ڪالم / مضمون

ڌرتيءَ جا چنڊ

خاڪن ۽ تاثر نما تحقيقي مضمونن/ مقالن جو ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ڀون سنڌيءَ جو لکيل آھي. ڀون سنڌي لکي ٿو؛
”هي ڪتاب ڌرتي جا چنڊ سنڌ جي مختلف علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي شخصيتن بابت آهي، جن پنهنجي پنهنجي وقت ۾ هن ڌرتي جي وشال ڪينواس تي پنهنجي ڏات ۽ ڏيا ۽ سُرن ۽ ساڃاهه جي پورهئي جا انڊلٺي رنگ ڀري سونهن ۽ سچ جو منظر پي سجايو آهي، جن کي پسي جيڪڏهن پڙهندڙن جون اکيون گهڙي پل لاءِ ئي ٿڌاڻ ۽ روح جي راحت محسوس ڪن ٿيون ته، آئون پنهنجي محنت سجائي سمجهندس.”
  • 4.5/5.0
  • 1745
  • 336
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڀوَن سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڌرتيءَ جا چنڊ

قاسم پٿر (پٿر سنڌي)

[b]تعارف [/b]
سياسي ۽ ادبي دنيا ۾ قاسم پٿر ۽ پٿر سنڌي جي نالي سان سڃاتو ويندڙ، هي عظيم انسان جنهن جو اصل نالو محمد قاسم، والد جو نالو عبدالرحيم ميمڻ هو، سال 1937ع ۾ ڳوٺ ڪاٺوڙ تعلقو شاهه ڪريم بلڙي ضلعو ٽنڊو محمد خان ۾ ڄائو. قاسم عام طور پاڻ پنهنجو تعارف سدائين قاسم پٿر جي نالي سان ڪرائيندو هو. البته هن تحريرن ۽ عوامي تحريڪ جي رسالي ۾ ايڊيٽر طور نالو پٿر سنڌي استعمال ڪيو آهي. قاسم پٿر پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪاٺوڙ، ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپوربٺورو ۽ بي اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪئي. هن جو ننڍپڻ والد جي وفات بعد پنهنجي چاچي الهڏني ميمڻ وٽ دڙي شهر ۾ گذريو. قاسم پٿر شروع شروع ۾ مال چاريو ۽ اُن کان پوءِ ڪجهه وقت درزڪو ڌندو ڪيو ۽ پوءِ قمر ميڊيڪل اسٽور ميرپور بٺورو تي ڪم ڪيو. 1956ع ۾ هن سياست جي شروعات ڪئي. ابن حيات پنهور سندس سياسي تربيت ۾ پهريون اُستاد رهنما هو. قاسم پٿر پنهنجي سياسي دور جي شروعات ۾ ڪميونسٽ پارٽي سان لاڳاپيل رهيو. هو ڪجهه وقت نعپ (نيشنل عوامي پارٽي) ۾ به رهيو ۽ اُن ۾ سنڌ ڪميٽي جو ميمبر به رهيو. نعپ سان قومي مسئلي کي ڀرپور انداز ۾ نه کڻڻ تي، هن نعپ کي الوداع ڪيو ۽ رسول بخش پليجي سان گڏجي 1968ع ۾ سنڌي عوامي تحريڪ جو بنياد وڌو. هو سنڌي عوامي تحريڪ طرفان نڪرندڙ رسالي ماهوار تحريڪ ۽ ساڻيهه رسالي جو ايڊيٽر به رهيو ۽ ان عرصي دوران سياسي ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ، هن مختلف سياسي ۽ ادبي ڪتاب به ترتيب ڏنا. سال 1974ع ۾ قاسم پٿر کي سنڌي عوامي تحريڪ ۾ مختلف وقتن تي نظرياتي ۽ قومي اختلافن رکڻ سبب، پارٽي ڊسيپلين جي خلاف ورزي ۽ غداري جا هٿ ٺوڪيا الزام هڻي، اُن وقت پارٽي مان خارج ڪيو ويو، جڏهن هو لاڏيون شهر جي جيل ۾ قيد هو. هن سال 1978ع ۾ پنهنجي هم خيال سياسي ورڪرن ۽ دوستن سان گڏجي سنڌ نيشنل ڪانگريس جي نالي سان نئين پارٽي ٺاهي. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ هن ڄام ساقي سان گڏجي هاري تحريڪ کي منظم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون. سنڌ ۾ جتي ايوب خان جي آمر شاهي خلاف تحريڪ ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ، ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپايو تحريڪ، حيدر بخش جتوئي جي هاري حقدار تحريڪ، مقامي مسئلن تي هلايل جوجهدون ۽ ٻيون کوڙ ساريون هلچلون هن جي کاتي ۾ اچن ٿيون اُتي سنڌ ۾ سياسي جدوجهد لاءِ ٺاهيل سنڌ قومي اتحاد ۽ راڄوڻي مسئلن تي جڙندڙ اتحاد ۾ سندس پورهيو به شامل رهيو. عمر جي آخري حصي ۾ هنجي وابستگي جيئي سنڌ محاذ سان رهي. قاسم پٿر پنهنجي سياسي زندگي ۾ ڪافي ڀيرا جيل به ويو. هن مختلف وقتن تي قومي ۽ طبقاتي مسئلن تي هلايل جدوجهدن جي ڪري خيرپور ميرس، ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد جي جيلن کان علاوه ميرپور بٺوري جي لاڪپ ۾ پڻ قيد ڪاٽيو. قاسم پٿر جيتوڻيڪ ڪافي سياسي پارٽين ۾ ڪم ڪيو ۽ اُنهن پارٽين جو فل ٽائم ورڪر به رهيو، پر هو شخصيتن، پارٽين ۽ نظريات جي انڌي تقليد جي خلاف هوندو هو. اهو ئي سبب هو جو هو ڪافي پارٽين سان گهڻو وقت گڏ هلي نه سگهيو. پر اُنجي باوجود به هن ڪڏهن به اُنهن سياسي ورڪرن سان ناتا نه ٽوڙيا، جن کان هو الڳ ٿي چڪو هو. هو سال ٻي سال اُنهن سياسي ورڪرن کي ڳولي لهندو هو ۽ اُنهن جي سارسنڀال لهندو هو. قاسم پٿر سنڌ جي اُنهن واحد سياسي ورڪرن مان هو، جيڪو پنهنجي سياسي مخالفن توڙي ذاتي زندگي ۾ منهن مٽائيندڙ دوستن وٽ به سدائين ڀيرو ڪندو هو ۽ کين ڳنڍي رکندو هو. هن ۾ جيتوڻيڪ اڳواڻي واريون صلاحيتون موجود هيون، پر هن پارٽي ۾ سدائين پاڻ کي ورڪر رهڻ تي ترجيح ڏني.
