ڪالم / مضمون

ڌرتيءَ جا چنڊ

خاڪن ۽ تاثر نما تحقيقي مضمونن/ مقالن جو ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ڀون سنڌيءَ جو لکيل آھي. ڀون سنڌي لکي ٿو؛
”هي ڪتاب ڌرتي جا چنڊ سنڌ جي مختلف علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي شخصيتن بابت آهي، جن پنهنجي پنهنجي وقت ۾ هن ڌرتي جي وشال ڪينواس تي پنهنجي ڏات ۽ ڏيا ۽ سُرن ۽ ساڃاهه جي پورهئي جا انڊلٺي رنگ ڀري سونهن ۽ سچ جو منظر پي سجايو آهي، جن کي پسي جيڪڏهن پڙهندڙن جون اکيون گهڙي پل لاءِ ئي ٿڌاڻ ۽ روح جي راحت محسوس ڪن ٿيون ته، آئون پنهنجي محنت سجائي سمجهندس.”
  • 4.5/5.0
  • 1745
  • 336
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڀوَن سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڌرتيءَ جا چنڊ

نٿومل مورواڻي

[b]تعارف[/b]
نالو نٿومل والد جو نالو منگلداس ذات لهاڻو عام طور نٿومل مورواڻي جي نالي سان مشهور، پهرين مارچ 1945 ۾ کوسا ڳوٺ لڳ ڏيهي شريف تعلقي تنڊي باگي ۾ ڄائو. سندس والد 1947ع ۾ کوسا ڳوٺ مان لڏي ٽندوباگو ۾ رهائش اختيار ڪئي. نٿومل مورواڻي پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٽنڊوباگو ۽ ميٽرڪ مير غلام محمد خان ٽالپر گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊوباگو (هاڻي هائير سيڪنڊري اسڪول) مان ڪئي.
هن نوڪري جي شروعات بطور جونيئر اسڪول ٽيچر جي 27 نومبر 1962ع ۾ امن آباد جي مڊل اسڪول کان 110 رپيه پگهار تي ڪئي. هن امن آباد کان پوءِ نصرپور ۽ پوءِ مير غلام محمد خان ٽالپر هاءِ اسڪول ٽنڊو باگو ۾، بحيثيت اُستاد تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون. آخري وقت ۾ هو اسڪول جو انچارج هيڊماستر ٿي رهيو. نوڪري دوران هن سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي ۽ ايم ايڊ جون ڊگريون پڻ حاصل ڪيون. سائين نٿومل هڪ سٺو اُستاد ته هوئي، پر اُن سان گڏ هڪ سماجي ۽ ادبي ڪارڪن به هو. هو سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن شاخ ٽنڊوباگو جو باني ميمبر ۽ تاحيات سيڪريٽري رهيو. ساڳئي وقت سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊوباگو ۽ اولڊ بوائز ائسوسيئيشن ٽنڊوباگو جو باني ميمبر ۽ تاحيات سيڪريٽري جنرل به رهيو. نٿومل مورواڻي شاعري کان علاوه ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ مضمون پڻ لکيا. سگا جي پليٽ فارم تان هن مفت اکين جي ڪئمپ لڳرائي ۽ ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان هن کوڙ سارا ادبي ليڪچر ڪرايا ۽ اديبن سان شامون ملهايون. اولڊ بوائز ائسوسيئيشن جي پليٽ فارم تان هو مير غلام محمد خان ٽالپر جي هر سال ورسي ملهائڻ ۾ سرگرم رهندو هو ۽ هن اسڪول جي عمارت کي محفوظ ڪرڻ لاءِ سنگت جي سهڪار سان ڊگهي ۽ اوچي چوديواري پڻ ڏياري. هو اسٽيج جو هميشه روح روان رهيو ۽ اسٽيج سيڪريٽري طور اڄ به هن جي لفظن جي ادائيگي ۽ انداز ماڻهن جي دلين ۾ محفوظ ٿيل آهي. نٿومل مورواڻي 15 ڊسمبر 1988ع ۾ فقط 43 ورهين جي قليل عمر ۾ دل جي دوري سبب وفات ڪري ويو.
