لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌ سڀيتا

ھي ڪتاب ليکڪ ۽ محقق عنايت اللھ کٽياڻ جي تحقيقي مضمونن، سفري احوالن ۽ شخصيتن بابت لکيل ڪالمن جو مجموعو آھي.
هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ تاريخي شخصيتن بابت مضمون آهن جيڪي مختلف وقتن تي اخبارن ۾ ڇپيل آهن. تاريخ هڪ خشڪ موضوع آهي پر عنايت الله کٽياڻ ان کي سفرنامي واري انداز ۾ لکي دلچسپ بڻائي ڇڏيو آهي جنهن ڪري اوهان کي بوريت محسوس نه ٿيندي ۽ تاريخ جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو.
Title Cover of book سنڌ سڀيتا

پنهنجي پاران

سا قوم ٿي زنده رهي جا ياد ماضي ٿي ڪري
حال ماضيءَ سان ڳنڍي تاريخ سازي ٿي ڪري
(سيد ظفر ڪاظمي)

هي ڪتاب منهنجي لکيل تاريخي ماڳن جي مضمونن تي مشتمل آهي. گهڻي وقت کان سنڌ جي تاريخي ماڳن بابت لکندو رهيو آهيان. انهن مان جيڪي مضمون اخبارن ۾ ڇپيل آهن انهن کي سهيڙڻ لاءِ ڪجهه دوست به زور ڀريندا رهيا ۽ پنهنجي به خواهش رهي ته انهن کي هڪ ڪتابي صورت ۾ محفوظ ڪجي.
ننڍپڻ ۾ ئي بابا سائينءَ جا اوطاق جي المارين ۾ رکيل ڪتاب پڙهندو رهيس، پهريان صرف ناول پڙهندو هئس پوءِ تاريخ ۽ شاعري سان دلچسپي وڌندي وئي. ننڍپڻ ۾ ئي بابا سائين جي وفات کان پوءِ 1974ع ۾ سائين جي.ايم سيد جو هڪ تفصيلي انٽرويو تحريڪ رسالي ۾ پڙهيو. رسالي جي ٽائيٽل تي سائينءَ جي تصوير هئي جنهن کي فريم ڪرائي اوطاق ۾ لڳائي ڇڏيو ۽ آءٌ سنڌ جي عشق ۾ مبتلا ٿي ويس. جيئن جيئن وڏو ٿيندو رهيس ڳڀي جي ڳولا ۽ گهر جون ذميواريون نڀائيندي به رات جو ڪتاب ضرور پڙهندو هئس ۽ ائين منهنجي سنڌ جي تاريخ سان محبت وڌندي رهي.
تاريخي ماڳن ۽ تاريخي شخصيتن کي نوجوانن ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ اسان ڪجهه دوستن 2000ع ۾ هڪ فورم ”سنڌ هسٽري اويئرنيس فورم“ جوڙيو هيو. هن فورم ۾ سنڌ جو منفرد ۽ سينئر ليکڪ علي بابا ۽ سنڌ جو وڏو شاعر تاجل بيوس به اسان جي رهنمائيءَ لاءِ فورم ۾ گڏ هئا. هن فورم ۾ آئيني جوڙجڪ باري منگي صاحب ڪئي، مون کي فورم جو چيئرمين ۽ ممتاز ماڻڪ کي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، اسان ڪجهه پروگرام ڪرايا ۽ پوءِ سڀني دوستن جي سستيءَ سبب انهن کي جاري نه رکي سگهياسين ته رسالو ڪڍڻ جو فيصلو ڪيوسين ۽ ”سنڌ سڀيتا“ نالي هڪ سال تائين اهو رسالو نڪرندو رهيو. بعد ۾ مالي وسيلن جي کوٽ سبب ان کي به جاري نه رکي سگهياسين. ان وقت ۾ منهنجي علي بابا سان ويجهڙائپ رهي ۽ مڪليءَ جي تاريخي ماڳن ۽ ڪجهه ٻين هنڌن تي علي بابا سان گڏ وڃڻ ٿيو ۽ پوءِ سڀ کان پهرين مون کي علي بابا لکڻ تي اتساهيو ۽ رهنمائي به ڪيائين ته پوءِ مون پهريون مختصر مضمون دولهه درياخان تي لکيو جيڪو سندس ورسيءَ جي ڏينهن 12 سيپٽمبر 2002ع تي پنجن سنڌي اخبارن ۾ ڇپيو جنهن کان پوءِ آءٌ مختلف وقتن تي مختلف ماڳن ۽ شخصيتن تي لکندو رهيس. آءٌ سمجهان ٿو ته تاريخ بابت لکڻ تمام ڏکيو آهي پر شيخ اياز چواڻي:
