خليفو نبي بخش “قاسم”
سنڌي موسيقي جي سڀني سرن ۾ شاعري جو رنگ ڀريندڙ ۽ ڪيڏاري ۽ ڍول مارو کي انوکي انداز ۾ سرجيندڙ شاعر، خليفي نبي بخش “قاسم” جو شمار سنڌ جي پهريئين جوڙ جي سرموڙ شاعرن ڀٽائي، سچل ۽ سامي وغيره ۾ ٿئي ٿو. خليفو نبي بخش “قاسم” ولد بالاچ خان، ذات جو لغاري، هڪ انداز موجب سال 1776ع ۾ ڪڍڻ شهر (ضلعو بدين) جي ويجهو ننڍڙي ڳوٺ مٺي ٿري ۾ پيدا ٿيو. خليفي نبي بخش “قاسم” جو والد ميرن جي حڪومت ۾ سردار نامزد ٿيل هو. والد جي وفات کانپوءِ مير ٺاري خان ٽالپر خليفي نبي بخش “قاسم” کي سندس جاءِ تي سرداري عطا ڪئي. ان عرصي دوران هن جو صابل نالي سهڻي ڇوڪري، جيڪا مير ٺاري خان ٽالپر جي سنڱ ڀائي ڀيڻ هئي، سان محبت جا پيچ اڙي ويا ۽ هو هن سان پراڻ جي ڪنڌي تي محبت ڀريون روح رهاڻيون ڪرڻ لڳو ۽ جلد ئي هو هڪ ٻئي سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻنڌجي ويا. مير ٺاري خان ٽالپر کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ خليفي نبي بخش قاسم کي ان جي ڳري سزا ڀوڳڻي پئي. هو پنهنجو ڳوٺ ۽ مال ملڪيت ڇڏي پنهنجي دل گهريئي دوست مير باگي خان ٽالپر (جنهن جي نالي پويان ٽنڊوباگو شهر آهي) جي جاگير بڊام ۾ اچي پڌاريو. هن جي محبت جو داستان گهڻو وقت نه هليو ۽ سندس محبوبه صابل گهريلو مسئلن ۽ اڻبڻت سبب خودڪشي ڪري ڇڏي. خليفي نبي بخش کي صابل مان ڪو به اولاد ڪو نه ٿيو البته سندس پهرين گهرواري خاني مان ٻه پٽ ٿيا. خليفي نبي بخش “قاسم” جو دل گهريو دوست قاسم هو، جيڪو رشتي ۾ سندس ماسات به هو، اُن سان هو پنهنجي دل جا درد ۽ احوال ونڊيندو هو ۽ اُن جي محبت ۾ هن پنهنجي شاعري ۾ سندس نالي پويان تخلص “قاسم” استعمال ڪيو. سندس يار قاسم ئي کيس پير سائين پاڳاري روزي ڌڻي جي مريدي ۾ آندو. هڪ اندازي موجب خليفي نبي بخش قاسم سال 1863ع عيسوي ۾ وفات ڪئي. کيس سندس اوطاق ڀرسان ڳوٺ خليفي هاشم لغاري جيڪو پنگريو ۽ ٽنڊوباگو شهر جي وچ تي آهي، ۾ دفن ڪيو ويو.
لاڙ پٽ کان سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ پنهنجي شاعري جو جادو جڳائيندڙ هن ڀلوڙ شاعر، شاعري جي نه صرف سڀني مروجه سرن ۽ صنفن ۾ پاڻ موکيو پر ڀڄن، ٽپه، راسوڙا، مداحون، سهرا، مناجات ۽ سه حرفي ۾ نه صرف انوکا تجربا ڪيا پر نوان اسلوب به متعارف ڪرايا. هن جي سنڌي ٻولي کان علاوه کوڙ ساري شاعري سرائيڪي، ڍاٽڪي، اُردو ۽ هندي ۾ پڻ موجود آهي، جنهن ۾ ڪمال جو گهرو مشاهدو، ٻولي جي سونهن، خيال جي بلندي ۽ آفاقي پيغام پسي سگهجي ٿو. هونئن ته خليفي نبي بخش قاسم جي شاعري مختلف قلمي نسخن ۾ موجود هئي پر سڀ کان پهرين ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ خليفي نبي بخش “قاسم” جي شاعري سهيڙي ۽ اُن کي سنڌي ادبي بورڊ “خليفي” صاحب جو رسالو” جي نالي سان 1966ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ان