لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌ سڀيتا

ھي ڪتاب ليکڪ ۽ محقق عنايت اللھ کٽياڻ جي تحقيقي مضمونن، سفري احوالن ۽ شخصيتن بابت لکيل ڪالمن جو مجموعو آھي.
هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ تاريخي شخصيتن بابت مضمون آهن جيڪي مختلف وقتن تي اخبارن ۾ ڇپيل آهن. تاريخ هڪ خشڪ موضوع آهي پر عنايت الله کٽياڻ ان کي سفرنامي واري انداز ۾ لکي دلچسپ بڻائي ڇڏيو آهي جنهن ڪري اوهان کي بوريت محسوس نه ٿيندي ۽ تاريخ جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو.
Title Cover of book سنڌ سڀيتا

ڪجهه ليکڪ بابت

سفر ڪهڙو به هجي، وندرائيندڙ به ٿئي ٿو ته ٿڪائيندڙ به ٿئي ٿو. من اندر وارو سفر، درياهي سفر، خشڪيءَ وارو سفر؛ اسان جي سنڌي ماڻهن مان ڪيترن ئي ڪاميابين سان طئي ڪيو آهي ۽ پنهنجي انهن ڪاميابين تي ڪتاب به لکيا آهن. عنايت الله کٽياڻ جو هيءُ ڪتاب به ان ڏس ۾ هڪ اهم حصو ضرور ثابت ٿيندو. ڪڏهن ڪڏهن سندس ئي واتان ٻڌندو هوس ته ”سائين! دوستن سان ڪٿي ڪنهن ماڳ تي ويل هياسي“، پر مونکي اهو اندازو ڪڏهن به نه ٿيو ته هو ڪو انهن ماڳن تان گهمي ڦري اچڻ کان پوءِ انهن کي ڪتابي صورت ۾ به پيش ڪري وٺندو.
عنايت الله کٽياڻ اصل ۾ هڪ سادو سودو ماڻهو آهي، اٿڻي ويهڻيءَ مان نه سماجي ڪارڪن لڳندو آهي نه ئي سياسي ڪارڪن. هلندو به پروقار انداز سان آهي، ته ڳالهائيندو به سوچي سوچي آهي جو گهڻو ڪري سندس جملي پوري ٿيڻ کان اڳ ڪو ٻيو ئي سندس جملو پورو ڪري وٺندو آهي. پوءِ هو رڳو ”ها“ ڪري ڳالهه کي اڳتي وڌائيندو آهي.
اسان جي پاڻ ۾ ڏيٺ ويٺ هتي سچل ڳوٺ ۾ اٽڪل 1988ع ڌاري ٿي هئي. جڏهن ڪجهه سنڌي نوجوانن سچل ڳوٺ کي آباد ڪرڻ لاءِ پلاٽنگ ڪئي هئي ۽ اسان جهڙن ڪراچيءَ جي مختلف آبادين ۾ رهندڙ سنڌين کي هڪ هنڌ رهڻ جو اتساهه ڏنو هو. تڏهن سچل ڳوٺ ۾ جهنگلي جانور خاص ڪري اجاڙ ٿي ويل صفوران ڳوٺ ۽ سيتا نگر جي ويجهي هئڻ سبب نانگ بلائون گهڻيون هونديون هيون. پر جڏهن ڳوٺ ۾ پڙهيل لکيل ماڻهو اچي رهيا ته وري ٻيا نانگ انساني صورت وٺي ٻرن مان نڪري آيا. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سچل ڳوٺ جي هيءَ زمين ڀڙڀانگ پيل هئي تيستائين انهن لينڊ گريبرن ۽ سرڪاري ڇاڙتن کي خبر ڪانه هئي پر جڏهن آبادي ٿيڻ لڳي ته معاملا خراب ٿيڻ لڳا.
