پرويز
علي محمد ولد محمد سليمان ميمڻ، ادب جي دنيا ۾ پرويز طور سڃاتو ويندڙ اديب سال 1942ع ۾، پر اسڪول جي داخلا رڪارڊ موجب 2 سيپٽمبر 1945ع ۾ ڳوٺ لاکا لڳ دڙو تعلقي ميرپوربٺورو، ضلعي سجاول ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم 1952ع کان 1957ع تائين لاکا پرائمري اسڪول ۾ مڊل تائين تعليم 1957ع کان 1960ع تائين دڙو جي گورنمينٽ مڊل اسڪول ۾ ۽ ميٽرڪ 1963ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ڪئي. گريجوئيشن 1968ع ۾ سنڌ ايگريڪلچرل ڪاليج ٽنڊوڄام (هاڻي يونيورسٽي آهي) مان ڪئي. پرويز نوڪري جي شروعات تعليم کاتي کان ڪئي. هن هاءِ اسڪول دڙو ۽ ميرپوربٺورو ۾ 1968ع کان 1969ع تائين جي تقريبن يارهن مهينن جي عرصي ۾، بطور سائنس ٽيچر خدمتون سرانجام ڏنيون. اُن کانپوءِ سال 70-1969ع جي عرصي ۾ اٽڪل 15 مهينا، ائگريڪلچرل انسٽيٽيوٽ ٽندوڄام ۾ ريسرچ اسسٽنٽ ٿي رهيو. ان کانپوءِ هو، هن وقت تائين پرائيوٽ نوڪري يا پنهنجي نجي ڪاروبار سان لاڳاپيل رهندو آيو آهي. 1971ع کان 1975ع تائين ميرپوربٺورو ۾ قمر ميڊيڪل اسٽور پارٽنر شپ تي هلايائين. دڙي شهر ۾ ڪپڙي جو دڪان 1975ع کان 1980ع ۽ ميرپوربٺورو ۾ 1980ع کان 1983ع تائين سنڀاليائين. 1993ع ۾ اين جي او الست ۾ پرائيويٽ جاب ۽ 1994ع ۾ هوٽل مڪلي ان (ٺٽو شهر) تي مئنيجري ڪرڻ کان علاوه 1994ع ۾ ڪجهه عرصو جاتي چوڪ تي ميڊيڪل اسٽور سان پڻ لاڳاپيل رهيو. هن وقت هو پنهنجي ڇوٽي موٽي زمينداري سان گڏ مقاطعي تي زمين وٺي آباد ڪرڻ کان سواءِ، چوپائي مال ۽ ڪاٺين وڪڻڻ جو ڪاروبار ڪري پنهنجو گذر سفر ڪري ٿو. پرويز شادي ميرپوربٺوري مان پهرين سيپٽمبر 1973ع ۾ ڪئي ۽ کيس چئن پٽن ۽ چئن نياڻين جو اولاد آهي.
پرويز 1964ع جي شاگردي واري زماني کان ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. هن جي پهرين ڪهاڻي ماهوار سنڌي رسالي بادل جي مارچ 1967ع واري پرچي ۾ شايع ٿي ۽ سندس پهريون ڪتاب نئون ڳوٺ پراڻو ڳوٺ (چيني طويل ڪهاڻي جو ترجمو) 1976ع ۾ عوامي ڪتاب گهر شايع ڪيو، جنهن کانپوءِ اُن جا ٻيا ايڊيشن به شايع ٿيا. پرويز سنڌي ادب ۾ پنهنجو تخليقي پورهيو ڪري پاڻ ملهايو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن جو تفصيل ڪجهه هن ريت آهي.
1- سڻي تنهنجو سڏ (طبعزاد ڪهاڻين سان گڏ ٻه ترجمو ٿيل ڪهاڻيون (سال 1978) 2- رت جا ڦڙا (ڪهاڻيون سال 1988) 3- وڃايل مرڪ (ڪهاڻيون سال 2006) 4- ماڃر جي حور (ڪهاڻيون سال 2007) 5- لڙڪن آجا نيڻ (ناول 2007) 6- منهنجو پاڻي بند نه ڪجانءِ (ڪهاڻيون سال 2007) 7- دل جي دري (ڪهاڻيون سال 2008ع) ڪبوتر (ڪهاڻيون سال 2011) 10- اکين ۾ رهجي ويل عڪس (ڪهاڻيون 2014) 11- گل وزيران (ڪهاڻيون 2015) 12- آزادي جو صبح (ڪهاڻيون 2015) 13- اڃان پنڌ ۾ آهيون (ناول 2015) 14- ٽياس تي ٽنگيل (ناول 2015) 15- وسندڙ مينهن رئندڙ اکيون (ڪهاڻيون 2016) 16- سڪ سڄڻ يار جي (سفرنامو 2017) 17- اسان اُڏجاڻان (ڪهاڻيون 2018)
پرويز جي اڻ ڇپيل مواد جو تفصيل ڪجهه هن ريت آهي.