جو ٻيو ڇاپو ساڳئي ئي اداري طرفان 2005 ۾ منظرعام تي آيو. خليفي نبي بخش قاسم جي سرائيڪي ٻولي ۾ لکيل مثنوي “سسئي پنهون”، مولوي محمد عظيم اينڊ سنز شڪارپور پاران 1970ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي وئي. هونئن ته هيلتائين مختلف اديبن ۽ محققن پاران خليفي نبي بخش “قاسم” جي شاعري، فن ۽ فڪر تي مختلف وقتن تي کوڙ سارا مضمون لکيا ويا آهن پر ويجهڙائي ۾ پروفيسر ڊاڪٽر قادر مگسي (جنهن خليفي نبي بخش “قاسم” تي پي ايڇ ڊي ڪئي آهي، سال 2015ع ۾ ٻه ڪتاب ڇپايا آهن. جنهن مان هڪڙو ڪتاب جنهن جو عنوان“خليفي نبي بخش قاسم جي مثنوي” (سرائڪي ۾) آهي جنهن ۾ سندس تحقيقي مواد شامل آهي ۽ ٻيو ڪتاب جنهن جو عنوان “خليفي نبي بخش جي شاعراڻي عظمت” آهي، جنهن ۾ هن مختلف اديبن ۽ محققن جا خليفي نبي بخش قاسم تي لکيل مضمون/مقالا ترتيب ڏنا آهن. راقم الحروف جو هي مضمون پڻ ان ڪتاب ۾ موجود آهي. سڀ کان پهرين اهو مضمون راقم الحروف پاران 13 مئي 1994ع ۾ عوامي آواز سٿ پاران ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال بدين ۾ خليفي نبي بخش “قاسم” تي ٿيل سيمينار ۾ پڙهيو ويو ۽ اُن کانپوءِ ساڳيو ئي مضمون مختلف اخبارن/ رسالن ۾ شايع ٿيو.
***
[b]نينهن نگر جو شاعر[/b]
سنڌ جي سڀيتا، سونهن، سچائي، جهرن جهنگن، کرن کيتن، جرن جبلن، دلبر ديس جي شينهن درياهه جي سيني ۾ سمايل ازلي پيڙائن ۽ ابدي خوشين کي ٻاٻاڻن ٻولن جي ٻولي ۾ ٻولي امر ڪوتائن کي سرجيندڙ هن يگاني ۽ دلبر شاعر، جڏهن ڀٽائي هن ڀلاري ڀوُنءُ کي چوٿائي صدي اڳ الوداع ڪري چڪو هو ۽ سچل سارو سچ ڦوهه جواني ۾ هو، تڏهن تقريبن 1776ع ڌاري ميراڻي راڄ ۾، هڪڙي ننڍڙي ڳوٺڙي مٺي ۾ زندگي جو پهريون ساهه کنيو. سندس تعلق لغاري قبيلي جي بالاچاڻي پاڙي سان هو. جنهن قبيلي مان اڳتي هلي، عشق جي اوڙاهه مان پچي راس ٿيل ۽ تجنيس تام جي ماهر ارڏي شاعر حمل فقير جنم ورتو.
خليفي نبي بخش “قاسم” باقاعده نصابي تعليم حاصل ته ڪا نه ڪئي، پر سندس شاعري کي پڙهي معلوم ٿئي ٿو ته هن فطرت جي ڪينواس تي ڦهليل رنگن ۽ روپن جو گهرو مشاهدو ڪيو ٿو ڏسجي. سندس شاعراڻي ذات کي ڏيا ۽ جلا بخشڻ لاءِ ڪلا جون ڪيئي ڪامڻيون ڏات جي ڏيهه مان لٿيون ۽ سندس شاعري کي سندرتا جي اُها ادبي دائميت بخشيائون، جا جهرمر لائيندڙ تارن جي وچ ۾ چت چور چنڊ کي آهي.
جتي فطرت جي تهن ۾ لڪل راز مٿس نروار ٿيا، اُتي هن جي شاعري مولانا رومي، جامي ۽ ڀٽ ڌڻي جي ڀنڍار مان پڻ ڏات جا مٽ ڀريا. مثال طور سر کنڀات ۾ ڀٽ ڌڻي، پنهنجي محبوب کي چنڊ کان وڌ ڄاڻندي فرمائي ٿو:
چنڊ چئين حق، جي وڙهين جي وِچرين،
ٻه اکيون ٽيون نڪ، تو ۾ ناهه پرين جو.
ذري گهٽ ساڳين تمثيلن سان خليفو نبي بخش قاسم ڀٽائي جي پوئواري ڪندي جاني جي جلوي کي هيئن ڀيٽي ٿو:
نڪو نڪ نه اکڙيون، تو ۾ چنڊ چپ،
پاڻان وجهي ڊپ، اچي عاشقن کي.