قاسم پٿر طبيعتن رومانس پسند ماڻهو هو. انهي ڪري هن سياست کي به رومانوي انداز ۾ هلائڻ جي ڪوشش ڪئي. قاسم پٿر سياست سان ته ڪميٽيڊ هوئي، پر هو ادبي ذوق رکندڙ ماڻهو به هو. هن جا لکيل ڪافي مضمون ۽ ڪهاڻيون، پيار محبت ۽ سماجي، سياسي، قومي ۽ طبقاتي مسئلن کي نمايان ڪن ٿيون. سنڌ جو هي باذوق ۽ فل ٽائيم سياسي ورڪر 18 ڊسمبر 2007 ۾ دل جي آپريشن ناڪام ٿيڻ سبب سنڌ ماءُ جي گود ۾ سدائين لاءِ سمهي پيو.
قاسم پٿر جي لکيل ڊرامي ۽ ڪهاڻين جو مجموعو، “رت ۽ غلامي” جي سري هيٺ سندس حياتي ۾ سنڌ نيشنل پبليڪيشن ميرپور بٺورو ڇپايو ۽ سندس وفات پڄاڻان قاسم جي شخصيت تي مختلف اديبن ۽ سياسي اڳواڻن ۽ ورڪرن پاران لکيل مضمون ۽ تاثر ڪتابي شڪل “ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا” جي عنوان هيٺ سنڌ نيشنل پبليڪيشن ميرپوربٺورو پاران سال 2008 ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. يوسف سنڌي پاران قاسم پٿر سان گهاريل گهڙين ۽ ساروڻين تي مشتمل ڪتاب، “چڱو قاسم موڪلاڻي ڪانهي”. ڊسمبر 2012ع ۾ ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو.اُن کان سواءِ قاسم پٿر جي سياسي، سماجي ۽ ادبي زندگي ۽ شخصيت تي مختلف اديبن ۽ ليکڪن جي تحريرن تي ٻڌل ڪتاب“گوندر گس پرين جو”سنڌ پبليڪيشن ٺٽو پارا سال 2013 ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.
***


[b]مٽي جو ماڻهو
[/b]
منهنجي قاسم پٿر سان ڏيٺ ويٺ ستر واري ڏهاڪي ۾ ٿي. تڏهن منهنجي جيون جوڀن جي چائنٺ چمي رهي هئي ۽ هن جي وارن ۾ ڪٿي ڪٿي چاندي جون تارون ظاهر ٿي رهيون هيون. آئون مڊل ڪلاس جو ماڻهو آئيڊلزم جو شڪار هئس. منهنجي عمر به اهڙي هئي ۽ اُنجي تقاضا پڻ. منهنجي نظر ۾ منهنجي سياست جا رهبر ڪنهن ديوتا يا جان رامبو جي ڪردار کان گهٽ نه هئا. تڏهن هو پورهيت طبقي جي سياست ڪندو هو ۽ وطن دوست انقلابي راهه روشن ڪندڙ مشعل جي دعويٰ ڪندڙ پورهيت پارٽي (سنڌي عوامي تحريڪ) جو نه صرف ورڪر هو، پر اُن تنظيم ۾ مک عهدي تي فائز ۽ اُن طرفان نڪرندڙ رسالي تحريڪ جو ايڊيٽر پڻ هو. هن جون ڳالهيون مون کي گهٽ ڀانئينديون هيون. شايد ٿوري سياسي ڄاڻ هئڻ ڪري يا الڳ طبقاتي حيثيت هئڻ جي ڪري. پر هن جو پنهنجائپ وارو رويو مون کي هن جي ويجهو وٺي ويندو هو ۽ سدائين لڳندو هو ته هن جي ڳالهائڻ سان گڏ هن جي عمل ۾ به ايمانداري هئي. مون کي ته قاسم سڄي عمر لڳو ته هو سياست ۾ پوءِ هو کڻي ڪٿي به رهيو هجي ۽ ڪهڙي پارٽي ۽ نظريي سان رهيو هجي، آئيڊيلزم جو قائل رهيو ۽ سندس آئيڊيلزم جو محور ٻيو ڪير نه پر اُها سنڌ ئي هئي. اهو ئي سبب هو جو قاسم پٿر سان سڄي عمر ۾ کوڙ سارا اختلاف هئڻ جي باوجود به، پنهنجائپ وارو تعلق قائم رهيو.
ڪنفيوشس چيو آهي ته ،“جيڪي سچ کي ڄاڻن ٿا اُهي اُنهن برابر ناهن جيڪي سچ سان پيار ڪن ٿا ۽ جيڪي سچ سان چاهه رکن ٿا اُهي وري اُنهن جي برابر ناهن جيڪي سچ مان مزو وٺن ٿا.” قاسم ڪنفيوشس چواڻي اُنهن ماڻهن مان هو، جيڪي سچ مان مزو ماڻين ٿا تڏهن ته هن سڄي عمر سچ جو ساٿ نه ڇڏيو، جڏهن ته ساڻس ڪم ڪندڙ سندس دور جي اهم سياست دانن جن نظريي جي سچائي ۽ عوام جي دردن مان ڇوٽڪاري جون وڏيون دعوائون ٿي ڪيون، پنهنجو پنهنجو ملهه طئه ڪري سياست جي بازار ۾ پاڻ کي ڪيش ڪرايو ۽ هي درويش صفت انسان سادن سودن ٽن ڪپڙن ۾، محدود وسيلن جي باوجود به سدائين سڄي عمر هڪ سچو سپاهي ٿي بيٺو. هن جي نظر ۾ لارڊ بائرن جي قول جيان بغاوت زندگي جو حسين روپ رهي. هن جي سياست سنئين سڌي ڌرتي جي آزادي ۽ انسان جي آجپي جي سياست هئي. اهڙن ماڻهن تي ڪنفيوشس جي هي چوڻي بلڪل ٺهي اچي ٿي ته، “سچائي پنهنجي ڳولائو کي ڪڏهن به مايوس نه ڪندي آهي.” قاسم پٿر جي نظر ۾ ايمرسن فاسڊڪ جي سوچ جيان، “آزادي خطرناڪ شئي ضرورهئي پر اُن جهڙي ٻي ڪا محفوظ شئي به ڪو نه هئي.”