1- سجنان ۽ ڪونجون (ڪهاڻيون) 2- درشن جو درشن (ڪهاڻيون) 3- پيهي جان پاڻ ۾ (آتما ڪٿا حصو ٻيون) 4- مشتاق سارنگ (ناول) 5- جديد خانقاهه (ناول) 6- هڪڙي ڳالهه چوان (مضمون، خاڪا ۽ ڪالم ٻن ڀاڱن ۾) 7- منهنجي اکين سان ڏس (مهاڳ).
پرويز جو طبعزاد لکڻين کان علاوه سنڌي توڙي اردو ترجمي جي ذمري ۾ به ڪافي ڪم ٿيل آهي جنهنجو وچور ڪجهه هن ريت آهي.
1- پيءُ جا ڌي ڏي خط (80 کان 90 دوران) 2- شاهه راهه دهلي (تقريرون 80 کان 90 دوران) 3- پنڌ اڻانگا پٻ جا (انٽرويو 80 کان 90 دوران) 4- ڏونگر منجهه ڏيئو (ناول 1994) 5- اسپارٽيڪس (ناول 1998) 6- وڇوڙي جا وڍ (ناول 2012) 7- لهندڙ سج جي شام (ڪهاڻيون 2012) 8 تمهاري شهر مين (ناول 2013) 9- گڏي جي واپسي (ناول 2017) 10- فلسطيني جدوجهد آزادي
پرويز جي ترجمو ٿيل اڻ ڇپيل ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي
1- ڳاڙهو نشان (ناول) 2- روح جو زخم (ناول) 3- بوتيک سي بيڊ روم تک (کهانيان) 3- دلي کا سفر (سفرنامو) 4- کارکن (ليڪچر) 5- رسول بخش پليجو (آتم کهاني) 6- اندها اوندها ويج (تنقيد).
پرويز ادبي دنيا کان علاوه نجي زندگي ۾ سياست سان به واڳيل رهيو آهي. 1967ع ۾ 4 مارچ جي واقع کان ستت ئي پوءِ ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ جي دوران هو ڪجهه عرصي لاءِ ڄام ساقي واري ڪميونسٽ پارٽي جي ذيلي تنظيم حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن (HSF) سان لاڳاپيل رهيو. اُن کانپوءِ هن جي رجب علي ميمڻ جي معرفت رسول بخش پليجي سان واقفيت ٿي. اُن وقت کان وٺي هيلتائين هو رسول بخش پليجي جي پارٽي عوامي تحريڪ سان لاڳاپيل آهي. پرويز عوامي تحريڪ ۾ مختلف وقتن ۾ مختلف عهدن تي رهڻ کان سواءِ جيل ياترا به ڪري چڪو آهي. هو 1977ع جي ڀٽي صاحب واري اليڪشن جي دور ۾ ٻه ڏينهن ميرپوربٺوري جي لاڪ اپ ۽ ڏهه ڏينهن سکر سينٽرل جيل جو به باندي بڻيو. ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ هن کي ڪجهه عرصي لاءِ ميرپوربٺوري جي لاڪ اپ ۾ رکيو ويو. هو رسول بخش پليجو جي پارٽي عوامي تحريڪ سان 1968ع کان وٺي هيلتائين تائين لڳ ڀڳ پنجاهه سالن جي وابستگي ۾، ون يونٽ ٽوڙيو تحريڪ، ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپايو تحريڪ، سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ بند ڪريو تحريڪ، صحافين جي ملڪ گير تحريڪ، ڪالاباغ ٺاهڻ بند ڪريو تحريڪ، ايم آر ڊي جي 1984ع ۽ 1986ع واري تحريڪ ۾ حصو وٺڻ کان علاوه مختلف وقتن تي، مختلف مسئلن تي ٿيندڙ جدوجهدن ۽ لانگ مارچن ۾ به ڀرپور حصو وٺندو رهيو آهي.