مون شاهي رستو دور ڇڏي جهاڳيو پنڌ پهاڙن جو،
هو جو سوڙهو لڪ وڃي ٿو دور انڌيرن لاڙن مان.
آءٌ هر ماڳ متعلق پهريان پڙهندو آهيان پوءِ ان ماڳ تي وڃي ڏسندو آهيان ۽ اتي جي مقامي ماڻهن جي راءِ حاصل ڪندو آهيان، ان راءِ، مشاهدي ۽ ان تي ٿيل تحقيق کي ٻيهر پڙهي پوءِ لکندو آهيان جنهن لاءِ ڪجهه ماڳن تي ته بار بار به وڃڻو پيو آهي. منهنجو مقصد سنڌ جي تاريخ کي هر عام ۽ خاص سان متعارف ڪرائڻ آهي ته جيئن سنڌي قوم پنهنجي تاريخي ورثي کي پرکي پروڙي ۽ پنهنجي تباهه ٿيندڙ تاريخي ماڳن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري ۽ ويران پيل ماڳن سان سندس دلچسپي وڌي ۽ اتي وڃي انهن کي ڏسي ته جيئن انهن جي مالڪي ڪري سگهي.
آءٌ تمام گهڻو تورائتو آهيان مانَ واري دوست گل حسن ڪلمتيءَ جو جنهن هن ڪتاب لاءِ مون کي مان ڏيندي مهاڳ لکيو آهي ۽ هرهڪ مضمون تي پنهنجي تحقيقي راءِ لکي آهي. گل حسن صاحب کان آءٌ مضمونن جي لکڻ ۾ اڳ به رهنمائي وٺندو رهيو آهيان ۽ سندس لکيل مهاڳ ۾ به مون کي نوان رستا ملن ٿا. گل حسن صاحب منهنجي لکڻيءَ متعلق جيڪا پنهنجي راءِ ڏني آهي ان لاءِ سندس ٿورائتو رهندس.
قومي راڳي، ليکڪ، شاعر ۽ پي ٽي وي جي اڳوڻي سينئر پروڊيوسر بيدل مسرور صاحب جن جو به نهايت ٿورائتو آهيان جن سچل ڳوٺ جي تعمير، ترقي ۽ تحفظ لاءِ منهنجي خدمتن، جاکوڙ ۽ ڪردار بابت لکي ڏنو ۽ بيدل مسرور صاحب جا لک قرب جو هنن ڪتاب جو جائزو وٺندي منهنجي لکڻين جي تعريف ڪئي آهي.
آءٌ احسانمند آهيان سينئر سياسي اڳواڻ سيد غلام شاهه صاحب جن جو جن منهنجو تعارف لکندي هڪ صفحي ۾ مختصر ۽ جامع منهنجي تاريخ لکي ڇڏي آهي. سائين غلام شاهه جي ڏاهپ، علم، ادب ۽ سندس پروقار شخصيت جو آءٌ هميشه قائل رهيو آهيان.
تمام ٿورائتو پنهنجي دوست رضوان صابر مينڌري جو جنهن هي ڪتاب پنهنجي والد جي نالي تي قائم ڪيل ”رشيد صابر آرٽس سرڪل“ پاران ڇپائي پڌرو ڪيو.
منهنجي رولاڪين ۽ پيڙائن جي هيءَ ڪٿا قبول پئي. آءٌ سمجهان ٿو ته لکڻ ۽ ڇپرائڻ ۾ مون کان ڪافي ڪوتاهيون ٿيون هونديون جن کي منهنجي پهرين ڪوشش سمجهي معاف ڪيو وڃي ۽ منهنجي پورهئي ۾ بهتري آڻڻ لاءِ پنهنجا رايا ڏنا وڃن ته اوهان سڀني پڙهندڙن جو احسان مند رهندس. منهنجي حياتيءَ جو عڪس منهنجو هي لکيل غزل اوهان جي نذر ڪيان ٿو:
اسين رولاڪ راهن جا ڪڏهن ڪاٿي ڪڏهن ڪاٿي،
سفر ۾ ڪيئي مليا ساٿي ڪڏهن ڪاٿي ڪڏهن ڪاٿي،

وياسين مندر ۾، مسجد ۾، ڏٺو مئڪدي ۾ ڀي پائي جهاتي،
اصل جي ڳولا اڃان تائين ڪڏهن ڪاٿي ڪڏهن ڪاٿي،

نه ماڻي منزل ڪائي مذهب ۾ نه عشق ۾ اڳڀرا ٿياسين،
هليا سين ڀي رهياسين ڀي ڪڏهن ڪاٿي ڪڏهن ڪاٿي،

سياست ۽ سماجت جو ڀي چوکو چکيو ذائقو،
سچائيءَ کي ”ضمير“ ڳوليو ڪڏهن ڪاٿي ڪڏهن ڪاٿي.

عنايت الله کٽياڻ