***


[b]اڃا رڃ مان رڙ اچي پئي اچي پئي
[/b]
هي شهر(ٽنڊو باگو) به سنڌ جي ٻين شهرن وانگر هميشه جيان اُجڙيل، رستا ويران، اونداهيون گليون، زندگي يڪسانيت جو شڪار، ڪڏهن ڪڏهن ته وجود جو احساس به نه ٿيندو، بلڪل شيخ اياز جي هن شعر جي مصداق:
اسارا اسارا ڪينجهر جا ڪنارا،
تماچي نه تڙتي نه گنڌري گذارا.
۽ پوءِ اُن سانت کي ٽوڙيندو، مست سنڌو جي ڇولين جيان گجڪار ڪندو، مورواڻي نٿومل جو آواز اسٽيج تي گونجندو:
اڃان رڃ مان رڙ اچي پئي اچي پئي،
متان ايئن سمجهين، مئا مور سارا.
تڏهن لڳندو آهي ته هي شهر اُجڙيل ناهي. خليفي نبي بخش جي ڌرتي سنڍ ناهي. ڪوئل جي ڪوڪ ۽ ڀونئرن جي ڀوُن ڀُون ۾ اڃان به مڌر سر آلاپجن ٿا. انڊلٺي رنگن ۾ اڄ به اُها ئي ڪشش موجود آهي. ماڻهو جو وجود رات جي پيٽ ۾ گم ٿي نٿو سگهي. زندگي يڪسانيت جو شڪار ناهي ٿيڻي بلڪه انيڪ جواهرن ۽ اسرارن سان نت نئين روز موهي ٿي.
سُرن ۽ سرهاڻ سان ڀريل هي آواز، اسٽيج تي ڄڻ ڪنور ڀڳت جي آلاپ جيان لڳندو هو. جنهن کي ٻڌڻ لاءِ ماڻهو هڪ پل لاءِ جتي به هوندا هئا، ساڪن ٿي ويندا هئا.
محفل ڪهڙي به هجي، سماجي فنڪشن هجي يا ادبي پروگرام، اولڊ بوائز ائسوسيئيشن جي حوالي سان ڪو ڪاڄ هجي يا سگا جو پليٽ فارم، هي ماڻهو سڀ کان اڳيان. ورڪر به پاڻ ته ڪاڄ ڌڻي به پاڻ، مهمان خاص يا محفل جو مور ڪير به هجي، پر باسندو ايئن ته ڄڻ پاڻ ئي محفل جو مور هجي. اها محفل بنهه ڇسي باسندي هئي، بلڪه ٿي ئي نه سگهندي هئي، جنهن ۾ مورواڻي جو وجود نه هوندو هو.
هڪ بي ريا ۽ ذهين استاد- سنڌ جي هن قديم تاريخي اسڪول کي مسافر کانپوءِ، شايد ئي اهڙو لائق ۽ ڀلوڙ اُستاد مليو هجي.
ادب ۽ شاعري جي حوالي کان جيتوڻيڪ سندس قدبت ايڏو وڏو نه هو، يا ايئن کڻي چئجي ته هو اُنهن چند ناليرن شاعرن مان نه هو. سندس شاعري اڪثر عام رواجي ۽ روايتي قسم جي هوندي هئي. سنگت جي تنقيدي نشستن ۾ سندس سادي ۽ سلوڻي شاعري تي ٿيندڙ تنقيد کي، هو پاڻ نه فقط وڏي دل گردي سان ٻڌندو هو، پر قبول به ڪندو هو. سنڌي ادبي سنگت جي ڪارروائي هلائڻ ته ڪو کائنس سکي.