***
_________________
[b]رت ڦڙن کان ماڪ ڦڙن تائين
[/b]
اڃان پيرڊ مان موٽندي چاڪ ۽ ڊسٽر مان مس هٿ ڪڍيا هوندم ته ڪاليج لئبارٽري جي دروازي تي سنڌي ادبي سنگت شاخ بٺوري جي سيڪريٽري پرهياڙ هٿ ۾ ڪارڊ ٿمائيندي پرويز جي ڪتاب رت جا ڦڙا جي مهورت ۾ شرڪت لاءِ دعوت ڏيندي چيو، “جي ڪجهه لکڻ چاهيو ته ٺيڪ.” مون وراڻيو، “مون وٽ ڪتاب ئي ڪونهي ته ڇا لکان؟”
چيائين: “جي ڪتاب موڪليان ته پوءِ.....؟”
“پوءِ ڀلا ڇو نه لکندس؟”
مون ته کڻي ڳالهه ڪئي ۽ ٻئي ڏينهن ڪتاب منهنجي ٽيبل تي پهچي ويو. آءُ واعدو ته ڪري ويٺس پرڇا لکان؟
“رت جا ڦڙا” - ۽ مهورت؟
ڪتاب تي نظر وڌم، مون کي ته رڳو رت ئي رت نظر آيو. ٽائيٽل رت هاڻو... اندر کوليم ته رت جون نديون وهندڙ... هر ڪهاڻي رت جا ڦڙا... هر ڪردار رت سان ڀريل... رت جا ڦڙا ۽ مهورت؟ اسان وٽ ته هيل تائين رڳو ماتم ئي ٿيندا آيا آهن. ڇا اُنهن جو مهورت ڪرڻو آ؟ رت جي ڦڙن جو به ڪو مهورت ٿيندو آ؟ شل ڪو سڻائو واءُ لڳي، جو ڌرتي تي گهاريندڙ آد جڳاد کان دکي انسان جي زندگي ۾ سندر سپنن جي ساڀيان جو مهورت نڪري! شل انسان جي زندگي مان رت جا ڦڙا آڪاش ۾ محلول ٿي ماڪ ڦڙن ۾ منتقل ٿي وڃن، ۽ ڌرتي جي سيني تي اُڀريل جواڻ جماڻ ڇورين جي اُرهن جهڙن گلن تي ماڪ ڦڙا سدا ڳڙندا رهن، جن جي ڀنل سڳنڌ ۽ سرهاڻ انسانن کي سدائين واسي رکي!
رت جا ڦڙا- ها رت، اهوئي رت ته هڪ قلم ڪار جو ٻي قلمڪار سان رشتو جوڙي ٿو، توهان کي شايد خبر نه هجي ته، منهنجو ۽ پرويز جو رت جو هڪ گروپ آهي. اُهو ئي ساڳيو رت جيڪو هن ڌرتي جي سيني تي وهندڙ مست سنڌو ۾ وهي ٿو.... اُهوئي رت جيڪو هتي جي مڪائي جي سنگن، لين ۽ لاڻن ۾ گردش ڪري ٿو. اُهوئي رت جيڪو هتي جي اجرڪن کيسن، لوئين ۽ رلين تي کنهبا ۽ رنگ رتول چٽ چٽي ٿو.... اهوئي رت آهي، جيڪو ڪنهن سندري جي ڳاڙهن ڳلن ۾ ڦڙا ڦڙا ٿي ٽپڪي ٿو ۽ پوءِ جڏهن ڪوئي انهي سدا وهندڙ دارا تي ڪالاباغ ڊيم ٻڌي ٿو، ۽ پوءِ جڏهن ڪوئي انهن لاڻن، لين ۽ سنگن کي پاڙان پٽي ٿو ۽ پوءِ جڏهن ڪوئي منحوس راڪاس اُنهن ڳاڙهن ڳلن آڏو ڪائي اوچي ديوار اڏي ٿو ته رت دانگي تي ٽهڪي ٿو ۽ قلم جي نوڪ ۾ منتقل ٿي اُنهن منحوس چهرن کي گهائي ڇڏي ٿو. ڪلاڪار رت جو هي رشتو پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجن ماڻهن سان صدين کان نباهيندو اچي ٿو.
