مهاڳ سنڌ جي سڀاڳ جا ستارا
“نينهن نگر جو شاعر”، جنهن مون کي ڪافي متاثر ڪيو هو. سنگت جي پروگرامن ۽ تنظيم ڪاريءَ جي سلسلي ۾ هڪ ڀيري منهنجو ٽنڊو باگي وڃڻ ٿيو هو، جتي منهنجي سائين نٿو مل موراڻي، ڪنول لوهاڻي ۽ ڀوَن سنڌيءَ سان ملاقات ٿي هئي. مون ڀوَن سان سندس مضمون “نينهن نگر جو شاعر” جي روبرو ساراهه ڪئي هئي. ايئن سائين نٿو مل مورواڻي، ڪنول لوهاڻي، سائين نور محمد سمي (پنگرئي واري) ۽ ڀيشم آزاد سان منهنجي دوستي ۽ ادبي سنگ قائم ٿيو. سائين نٿو مورواڻي، ڪنول لوهاڻو ۽ سائين نور محمد سموته اڄ هن فاني دنيا ۾ موجود نه آهن، پر ڀوَن سنڌي ۽ ڀيشم آزاد سان اڄ سوڌو دوستيءَ جو رستو ۽ رشتو قائم آهي. ڀوَن سنڌي سان اڳتي هلي سائين لياقت عزيز جي رهنمائيءَ ۾ ڪاليج استادن جي تنظيم “سپلا” ۾ ڪم ڪرڻ ۽ مختلف موقعن تي تحريڪ هلائڻ دوران بنهه ويجهو لاڳاپو قائم ٿيو ۽ اسان گڏجي سپلا جي سرگرمين ۽ ادبي پروگرامن ۾ ساٿي بنجي هلندا رهياسون. اڄ اسان ٻئي استاد پيشي جو سفر فرض شناسيءَ سان پورو ڪري رٽائر ٿي چڪا آهيون، پر اسان جو ادبي ساٿ جيئن جو تيئن قائم آهي.
ڀوَن سنڌي سنڌي ٻوليءَ جو سهڻو شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ترجمي نگار آهي. ترجمي جي ڪتاب “گوري گوندر ۽ گهاگهر” ۽ شعري مجموعي سندري سپنا ۽ صليب سان گڏ سندس ڪهاڻين۽ ترجمن جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجي مڃتا ماڻي چڪا آهن. منهنجو دوست ڀوَن سنڌي، مهرباني فرمائي، پنهنجو هر ڪتاب مون کي ڇپجڻ کانپوءِ تحفي طور ضرور ڏيندو آهي.
ڀوَن سنڌي ڪهاڻيڪار سان گڏ سٺو مضمون ۽ مقالا نگار به آهي. هن جا ڪيترا ادبي مضمون، مقالا، مهاڳ ۽ تاثر مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندا رهيا آهن ۽ کيس پڙهندڙن جو هڪ سٺو حلقو آهي. منهنجي آڏو هن وقت سندس مضمونن، مقالن، جي ڪتاب جو مسودو موجود آهي، جنهن ۾ 18 اسم شامل آهن، جيڪي هن مختلف ادبي پروگرامن، رهاڻن، ورسين ۽ ادبي گڏجاڻين ۾ پڙهيا آهن.
ڀوَن سنڌيءَ جي شاعري، ڪهاڻي ۽ ترجمن وانگر سندس نثري مضمون جي ٻولي به سگهاري، تخليقي، وڻندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهي. سندس پهريون ئي مضمون “سچل سارو سچ” پڙهجي ٿو ته اُن ۾ ڪم آيل ٻوليءَ جي حسناڪيءَ ۽ هڳاءَ سان من ۽ ذهن ٻئي واسجي وڃن ٿا. هن مضمون /مقالي ۾ هن سچل جي رسالي ۽ سچل جي شاعري تي عطار جي اثر جي ته ڳالهه ڪئي ئي آهي، پر اُن ۾ هن سچل ۽ ڀٽائي جي دور جي مختلف حالتن ۽ اُنهن حالتن آهر سچل جي شاعري ۾ اظهار جي آزادي ۽ نواڻ کي به زير بحث آندو آهي، شاهه لطيف پنهنجي دور جي حقيقتن متعلق جيڪا ڳالهه علامتي انداز ۾ ڪئي آهي سچل پنهنجي دور ۾ اُها وڌيڪ بيباڪي سان ڪئي آهي. سچل جي حسن پرستي کي به ڀوَن سنڌي کولي بيان ڪيو آهي. لطيف حسن جو اظهار سورمين جي احساسن سان سلهاڙي بيان ڪيو آهي، پر سچل جو حسن سان سڌو مڪالمو آهي. ڀوَن سنڌي جو سچل تي هي مقالو ليکڪ جي ڄاڻ ۽ تحقيق جي خود تشريح آهي.