مرشد ڀٽائي جي وري هن بيت کي ڏسو
ڀُور نه چري ٻوُر، ڇڏئو تُور تَڪون ڪري،
مُونين هڻي موٽئو، ڪرهو رات ڪپور،
ميو ٿيو معمور، چندن چکي آئيو.
ڪرهي جي ارڪاڻن ۽ ساڳئي منظر لاءِ خليفو لفظن جو خوبصورت جڙاءُ پنهنجي شاعري ۾ اجهو هيئن ٿو ڪري.
چندن چکي آئيو، ٻي ول نه وجهي وات،
ڪَرهي ڪوئنر لتاڙئا، ريهي پيئي رات،
توڏي تنهن وڻ تات، جنهن ۾ بوءِ بادام جي.
سانوڻ جي بوندن ۽ کٿوري جي خوشبوءِ جهڙن لفظن سان واسيل ڌرتي جو هي دلبر شاعر، پنهنجي ڦوهه جواني ۾ سانوري سندري صابل کي پُراڻ جي پڊَن ۾ دل ڏيئي ويٺو. دل به ڇا ڏنائين، بس سڀ ڪجهه وساري ويٺو. ڪيڏانهن ويئي سرداري ۽ ڪاڏي اميري شان شوڪت. صابل جي ڀاڪرن ۾ هن کي دنيا جون سڀ نعمتون تڇ باسڻ لڳيون. صابل جي ڪاڪلن ۾ آڱريون ڦيرائيندي هن کي محسوس ٿيندو هو ته، پراڻ جي پڊن ۾ سنگ هوا جي لوڏن تي جهولي رهيا آهن. صابل جي گود ۾ ڪنڌ لڪائيندي هن کي باسندو هو ته پوري فطرت جي سونهن ۽ مستي هن ۾ سمائجي ويئي آهي ۽ پوءِ- ۽ پوءِ ، هن پراڻ جي پڊن تي اُن سونهن جي مستي ۾ آفاقي سرکنڀات، سرمومل راڻو، سربروو سنڌي، سر جوڳ ۽ سر ڍول مارو رچيا، جن ۾ پنهنجي مجازي عشق کي تمثيل بنائي ڏات جا ڏيا روشن ڪيا. هن جي هر سٽ سٽ مان صابل جي سونهن ۽ ساڻس گهاريل امر گهڙين جو منظر اڄ به ڌرتي واسين جي دلين ۾ ايئن کتل آهي، جيئن ڪنهن سندري جي سيني تي اُرهه.
قمر شمسَ شعاع، حاصل ڪيو حبيب کون،
موهن روپ مُهاءِ، ماکي ميٺ پرايو.
سُر مومل راڻو ۾ مومل کي تمثيل بنائي صابل جي سندرتا کي اجهو هيئن ٿو روپ ڏي.
پري ذات پدمڻيون، اکين ۾ الماس،
منهن مَهتابان اڳرو، تن چمڪي تاس،
ڪوڙين مير مواس، قاسم نينهن نمائيا.
سُرکنڀات ۾ جاني جي جلوي کي جڳ جو مظهر ڄاڻي، لفظن جي خوبصورت جڙاءُ وسيلي ابدي بنائيندي فرمائي ٿو:
ڪَرهو ڪاڪُل موهيو، سُنبل آيس ساءِ،
ميي موران نه وڻي، ٻي قاسم ول نه ڪاءِ،
ٿو لڇي تنهين لاءِ، رات جنهن گل رانئيو.
سُر جوڳ ۾ عشق کي الله ڄاڻندي نينهن نڀائڻ کي ئي جيون جو مارڳ ۽ سوڀ ڪوٺي ٿو.
ڳئيندي جوڳ جواني والي، جنهن گهر عشق سمايا،
جنهن آدم ڪون عشق نهين، سوڄايا ماءُ اجايا،
قاسم سوڀ مبارڪ تنهن ڪون، جنهن لايا نينهن نڀايا.
ڦوهه جواني ۾ محبت ۾ ماريل خليفو نبي بخش نينهن نڀائڻ ۾ ايترو ته گم ٿي ويو. جو کائنس سردار هئڻ جي ناتي، ميرن جي درٻار جي حاضري ۽ سلامي ڀرڻ به وسري ويئي.
