ڄام نظام الدين جو مقبرو
ڄام نظام الدين جي دور ۾ دولهه درياهه خان سندس وزيراعظم ۽ سپهه سالار رهيو، جنهن سنڌ ملڪ تي ٿيندڙ ٻاهرين حملن کي روڪيو. سندس ذڪر الڳ مضمون ۾ آهي. ڄام صاحب جي دور ۾ بهاول پور، سبيءَ، مڪران ۽ ڪڇ وارا علائقا به سنڌ ملڪ جو حصو هُئا. هِن دور ۾ ئي سنڌ کي هڪ مُنظم فوج هُئي. مطلب ته سنڌ تي عربن جي ڪاهه کان پوءِ هِن دور ۾ ئي سنڌ ۾ خوشحالي آئي ۽ علم ۽ هُنر ۾ عوام ترقي ڪئي. ڄام نظام الدين جو دور سنڌ جو هڪ مثالي دور ليکيو وڃي ٿو.
ڄام نندي جي وفات 914هه مطابق 1508ع ۾ ٿي. هُن جي وفات کان پوءِ سندس پٽ ”ڄام فيروز“ سنڌ جو حاڪم بڻيو(3) جنهن ۾ پنهنجي والد واريون خوبيون نه هُجڻ جون روايتون ملن ٿيون. هُن حڪومتي ڪار وهنوار هلائڻ لاءِ پنهنجي والد جا مقرر ڪيل سٺي عمل ۽ ڪردار وارا وفادار ماڻهو هٽائي پنهنجا من پسند، خوش آمدڙيا، مسخريون ڪرڻ وارا ۽ عياشون ڪرائڻ وارا عملدار مقرر ڪيا جنهن ڪري حڪومت ڪمزورين جو شڪار ٿي ويئي ۽ شاهه بيگ ارغون اچي سنڌ قبضو ڪئي ۽ سنڌ کي لٽيو ڦريو ۽ برباد ڪيو ۽ سنڌ وري اونداهين جي دور ۾ داخل ٿي ويئي.
ڄام نظام الدين جو مقبرو مڪليءَ جي ”ساموئيءَ“ واريءَ ڪُنڊ تي آهي جيڪو سنڌ تي ارغونن جي حملي سبب مُڪمل ٿي نه سگهيو پر هِن مقبري جي ديوارن تي جيڪو پٿر تي اُڪر جو عالي شان ڪم ٿيل آهي اُهو پنهنجو مَٽ پاڻ آهي. هِن مقبري جون چورس ديوارون ٺهيل آهن جيڪي پٿر جون آهن ۽ تمام اونچيون ۽ ويڪريون آهن. اولهه واريءَ ديوار ۾ هڪ محراب ٺهيل آهي ۽ اُن جي ئي پاسي کان هڪ ننڍو دروازو آهي جنهن مان مقبري ۾ اندر وڃي سگهجي ٿو ۽ ڏکڻ واريءَ ديوار مان اندران هڪ ڏاڪڻ ٺهيل آهي جنهن تان مٿي وڃي سگهجي ٿو ليڪن هاڻي هِن ڏاڪڻ کي حفاظت خاطر بند ڪيو ويو آهي. هنن ديوارن جي اڏاوت ٻُڌائي ٿي ته هنن مٿان هڪ وڏو گُنبذ ٺهي ها جيڪو ارغونن جي حملي ۽ سنڌ فتح ڪرڻ ڪري نه ٺهي سگهيو. مقبري جي اندر چار قبرون آهن جيڪي هڪ ئي قطار ۾ آهن؛ هڪ جهڙيون آهن ۽ هنن قبرن تي ڪو به ڪَتبو لکيل نه آهي جنهن ڪري خبر نه ٿي پئي ته ڄام نظام الدين جي قبر ڪهڙي آهي ۽ ٻيون ٽي قبرون ڪنهن جون آهن؟ مقبري جي سڀني ديوارن تي نقش نگاريءَ جو خوبصورت ڪم ٿيل آهي. اندران توڙي ٻاهران پٿر تي خوبصورت اُڪر جو ڪم ٿيل آهي. خاص طور تي اولهه واريءَ ديوار جو محراب اندران به تمام خوبصورت ٺهيل آهي پر ٻاهران ته هيءُ محراب هُنرمنديءَ جو هڪ دلڪش ۽ نادر نمونو آهي جنهن جو ڪو به مثال نه آهي. هن محراب تي خاص سنڌي نقش نگاريءَ سان گڏو گڏ راجستاني هُنرمنديءَ جو به وڏو ڪم ٿيل آهي جنهن ڪري هيءُ محراب ڄڻ سنڌي، اسلامي، راجستاني ۽ هندي طرز تعمير جو هڪ گڏيل شهڪار آهي. هن تي اهڙو ته سنهون ۽ سُهڻو اُڪر جو ڪم ٿيل آهي جو هُنرمندن جي پنهنجي بادشاهه سان محبت جو اظهار لڳي ٿو. هيءُ مقبرو سنڌ جي هڪ عظيم سلطان جي آخري آرام گاهه ته آهي پر سنڌ جي هنرمندن جو تخليق ٿيل هڪ عظيم شاهڪار پڻ آهي.
حوالا
(1) (2) ڪتاب جنت السنڌ، صفحو 301، ليکڪ مولائي شيدائي
(3) ڪتاب جنت السنڌ، صفحو 306