مختلف نقطه نظر رکندڙ سڀني دوستن کي گڏي کڻي هلندڙ ۽ اُنهن کي ڳنڍي رکڻ ۾ هو اڪيلي سر مڪمل رابطه ڪائونسل هو. نه فقط ايترو، پر ساڻس اختلاف راءِ رکندڙ ماڻهو به سندس شيدائي هوندا هئا. ڪير به هڪ دفعو ساڻس مليو ئي ناهي، سندس قرب ۾ قابو ٿيو ناهي. سندس شخصيت جون جيتوڻيڪ ڪافي گهڻ پاسيون خوبيون هيون، پر پوءِ به اها سندس بدقسمتي چئجي يا اسانجي، جو اُنجي باوجود به نه ته ڪو کيس جيئري خراج پيش ڪري سگهيو ۽ نه ئي موئي پڄاڻان اُهو مان ڏيئي سگهيو. کيس هتي جو مسڪين جهان خان کوسو چئي سگهجي ٿو، پر کيس متعارف ڪرائڻ لاءِ اسان مان ڪو به محمد بخش مجنون پيدا نه ٿي سگهيو. ضمير جي عدالت ۾ جڏهن ماڻهو پاڻ جوابدار هجي ته، ڪنهن کي ويهي منصف ٺاهجي ۽ ڪهڙي ويئي سزا تجويز ڪجي.
باگي واهه جي ڪنڌي تي اڏيل سنڌ راڻي جي سونهن ۽ سرهاڻ سان رچيل شهر، ۽ خليفي نبي بخش جي خطي جي ساڳي مٽي مان جنم وٺندڙ، دلبر دودي جي ديس جو هي رهواسي، ڀاڳو ڀان جيان مڌر ڪلا ماڻيندڙ انسان جنهن سان نيٺ دل دوکو ڪيو ۽ هو ڦوهه جواني ۾ اڻ پوريون آسون ۽ اڻ سامايل سپنا کڻي هميشه لاءِ اسان کان هليو ويو.
هن سدا مرڪندڙ انسان لاءِ ڪنهن ٿي ڀانيو ته، سندس اندر اڌ ٿيل آهي؟ ٻين کي خوشيون ۽ ٽهڪ آڇيندڙ انسان لاءِ ڪنهن ٿي سمجهيو ته سندس رونءَ رونءَ درد ۽ پيڙا سان پُر آهي.
شايد اها پيڙاهن ڌرتي تي جنم وٺندڙ هر ڏات ڌڻي ۽ جينيس انسان سان تسين رهندي، جيسين هن ڌرتي تان ڏک ڏولاوا ۽ ڏوجهرا ختم نٿا ٿين، جيستائين سنڌو جو سينو ڪالاباغ ڊيم ۽ ڇانوڻين کان آجو نٿو ٿئي، جيستائين ڌاريان ۽ ڌاڙيل نٿا تڙجن، جيستائين هن ڌرتي جو چپو چپو امن ۽ پيار سان پُر نٿو ٿئي ۽ اُهو پيار هن پوري عالم کي پنهنجي ڀاڪر ۾ نٿو ڀري.
منهنجا هي ڊائري جا ورق کيس هميشه وڻندا هئا ۽ پاڻ نجي توڙي ادبي محفلن ۾ هميشه اُنهن جو ذڪر ڪندو هو:
“گل اُنهن تي چاڙهبا آهن جن ۾ پنهنجي خوشبوءِ ناهي هوندي. منهنجي خوشبوءِ ته هر ڏس واسيل آهي. تنهن ڪري او منهنجا محبوب! منهنجي قبر تي گل نه چاڙهجانءِ.”
مون هي سٽون مورواڻي لاءِ ڪو نه رچيون هيون. پر اڄ اُن کي ڏات جو هڪ معجزو ئي چئجي، جو هي سٽون هڪ ڏات ڌڻي جون جيڪو حال حيات هن ڌرتي جو رهواسي آهي، ٻئي ڏات ڌڻي لاءِ جيڪو هن پار هليو ويو آهي، ساڻس گفتگو ۽ ڳانڍاپي جو ذريعو ٿي پيون آهن ۽ شايد اهو ئي هڪ تسلسل آهي. تڏهن ته مان چوان ٿو ته، موت جيتوڻيڪ اٽل آهي پر موت اُها شڪتي ناهي جيڪا ڏات ڌڻي جو هن ڌرتي تان وجود ميساري سگهي. آءُ سمجهان ٿو ته منهنجي هن ڳالهه جي گواهي هي هيڏي ساري رچايل محفل به ڏيندي جنهن ۾ مرواڻي جو آواز اڄ به گونجي پيو:
اڃان رڃ مان رڙ اچي پئي اچي پئي،
متان ايئن سمجهين مئا مور سارا.