لگا عشق کا تب سے ڈنکا تمام
کیا ترک جنت کون آدم امام
اُن وقت جي رياست جي والي مير ٺاري خان سندس غير حاضري کي بغاوت سمجهي حاضر ٿيڻ لاءِ نياپو موڪليو. خليفي نبي بخش جي حاضر ٿيڻ تي، مير ٺاري خان سندس غير حاضري جي شڪايت ڪندي ڪارڻ پڇيو. جنهن تي بي پرواهه عاشق وراڻيو: “مير صاحب! عقل گدڙ جيان پنهنجي تڏي تي هوشياري ۽ چالاڪي سان محڪم ويٺو هو پر جڏهن عشق جو شينهن گجيو ته ويچارو گدڙ اُن دهشت کان ڀئو کائي ڀڄي ويو”
مير ٺاري خان سندس جواب کان لاجواب ٿي کيس وڃڻ جي موڪل ڏني. پيار ۽ پريت جو هي پانڌيئڙو جنهن جي سواس ۾ فقط ۽ فقط صابل جي سونهن ۽ سندرتا سمايل هئي، پنهنجي پرين جي سندرتا کي اجهو هيئن اظهار ٿو،
رنگ ڳوڙهو رخسار، سَرو قداران سپرين،
جانب جلوي دار، سوسي سوءُ جهپيا.
جيئن مست سنڌو پنهنجي وجود ۾ هر شئي سميٽي ڇڏيندي آهي، تيئن سندس وجود صابل جي وجود سان ملي هڪ ٿي چڪو هو.
اوطاقون اکين م وهڪ منجهه وجود،
لٿو سَهو سُجود، مومل ٿيڙي مينڌرو.
صابل جي پيار خليفي نبي بخش کي ايترو ته موهي وڌو هو ۽ پيار ۽ سندرتا جي ميلاپ هن تي ايترا ته عجب اسرار ظاهر ڪيا هئا، جو هن چاهيو ته سارو جڳ به اُن مان پنهنجي جهول ڀري. سندس زبان تي جڳ واسين لاءِ سدائين هي دعا ايندي هئي.
ڇال م ڇڄي نينهن، پرت پراڻي م ٿئي،
کوءِ رسڻ ريتيون، کوءِ ڏولائي ڏينهن،
سندو محبت مينهن، وسي تان وس ٿئي.
پر محبت جا منڪر ڪٿي ٿا محبت جا مينهن وسڻ ڏين؟ سُر ۽ سندرتا جا ويري ڪٿي ٿا دلبرن جي دلبري کي دنيا ۾ دليون ملائڻ ڏين؟ مير ٺاري خان کي به خليفي جي خود سري راس نه آئي ۽ ويتر لغاري قبيلي سان اختلاف هئڻ ڪري ،هن خليفي نبي بخش تي قهر جا ڪوٽ ڍائي ڏنا.
خليفي جنهن سدائين پيار ۽ محبت جا گهر جوڙيا. اُن جو هاڻ نفرت ۽ ڪدورت جي سايي ۾ گهارڻ ڏکيو ٿيندو ويو. وري به چوندا آهن ته پيار جو قدر پيار ڪرڻ وارا ئي ڄاڻن، بي قدرن ڀلا ڪهڙي ڪل. مير باگو خان جنهن پنهنجي محبوبه سونيتي اُڍيجڻ (جيڪا تاريخ ۾ اڳتي هلي سنڌ راڻي جي نالي سان مشهور ٿي) جي پيار ڪري رياست ۽ حڪومت کي خيرآباد چئي، باگي واهه جي ڪنڌي تي اچي ديرو ڄمايو هو، تنهن کان خليفي جو درد سٺو نه ٿيو. هن کيس پنهنجي دل جي ديري ۾ رهڻ جي آڇ ڪئي، جيڪا خليفي نبي بخش قبول ڪئي ۽ پنهنجي سانئڻ صابل کي ساڻ ڪري پراڻ جي پڊن کي الوداع چئي عاشق منش مير باگي خان (جنهن جي نالي پويان ٽنڊوباگو شهر آهي) جي نگري بڊام ۾ اچي کيما کوڙيا.
بڊام جي پڊن تي پيار جون هوائون گُهليون. صدين جي اُڃايل پڊن ۾ پيار جا گل ٽڙڻ لڳا.
جنهن گل رانيو ڪرهو، سوگل چڙهيس چت،
گونري کي گلاب جو، وڌو پيچ پرت،
نايو چري نت، قاسم ڪوئنرن ٽاريون.
۽ پوءِ - ۽پوءِ جڏهن بڊام جي پڊن ۾ هوائن گُهلڻ ڇڏي ڏنو. جڏهن لڏندڙ سنگن مٿان پکين ٻولڻ ڇڏي ڏنو. جڏهن صابل جي ساهه جا ڪنول ڪومايا ۽ جڏهن صابل پندرهن سالن جي محبت جون گهاريل گهڙيون ۽ سڪ ۽ پريت جا ڪيل سڀ وچن ٽوڙي ڪنهن اڄاتل ديس ڏي راهي ٿي، تڏهن خليفي جي اندر ۾ ڄڻ اوندهه ڇائنجي ويئي،صابل جو وڇوڙو هن کي گوشه تنهائي ۾ گهيلي ويو. صابل جي جدائي سندس ڪومل ۽ لطيف جذبن کي گهرا گهاءُ ڏنا.