پنهنجي مقالي “نينهن نگر جو شاعر” ۾ خليفي نبي بخش جي آفاقي شاعري کي هن ڀرپور نموني روشناس ڪرايو آهي نه فقط ايترو پر هن مقالي/ مضمون ۾ ڀٽائيءَ ۽ خليفي جي مختلف سرن جي بيتن جي ڀيٽ ۽ جمالياتي جهلڪ من موهي وجهي ٿي. اهڙي موهيندڙ ٻولي گهٽ تخليقڪار سرجي سگهندا آهن. ڀوَن سنڌي، خليفي صاحب جي سنڌي، ڍاٽڪي ۽ ريخته شاعريءَ جو تفصيلي اڀياس ڪندي کيس سنگيت وديا جو وڏو ماهر استاد قرار ڏيندي، هڪ ئي مثال لک جو پيش ڪيو آهي:
چلتی ٹھمک ٹھم ٹھم ، چلتی ٹھمک ٹھم ٹھم،
مرگھوں سے تیکھے نین، کوئلوا سےمیٹھے بین،
باجت پایل چھم چھم چلتی ٹھمک ٹھم ٹھم ۔
اٹھ دیکھو قاسم دھوم مچی دھم دھم،
نا چت گوری طبلوا کے بھم بھم، چلتی ٹھمک ٹھم ٹھم
محمد خان مجيديءَ جي ورسيءَ جي مناسب سان لکيل مضمون ۾ ڀوَن سنڌي، دنيا جي فلاسافرن جا حوالا ڏيئي، محمد خان مجيديءَ کي “سنڌو درياهه جو شاعر” سڏي ٿو ته محسوس ايئن ٿئي ٿو ته هن اسان جي هن درياهه دل شاعر جي ٻوليءَ جي اروڪ وهڪري ۽ ردم کي ڏسي، کيس اهو ٺهڪندڙ لقب ڏنو آهي.
ڀوَن، جڏهن محمد صديق مسافر جي علمي ۽ تعليمي خدمتن تي قلم کڻي ٿو ته کيس “مرڻو ناهي مسافر” جو عنوان ڏئي، واقعي ساڻس انصاف ڪري ٿو. مسافر جهڙا ماڻهو مرڻا ناهن، جن ٽنڊي باگي طرف علم جا واهڙ وهايا ۽ خاص ڪري نياڻين جي تعليم جي ڏس ۾ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون. محمد صديق مسافر جون نصاب ۽ ٻارن لاءِ شاعريءَ جي ڏس ۾ ڪيل خدمتون سنڌ وساري نه سگهندي. محمد صديق مسافر بابت مختصر مگر جامع هن قسم جو مضمون اڃا ڪنهن نه لکيو آهي.
ساڳيءَ طرح ٽنڊي باگي جي علم کي آجپو سمجهندڙ انسان ۽ سونهن جي پرستار مير غلام محمد خان ٽالپر جي علمي خدمتن تي قلم کڻي، ڀوَن سنڌيءَ هن علائقي جي محمد صديق مسافر کانپوءِ ٻي وڏي علمي شخصيت جي خدمتن جو خوبصورت ٻوليءَ ۽ منفرد انداز ۾ ذڪر ڪري، هن شخصيت کي نمايان ۽ نروار ڪيو آهي. مون لاءِ اهو انڪشاف آهي ته قومي تحريڪ جي سرواڻ ۽ سنڌ جي ابوالڪلام حفيظ قريشي به مير غلام محمد خان ٽالپر جي قائم ڪيل اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪئي هئي. مير غلام محمد ٽالپر تي هن ڪتاب ۾ ٻيو مضمون “لاڙ جو محسن” عنوان سان به شامل آهي، واقعي سنڌي قوم ۽ علم جي هن محسن کي سنڌ جي تاريخ ڪڏهن به وساري نه سگهندي.
