون ڪٽيون ويون، رستا ٽوڙيا ويا، خزانو لٽيو ويو، ڪاردار جي ڪچهريءَ کي باهه ڏني ويئي، پوليس ٿاڻي تي حملو ڪيو ويو جنهن ۾ پوليس اهلڪار زخمي ٿي ڀڄي ويا، سرڪاري سامان ۽ ملڪيتن کي نقصان ڏنو ويو. ان سڄي رُوئداد جي خبر مختيارڪار ڏيئو مل حيدرآباد موڪلي جيڪا 18هين اپريل 1859ع تي حيدرآباد پهتي. حيدرآباد جي اسٽيشن ڪمانڊنگ آفيسر ”ڪرنل ايونس“ جلديءَ ۾ بلوچ ريجمينٽ جي هڪ ونگ ننگرپارڪر موڪلي ۽ ڪراچيءَ کان ڪُجهه توب خانو به ننگر پارڪر لاءِ روانو ڪيو ويو. ڪرنل ايونس کي حُڪم مليو ته پاڻ وڃي سڀني فوجن جي اڳواڻي ڪري ۽ بغاوت کي ختم ڪري. حُڪم ملڻ ڪري ڪرنل ايونس به ننگر پارڪر لاءِ روانو ٿيو. اسلام ڪوٽ وٽ وڃي اڳ ۾ موڪليل فوج وٽ پهتو ۽ اُتان ٿر جو ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ سپرنٽيڊنٽ تروٽ به پنهنجي سپاهه سميت ساڻس گڏ ٿيا ۽ هڪ وڏي فوج وٺي 3 مئي 1859ع تي اچي ننگر پارڪر پهتا. هتي سخت مقابلو ٿيو، ڪارونجهر جبل تي راڻي چندن جو ٺهرايل ڪوٽ ”چندن گڊ“ مان راڻن مقابلو ڪيو. سڄو ڏينهن وڏي ويڙهاند هلي ۽ بهادر ٿري بي جگريءَ سان پنهنجي وطن جي آزاديءَ لاءِ وڙهندا رهيا. شام جي پهر انگريزن جي توبخاني چندن گڊ کي اُڏائي ڇڏيو ته راڻن جو لشڪر ڇڙوڇڙ ٿي ويو ۽ سندن بارود به ختم ٿي چُڪو هئو. تنهن هوندي به سنڌ جا سپوت جبل ۾ انگريز فوجن سان مُقابلو ڪندا رهيا. نيٺ راڻو ڪِرڻ ۽ راڻو لاڌو سنگهه گرفتار ٿي پيا ۽ شهر تي انگريزن جو قبضو بحال ٿي ويو. اُن کان پوءِ ڪرنل ايونس ننگر پارڪر تروٽ حوالي ڪري پاڻ ڀر پاسي جي سوڍن کي زير ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو ۽ ڪَجڙالوءَ ۽ مارواڙ تائين سوڍن جي ڪئمپن تي حملا ڪيائين.
ننگر پارڪر ۾ لاڌو سنگهه جو پُٽ اَڌي سنگهه جيڪو جنگ واري ڏينهن ۾ ٻاهر ويل هئو اُهو موٽيو ۽ هن تروٽ تي حملو ڪري پنهنجي پيءُ لاڌو سنگهه ۽ راڻي ڪِرڻ کي آزاد ڪرايو. هِن حملي ۾ تروٽ لڪي جان بچائي ۽ ڪافي انگريز فوجي مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا جنهن جي خبر ڪرنل ايونس کي پهتي ته هُن وري اچي 19هين جون 1859ع ننگر پارڪر تي حملو ڪيو جنهن ۾ راڻي ڪِرڻ وڃي ڪارونجهر جبل ۾ پناهه ورتي. ٻه دوست ۽ ڪولهي سپاهه جو اڳواڻ ”روپلو ڪولهي“ ساڻس گڏ هُئا. هُنن فيصلو ڪيو ته جبل جي غارن ۾ لڪي انگريزن تي گوريلا ڪارروايون ڪندا رهندا. جيسيتائين اُهي ملڪ ڇڏي نه ويندا تيسيتائين ساڻن مقابلو جاري رهندو.
هڪ ڏينهن روپلو ڪولهي جبل تان لهي اچي رهيو هئو ۽ برساتي نديءَ ”گوڙ ڌَرو“ مان پاڻي پي رهيو هئو ته اچانڪ انگريز فوج اچي گهيري ۾ آڻي کيس گرفتار ڪيو. روپلي کي گرفتار ڪري تروٽ وٽ پيش ڪيو ويو. تروٽ پهريائين هُن کي جاگير ڏيڻ ۽ پينشن ڏيڻ جي لالچ ڏني ته ”راڻي ڪِرڻ“ جو ڏس پَتو ڏي ته تو کي مالا مال ڪيو ويندو. سنڌ جو هيءُ سچو سپوت هئو. لالچ ۾ نه آيو ته پوءِ هُن تي وڏو تشدد ڪيو ويو ۽ هُن جي سامهون سندس گهرواريءَ کي آندو ويو ته اُها پنهنجي مڙس کي سمجهائي ته هو راڻي ڪِرڻ جو ڏس پتو ڏئي نه ته کيس عذاب ڏيئي ماريو ويندو.