سچل ڳوٺ ۾ آباد ٿيل ڪجهه پڙهيل لکيل نوجوانن سچل ڳوٺ ريزيڊنٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن جو بنياد وڌو. ابتدا ۾ مان به گهڻو پاسيرو رهيس پر پنهنجن توڙي سرڪاري مداخلت سبب اڳتي اچڻو پيو. انهيءَ دوران هن ڪتاب جي ليکڪ عنايت الله کٽياڻ سان ويجهڙائپ ٿي ۽ جلد ئي ويلفيئر ڪاميٽيءَ کي سٺن هٿن جي حوالي ڪري مسئلن سان منهن ڏنو سي.
ڳوٺ ۾ بجليءَ لڳرائڻ جي ڪوشش هجي يا روڊ رستن جي تعمير. بالادي صاحب، ربنواز ڀٽو، تاج محمد وساڻ، عبدالڪريم چانڊيو، عنايت الله کٽياڻ توڙي مان اڳڀرا رهياسين. ان وقت ۾ هڪ دفعي سرڪاري بلڊوزر ڳوٺ جا گهر ڊاهڻ آيا ته ڪارڪنن انهن بلڊوزرن کي باهه ڏئي ڇڏي. جنهن بعد نيون اليڪشنون ڪرائي نوان عهديدار چونڊياسي ته گل محمد سومري کي صدر منتخب ڪيو ويو ۽ عنايت الله کٽياڻ جوائنٽ سيڪريٽري ٿيو. ان ايسوسيئيشن جي وقت ۾ ڳوٺ جي اسڪولن وارن پلاٽن تي ڪجهه قبائلي سردارن پاران قبضو ڪرڻ واري ڪوشش کي ناڪام ڪري اتي اسڪول ٺهرايا ويا جنهن لاءِ اتي ڏينهن رات اسان سڀني دوستن کي چوڪيداري به ڪرڻي پئي ۽ قبضا مافيا پاران گل محمد سومرو ۽ عنايت کٽياڻ تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ويو جنهن جو مان ضامن پئي سندن ضمانت قبل از گرفتاري ڪرائي. اڳتي هلي ڳوٺ جي ٻين سماجي تنظيمن سگا سچل ڳوٺ برانچ ۽ ايس آر ڊي ايف کي پاڻ سان ملائي هڪ ايڪشن ڪاميٽي ٺاهي وئي جنهن جو صدر مون کي مقرر ڪيو ويو ۽ ڳوٺ جي ڊولپمينٽ جي ڪمن جي نگرانيءَ لاءِ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ جو انچارج عنايت الله کٽياڻ کي مقرر ڪيو ويو، هن ايڪشن ڪاميٽي کي هڪ سال کان پوءِ سچل ڳوٺ ڊولپمينٽ ڪاميٽي جو نالو ڏنو ويو جنهن ۾ مان چيئرمين ۽ عنايت الله کٽياڻ جنرل سيڪريٽري به رهياسين. سچل ڳوٺ ۾ بجلي لڳي، روڊ ٺهيا، بلاڪ ڪاميٽيون مقرر ڪيون سي. حساب ڪتاب ۽ لکپڙهه جو باقاعدي انتظام ڪيوسين. آفيس کولي ان ۾ وقت ڪڍي معاملن سان منهن ڏنو سين جنهن جي نتيجي ۾ هر ڪارڪن متحرڪ ٿي ويو.
ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي اها پهرين گڏيل تحريڪ هئي جنهن هڪ سنڌي وسنديءَ کي آباد ڪرڻ لاءِ تمام مضبوط انداز سان جاکوڙ ڪئي. ان دوران اندروني توڙي بيروني مداخلت سان منهن ڏنو.
ڳوٺ جي وچ تي بچيل هڪ دڙي کي ڳوٺ جي فلاح لاءِ راندين جي ميدان، عيد گاهه، پارڪ ۽ اسپتال لاءِ رکيا ويا هئا، انهن تي قبضي خورن جي ٻاهرين سياسي ۽ حڪومت ۾ ويٺل زميندارن جي يلغار شروع ٿي وئي. معاملا جهيڙن ۽ جنگين جي صورت اختيار ڪري ويا.