اسان جي ساٿي ۽ قومي همسفر محمد قاسم پٿر جهڙي ڪرشماتي شخصيت ۽ پورهيت طبقي جي سياست ڪندڙ سنڌ دوست انسان تي، ڀوَن سنڌي جا ٽي مضمون شامل آهن، جن ۾ هن کيس آئيڊيلسٽ ۽ سنڌ پرست سياستدان ڪوٺيو آهي. ساڻس ڪيترن اختلافن رکڻ جي باوجود، هن سندس پنهنجائپ ۽ سڄي عمر سچ سان ساٿ ڏيڻ واري رويي کي ساراهي، دوستيءَ ۽ سڃاڻپ جو حق ادا ڪيو آهي. هن عملي ۽ ڪڏهن نه ٿڪجندڙ شخص تي قلم آرائي سخا سان ڪئي به آهي ۽ کيس حقيقي مڃتا به ڏني آهي. “مٽيءَ جو ماڻهو” ۽ “هينئڙي منجهه هرن” عنوان ئي قاسم پٿر جي شخصيت جو حقيقي عڪس آهن۔.”
اهڙي طرح ڀوَن سنڌي، “سامي سفر هليا” عنوان هيٺ هڪ ٻئي انقلابي شخص” شاهه رضا خان جي زندگيءَ جو خاڪو چٽي، سندس ساروڻين ۽ سياسي جدوجهد جو نقشو اسان جي اڳيان پيش ڪري، پورهيت طبقي جي انقلابي ڪردار کان اسان کي واقف ڪيو آهي، جيڪو عزيز سلام بخاريءَ جو شاگرد، ڪنيز فاطمه، عثمان بلوچ، احسان عظيم ۽ قادر بخش طالباڻيءَ جهڙن ڪامريڊن جو ساٿي هو.
ڀوَن سنڌيءَ سنڌ جي سرويچ شاعر سرويچ سجاوليءَ تي خوبصورت خاڪو لکيو آهي. ان جي ابتدا ۾ سرويچ جي شاعريءَ ۾ رواني، سونهن، ڌرتيءَ جي ڪرب ۽ درد واري سوال جو جيڪو هن جواب ڏنو آهي، اهو ئي سرويچ لاءِ وڏو خراج آهي. واقعي ڀوَن شخصيت جي خاڪي چٽڻ ۾ ڪماليت رکي ٿو، هن سرويچ کي سجاول جي سڃاڻپ سڏي ڪنهن به وڌاءَ کان ڪم نه ورتو آهي.
اسان جي يار، اُستاد تحريڪ جي عظيم ڪردار سيد اڪبر شاهه تي ڀوَن سنڌيءَ جي مختصر پروفائيل جو عنوان “اوندهه ۾ ٻرندڙ ڏيئو” ئي هن شخصيت جي مڃتا ۽ جدوجهد جو اعتراف آهي. واقعي سيد اڪبر شاهه پ ٽ الف جي تحريڪ جو اُهو ڏيئو هو، جنهن استادن کي فرض شناسيءَ جو دڳ ڏيکاري، کين علم جي شمع روشن رکڻ جو سبق ڏنو. هو سيد هو، پر پنهنجي طبقي جي سيداڻي عادتن ۽ روايتن جو انڪاري، انسانيت جو علم بند ڪندڙ انسان هو. هن سياست به سچائيءَ سان ڪئي ۽ جڏهن رهبرن “سنڌي عوامي تحريڪ” مان “سنڌي” لفظ هٽايو ته هن هميشه لاءِ کين خيرباد چئي ڇڏيو. اهڙا سچا انسان اڄوڪي دور ۾ اڻلڀ آهن.
ڪنول لهاڻي جهڙي جوانيءَ ۾ ڏات ۽ ڏيهه کان ڏور هلئي ويندڙ شخص جي ڦوهه جوڀن ۾ ڀوَن سنڌي جو مٿس لکيل هي تاثراتي خاڪو ڪيڏو نه حقيقت افروز آهي، ڪنول لهاڻو جي زندگيءَ جون وڌيڪ بهارون زندهه رهي ها ته، سچ پچ سندس شاعريءَ جي شعاع سان لاڙ پٽ ضرور روشن ٿئي ها. پوءِ به سندس مختصر تخليقون، سندس شخصيت جو اولڙو ضرور آهن.