ڪاڪُل ڪنوارين جي، ڏنو ڪالهه ڪهڪ
ڌڪن مٿي ڌڪ، لڳم لطيفن جا.
خليفي نبي بخش جو دل گهريو دوست قاسم جنهن جي نالي کي خليفي پنهنجي شاعري ۾ تخلص طور استعمال ڪيو آهي، جنهن جا ساڻس دل جا رشتا هئا يا ايئن کڻي چئجي ته خليفي وٽ قاسم جي اهڙي حيثيت هئي جهڙي سنڌي شاعري ۾ ڪانگل جي آهي. يا جيڪو رشتو هڪ وڳر کان وڇڙيل نار جو جنڊ پئيندي يا ماٽي ۾ جهرڻو هلائيندي وڇوڙي جي ورلاپن ۽ لڙڪن سان هوندو آهي، اهڙو ئي درد ۽ پيار جو رشتو هو خليفي ۽ قاسم جي وچ ۾. قاسم کان پنهنجي دل گهريئي دوست جو دک سٺو نه ٿيو. هن خليفي کي وڇوڙي جي ويراڳ مان ڪڍڻ لاءِ روضي ڌڻي جي زيارت ڪرڻ لاءِ اُڪسايو. اهڙي طرح قاسم پنهنجي پڳ مٽ يار کي گوشه نشيني مان ڪڍي اڻ ڏٺل کي پسڻ لاءِ ٻيهر دنيا ۾ آندو. قاسم جو اهو ٿورو هن ڌرتي واسين تي سدائين بقايا رهندو، جنهن زندگي سان ڀرپور شاعري جي سرجڻهار کي هڪ دفعو نئون جنم ڏياري ڪيسو واڙي ڦل ڏنا.
خليفي پنهنجي ننڍپڻ جي يار قاسم سان گڏ، ڪڇ، گجرات، ڪاٺياواڙ ۽ مارواڙ جا دورا ڪيا. هن دنيا کي ديده ور ۽ دانشور جي اک سان ڏٺو ۽ گهرو مشاهدو ماڻيو. واپسي ۾ هن پراڻ جي پڊن ۾ ونگي ڳوٺ ۾ بڙ جي وڻ هيٺان اچي ديرو هنيو، جتي هن ڪيئي ڏينهن ۽ راتيون اُڃون ۽ بکون ڪاٽيون. هن جي مٿان اڻ ڏٺل جا اسرار ايئن ظاهر ٿيڻ لڳا جيئن مهاتما گوتم ٻڌ جي مٿان گيان لٿو هو. سندس شاعري ۾ اُنهن سڀني پرتوئن جو مظهر ۽ جلوو روشن ٿيڻ لڳو، جيڪو جڳ جي سِرجڻ جو ڪارڻ ۽ سگهه بڻيو. مٿس اُن آتمڪ شڪتي ۽ خود اثباتي جا جوهر بلڪل عيان ۽ چٽا ٿيڻ لڳا ۽ اُهو سڀ ڪجهه جيڪي هن ڀوڳيو ۽ ماڻيو پنهنجي ڪلا وسيلي پنهنجي ديس واسين کي موٽائڻ لڳو.
آسا ڇڏ الله جي، در در پن م دان،
پاڻ وڃائي پنهنجو ثابت ڪر صبحان،
ميم ٻڌي سِر مولهيو، الف ٿي اڳوان،
گولپ جو گمان، قاسم ڪٽراک م.
خليفي نبي بخش قاسم جي شاعري جي پنهنجي سونهن آهي ۽ اُن کي موٽائڻ جو سندس پنهنجو اسلوب آهي، جيڪو کيس ڀٽائي ۽ سچل کي ڇڏي، باقي ٻين شاعرن ۾ سڀ کان مٿڀرو ڪري بيهاري ٿو.
خليفي نبي بخش جي شاعري ۾ مڪمل وزن، تشبيهه، استعارو، ايهام، تجنيس حرفي، تجنيس تام ۽ ٻيون اُهي سڀ خوبيون موجود آهن، جيڪي شاعري کي سونهن، جوڀن ۽ سگهه بخشين ٿيون. خليفي نبي بخش جي شاعري لاءِ اهو چوڻ بجا ٿيندو ته ،“سندس شاعري الفاظن ۾ موسيقي آهي”. خليفي ملاري، ڪانري، جنجونتي ۽ دادره جا ٻول استائي ۽ انتر سميت پنهنجي شاعري ۾ جنهن انداز سان نسب ڪيا آهن، اهو ڪرشمو فقط هڪ بلند پايه ۽ ڪلاسيڪل موسيقي جو وڏو ڄاڻو ۽ ماهر ئي ڪري سگهي پيو. بيشڪ خليفو سنگيت وديا جو هڪ وڏو ماهر اُستاد هو.