قاسم پٿر جي هڪ خوبي اِها به هئي ته هو انيڪ اختلافن جي باوجود به، پنهنجن پراڻن تنظيمي ساٿين ۽ دوستن جيڪي کڻي پوءِ ساڻس گڏ نه به رهيا هجن کي ڪڏهن به نه وساريندو هو. ڇهين ٻارهين مهيني پر اُنهن وٽان چڪر ضرور لڳائيندو هو ۽ هو ايئن ڪڏهن اسان جهڙن ويٺل ۽ بي عمل ماڻهن کي به ڳولي لهندو هو. اسان جي هن تي سدائين اها تنقيد هوندي هئي ته اوهان پارن سياستدانن جي ناڪام سياست ڪو ٻوٽو ڪو نه ٻاريندي ۽ هي بي حس ماڻهو ڪڏهن به ڪو نه اُٿندا. هن جو هڪڙو ئي جواب هوندو هو ته اوهين ويٺل ماڻهو رڳو تجزيا ڪري ڄاڻو ۽ ناڪام اديب رڳو تنقيد ڪري ڄاڻن. اڄ مون کي سمجهه ۾ اچي ٿو ته هو بلڪل صحيح چوندو هو. هو هڪ عملي ماڻهو هو، جيڪو ڪڏهن به سياسي عمل مان نه ٿڪو ۽ نه ئي سياست کان پاسيرو ٿيو. ڪفوڪالڊ چوي ٿو ته، “محبوب ۽ محبوبه پنهنجي گفتگو مان ڪڏهن به بيزار نٿا ٿين ڇاڪاڻ جو هو پنهنجي ئي باري ۾ گفتگو ڪن ٿا”. قاسم پٿر به پنهنجي سموري سياسي عمل مان بيزار نه ٿيو، ڇاڪاڻ جو هن جي چاهت ٻي ڪا نه پر سنڌ ماءُ هئي، جنهن جي ٿڃ جو ذائقو هن جي چپن تان ڪڏهن به جهڪو نه ٿيو ۽ هن جي ڏنل لولي سندس روح م سدائين رچيل رهي ۽ جيسين جيئرو رهيو، اُن لولي جي ٻولي گهر گهر پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي.
ميرپوربٺورو جيڪو ڪنهن زماني ۾ سنڌ جو ويٽنام ليکيو ويندو هو، مان دعويٰ سان چوان ٿو ته بٺوري جي اِها سڃاڻپ پٿر جي ڪري ئي هئي. مون کي ته قاسم جي ماڙي ۽ سنڌو ڪناري سن جي سائين جي بنگلي جو هڪ ئي منظر لڳندو آهي، جتان هميشه پيار ۽ محبت جا پکي اُڏاڻا ۽ سنڌ جي آجپي جو پيغام گهر گهر پهتو.
هم ڪس يار اند چه هشيار چه مست
هم جا خانهءِ عشق است، چه مسجد چه ڪنشت. “حافظ”
ترجمو: سڀ يار جا طلبگار آهن، پوءِ اُهي کڻي هشيار هجن يا مست، هر جاءِ عشق جو گهر آهي پوءِ کڻي اُها مسجد هجي يا گرجا گهر. قاسم پٿر جو سنڌ سان عشق ايمان جي حدن کان به مٿي هو.
قاسم پٿر تي اڪثر اِها تنقيد ٿيندي هئي ته هو جن پارٽين جو خالق هو، يا جن پارٽين کي هن پنهنجو رت ۽ ست ڏنو، هو اُنهن سان خود گهڻو عرصو گڏ هلي نه سگهيو ۽ خود اختلاف راءِ رکي اُنهن پارٽين مان ٻاهر نڪري ايندو هو. مون کي ان تي هڪ روسي چوڻي تري اچي ٿي، “ڪجهه ماڻهو بگهڙجي گهر ماني کائڻ بعد ٻڪرار جي گهر افسوس ڪرڻ ويندا آهن.” ڀلا قاسم اهڙن منافق ماڻهن سان ڪيئن ٿي هلي سگهيو؟ جن جي سياست ۾ ته بظاهر سنڌ ۽ عوام جو درد هو پر اُنجي پويان هڪ وڏو ڪرپشن جو جهان. جن جي گهرن ۾ سڄي کٽ به نه هئي پر عوام ۽ آجپي جي نالي ۾ ڪروڙ پتي ٿي ويا. صرف نظريو ئي ته طاقتور شئي ناهي. جي ڪردار ناهي ته ڪنهن به نظريي کي عملي جامو پهرائي نٿو سگهجي. قاسم اُن بلند ڪردار جو مالڪ هو . جيڪو توڙ تائين ٽن ڪپڙن ۾ پنهنجي نظريي جي سچائي سان فرض نباهيندو رهيو ۽ اُنهن بدڪردارن سان هلي نه سگهيو. جيڪڏهن هو اُنهن منافقن ۽ بدڪردار سياستدانن جي عمل تي ڪڏهن آپي مان ٻاهر نڪري گاريون به ڏيندو هو ته، اهو بلڪل غلط نه هو. هڪ روسي چوڻي مطابق، “هڪ بيضا ڏيندڙ ڪڪڙي کي رڙيون ڪرڻ جو پورو پورو حق آهي”. بدڪردار ۽ ڪرپٽ سياستدانن کي ڀلا گاريون نه ڏجن ته ڇا گلن جا هار پهرائجن؟
هو سدائين عملي ماڻهو رهيو. هن وڏا ڪم ڪيا پر وڏيون دعوائون نه ڪيون. هو اُن روزانه استعمال ۾ ايندڙ دروازي جي انجيس جيان هو، جنهن کي ڪڏهن به زنگ نٿو لڳي. هن جي اڳيان انسان جي آجپي جو تصور بلڪل چٽو هو. اِهو ئي سبب هو، جو هو نه ڪڏهن مايوس ٿيو، ۽ نه ڪڏهن ڪنهن کان ڊنو ۽ نه ئي ڪنهنجي آڏو جهڪيو. منهنجي ذهن تي گلوڪاره مئڊونا جو ڳايل گيت تري اچي ٿو، جيڪو هنجي شخصيت تي پورو ٺهڪي اچي ٿو.
“جڏهن دنيا چوڌاري چور ڏسڻ ۾ ايندي آهي، ۽ بي عقل ماڻهو مون کي جهڪائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، تڏهن مون کي پنهنجي ماءُ جو مسڪرائيندڙ چهرو ياد ايندو آهي.”