ڪڍي سج ڪني، پورب جا پورهيت اُٿيا،
مچي پئي ٿي ماٺ ۾، اڻ لکي اگني...
سندس واين ۽ نظمن جي پختگي ۽ غزلن جو اُڀار کيس وڏو شاعر بنائڻ جو ساکي هو، پر نگري مرض اسان جي هن يار کي نهوڙي نيو. سندس هي غزل ڪمال جو هو:
اُڃيا کيت سارا، اَڇو اُڀ ڪيسين،
اچو واءُ بڻجي، وڄن کي واريون.
پيار علي پريمي به ڪنول لهاڻي جيان سنڌي ادبي سنگت ٽنڊي باگي جو دوست ۽ سائين نٿو مورواڻيءَ جي سنگ جو ساٿي هو. ان سان مارچ 1994ع ۾ ملهايل شام ۾ ڀوَن سنڌي “سپنن جي ساڀيان لاءِ” ليک پڙهي، پنهنجي دوست کي خراج پيش ڪرڻ سان گڏ ٽنڊي باگي جي ادبي مرڪزن: طالب لوهار جي ماڙي، خيراج مل جي بنگلي، سنڌي ادبي سنگت، مير غلام محمد ٽالپر اسڪول جي نئين هاسٽل، گرونانڪ لائبريري ۽ گرناري مندر ۾ ٿيندڙ گڏجاڻين کي جنهن نموني رقم ڪيو آهي، پڙهي ڪري واقعي ڀوَن جي ٻوليءَ تي رشڪ اچي ٿو. هن مضمون ۾ پيار علي پريميءَ جي سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ ٿيل ادبي اوسر ۽ شاعريءَ جي ارتقا جو خوبصورت جائزو ورتو ويو آهي.
سرگرم جو ڏات ڌڻي، عنوان هيٺ استاد منظور علي خان جي وفات تي س. ا. س ٽنڊي باگي جي تعزيتي گڏجاڻيءَ ۾ ڀوَن سنڌيءَ جو پڙهيل تاثر نهايت دل ڀڄائيندڙ آهي. موت جي ڪار ستانين ۽ ڪوجهائپ کي بيان ڪندي ڀوَن رقمطراز آهي ته:
“موت اسان کان اُهي اُهي ماڻهو جُدا ڪيا آهن، جن کي سدائين جيئڻ کپندو هو. جن جي ئي دم سان هن دنيا جي سونهن آهي، سوڀيا آهي. موت هٽلر آهي، هُو مردا ۽ لاشا ڏسڻ چاهي ٿو. هن کي جيئرن ماڻهن سان نفرت آهي. موت ڪالي ديوي آهي، جنهن جي ڳچيءَ ۾ انساني سسيون ۽ هٿ ۾ ڪات آهن. موت سونهن، سوڀيا ۽ سُر جو دشمن آهي. موت ڪوجهو آهي ۽ سموري دنيا ۾ ڪوجهائي اوتڻ چاهي ٿو. موت اورنگزيب آهي، هو راڳ کي هميشه جي لاءِ موت جي ننڊ سمهارڻ چاهي ٿو. پر موت...... ايترو ڪجهه هئڻ جي باوجود ڪجهه به ناهي. موت خان صاحب (منظور علي خان) کي ماري ناهي سگهيو، موت، راڳ لاءِ اونگزيب ٿي ناهي سگهيو.” ان بعد هن خان صاحب منظور علي خان کي جن لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو آهي، اُهي پڙهندڙ خود پڙهي سگهن ٿا.
اهڙيءَ طرح شاهد حميد شاعر تي لکيل پيپر ڀوَن جي ساڻس عقيدت جو مظهر آهي، پر اسان جي يار نٿو مل مورواڻيءَ تي لکيل خاڪي ۽ سندس ٽين ورسيءَ تي پڙهيل پيپر منهنجا نيڻ ڀڄائي ڇڏيا آهن، هن لاڙ جي لاڏلي کي ياد ڪرڻ کان اڳ هن خطي جي سڀاڳ جي نشانين مخدوم محمد زمان لنواريءَ واري، شهيد دودي سومري، ڪيڏاري جي سرجڻهار خليفي نبي بخش لغاري، ٻاتڙن ٻولن جي شاعر محمد صديق مسافر، سگهڙ ۽ لطيف جي شيدائي طالب لوهار، ميرن جي مور مير غلام محمد خان ٽالپر بابت جيڪا تمهيد ٻڌي آهي، اها ڀوَن جي دل ڀڄائيندڙ پيشڪش جو خاصو آهي.