چلتی ٹھمک ٹھم ٹھم ، چلتی ٹھمک ٹھم ٹھم،
مرگھوں سے تیکھے نین، کوئلوا سےمیٹھے بین،
باجت پایل چھم چھم چلتی ٹھمک ٹھم ٹھم۔
اٹھ دیکھو قاسم دھوم مچی دھم دھم،
نا چت گوری طبلوا کے بھم بھم، چلتی ٹھمک ٹھم ٹھم
يا وري سندس ڪلاسيڪل موسيقي تي دسترس لاءِ هيٺيون خيال ڏسو:
بلماں بیاں موڑ نا، اچھنکیاں باتاں کرلو
موسیٰ جگت پیروا، بر زوری کرکے نند کو نور وا
کرکے چوڑیاں پھوڑنا، بلماں بیاں موڑنا
خليفي نبي بخش جي ڪلاسيڪل موسيقي ۾ ڄاڻ ۽ اعليٰ پايه جي ذوق جي ئي طفيل، جڏهن خليفي جو بڙودي وڃڻ ٿيندو هو ته، اُتي جو گائڪواڙ خاندان سندس مان ۾ راڳ جي محفل جو انتظام ضرور ڪندو هو.
کون بجری کون بادرا کون برستا مینھن
کون رادھا کون شاماں کون کرتا ہے ناز
کون باجے کون بجے کون ناچے تھا تھا تھا
کون گاوے تان گویا کون قاسم ساز۔
خليفي نبي بخش قاسم کي اهو به ڪريڊٽ وڃي ٿو ته، سندس ذوق، سليم ۽ ڪاوشن جي ڪري پير سائين پاڳاري جي مريدن ۾ جماعتي راڳ جو بنياد پيو. نه صرف ايترو پر اها خليفي نبي بخش صاحب جي ذهانت ۽ صلاحيت هئي، جنهن وسيلي هن پير حزب الله شاهه “پاڳاري جي ننڍپڻ کان وٺي اهڙي تربيت ڪئي، جو سندس ڪک مان هڪ اهڙي دلير ۽ سر موڙ سورهيه جنم ورتو، جنهن انگريز سرڪار سان جنگ جهوٽي شهادت ماڻي ۽ هن ڌرتي جا ماڻهو اڄ به کيس “سورهيه شهيد بادشاهه” جي نالي سان ياد ڪن ٿا.
اها پڻ خليفي نبي بخش جي تربيت ۽ قابليت هئي جنهن جي طفيل سندس پوٽي غلام نبي نه صرف شاعري جي ميدان ۾ پاڻ ملهايو بلڪه ڌارين سان جنگ ۾ پنهنجي اهل واولاد سميت سر تان آهو پلي قربانيون ڏنيون.
خليفي نبي بخش نه صرف سنڌي ۾ بلند پايي جي شاعري ڪئي پر گڏوگڏ روحل، مراد سنڌي ۽ سچل جي روايتن کي وڌائيندي هندي، سرائيڪي، ڍاٽڪي ۽ اُردو ۾ پڻ خوبصورت شعر چيا. خليفي جي سرائڪي شاعري کان متاثر ٿي اڳتي، هلي حمل فقير پنهنجي منفرد انداز سان پاڻ مڃايو.
خليقي جو ٿر جي پس منظر ۾ ڍاٽڪي ۾ لکيل سُر ڍول مارو ماروئڙن جي درد ۽ محبت جو مثالي داستان آهي.
اُردو ۾ چيل غزل ۽ اُنهن ۾ آندل موضوع ۽ اُن جي ادائيگي سندس اُردو جي وڏي شاعر هئڻ لاءِ خود دليل آهن.؎
گلشن کی خبر خوب باد صبا سے پوچھ
تصویر قد سرو کی شمشاد سے پوچھ
بے درد کو معشوق سے کیا کام ہے یارو
شیریں کی حقیقت بھلا فرہاد سے پوچھ
خليفي نبي بخش جي شاعري ۾ غالب ۽ ذوق جيان خنڪي ۽ خمار به آهي.
شبِ روز قاسم دیکھتا ہے باٹ تمہاری
جیوْں دیکھتے ہیں مومناں رمضان کا رستا
خليفي نبي بخش شڪوه جواب شڪوه جي موضوع تي علامه اقبال کان به گهڻو اڳ طبع آزمائي ڪئي ٿي ڏسجي.