قاسم پٿر سنڌ جي اُنهن سياسي ورڪرن مان هو جن وٽ سياست هڪ خشڪ شئي نه، پر هڪ رومانس هئي. شايد انهي ڪري جو هو هڪ سياسي ورڪر سان گڏ قلمڪار پڻ هو. (هن جي قلمي پورهئي تي الڳ سان لکي سگهجي ٿو جنهن جي هن مضمون جي طوالت سبب گنجائش گهٽ آهي) هن وٽ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو آجپو هڪ اهڙو رومانوي خواب هو، جنهن جو سحر نه ٽٽڻو هو ۽ نه ختم ٿيڻو هو ۽ نه ئي وقت سان گڏ اُن ۾ ڪو ڦيرو اچڻو هو. هن جي سنڌ سان محبت ناقابل شڪست هئي. اهو ئي سبب هو جو اسپتال جي بستري تي به هن جي ڳالهائڻ ۾ زندگي ۾ ويساهه يقيني هو ۽ هن ڪنهن به يار دوست کي پنهنجي بيماري جو اطلاع ڏيڻ ضروري نه سمجهيو. هڪ دوست ٻڌايو ته، منهنجو هن سان ايئن ئي ڳالهائڻ ٿيندو هو پر هن مون کي اسپتال ۾ داخلا وارن ڏينهن ۾، ڳالهائڻ دوران به اِهو ڪو نه ٻڌايو ته هو ڪو اسپتال م داخل آهي. اهڙن ماڻهن لاءِ اياز به ڇا خوب چيو آهي.
زندگي موت جي قريب آ پر،
ڪوئي محبوب درميان آهي.
۽ اُهو محبوب ئي، ماڻهو کي زندگي جي قريب رکي ٿو ۽ موت اُنهن جو ڪجهه به بگاڙي نٿو سگهي ۽ هن جو اُهو محبوب سنڌ ئي ته هئي. ڀلا جي سنڌ مري نٿي سگهي ته قاسم پٿر ڪيئن مري سگهي ٿو؟
هو ته هو ئي پٿر. ڀلا پٿر کي ڪير پنهنجي جاءِ تان هٽائي سگهي ٿو؟ وقت اهڙن ماڻهن کي ميساري نٿو سگهي. هڪ گمنام شاعر جون هي سٽون منهنجي ان موقف کي تقويت پهچائن ٿيون.
وقت تمام سست رفتار آهي،
اُنهن لاءِ جيڪي انتظار ڪن ٿا.
تمام ڊگهو آهي،
اُنهن لاءِ جيڪي سوڳوار آهن.
تمام مختصر آهي،
اُنهن لاءِ جيڪي شاد مان آهن.
پر وقت اُنهن لاءِ،
جاودان آهي
جيڪي محبت ڪن ٿا.
منهنجي راءِ آهي بلڪه مان دعويٰ سان چوان ٿو ته، اڳتي هلي جڏهن ايمانداري سان سنڌ جي سياسي تاريخ لکي ويندي ته، اُهي ليڊر جن جو هاڻ وڏو نالو آهي، قاسم پٿر جهڙن ننڍڙن ورڪرن جن وڏا ڪم ڪيا پر وڏيون دعوائون نه ڪيون، جي اڳيان بلڪل جيتامڙا باسندا ۽ ڌرتي جي آجپي ۽ آئيندي ۾ انهن ننڍڙن ورڪرن جا نالا اُنهن نام ڪٺين ليڊرن کان ڪئين دفعا اڳيان هوندا، جن شاهي تخت کي نه صرف پهريان پر آخري پٿر هنيا.

سنڌ نيشنل پبليڪيشن ميرپوربٺورو طرفان فيبروري 2008ع ۾ قاسم پٿر جي زندگي تي شايع ٿيل ڪتاب “ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا” ۾ ڇپيل.


[b]هنيئڙي منجهه هُرن
[/b]
اڄ قاسم پٿر کي اسان کان جدا ٿيندي پورو هڪ سال ٿي ويو ۽ پوءِ.... ٻه سال، ٽي سال.... وقت جسمن کي ته لٽي سگهي ٿو پر خيالن ۽ سچائي لاءِ ارپيل پورهيئي کي دفن نٿو ڪري سگهي. اهو بلڪل ايئن ئي آهي جيئن لوبان پاڻ ته سڙي ختم ٿي وڃي ٿو، پر سندس خوشبوءِ هر ڏس ڦهلجي وڃي ٿي.
مشهور فلسفي ارسطو جي خيال ۾، “غربت يا ته انقلاب کي جنم ڏيندي آهي يا ڏوهن کي.” غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ قاسم پٿر کي به هڪ واٽ وٺڻي هئي. اها واٽ يقينن ڪا ٻي نٿي ٿي سگهي سواءِ انقلاب جي. ان راهه وٺڻ ۾ هن کي زندگي جي ڪنهن به ڏاڪي ته ڪا به ندامت يا پڇتاءُ محسوس نه ٿيو. سندس پوري سياسي زندگي ۾ هن جا ڪئين دوست يار هن کي سياسي حوالي کان ڇڏي ويا، ڪئين مايا ۽ مال جي شوق ۾ ماڳ مٽائي وڃي آ سوند ٿيا، پر هي شخص جنهن پاڻ کي چوائيو ئي پٿر ٿي، پٿر جيان اڏول بيٺو رهيو. ڪڏهن به پوئتي نه هٽيو ۽ نه ئي حالتن کان مايوس ٿي، وقت جي آقائن کان ڊڄي ماٺ ڪري ويٺو. منهنجي خيال ۾ جيڪو شخص پنهنجو پاڻ سان پيار ڪري ٿو، اُن کي دشمن جو خوف نٿو رهي. قاسم پنهنجو پاڻ ۾ جڏهن جيجل سنڌ پسي چڪو هو، ته ڀلا هن جو ايمان ڇو لوڏو کائيندو؟ ڪنهن ڏاهي چيو آهي، “ڪنهن دنيا جي ڳولا اصل ۾ پنهنجي وجود جي ڳولا هوندي آهي.” قاسم به پنهنجي وجود يعني سنڌ جي ڳولا ۾ نڪري پيو هو، اُها سنڌ جيڪا سندس خواب هئي، آدرش هئي. ڀلا اُن ۾ ٿڪجڻ يا مايوس ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه؟ عشق جي راهه ۾ سسئي کي نه ارڏا جبل روڪي سگهيا ۽ نه قاسم کي وقت ۽ حالتون.