نٿومل مورواڻي هڪ لائق ۽ شاندار اُستاد هو، جنهن محمد صديق مسافر جي واٽ تي هلي شاگردن کي فرض شناسيءَ سان تعليم ڏئي نالو ڪڍيو. مير غلام محمد ٽالپر هاءِ اسڪول جي اولڊ بوائز ايسوسيئيشن پاران ڪيل ادبي ميڙاڪا، مير غلام محمد بابت ڇپايل ڪتاب ۽ سندس مزار تي جوڙايل چوڪنڊي، نٿو موراڻي کي زندهه رکڻ لاءِ ڪافي نشان آهن. هن جون لاڙ ۾ سنڌي ادبي سنگت کي سرگرم رکڻ واريون خدمتون ضلعي جي شاخن ۾ رابطي وارين ڪوششن کي، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي تاريخ ۾ هميشه ياد رکيو ويندو. منهنجو وڏو محسن هو، سائين نور محمد سمي ۽ نٿو مورواڻيءَ جو ساٿ آئون زندگيءَ ڀر وساري نه ٿو سگهان. هو 1990ع ۾ گذاري ويو هو. 29 سال گذري ويا آهن، پر اڄ به سندس سٻاجهي شخصيت اکين اڳيان اچي ٿي ته خواجه محمد زمان جو هي بيت ذهن تي تري اچي ٿو:
مون سيءَ ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي!
هن جو آواز، هن جي سنگت کي سلهاڙي هلڻ واري خوبي، مختلف مڪتبه فڪر وارن سان پنهنجائپ ۽ ڪردار ڏسي چوڻو پوي ٿو:
هلو هلو ڪوريئين، جنين نينهن نرم،
ڪچيءَ پڪيءَ تندسين، ٿين ڪين گرم،
ڇِنڻ ٿيئن شرم، ڳنڍيو ڳنڍين پاڻ ۾! (شاهه)
سائين غلام حسين رنگريز تي پُر اثر ۽ تخليقي لفظن ۾ لکيل ڀوَن سنڌيءَ جو ليک به سندس ٻهڳڻي ٻوليءَ جي جوڀن جو عڪاسي آهي. هن مضمون ۾ ڀوَن ٻوليءَ جي لفظن کي رقص ڪرايو آهي. ابتدائي ڪجهه سٽون ملاخطي ڪريو:
“ائنٿراپالاجيءَ ۾ ڏند ڪٿا جوڙيندڙ کي “شاعر” مڃيو ويندو آهي، اُن لاءِ لفظ Myth maker استعمال ٿيندو آهي. سائين غلام حسين رنگريز هونئن ته شاعر آهي ئي، پر ذات جي حساب سان به اُن ثقافتي ورثي سان وابسته نسل سان آهي، جيڪي اجرڪن ۽ لوين تي ايئن چٽ چٽين ٿا، جيئن اُڀ ۾ تارا ٽانيڪل هوندا آهن. هڪ پامسٽ لاءِ پنهنجي هٿ جون لڪيرون پڙهڻ ناممڪن آهن، پر رنگريز پنهنجي من اندر ۾ ڇپيل لڪيرن ۽ ريکائن کي هڪ رنگريز جيان ڪوري ڪپڙي تي جڏهن ٺپي ٿو ته اُها اجرڪ جي خوبصورت چٽن جيان شاعريءَ جو اجهو هيئن روپ ڌاري ٿي:
“مسجدن ۾ پيو ڪنهن کي ڳولين،
تو ۾ ساري سرشٽي آهي.”