جڏهن راندين لاءِ ڇڏيل گرائونڊ تان ٻاهرين قبائلي سردارن ۽ پوليس جي ملي ڀڳت سان مٽي کڻائي ان تي قبضو ڪيو ته ان تي جهيڙا ٿيا ۽ ڳوٺ وارن پاڻ ۾ گڏجي هٿ هٿ ۾ ڏئي کين سوڙهو ڪيو. انهن قبائلي سردارن جي چرچ تي ڪيترن ئي ساٿين کي ٿاڻن تائين رسايو ويو، ايف آءِ آر ڪاٽرايون ويون، ڪيس داخل ڪيا ويا. انهن ۾ گل محمد سومري ۽ عنايت کٽياڻ جون ٻيهر ضمانتون ڏنيون سين.
ان بعد پارڪ تي سرڪاري ڪم ٿيڻ دوران عنايت الله کٽياڻ ۽ گل محمد سومري (صدر) کي ته پوليس کڻي به وئي هئي. تڏهن ثناء الله عباسي صاحب ملير ضلعي جو ايس پي هو. پر سليم شاهاڻي، محبوب عباسي نواز سانگيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ سچل ڳوٺ وارن پنهنجي مڙسي ڏيکاري ايس پي آفيس تي سون جي تعداد ۾ گڏ ٿي احتجاج ڪيو ۽ ٻئي طرف سينئر ساڃاهه وند ڳوٺ واسي ان وقت جي گورنر معين حيدر وٽ وڃي پهتا جنهن جي نتيجي ۾ هنن ٻنهي کي راتو رات پوليس معافي وٺي واپس گهرن تي پهچايو. بهرحال ڪيس ڳاهي جان ڇٽي ۽ فلاحي پلاٽن کي بچائي اتي عيد گاهه، راندين جو ميدان، پارڪ، ڊسپينسري ۽ هڪ مسجد ٺهرائي وئي.
اڳتي هلي الائي ڪهڙو واءُ وريو جو پيپلز پارٽيءَ جي اقتدار ۾ اچڻ سان سچل ڳوٺ جي قومي سوچ ۾ ڦيرو اچي ويو ۽ ڳوٺ جي قومي برادريءَ وارو رجحان وفاقي سوچ ۾ تبديل ٿي ويو. گهڻن ئي ماڻهن کي پي پي مان وڏيون اميدون هيون پر اهي شخصي سطح تي فائدو ڏيندڙ ثابت ٿيون جنهن جي ڪري سچل ڳوٺ جي قومي ٻڌيءَ کي ڇيهو رسيو. ان دوران هڪ ٻيو نوجوان محمد سليم شاهاڻي سچل ڳوٺ جي رهاڪن ۾ سجاڳي آڻڻ لاءِ اڳتي آيو جنهن سان اسان جو ساڳيو ئي ٽولو گڏجي ڪم ڪرڻ لڳو. ليڪن اصل ۾ پي پي جي اقتدار سبب سنڌي ماڻهن ۾ لالچ ۽ خودغرضي جو رجحان وڌي ويو ان ڪري سچل ڳوٺ جون اندروني سماجي ڪوششون سرڪار جي زڪوات خيرات ڏانهن واجهائڻ لڳيون. جڏهن ته ان کان اڳ سچل ڳوٺ پنهنجي مدد پاڻ تحت تمام وڏا ڪم ڪيا. ائين سليم شاهاڻي به سچل ڳوٺ ڪاميٽيءَ بجاءِ پنهنجي الڳ ڪاميٽي جوڙي ڪم ڪرڻ لڳو.