قاسم پٿر معاشي پس منظر نه هئڻ ڪري ايڏي نصابي تعليم نه حاصل ڪري سگهيو. هن مزوري سان گڏ بهرحال قسطن ۾ ئي پر گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪري ورتي. وڪٽر هيوگو جي خيال ۾، “تعليم سان ضروري ناهي ته سمجهه ۽ سوچ پيدا ٿئي.” بلڪل ايئن ئي ايڏي تعليم نه هوندي به قاسم پٿر گهڻن ڊگري يافته اڪابرن کان علم ادب توڙي سياسي ميدان ۾ گهڻو ڪم ڪري ڏيکاريو. هن نه صرف ڌرتي جي ماڻهن جي مسئلن تي ڀرپور ڪهاڻيون لکيون، سنڌ جي سياسي مسئلن تي مضمون لکيا پر ڪافي وقت تائين ان وقت جي پنهنجي پارٽي سان لاڳاپيل رسالي تحريڪ جي ادارت جا فرائض به سرانجام ڏنائين. سماجي ڪمن ۾ هن ابن حيات پنهور لائبريري کولي ۽ ميرپوربٺوري واسين لاءِ مفت اکين جي آپريشن جا انتظام ڪرايائين. سياسي حوالي کان هن شروعات ڪميونسٽ پارٽي کان ڪئي ۽ پوءِ مختلف وقتن تي عوامي تحريڪ، سنڌ نيشنل ڪانگريس، ڄام ساقي جي هاري ڪاميٽي، سنڌ قومي اتحاد ۽ جيئي سنڌ محاذ ۾ رهي سياست ڪئي. زندگي جا تقريبن ڏهاڪو سال پنهنجي آدرش کي نڀائيندي جيل ۾ به گذاريا. قاسم پٿر جتي به رهيو، جنهن به پارٽي ۾ رهيو، هنجي سياست جو محور سنڌ جو آجپو ۽ سندس نظرياتي رهبر جي. ايم سيد رهيو. توڙي جو مختلف وقتن تي هو طبقاتي جدوجهد جو حامي به رهيو، پر سندس نظر ۾ سنڌ جو قومي مسئلو سدائين اهم رهيو.
قاسم پٿر هڪ کرو، بيباڪ ۽ سچو سياسي ورڪر هو. هو بحث مباحثي ۾ ايترو ته اٽڪي پوندو هو ۽ وڙهي ويندو هو جو ڀانئبو هو ته هاڻ هو وري ڪڏهن به ملڻ لاءِ نه ايندو. پر مهيني، ٻن کان مٿي قاسم پنهنجي سياسي ۽ ذاتي يارن دوستن کان جدا نه رهي سگهندو هو ۽ نه ئي کين وساري سگهندو هو ۽ وري اچي ايئن ملندو هو ڄڻ اڳي ڪا به بدمزگي ٿي ئي نه هجي. اها قاسم جي سياسي تربيت ۽ ديس جي ماڻهن سان محبت هئي، جنهن هن ۾ ايڏي برداشت جي قوت پيدا ڪئي هئي، جو وقتي ڪاوڙ ۽ معيارون هن کي ڪڏهن به غلط رخ ڏي وٺي نه ويون.
هتي سنڌ ۾ خاص طور تي اسانجي ليڊرن ۾ جاگيردارانه رويو موجود آهي. هڪ سياسي پارٽي جو ليڊر ٻي سياسي پارٽي جي ليڊر سان خيال اورڻ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ ته ڇا پر ملڻ لاءِ به تيار ناهي. اُتي قاسم پٿر سنڌ جو اُهو واحد سياسي ورڪر هو جنهن ۾ سنڌ جي هر سياسي مڪتبه فڪر جي ماڻهو کي پنهنجائپ نظر ايندي هئي، توڙي جو سياسي حوالي کان هن جو پنهنجو نقطه نظر هو.
سنڌ ۾ انيڪ سياسي ورڪر رهيا آهن، پر مون کي حفيظ قريشي ۽ قاسم پٿر اُنهن ۾ سدائين نمايان محسوس ٿيا آهن. انهي ڪري جو هنن سياست کي به رومانس ڪري ورتو. شايد اِهو ئي سبب هو جو جڏهن وڏا وڏا نالي وارا ليڊر به بازار ۾ پنهنجو ملهه ڪري پي وڪاڻا تڏهن به هي پنهنجي عشق سان بيٺا رهيا. پروين شاڪر جون هي سٽون مٿن ڪيڏيون نه ٺهڪي اچن ٿيون.
جگر میں ماں ہوں
اور اک ماں مایوس ہوجائے
دنیا ختم ہو جائے
۽ اهي کرا ۽ سچا ماڻهو ڌرتي کي نيلام ڪندڙ غدارن ۽ پنهنجي حقن لاءِ نه وڙهندڙ سدا ماٺ ڪري ويٺلن ماروئڙن کي ڪڏهن ڪڏهن گاريون به ڏيئي ڪڍندا هئا.
ڪير کڻي ڇا به چوي پر مون کي اُنهن جي گارين ۾ به سدائين محبت ۽ پنهنجائپ محسوس ٿيندي هئي ۽ دل ڇڪي حفيظ قريشي جي جلسي يا قاسم جي ماڙي تي وٺي ويندي هئي. اسان ويٺل ۽ بي همٿ ماڻهن جي ضميرن کي جنجهوڙڻ لاءِ سندن تکا ۽ کرا ٻول اوندهه ۾ لاٽ جو ڪم ڪندا هئا.
ڊاڪٽر عبدالڪلام ڪٿي لکيو آهي ته، “خواب اُهو نه آهي جيڪو توهان ننڊ ۾ ڏسو ٿا پر خواب اُهو آهي جيڪو توهان کي سمهڻ نه ڏي”. شايد قاسم سان به اِها ئي ڪار هئي جو هن شخص ڪڏهن به آرام ڪرڻ مناسب نه سمجهيو پر ان خواب کيس سدائين چست ۽ توانا رکيو. هو آڌي مانجهي جڏهن به مون وٽ ايندو هو، هشاش بشاش لڳندو هو. ڪڏهن به مايوسي کي هن پنهنجي در تي اچڻ نه ڏنو. ٻن ٽن ڪپڙن جي جوڙن ۽ محدود پئسي ڌوڪڙ کان مٿي سندس ڪا به ضرورت ڪا نه هئي. هن پاڻ کي جيجل جي آجپي لاءِ حوالي ڪري ڇڏو هو.
ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ وڏو نالو ڪمائيندڙ ۽ دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ پئسو ڪمائيندڙ بل گيٽس چوي ٿو ته، “دنيا ۾ غريب ٿي ڄمڻ ڏوهه ناهي، پر غريب ٿي مرڻ وڏو ڏوهه آهي.” آءُ ان سان سان متفق ناهيان. قاسم پٿر غربت ۾ ڄائو ۽ غربت ۾ گذاري ويو، پر هو پوءِ به هن ڌرتي جو وڏو ماڻهو آهي. يوري هائڊر جو چوڻ آهي ته “جيڪڏهن آسمان جي بلندي تائين پهچڻ چاهيو ٿا ته، زمين کان شروعات ڪريو” قاسم پٿر ڌرتي جي ڳالهه ڪئي. ڌرتي لاءِ ڪم ڪيو ۽ آڪاش جي بلندين کي پاتو. هن جو پورهيو، هن جو سياسي عمل هن کي سدائين لاءِ وڏن ماڻهن جي قطار ۾ بيهاري ٿو.