1- 26 ڊسمبر 1991ع تي ٽنڊي باگي ۾ آنجهاني نٿومل مورواڻي جي ملهايل ورسي جي موقعي تي پڙهيل.
2- روزاني عوامي آواز (9 جون 1992) ۾ ڇپيل.
3- عبرت مئگزين جي پهرين آڪٽوبر 1996ع جي پرچي ۾ ڇپيل.

[b] نٿومل مورواڻي جو خاڪو
[/b]
لاڙ جو بدين ضلعو جتي صوفي منش مخدوم محمد زمان لنواري واري جي آخري آرام گاهه آهي. هن ئي خطي ۾ سنڌ ڌرتي جي آزادي جي ويڙهه وڙهندڙ شهيد دودي سومرو خاڪ پاڪ ۾ دفن ٿيل آهي، جنهن جي نالي کان اڄ به ڌرتي جا غدار ڪنڀن ٿا ۽ گهري ننڍ مان ڇرڪ ڀري اُٿن ٿا هن ئي ڀلاري ڀونءِ ۾ ڪيڏاري کي سرجيندڙ خليفو نبي بخش ۽ ٻاتڙن ٻولن جو شاعر محمد صديق مسافر ابدي ننڍ ستل آهن. هن ئي خطي ۾ سنڌ جو سگهڙ ۽ لطيف جو شيدائي محمد طالب لوهار ۽ ميرن جي مور مير غلام محمد خان ٽالپر جو مقبرو آهي، جنهن علم وسيلي جهالت خلاف جنگ جهوٽي.
انهن عظيم ۽ مهان هستين جي ساڳي سدا سهاڳڻ مٽي مان، هڪ اهڙي انسان به جنم ورتو جنهن جا ٻول ا ڄ به هتي جي ديس واسين جي روح ۾ رچيل آهن. اُهو ڀلوڙ انسان ٻيو ڪير نه، پر لاڙ جو لاڏلو سائين نٿومل مورواڻي جن هئا.
سائين نٿومل مورواڻي پهرين مارچ 1945ع عيسوي ۾ کوسا ڳوٺ لڳ ڏيهي شريف تعلقي ٽنڊي باگي ۾ ڄائو. سندس وڏڙا 1947ع کانپوءِ ٽنڊي باگي لڏي آيا. سائين نٿومل مورواڻي ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ ورتي ۽ ميٽرڪ مير غلام محمد خان ٽالپر هاءِ اسڪول مان پاس ڪيائين. پاڻ نوڪري جي شروعات بحيثيت اُستاد جي 27 نومبر 1962ع ۾ امن آباد اسڪول کان 110 رپيه پگهار تي شروع ڪيائون.
هڪ لائق ۽ ڀلي اُستاد جي حيثيت ۾ پاڻ سدائين شاگردن جي دلين تي راڄ ڪندا هئا. اُستاد جي حيثيت ۾ هن امن آباد کانپوءِ نصرپور ۽ اُن کانپوءِ آخري وقت تائين مير غلام محمد خان ٽالپر هاءِ اسڪول ٽنڊوباگو ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. اُن دوران پنهنجي تعليم به جاري رکيائون ۽ سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ۾ ايم اي ۽ ايم ايڊ جون ڊگريون پڻ حاصل ڪيائون.
سٺي اُستاد هئڻ جي ناتي پاڻ سدائين شاگردن جي مفاد کي اوليت ڏنائون ۽ اُنهن جي تربيت تي زور ڏنائون. آخري وقت ۾ پاڻ اسڪول جا انچارج هيڊ ماستر ٿي رهيا. اسڪول ۾ مختلف ڏهاڙن تي ڪرايل فنڪشن، اسڪائوٽ جي حيثيت ۾ ڪرايل ٽوئر ۽ اسڪول کي ڏياريل چوديواري اڄ به سندس ياد تازي ڪري ٿي.