ڪتاب ”سنڌ سڀيتا“ ۾ 21 مضمون آهن جيڪي 2009 کان 2013 تائين روزاني عوامي آواز ۽ روزاني مقدمو ۾ شايع ٿيل آهن، ڪي تاريخي ماڳن مڪانن متعلق آهن ته ڪي سنڌ جي عظيم شخيتن متعلق لکيل آهن. سندس چوڻ مطابق ”سونهن ڀري سنڌ جي چپي چپي کي اکين سان چُمڻ جي آس ۽ سنڌ جي تاريخي ماڳن مڪانن جي سونهن ۽ سوڀيا پسڻ ۽ سنڌ جي سڀيتا کي پرکڻ، پروڙڻ ۽ اُجاڳر ڪرڻ جي جذبي روح کي ته رولاڪ بڻائي ڇڏيو پر وسيلن جي کوٽ منهنجي هن عشق کي هميشه اڌورو رکيو. پوءِ به حوصلو ڪري سنگت جي ساٿ سان ٿر جو سفر ڪيو.“ اهو سنڌ سان سندس محبت کي ظاهر ڪري ٿو.
جيئن ڪو داستان، ناول يا فلم پڙهندڙن يا ڏسندڙن کي پاڻ سان گڏ وٺي هلندو آهي تيئن سير سفر متعلق لکيل ڪتاب به پڙهندڙن کي ليکڪ سان گڏ سير سفر ڪرائيندو آهي ۽ عنايت الله کٽياڻ پڙهندڙن کي نه رڳو ساڻ کڻي هلي ٿو پر هو تاريخي حوالا به ڏيندو هلي ٿو. هن جي لکڻيءَ جي هڪ خوبي اها به آهي ته پڙهندي تصوراتي منظر به اڀرڻ لڳن ٿا. مثال طور جڏهن رني ڪوٽ جي سن در جو اوٽ ۾ هجڻ جو جواز ڏيندي ٻڌائي ٿو ته نئه رنيءَ جو پيٽ ئي ڪوٽ اندر وڃڻ جو رستو سمجهيو وڃي ٿو ته مونکي مومل واري تلسماتي ڪاڪ محل ۾ گهڙڻ وارو رستو ذهن تي تري آيو جيڪو پڻ شهزادن کي ڀلائڻ ڀٽڪائڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو. يا جيئن ٻڌائي ٿو ته سن در جي سامهون هڪ چورس اڪيلو ڪمرو جنهن جي مٿان گنبذ نما ڇت آهي جنهن کي بارود خانو چيو وڃي ٿو ته مونکي اروڙ واريون چار ڦاڪون ٿيل جبل ياد اچي ويو جنهن لاءِ روايت آهي ته اهو راجا ڏاهر جي (هاڪڙي) پاڻيءَ اندر فوجي چوڪي هئي ۽ هٿيارن جو تهه خانو هئو. اڳتي ٻڌائي ٿو ته ”رني ڪوٽ ۾ نئه رني جيئن موهن در کان داخل ٿئي ٿي ته ان جي وچ پيٽ مان هڪ چشمو نڪري ٿو جيڪو شيرڳڙهه ۽ ميري ڪوٽ جي هيٺان گذري اڳتي اچي زمينن ۾ گم ٿي وڃي ٿو. هن چشمي تي هڪ هنڌ خوبصورت تلاء آهي جنهن کي هتان جا مقامي ماڻهو پرين جو تڙ چون ٿا. پرين جي تڙ تي مون کي هوٿل پريءَ وارو اهو تلاءُ ياد اچي ويو جتي ڄام اوڍي کيس تڙ ڪندي ڏٺو هو. پرين جا اهڙا تڙ مڇ (بلوچستان) جي اولهه ۾ پير غيب وٽ به آهن جيڪي فطرت جي سونهن جا شاهڪار آهن.
عنايت الله کٽياڻ عمر ڪوٽ واري مضمون ۾ سنڌ حڪومت جي آثار قديمه ۽ ثقافت کاتي کان قومي ورثي جي بچاءَ جي گهر ڪري ماضيءَ ۽ تاريخ سان پنهنجي محبت جو ثبوت ڏنو آهي.