پرويز به ان راهه ۾ “رت جا ڦڙا” وهايا آهن پوءِ جي اُهي اُڃايل سينن تي وسيا آهن ته ساوا ساوا سلا اُڳيا آهن، اڻ سامايل سپنن ۾ سورج مکي جي گل جيان جُهليا آهن، اُجهاڻل اکين ۾ آس جا موتي ٿي چمڪيا آهن. جيئن سندس ڪهاڻي “سڻائو واءُ”، ۾ سونل جو ڪردار ٻهڪي ٿو جيڪو قيد و بند کان آزاد پنهنجي چاهت ماڻي ٿو.
ڪلاڪار پرويز جتي به زندگي کي ويجهو ويو آهي، اُتي هو مسئلن کي چڱي طرح پرکي سگهيو آهي. بلڪه ايئن کڻي چئجي ته اُتي هو هڪ سرجڻهار جيان آهي، جنهن جي هر تخليق سندرتا سان رچيل آهي. سندس ڪهاڻي “وڳو ئي نئون”، ڳوٺاڻي ماحول تي سندس گهري مشاهدي جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ سماج ۾ اوندهه ۽ ڪرب اوتيندڙن تي ڀرپور چماٽ آهي.
ڪلاڪار پرويز جنهن ڀوڳيو آهي، جڏهن اُن ڀوڳنا کي پنهنجي ڪهاڻي “رت جا ڦڙا”، ۾ ٻولي جو روپ ڏي ٿو، ته اُنجو هر اکر ۽ هر سٽ ڪنهن معصوم ٻار جي ابدي مرڪ جيان تاريخ جي گوشي گوشي ۾ محفوظ ٿي وڃي ٿي. خاص ڪري ساڳي ئي ذڪر ڪيل ڪهاڻي ۾ ڏنل هي تشبيهه ڪلاڪار کي پڙهندڙ جي ڪيترو نه ويجهو اڻي ٿي، “اُن ٻاٽ اونداهي ۾ اُنهن مسڪين ماڻهن سان جي ڪنهن کي همدردي هئي ته اُهي رڳو سڪل ڪاٺيون هيون، جيڪي پنهنجو جسم جلائي هنن غريبن لاءِ ڪجهه ڪوس ۽ ٿورڙو سوجهرو پيدا ڪري کين آٿت ڏيئي رهيون هيون.”
پرويز جي ڪهاڻي “الله جا احسان”، موضوع پلاٽ ۽ ٻولي جي لحاظ کان ٿورڙن لفظن ۾ ڀرپور تاثر ڇڏي ٿي. هن ڪهاڻي جا ڪردار نه ته وائڙا آهن ۽ نه ئي ڪو فني جهول اٿس.
ڪلاڪار جا لفظ، ٻولي ۽ خيال جيڪي ڏات جي ڏيهه مان سر جي نڪرن ٿا اُهي کيس نه صرف پڙهندڙ جي ويجهو ڪن ٿا پر کيس تاريخ ۾ به هڪ ابدي حيثيت ڏين ٿا، جنهن کي زمان ۽ مڪان ۾ پيدا ٿيندڙ تبديليون لوڙهي نٿيون سگهن. پر ڪلاڪار پرويز جڏهن ڪلا سان ناتو ڇني زندگي کي پولارن ۾ پائڻ لاءِ شعوري ڪوشش ڪئي آهي، تڏهن هو مون کي بلڪل اُن سنڍ عورت جيان لڳو آهي، جيڪا ڪڏهن به گرڀوتي نه ٿي سگهندي. تڏهن هو مون کي ڪلاڪار گهٽ ۽ ڪپڙي جو واپاري زياده لڳو آهي.
جيئن سندس ڪهاڻي “پيٽ گذر” مڙيئي پيٽ گذر آهي. بلڪل هڪ ڪپڙي جي واپاري جيئن، جيڪو ڪپڙي جي هڪڙي پڙت برانڊ کي مختلف نالا ۽ نوان ليبل چاڙهي گراهڪ جي اڳيان پيش ٿو ڪري. جيئن سندس ٽي ڪهاڻيون “بنيادي حق”، “خوشي سان” ۽ “پريت ۽ جاني”. انهن ٽنهي ڪهاڻين جو مرڪزي خيال ۽ فارميٽ مون کي ته هڪڙو ئي باسي ٿو.
ڪلاڪار جڏهن فن کي ڇڏي مقدار تي زور ڏي ٿو ته، هو منهنجي خيال ۾ اُن سان ادب جي ڪا به خدمت نٿو ڪري ۽ سندس پڙهندڙ جنهن سان هن جي فن جي ذريعي سڃاڻپ آهي، ختم ٿيو وڃي. اُن وقت هو ڪلاڪار نه پر هڪ اهڙو سياستدان ڏيکائي ڏي ٿو، جيڪو اسٽيج تان هر وقت نعري بازي ڪرائيندو ۽ ساڳيون گٺل پيٺل ڳالهيون ورجائيندو رهي ٿو. جيئن سندس ڪهاڻي “چار داڻا” جا ڪردار هوائي ۽ بي تُڪيون ڳالهيون ڪندا نظر اچن ٿا.