روپلي جي گهرواريءَ روپلي سامهون اچي پنهنجي ٻوليءَ ۾ چيو روپلا تو کي مرڻو ته آهي ليڪن جيڪڏهن مُڙس ٿي مرندين ته تو کي سدائين قوم ياد رکندي ۽ منهنجو ڳاٽ به اونچو هوندو. اُن ملاقات کان پوءِ ته روپلي جي هٿن جي ترين تي تيل رکي سندس آڱرين سان ڪپهه جون وٽيون ويڙهي اُنهن کي باهه ڏني ويئي. هُن جي هٿن جون آڱريون ڏيئي وانگر ٻرنديون ۽ سڙنديون رهيون. اهڙي عذاب سهڻ باوجود هُن راڻي ڪِرڻ يا ٻين ساٿين جو ڪو به ڏَس پتو نه ڏنو ۽ آخر کيس جنهن برساتي نديءَ گوڙ ڌَرَي تان گرفتار ڪيو ويو هئو اُن جي ئي ڪناري هڪ وڻ تي ٽنگي سرِ عام ڦاسي ڏني ويئي. اهڙيءِ ريت روپلو ڪولهي پنهنجي وطن تان قربان ٿي امر ٿي ويو ۽ سڀني ڪولهي ذات وارن جو ڳاٽ اونچو ڪري ويو.
روپلي ڪولهيءَ کي سرِ عام ڦاسي ڏيڻ جو مقصد مقامي ماڻهن ۾ انگريزن جي دهشت قائم ڪرڻ هُئو ۽ پوءِ راڻي ڪرڻ جي ٻين ساٿين مها وجي سيٺ ۽ هنس پوري ٻائَي کي تروٽ هٿ ڪري کين لالچ ڏيئي ”راڻي ڪِرڻ“ جو ڏس پتو پُڇيو جن راڻي سان ڌوڪو ڪري کيس گرفتار ڪرايو ۽ انگريزن کان جاگيرون انعام ۾ ورتيون. راڻي ڪِرڻ ۽ راڻي لاڌو سنگهه ۽ سندس پُٽ اَڌي سنگهه انگريزن جي تابعيداري قبول نه ڪئي ۽ کين ڪاري پاڻيءَ ڏانھن سزا طور موڪليو ويو.
روپلي ڪولهيءَ جي ڪردار تي تاريخ ۾ وڌيڪ مواد نه ٿو ملي ڇو ته هندو ذاتين ۾ ڪولهين کي گهٽ ذات سمجهيو وڃي ٿو ۽ اُن وقت ۽ بعد جي پڙهيل لکيل هندن به هُن جي باري ۾ ڪجهه به نه لکيو آهي. روپلي ڪولهيءَ کي ڦاسي ڏيڻ واري ڏينهن ۽ تاريخ کي به نه لکيو ويو آهي. روپلي ڪولهيءَ کي ڦاسي ڏيڻ واري جاءِ به 1992ع ۾ سنڌ ڌرتيءَ ۽ سنڌ جي سڀيتا سان پيار ڪندڙ محترم بدر ابڙي صاحب ۽ انور پيرزادي صاحب ننگر پارڪر وڃي سُگهڙ نواز خان کوسي ۽ مَھرُو ڪولهيءَ جي مدد سان ڳولهي لڌي. جنهن وڻ ۾ روپلي ڪولهيءَ کي ڦاسي ڏني وئي هُئي ان جاءِ تي ڪُجهه وڏا پٿر رکي روپلي جي سماڌي ٺاهي وئي هُئي. جيڪڏهن اُن وقت اهو به نه ٿئي ها ته اڄ روپلي جو ”نانءُ“ ته ملي ها ليڪن ”نشان“ نه هجي ها ڇو ته 1992ع کان ڪُجهه سال پوءِ مهروڪولهي به ديھانت ڪري ويو، جنهن کي اهو وَڻ سندس پيءُ ننڍپڻ ۾ ڏيکاريو هئو. جڏهن هُن بدر ابڙي ۽ انور پيرزادي صاحب کي اها جاءِ ڏيکاري هُئي ته اُتي وڻ ته ڪونه هئو ليڪن مهرو ڪولهيءَ کي اُن وڻ واري جاءِ ياد هُئي جتي انور پيرزادو صاحب ۽ بدر ابڙو صاحب جن ڪجهه ننڍا وڏا پٿر رکي پهريون نشان ٺاهيو هو هاڻي اتي پڪو يادگار ٺهيل آهي ۽ آزاديءَ جا عاشق سنڌ جي هِن سپوت کي سلام ڪرڻ لاءِ اُتي پهچن ٿا.
روزانه مقدمو جولاءِ 2011ع
مددي ڪتاب:
1. سنڌ جا سورما، ليکڪ سائين جي ايم سيد
2. تاريخ ريگستان، ڀاڱو پهريون، ليکڪ رائچند هريجن
3. پراڻو پارڪر، ليکڪ منگهارام اوجها