1- ميرپوربٺوري جي پبلڪ پارڪ ۾ سال 2008ع ۾ ملهايل قاسم پٿر جي پهرين ورسي جي موقعي تي پڙهيل.
2- روزانه سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ 21 ڊسمبر 2014 ۾ ڇپيل


[b]چڱو قاسم، موڪلاڻي ڪانهي!
[/b]
(يوسف سنڌي جي لکيل ڪتاب تي تبصرو)
سچائي اشاعت گهر پاران ڇپايل 156 صفحن تي مشتمل ليکڪ يوسف سنڌي جو ڪتاب، “چڱو قاسم، موڪلاڻي ڪانهي” منهنجي هٿن ۾ آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ارڏي پورهيت ۽ انقلابي سوچ ۽ عمل سان واڳيل سياسي ورڪر ۽ اديب قاسم پٿر عرف پٿر سنڌي جي زندگي سان لاڳاپيل مواد موجود آهي. هن ڪتاب ۾ هڪ ئي وقت تي قاسم پٿر جي نجي زندگي، اُن سان سياسي عمل ۾ گهاريندڙ ڪامريڊن ۽ سياستدانن جو احوال، ليکڪ جون ساڻس گهاريل گهڙين جون ساروڻيون ۽ قاسم پٿر جون لکڻيون پڻ شامل ڪيون ويون آهن.
يوسف سنڌي قاسم پٿر جي نجي، سياسي ۽ ادبي زندگي جي ڀرپور عڪاسي ڪندي، اُنجي سڀني رخن ۽ لاڙن کي اهڙي ته دلڪش ۽ خوبصورت انداز سان پيش ڪيو آهي، جو محسوس ايئن ٿو ٿئي ته ليکڪ ڄڻ ته ساڻس ايئن گڏ رهيو آهي جيئن سرير سان ساهه. قاسم پٿر جي سياسي سوچ ۽ نظريو، سياسي عمل، سماجي لڳ لاڳاپا سنڌ جي بقا، آجپي ۽ آسودگي لاءِ ڪيل ويڙهاند، هن جون تخليقي صلاحيتون ۽ ڪاوشون، مطلب ته قاسم پٿر جي زندگي جي سڀني پهلوئن تي يوسف نه صرف ڀرپور نموني سان لکيو آهي، پر اِهو چئي سگهجي ٿو ته هن قاسم پٿر جي شخصيت سان ڪافي حد تائين انصاف به ڪيو آهي ۽ سندس شخصيت جي سڀني پهلوئن کي ايمانداري سان ڪاڳر تي لاٿو اهي. پاڻ جيئن قاسم لاءِ محسوس ڪيو اٿس، لکي ڇڏيو اٿس. هو قاسم پٿر لاءِ هڪ هنڌ لکي ٿو:
“ذاتي طور تي قاسم پٿر دلبر، بي باڪ، کليل دماغ وارو شخص هو، جنهن سان نه رڳو هر موضوع تي کلي ڳالهائي سگهبو هو، پر هو به پنهنجي خيالن ۽ راين جو اظهار ڪرڻ ۾ ڪا لڪ ڇپ نه ڪندو هو. طبيعت جي حوالي سان قاسم پٿر جي اندر ۾ ڪئين حسناڪيون هيون. هو سهڻن چهرن ۽ سونهن جو وڏو پرستار هو. شايد اُهي حسناڪيون ئي هيون جن کيس حساس لکيڪ بنايو ته کاهوڙي ورڪر به. هن نٿي چاهيو ته سنڌ جي سونهن ميري ٿئي ۽ غير فطري انداز ۾ مرجهائجي. هن چاهيو ٿي ته غريب مسڪين ماڻهن جا چهرا سدائين ٻهڪندا رهن. قاسم جي ان حسن پرستي تي آئون کيس تنگ به ڪندو هوس.”
اسانجي ادب ۾ سوانح عمريون (Auto Biographies) تمام گهٽ لکيون ويون آهن. جيڪي لکيل به آهن ته اُنهن ۾ سواءِ هڪ اڌ کي ڇڏي، باقي اهڙيون ناهن جيڪي دلين تي هُري اچن ۽ ادب ۾ جاءِ والاري سگهيون هجن. يوسف سنڌي جو هي ڪتاب چڱو قاسم، موڪلاڻي ڪانهي! جيتوڻيڪ سوانح عمري جي زمري ۾ ڪو نه ٿو اچي. ڇاڪاڻ جو سوانح عمري پنهنجي متعلق، پاڻ پاران لکيل ڪتاب هوندو آهي. پر آئون هن ڪتاب کي انهي ڪري سوانح عمري ڪوٺيان ٿو جو قاسم پٿر به جيڪڏهن پنهنجي زندگي تي ڪتاب لکي ها ته بلڪل ايئن ئي لکي ها جيئن يوسف سنڌي لکيو آهي.
هن ڪتاب ۾ بيان ڪيل ليکڪ جون قاسم سان گڏ گهاريل گهڙيون ۽ اُنجون ساروڻيون، قاسم پٿر جي زندگي ۾ پيش ايندڙ واقعا ۽ تبديليون، اسانجي آڏو ايئن نمايان ٿي اُڀري اچن ٿيون، جيئن نيشنل جيوگرافڪ چينل جي ڪا ڊاڪيومينٽري هجي، جيڪا اندر جي حقيقتن کي عيان ڪندي اُنجي هر پهلو کي چٽو ۽ واضح ڪندي هجي.
يوسف سنڌي هي ڪتاب لکي نه صرف قاسم پٿر جي سياسي سماجي ۽ ادبي پورهئي جو قرض لاٿو آهي، پر اُن سان گڏ اُنهن انيڪ تاريخ ساز ورڪرن کي، جيڪي بي رحم زماني جي ذهنن تان وسري يا ميسارجي رهيا آهن، اُنهن کي به هن ڪتاب ۾ محفوظ ڪيو آهي. جن ۾ شير خان لنڊ، زٽو زنئور، سيد اڪبر شاهه، منگهن لال شرما، مامون ملاح، فتح محمد پنهور، نورالدين سرڪي، ابن حيات پنهور ۽ بيا شامل آهن.