ڪٿي ڪٿي ته پرويز ڪهاڻي ۾ ناول لکڻ جي به غير ضروري ڪوشش ڪئي ٿي ڀائنجي. جيئن سندس ڪهاڻي “پرهه ڦٽي” جو پس منظر، واقعا ڪردار ۽ وقت جيڪي هڪ ناول لاءِ ئي موزون ٿين ها. هن ڪهاڻي ۾ ڪردار ۽ واقعا ايئن روپ مٽائيندا رهن ٿا جيئن هڪ فلم ۾ انيڪ ڪردار هڪ ئي وقت ٽپي پوندا آهن ۽ اڻ وسهندڙ معجزا ڪندي نظر ايندا آهن.
ڪلاڪار کي ڪهاڻي جي فن ۽ ٽيڪنڪ تي ضرور ڌيان ڏيڻ گهرجي. جيئن سندس ڪهاڻي “ڪوڙڪي” کي ڊائلاگ يا انٽرويو جي زمري ۾ ته آڻي سگهجي ٿو، پر اُن کي ڪهاڻي قطعي ڪوٺي نٿو سگهجي.
ڪلاڪار پرويز پنهنجي هڪ ڪهاڻي، “اکيون ميگهه ملهار” جي ڪلائيمڪس جتي ڪئي آهي منهنجي خيال م اهو ڪهاڻي جو وچ آهي. اُن کي اڳتي جاري رهڻ کپندو هو. اُن کانسواءِ ڪجهه ڪهاڻين ۾ ڪلاڪار، ڪلاڪار کان وڌيڪ نئريٽر لڳي ٿو، ڄڻ ته سندس ڪردار گونگا هجن.
ڪلاڪار پرويز پنهنجي هن مجموعي ۾ آيل ڪهاڻين جي سرجڻ جو عرصو يارهن سال ڄاڻائي ٿو، اهي يارهن سال (اشارو فوجي آمر جنرل ضياءُالحق جي يارهن سال سفاڪانه ۽ وحشيت سان ڀرپور فوجي راڄ ڏانهن) جن کي هن ڌرتي جا ماڻهو ظلم جي علامت طور استعمال ڪندا آيا آهن، پر آءُ ته اهو چوندس “سرجيس تان سک ويا، سامائيس تان سور” منهنجي ڌرتي ۽ اُن ۾ رهندڙ انسان، انهن يارهن سالن کان اڳ به سورن ۾ هئا ۽ انهن يارهن سالن کانپوءِ هاڻ به سورن ۾ آهن. جيستائين ڌرتي دکي رهندي، جيستائين “رت جا ڦڙا” آڪاش ۾ محلول ٿي ماڪ ڦڙن ۾ منتقل نٿا ٿين ۽ ڌرتي جي سيني تي اُڀريل جواڻ جماڻ ڇورين جي اُرهن جهڙن گلن تي ماڪ ڦڙا ٿي نٿا ڳڙن ۽ جيسين ماڪ ڀنل گلن جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ تي ڌرتي جي انسانن جو حق نٿو قبوليو وڃي، تيستائين هن ڌرتي جو فنڪار ڪڏهن پرويز جي روپ ۾ ته ڪڏهن ٻئي ويس ۾ Angry Young Man جيان قلم جي نوڪ جي ذريعي،زهر ڀريل گيت رچيندو رهندو ۽ پوءِ جڏهن هن ڌرتي جي گلن تي ماڪ وسندي، ۽ جڏهن اُنهن جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ انسان کي پنهنجي آغوش ۾ وٺي واسي ڇڏيندي، تڏهن ڪلاڪار جي ڪوتا ۾ “رت جا ڦڙا” نه پر امرت ڌار ڇوليون هڻندي وهندي.
1- پرويز جي ڪهاڻين جي مجموعي “رت جا ڦڙا” جي مهورت (ميرپوربٺورو 1990-01-26) ۾ مهمان خاص جي حيثيت ۾ خطاب .
2- پندرهن روزه عبرت مئگزين جي پهرين مارچ 1990ع جي پرچي ۾ شايع ٿيل.