سائين نٿومل مورواڻي تعليمي سرگرمين سان گڏ سماجي سرگرمين جو پڻ روح روان هوندو هو. اسٽيج تي ايندو هو ته ماڻهن جي دلين تي ڇائنجي ويندو هو. پاڻ اولڊ بوائز ايسوسيئيشن مير غلام محمد خان ٽالپر هاءِ اسڪول ٽنڊوباگو جي باني ميمبرن مان هو ۽ مرڻ گهڙي تائين اُنجو سيڪريٽري جنرل ٿي رهيو. اولڊ بوائز ايسوسيئيشن جي پليٽ فارم تان هر سال مير غلام محمد خان ٽالپر جي ورسي جو اهتمام ڪندا هئا. سندس ئي دور ۾ مير صاحب جي زندگي تي هڪ ڪتاب ڇپيو، جنهن کي راقم الحروف (ڀوَن سنڌي)ترتيب ڏنو ۽ مير صاحب جي مزار مٿان چوڪنڊي جي اڏاوت ٿي. سگا جي پليٽ فارم تان سندس خدمتون هميشه ياد رهنديون. هو سگا ٽنڊوباگو شاخ جو پايو وجهندڙن مان هو ۽ اُنجو تاحيات سيڪريٽري جنرل به رهيو. بدين ۾ سگا طرفان لڳايل اکين جي ڪيمپ ۾ سندس ڪيل خدمتون اڄ به ماڻهن کي ياد آهن.
نٿومل مرواڻي هڪ سٺو شاعر ۽ اديب پڻ هو. هن ڪيترائي شعر، مضمون، تاٿر ۽ ڪهاڻيون پڻ لکيون.ا لبته سندس شايع ٿيل مواد تمام گهٽ آهي. هو ادب جو شيدائي هو. جنهنجو مثال سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ڪيل خدمتون آهن پاڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊوباگو جو باني ميمبر هو ۽ تاحيات اُنجو سيڪريٽري ٿي رهيو. سندس ئي دور ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊوباگو سڄي سنڌ جي ادبي سنگتن جي شاخن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري پهريون نمبر کنيو ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊوباگو کي سال 1987ع جو بهترين شاخ جو ايوارڊ ڏنو ويو.
پاڻ سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان کوڙ سارا پروگرام ڪرايائون، جن ۾ نوجوان شاعر ڀوَن سنڌي (راقم الحروف) سان رهاڻ، “سنڌي ادب ۾ ڪتابن جي وڪري جو مسئلو تي نثار حسيني کان ليڪچر، سماج ۾ اديب جو ڪردار تي فقير محمد لاشاري کان ليڪچر، “ادب جو سماجي ڪارج” تي ڪامريڊ روچيرام کان ليڪچر ۽ “سُرڪا موڏ” تي تحقيقي ويهڪ قابل ذڪر آهن.
سڀني کي ڀائيندڙ ۽ سدا مرڪندڙ هي انسان، جنهن جي ذاتي دوستي جي حلقي ۾ هر مڪتبه فڪر جا ماڻهو شامل هوندا هئا ۽ هر ڪوئي کيس پنهنجو سمجهندو هو، سو صوفي منش انسان 43 ورهين جي ڦوهه جواني ۾ 15 ڊسمبر 1988ع تي اوچتو ئي اوچتو دل بند ٿيڻ سبب پنهنجن پيارن کي هميشه لاءِ ڇڏي ابد ڏي راهي ٿيو. سندس جنازي ۾ سندس چاهيندڙن جو هڪ ڊگهو قافلو شامل هو. هر ڪا اک آلي هئي. هرڪو خليفي نبي بخش جي ڪيڏاري جيان سراپا ماتم ڪده هو. باگي واهه جي ڪنڌي تي جتي سنڌ راڻي جي پيار جو داستان ڦليو ڦوليو، جتي سندس سونهن ۽ سرهاڻ واسيل آهي، اُتي سندس ارٿي کي آڳ جي نذر ڪيو ويو ۽ سندس خاڪ پاڪ هن دلبر ديس جي پوتر خاڪ سان ملي امر ٿي ويئي.
ههڙا مانجهي مرڻا ناهن،
ويس مٽائي ورڻا آهن.


1. 26 ڊسمبر 1991ع تي ملهايل آنجهاني نٿومل مورواڻي جي ورسي جي وڊيو مووي لاءِ لکيل هي اسڪرپٽ. ڊاڪٽر شبنم اعجاز خواجه جي آواز ۾ رڪارڊ ڪيو ويو.
2. اخبار ڪاوش پهرين مارچ 2013 ۾ ڇپيل