اسلام ڪوٽ واري سفر ۾ چيڪ پوسٽ وٽ رينجرز طرفان مسافرن کي چيڪ ڪرڻ جو ذڪر به عنايت الله کٽياڻ کي ان ڪري ضروري لڳو آهي جو سنڌ ۾ اهي چيڪ پوسٽون رڳو سنڌين کي چيڪ ڪرڻ لاءِ قائم ڪيون ويون آهن. اهڙي رينجرز جي چوڪي ليکڪ چوڙهي جبل جي رستي تي بڙ تلاءَ وٽ به ٻڌائي آهي جتي کين ٻڌائڻو پيو ته وٽن ڪا ڪيمره وغيرو ساڻ نه آهي. ڪيڏي نه ڏک جهڙي ڳالهه آهي جو امير ته بندوقون کڻي بي ايم ڊبليو گاڏين ۾ گذرن ٿا پر انهن کي ڪابه چيڪ پوسٽ روڪي پڇڻ جي جرئت نٿي ڪري. جيڪي شوق شڪار لاءِ اهڙن وارياسن ۾ بي ڌڙڪ گهمندا ڦرندا رهن ٿا.
ليکڪ جين ڌرم جي گوڙي مندر جو خاڪو به اهڙو چٽيو آهي جيڪو ڀٽن جي ديوارن جي وچ ۾ هجڻ ڪري هڪ خوبصورت منظر جو ڏيک ڏئي ٿو. مارئي جو کوهه ۾ ٽپو ڏيڻ جو هتي ذڪر ڪري ليکڪ هن جي پاڪ دامني کي واضح ڪرڻ چاهيو آهي. ائين ٽالسٽاءِ به پنهنجي ناول ”اينا ڪريننا“ ۾ اينا کي ريل هيٺان اچي خودڪشي ڪرڻ کي سماجي اڻ برابري سان احتجاج کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سماجي اخلاقي اڻ برابريءَ سبب ڪردارن جي خودڪشي جو عمل به اهڙن وقتن تي سماج سان احتجاج کي ئي ثابت ڪري ٿو. مومل جو ڏاگ تي چڙهڻ به پنهجي پاڪ دامني کي ثابت ڪرڻ لاءِ هو، تيئن مارئي به پنهنجي پاڪدامنيءَ جو ثبوت کوهه ۾ ٽپو ڏئي ڏنو آهي.
تشبيهون:
جبلن جي چوٽين کي هونئن ته شاعرن مخلتلف علامتن ۽ تمثيلن ذريعي اظهاريو آهي پر عنايت کٽياڻ انهن جي چوٽين کي اٺ جي ڪونهن سان تشبيح ڏني آهي جا واقعي وڻندر ۽ منفرد آهي.
ڪارونجهر جي گرينائيٽ جو ذڪر ڪندي ليکڪ حڪومت کان اها به گهر ڪئي آهي ته اتي ڪارخانا لڳايا وڃن ته جيئن علائقي جي ماڻهن ۾ خوشحالي جو ڪو احساس پيدا ٿئي.
عنايت الله کٽياڻ بنيادي طور سياسي ۽ سماجي ساڃاهه رکندڙ شخص آهي. گهڻي وقت کان قومي سياست سان واڳيل رهيو آهي. ورڪر جي حيثيت ۾ هو هڪ رول ماڊل آهي. ڳوٺ جي ڇيڙي نبيري ۾ به سندس وڏي دورانديشي مشهور آهي. ٻين کي مان ڏيڻ، دوستن سان نڀائڻ توڙي عام سنڌي ماڻهن سان غم ۽ خوشين ۾ ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيهڻ وارو شخص آهي.
سياسي توڙي سماجي ڪمن سان گڏوگڏ هن دوستن سان گڏجي جيڪي سير سفر ڪيا آهن تن کي قلمبند ڪري عنايت الله کٽياڻ سنڌي علم و ادب ۾ هڪ اهڙي ڪتاب جو اضافو ڪيو آهي جيڪو پنهنجي عنوان ”سنڌ سڀيتا“ ذريعي ئي پنهنجي تعريف پاڻ ڪرائيندڙ آهي.

بيدل مسرور