اهڙيءَ طرح پرويز جي ڪهاڻين جي مجموعي “رت ڦڙا” تي لکيل مقالي، “رت ڦڙن کان ماڪ ڦڙن تائين” ۾ جنهن نموني ڀوَن سنڌي رت جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ٻوليءَ جا واهڙ وهايا آهن، سندس قلم کي سلام ڪرڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي، هو رت جي ذڪر کان پوءِ لکي ٿو ته:
“پرويز به ان راهه ۾ رت جا ڦڙا، وهايا آهن. پوءِ جي اُهي اُڃايل سينن تي وسيا آهن ته ساوا ساوا سلا اُڳيا آهن، اڻ سامايل سپنن ۾ سورج مکيءَ جي گل جيان جُهليا آهن، اُجهاڻل اکين ۾ آس جا موتي ٿي چمڪيا آهن. جيئن سندس ڪهاڻي “سڻائو واءُ” م سونل جو ڪردار ٻهڪي ٿو، جيڪو قيد و بند کان آزاد پنهنجي چاهت ماڻي ٿو” وڌيڪ آءُ پڙهندڙن جي وچ ۾ ديوار بنجڻ نٿو چاهيان، هو خود پڙهي اندازو ڪري سگهن ٿا ته ڀوَن سنڌيءَ، پرويز سان ڪيڏو انصاف ڪيو آهي.
اسان جي مانائتي ڀيڻ، سنڌ جي صف اول جي شاعر خاتون مريم مجيديءَ سان 18- اپريل 1994ع تي سنڌي ادبي سنگت ميرپوربٺوري پاران ملهايل شام ۾ پڙهيل ليک، “مريم کان مريم تائين” ۾ مقدس مريم جي سرجڻهار ڪک مان جنم وٺندڙ مسيح جي صليب تي چڙهڻ واري سفر کانوٺي مريم مجيديءَ جي شاعريءَ ۾ اوتيل درد ڪرب ۽ پيڙا جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪو ڪرب ۽ پيڙا عورت ڌرتيءَ تي صدين کان ڀوڳيندي آئي آهي. گڏوگڏ مريم جي شاعريءَ ۾ سنسار جي سندرتا ۽ ڪائنات جي مظهرن، جلون ۽ تخليق جي چٽن عڪسن کي بيان ڪندي لکي ٿو ته، “سونهن ۽ سندرتا جا انيڪ رنگ ۽ روپ ڪلاڪارا جي زندگيءَ ۾ جڏهن خوشبوءِ اوتي ٿا ڇڏين، تڏهن هوءَ اُن مستيءَ ۾ بنهه بي اختيار ٿي، چئي ٿي ڏئي ته:
سپنا سرجيا تارِ وهيءَ ۾،
ڦوٽهڙو پيو جوڀن ويءَ ۾!”
حساس ڪهاڻيڪار ساحر پريميءَ جو نوحو “جيون اڌوري ڪهاڻي” عنوان هيٺ، سندس پهرين ورسيءَ (1993ع) تي، جنهن ڪربناڪ انداز ۽ دل ڇهندڙ لفظن ۾ سرجي ٿو، نيڻ آلا ڪريو وجهي. ڀوَن جا لفظ، جملا پيڙا ۽ درد سان ٽمٽار ٿي برسڻ لڳن ٿا ته دليون ڌوڏري رکن ٿا. ساحر پريمي هئو به ته مٺڙو ماڻهو، جيڪو پنهنجي ئي ڪهاڻي “يادن جو سفر” جي پنهنجي ئي تخليق ڪيل ڪردار جي پاڻ نفي ڪندي زندگي کان فرار حاصل ڪري ٿو. آخر ڇو اهڙن حساس فردن کي زندگيءَ جون سموريون چاهتون، لذتون بي معنيٰ ۽ بي رنگ ڀاسن ٿيون؟ سچ ته ڀوَن سنڌي جو هي تاثراتي مضمون روئڻ ۾ سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو.
ڀوَن سنڌي جا هي سمورا ليک سندس خوبصورت قلم جا خوبصورت لقاءَ آهن. جن جو مطالعو ٻڌائي ٿو ته اسان جو هيءُ تخليقڪار جيڏو اندر جو حسين آهي، ايڏو هن جي قلم جو اظهار به سُهڻو آهي. خاڪن ۽ تاثر نما مضمونن/ مقالن جو ڇپجندڙ ڀوَن سنڌي جو هي ڪتاب ڪيترن ئي ڪتابن تي سبقت حاصل ڪندو، اها منهنجي راءِ آهي، جنهن سان ڪو به اختلاف رکي سگهي ٿو. منهنجي دُعا آهي ته ڀوَن سنڌي جو هي تخليقي اظهار اڃا به نِکار حاصل ڪري ۽ سنڌي ٻوليءَ جي جهولي وڌيڪ شاهوڪار ۽ وسيع ٿئي.
- تاج جويو
2019-4-11
حيدرآباد سنڌ