يوسف سنڌي جي هن ڪتاب ۾ سندس قاسم سان گهاريل گهڙين ۽ مٿس فڪر ۽ عمل يا نجي زندگي جي حوالي کان ڪيل ٽيڪا ٽپڻيون لکيڪ جا پنهنجا نجي خيال آهن. قاسم پٿر سان ذاتي تعلقات ۽ ڪنهن حد تائين ويجهو رهڻ جي ڪري جيئن مون قاسم کي سمجهيو آهي، ۽ ڄاتو آهي، آئون هن ڪتاب ۾ آيل ليکڪ جي ڪن ڳالهين ۽ راين سان سهمت ناهيان. جيئن ليکڪ جو پابندين کان آزاد ٿي پنهنجي مرضي سان لکڻ اُنجو بنيادي حق آهي، تيئن اُن جي ڪن ڳالهين سان اختلاف راءِ رکڻ منهنجو به بنيادي حق آهي. پر اُنجي باوجود به قاسم پٿر تي لکيل هي ڪتاب ڄڻ ته اُنجي ڊيلي ڊائري آهي ۽ اُن کي هڪ دفعو پڙهڻ شروع ڪرڻ کانپوءِ اڌ ۾ ڇڏڻ تي دل نٿي چوي. ٻولي. سٽاءُ ۽ جملن جي جوڙجڪ ۽ واقعن جي ترتيب اهڙي ته خوش اصلوبي سان ڏني ويئي آهي، جو اُن جو ردم ۽ ربط ڪٿي به نٿو ٽٽي. مسڪين جهان خان کوسي تي محمد بخش مجنون جي ترتيب ڏنل ڪتاب جيئان هي ڪتاب به سنڌي ادب جو شاهڪار ڪتاب ليکيو ويندو.

روزانه سوڀ حيدرآباد جي مئگزين ۾ 23 نومبر 2014ع ۾ ڇپيل.
______________

[b]آجپي سان عشق ڪندڙ ماڻهو
[/b]
(قاسم پٿر جو پوٽريٽ بطور هڪ سياسي ورڪر)
اڄ جڏهن روس جي ٽٽڻ (جيڪو مارڪسزم کي عقيدو قرار ڏيندڙ عقيدت پرست ڪامريڊن جي ڪار گذارين سبب ٿيو) بعد، باقي دنيا ۾ ڪميونزم جو نظريو ڪمزور ۽ قومن جي رهنمائي ۾ ناڪام نظر اچي رهيو آهي، ۽ جڏهن چين وقت ۽ حالتن جي حساب سان مائوزي تونگ جي نظرياتي محور کان هٽي ڪري، نئين دور جي تقاضائن سان پنهنجي فڪري هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، تڏهن مون کي قاسم پٿر جو بنهه آزاد ۽ تقليد کان آجو سياسي موقف ۽ بحث ياد ايندو آهي. هن تي سدائين سياسي طور تي اهو الزام لڳندو رهيو ته هو لينن جو مخالف ۽ ٽراٽسڪي جو حامي هو. سنڌ ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ ڳاڙهي ڪتاب (مائو جا نظرياتي ڪتاب) ۽ داس ڪيپيٽال (مارڪس جو ڪتاب) کي جيئن جو تيئن عملي جامو پهرائڻ جي مخالفت ڪندو هو ۽ سنڌ جي راڄوڻي روايتن ۽ سماجي بيهڪ جي انداز سان سياست ڪرڻ جو حامي هو. انهي ڪري هن تي ڪڏهن نظريي سان ڇڙواڳي ۽ سنڌي عوامي تحريڪ پارٽي پاران ضابطي جي ڀڃڪڙين ۽ آخر ۾ پارٽي سان غداري جا الزام به لڳندا رهيا. پر هن ڪڏهن به فڪري نظريي ۾ عقيدت پرستي ۽ شخصيت پرستي کي قبول نه ڪيو ۽ نه ئي عقيدتمندن جو حمايتي رهيو. هو پارٽي کي وقتي حالتن ۽ سماجي بيهڪ جي پٽاندر هلائڻ جو قائل رهيو. هو امپورٽيڊ انقلاب ۽ نظريي جو ڪڏهن به حامي نه رهيو. ان لاءِ پوءِ ڀلي هن کي گهڻي تنقيد جو نشانو بنايو ويو هجي ۽ آخر ۾ پنهنجي برپا ڪيل پارٽي کان به موڪلائڻو پيو هجي، پر هو نه ته نظرياتي عقيدت مندي جو قائل رهيو ۽ نه ئي پارٽي ۾ شخصيت پرستي جو.
اُن وقت ۾ قاسم پٿر، پارٽي جي راءِ ۽ موقف جيان مون کي به ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ڌر جو پارٽي اندر گسيل ايجنٽ ۽ فڪري عياش ماڻهو لڳندو هو. پر ويجهڙائي ۾ جڏهن وقت نظرين مٿان ويڙهيل عقيدت جا غلاف لاهي ڦٽا ڪيا آهن، تڏهن مون کي قاسم پٿر جو اُن وقت ۾ اختيار ڪيل موقف بلڪل چٽو ۽ صحيح نظر اچي ٿو. هن جو اُن وقت جو Vision مستقبل جي روشن آئيندي جي نشاندهي ڪري رهيو آهي ۽ اڄ سموريون انقلابي ڌارائن سان لاڳاپيل پارٽيون پنهنجي نظريي کي تقليد ۽ شخصيت پرستي جي خول مان ڪڍي، وقت، سماجي حالتن ۽ زميني حقيقتن سان ڳنڍي تبديلي آڻڻ لاءِ سرگرم آهن.
قاسم پٿر جو سياسي ڪم ڪرڻ جو ڏانءُ هڪ عام سياسي ورڪر کان قطعي مختلف هو، جيڪو سدائين خشڪ ۽ طوطي جيان رٽيل ڪتابي ڳالهين تي زور ڏي ٿو ۽ پنهنجو نظريو ٻي تي ٿاڦڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ نتيجن هن جون خشڪ ڳالهيون ماڻهن ۾ چاهه گهٽ پيدا ڪن ٿيون. اُنجي برعڪس قاسم جي سياسي ڪم ڪرڻ جو ڏانءُ اُنهن کان مختلف هو. هو جتي به ويندو هو، اُتي هڪ رشتو پيدا ڪري ايندو هو.... محبت جو رشتو ۽ اُن محبتي ڌاڳي سان هو نظريي جي مالا جوڙيندو هو ۽ سياسي ڪم کي اڳتي وڌائيندو هو. ۽ اهو ئي سبب هو جو قاسم پٿر جيڪڏهن هڪ واري ڪٿان ٿي ايندو هو ته، اُتي جا ماڻهو سندس ٻيهر اچڻ جو اوسيئڙو ڪندا هئا ۽ هن مان ڪڏهن به خفا نه ٿيندا هئا، ۽ ايئن محسوس ڪندا هئا ته هو به اُنهن جي راڄ ڀاڳ جو ڀاتي آهي.