شاہِ نجف علی کے دشمن کوں مل سہی
یوں کہہ دو کہ تجھ کوں خون خوار حیف ہے
خليفي نبي بخش جو هندي ۾ لکيل سر بيراڳ هندي ۽ خاص طور تي هندي دوها ڪبير ڀڳت جي ياد ڏيارين ٿا. ميرن جي صاحبي واري دور ۾، جڏهن دين ڌرم جي نالي ۾ انسانن کي ڪٺو پي ويو، جڏهن رام ۽ رحيم جي وچ ۾ نفرت جي ديوار کڙي پئي ڪئي وئي، تڏهن خليفي نبي بخش سچل جي روايتن کي اڳتي وڌائيندي، هن ڌرتي جي سيڪيولر تهذيبي روايتن کي زندهه رکڻ لاءِ نه صرف تصوف کي پنهنجو موضوع بنايو، پر اُن سان گڏوگڏ ڀڄن لکي هن ڌرتي جي روح ۾ سمايل محبت ۽ انسانيت کي عوام ۾ پڌرو ڪيو ۽ وحشيت ۽ ذات پات جي مت ڀيد ۽ دردنگي هٿان هتي جي تهذيب ۾ پلجندڙ انسانيت ۽ سيڪيولر روايتن کي مرڻ کان بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
بامھن کون سنیاسی تیرتھ گنگامیں ڈوب نہاتا کون،
وہاں سے چل فردوس میں آیا چب چب گندم کھاتا کون،
اس نگر میں نیھن لگاکے ہٹ پیچھے پھر جاتا کون،
الٹ بھید کی بات بروبر سنتا کون سناتا کون،
تال مول سیکھ لے قاسم بجتا کون بجاتا کون۔
هن عشق کي الله ڄاڻي نفرتن ۽ ڪدورتن جا ڪوٽ ڊاهڻ جو پيغام ڏنو.
تجھ عشق کے پھندے مین کیا ہندو کیا مسلمان ،
زاہد بھی پھنس رہا ہے بس ایکان میں آ،
مذہب عشق نیارا ہے کفر و دین سے،
بستی سے نکل قاسم بھڑ میدان میں آ
خليفو انسان کي ذات پات ۽ دين ڌرم کان مٿي ماڻهپي جو درس ڏي ٿو.
اس دیس میں چل کے آیا جبھی مذاہب طریقے میں دیکھے تبھی،
نا خالق خدا نا خدا ہی جدا، یھودی نصارا نا قوم لدا
نا بامھن نا جوشی نا زنارپوش، نا ملاں نا قاضی نا نرگئی مئہ نوش۔
خليفي نبي بخش جي شاعري جي مطالعي مان پتو پوي ٿو ته هن ڌرتي جي درد ۽ ماڻهن جي مصيبتن کي هميشه پاڻ تي محسوس ڪيو آهي. انسان جي لطيف جذبن، گلن گاهن، پيار محبت جي داستانن کي ڳائڻ وارو خليفو بخش، جڏهن هن ڌرتي جي دادلن تي پرڏيهه کان ڪاهي ايندڙ پٺاڻ شجاع الملڪ جي گهوڙن جي ٽاپ ٽاپ ٻڌي ٿو ته بي چين ٿي وڃي ٿو. اُن وقت هو پنهنجي ضعيف عمري جي پرواهه نه ڪندي درويشن جي صحبت ۾ اختيار ڪيل گوشه نشيني مان ٻاهر نڪري اچي ٿو. اُن وقت، عاجزي انڪساري کي موضوع بنائي سر ليلا چنيسر سرجيندر شاعر جي قلم مان آڳ جا اُلا نڪرن ٿا. مومل جي ماڻن ۽ سورٺ جي سونهن کي لطيف جذبن جي پوشاڪ پهرائيندڙ شاعر هن ڌرتي تي ڪيڏارو لکي ٿو.
ڪانئر سندي ڪَن تي ٻولي هڏ مَ ٻُنڌ
مرته موچارو ٿيئين، هي نه موٽڻ مُنڌ
ڪَڇُن منجهان ڪُند، پٽي ڪڍ پٺاڻ کي.
سون ورنيون سهاڳڻيون جن جيون ماڻڻ جا اڻ ميا سپنا ڏٺا، جڏهن اُنهن جي پڊن تي پرڏيهي ڪاهي اچن ٿا ته، اُهي پنهنجي ورن کي کرڙي جي ميدان ۾ اُماڻي جيڪا تلقين ڪن ٿيون، اُن کي خليفي سُر ڪيڏاري ۾ اجهو هيئن چٽيو آهي.
جي تون ڀڄي آئين، ته آءٌ تنهنجي ڀيڻ،
نٿ تنهنجي نڪ ۾، وجهان ڏيئي ويڻ،
توڏي کڻان نيڻ، ته ڪر پسان پٽ کي.