سماج جي روح ۾ پيوست ٿيل محبت جي ان انوکي انداز سان هو سياسي رشتا جوڙيندو هو ۽ اُنهن رشتن کي هو هڪ نئين آدرش ۽ نئين تبديلي ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪندو هو. سندس سياسي ورڪر هئڻ جي هڪ ٻي خوبي اها به هئي ته، پنهنجي مخالفن جي پڊن تان به پيرا گهمائيندو رهندو هو. اِهوئي سبب هو جو، هو اُن جا سياسي مخالف هئڻ جي باوجود به سندس ذاتي حلقي ۾ رهندي فخر محسوس ڪندا هئا. قاسم پٿر جي اِها ئي ملنساري ٻين جي راءِ جو احترام ڪرڻ جي سگهه ئي هئي، جيڪا مختلف سياسي پارٽين کي سندس اوتاري تي ڇڪي وٺي ايندي هئي. هو ڄڻ ته سنڌ جي سياسي سماجي ۽ ثقافتي رشتي ۾ هڪ پُل جي مثل هو جنهن مختلف فڪرن ۽ سوچن کي ڳنڍي سنڌ جي آجپي ۽ آئيندي لاءِ گڏيل راءِ جوڙڻ ۾ ڪردار ادا ٿي ڪيو.
پٿر سياسي ڪم ڪندي ڪڏهن به نه ٿڪو. ارسطو چيو آهي ته Hope is waking dream (اُميد جاڳ جو خواب آهي). هن جو اُميد مان ڪڏهن به ويساهه نه ٽٽو. ڇاڪاڻ جو هن جي اُميد ٻيو ڪير به نه پر هن جي پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي جي ماڻهن جي آجپي ۾ هئي. اُن جاڳندڙ خواب هن کي سدائين محبت ۽ سرور ۾ رکيو ۽ ڪڏهن به مايوس نه ڪيو. معاشي مشڪلاتون ۽ سماجي مصلحتون ڪڏهن به هن جي راهه ۾ رندڪ نه بڻيون. اقتداري مزا ۽ زماني جون عياشيون، هن جون ڪڏهن به ڪمزوريون نه بڻيون.
عمر خيام جي چواڻي ته “پڃرو ڪيڏو به سهڻو ڇو نه هجي پر هوندو ته قيد خانو آهي.” هن جو ڌرتي جي آئيندي ۽ آجپي ۾ پختو ويساهه هو ۽ غلامي کان سخت نفرت، جنهن هن کي ڪٿي به ڀٽڪڻ ۽ پوئتي هٽڻ نه ڏنو، ۽ جيستائين سندس سرير سان ساهه جي تند جڙيل رهي، هو آدرش سان محبت جي رشتي ۾ واڳيل رهيو.
قاسم پٿر هيٺين صفن ۾ رهندي هميشه فخر محسوس ڪيو ۽ ادنيٰ ورڪر جيان پنهنجي زندگي گذاري. جيتوڻيڪ هو هڪ تيز سياسي ورڪر هو، هن ۾ تنظيم آرگنائيز ڪرڻ جون بي انتها صلاحيتون هيون. هن جي ٻولي ۽ بياني ۾ ادبي ۽ شاعرانه خوبيون موجود هيون، پر هن تي ڪڏهن به خود پرستي جو ڀوت حاوي نه رهيو ۽ نه ڪڏهن هن ان بنياد تي پاڻ وڻائڻ ۽ پڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ نه ئي پنهنجي صلاحيتن ۽ قابليتن آهر حيثيت ڪليم ڪئي ۽ نه ئي ڪڏهن پاڻ کي ڪيش ڪرايائين. ڪنهن ڏاهي اهڙن ماڻهن لاءِ خوب چيو آهي ته،“ذهانت اکرن ۾ ناهي هوندي پر اُها اُنهن جي معنيٰ ۾ هوندي آهي.”
موت هڪ معمو آهي جنهن کي اڄ تائين ڪير به حل ڪري نه سگهيو آهي. سڀان جي ڳالهه نه ٿا ڪيون، اسين مادي دنيا جا ماڻهو اُن ۾ ويساهه رکون يا نه رکون پر اِها نه چاهيندي به هڪ حقيقت آهي ته موت يقيني آهي. پر مون کي الاهجي ڇو ٻن ماڻهن جي موت تي هن وقت به يقين نه ايندو آهي ته، هو ڪو واقعي مري چڪا آهن. هڪ منهنجو ڪارڊيالاجسٽ ڪنسلٽنٽ ڊاڪٽر حق صاحب، جنهن وٽ جڏهن به پنهنجي دل جو درد کڻي وڃبو هو ته انتهائي خنده پيشاني سان ٻڌندو هو ۽ دل جو بار هلڪو ٿيندي محسوس ٿيندو هو ۽ ٻيو قاسم پٿر، جيڪو جڏهن به ملندو هو ته ڄڻ جسم ۾ نئين سري سان رت گردش ڪرڻ لڳندو هو ۽ روح انيڪ مونجهارن ۽ گهٽ ٻوسٽ مان نڪري تازي هوا ۾ موٽي ايندو هو. آخر هو ڪهڙي مٽي جو ٺهيل هو؟ جنهن تي جُڙ، هوا، موسم جي سردي گرمي ۽ زماني جا لاها چاڙها اثر نه ڪندا هئا ۽ عمر جي حدن کان بي نياز سدائين زنده دل ۽ تازو توانو رهندو هو؟ شايد ان ڪري جو هن پنهنجي آجپي کي ڌرتي جي آجپي ۽ قومن جي خوشحالي سان ڳنڍي ڇڏيو هو. ان ۾ ذري برابر جو به شڪ نه هو.
سارو جهان اُنجو آ جنهن مسڪرائڻ سکي ورتو آ،
روشني اُنجي آ، جنهن ديپ جلائڻ سکي ورتو آ.
اڄ به قاسم پٿر سان گهاريل گهڙيون ۽ اُنجون يادون مون کي ميندي مثل محسوس ٿينديون آهن جيڪي سڪي وڃڻ بعد ئي پنهنجو رنگ ظاهر ڪنديون آهن.
اهڙن کاهوڙي ۽ آجپي جي رومانس سان ڀريل ورڪر قاسم پٿر لاءِ مولانا رومي جي شاعري جون هي لسٽون خوب ٺهڪي اچن ٿيون.
آءُ گلين ڪوچن ۾ بيڪار ڪو نه پيو ڦران،
عشق جي لطف ۾ آهيان، يار جي ديدار ۾ پيو ڦران.


1- ڊسمبر 2013 ۾ قاسم پٿر جي زندگيءَ تي ڪتاب: “ گوندر گس پرين جو” ۾ ڇپيل
2- روزانه ڪاوش حيدرآباد ۾ تاريخ 15 ڊسمبر 2013 ۾ ڇيپل.