کرڙي جي ميدان ۾ سنڌي شهيدن ۽ سرويچن جي ڏنل ريٽي رت جي منظرنگاري ڪندي خليفو نبي بخش چوي ٿو:
کرڙي کائي رت، ڀت نه وجهي وات ۾،
پڙ ۾ پهلوانن جي ويٺي پرکي پت
جَني نيڻ نِست، نينهن نه لائي تن سين
يا وري
کرڙي کائي ماهه، پيئي رت پياليون،
ويٺي سڏي شاهه، جو ڏيندو سر ڏياچ کي.
خليفي سر ڪيڏاري ۾ اُنهن جنگي اصولن جي پڻ چٽائي ڪئي آهي، جيڪي گهڻو تمام گهڻو پوءِ سڌريل قومن طرفان جنگ لاءِ بين القوامي طور تي قبول ڪيا ويا. ڪمزورن سان جنگ نه ڪرڻ بابت خليفو فرمائي ٿو:
وڙهه وڙهندن ساڻ، هيڻي هڻ م هٿڙا،
ڪُڌا ئي ڪيڪاڻ، غازي مار غنيم کي
قومن جي آزادي سان واڳيل نظريو ته، جنگ بنا امن ڪونهي، جنهن تحت قومن اڳتي هلي آزاديون ماڻيون. خليفي نبي بخش اُن جي گهڻو اڳ سر ڪيڏارو ۾ نشاندهي ڪئي آهي.
جان جان جهيڙو نان ڪري، تان تان ناهي سک،
وڍئو ويري آڱرا، ڀُڃئو لاهي بُک
راوت هٿان رڪ، رڻ ۾ راماڻا ڪري
احسان لانگاهه کان وٺي شاهه ڀٽائي ۽ فقير محمد صديق تائين، جن به شهادت جي موضوع کي شاعري ۾ آندو آهي، اُنهن سڀني ۾ خليفي نبي بخش جو لکيل ڪيڏارو، هن ڌرتي جو پنهنجو درد آهي. اُهو درد جيڪو هن جي پنهنجي سيني ۾ سانڍيل آهي. خليفي نبي بخش جو ڪيڏارو هن ديس جي ارڏن، اڙبنگ ۽ سورهيه سپوتن جو دلبر ڌرتي کي انهي ارپنا جو وچن آهي، جنهن جي پالنا لاءِ هنن سدائين سر تان آ هو پلي ڌرتي جو قرض ادا ڪيو آهي.
سورهيه سندي سِر تي، سسي سندو بار،
جي تري تن ترار، ته حق ادا ٿئو اُن تان.
شاعر تهذيبن جا روح ۽ تاريخ جا امين هوندا آهن. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته هومرکي پڙهڻ کانسواءِ يوناني تهذيب جي تاڃي پيٽي کي سمجهي نٿو سگهجي. لاطيني سڀيتا کي ڄاڻڻ لاءِ ورجل جو مشاهدو ڪرڻ ضروري آهي. جيئن شيڪسپيئر ۽ گوئيٿ يورپ جو ورثو آهن ۽ فردوسي ايراني تهذيب جي سڃاڻپ آهي، تيئن سنڌي ثقافت، ٻولي ۽ تهذيب جي روح کي ڀٽائي ۽ خليفي جي مطالعي بنا، نه صرف سمجهڻ ناممڪن آهي پر اُنجو تصور به نٿو ڪري سگهجي. هن ڌرتي تي هڪ روايت آهي ته ڀٽائي جو رسالو سنجاويل کان شروع ٿئي ٿو ۽ خليفي نبي بخش جو رسالو پهريون سر رامڪلي هئڻ ڪري پرهه ويل کان شروع ٿئي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ به ڪونهي. خليفي نبي بخش قاسم جي شاعري ۾ پرهه جي پچار آهي. ساري جڳ جي بکين ڏکين لاءِ ابدي سک ۽ امن جي پرارٿنا آهي.
آءٌ سو سارنگ ساريان، جو بکين لاهي بک،
آب پياري اُڃيئين، ڏکين سُڃي ڏک،
مٿان دلين دک، وسن سڀ ميٽيئا.
1- 21 ۽ 24 جون 1994 روزانه “عوامي آواز” ڪراچي ۾ قسطوار ڇپيل
2- 18 جنوري 1996ع هفتيوار “حق جو هوڪو” حيدرآباد ۾ ڇپيل
3- 15 جون 1996ع پندرهن روزه “عبرت مئگزين” حيدرآباد ۾ ڇپيل
4- فيبروري 1997 جي “سنجها” 2 ۾ ڇپيل