محمد صديق “مسافر”
سنڌي ادب ۾ طبعزاد نثر ۽ شاعري کان علاوه، ترجمي جي ميدان ۾ پنهنجو اعليٰ مقام پيدا ڪندڙ محمد صديق پهرين اپريل 1879ع تي گلاب خان شيدي جي گهر جنم ورتو. سندس لاڏ ڪوڏ وارو نالو جيڪو جنم وقت رکيو ويو هو، اُهو جهنڊو هو. محمد صديق شروع شروع ۾ شاعري ۾ پنهنجو تخلص “آهه ضعيف”، “خادم” ۽ “صديق” به استعمال ڪيو، پر آخر ۾ تخلص “مسافر” استعمال ڪيائين، جيڪو ساري عمر تائين سندس نالي سان جڙيل رهيو. محمد صديق مسافر جي ماءُ جو نالو مائي بيگم هو. محمد صديق مسافر جو والد گلاب خان پنهنجي وڏڙن سان، آفريڪا جي علائقي زنجبار مان غلام بنجي مسقط پهتو. جتي کيس شيخ حسن نالي هڪ شخص خريد ڪيو ۽ طهر ڪرائي سندس نالو بلاول رکيو. اُتان ٺٽي ۾ رازڪو ڪم ڪندڙ ڪاريگر غلام علي وٽ وڪرو ٿيو، رازي غلام علي کيس ٽنڊي باگي ۾ مخدوم حر علي وٽ وڪرو ڪيو. هن سندس شادي هم نسل غلام عورت سليمت سان ڪرائي ۽ سندس نالو بلاول مان تبديل ڪري گلاب خان رکيو. سال 1843ع ۾ انگريزن غلام بنائڻ جي عمل تي پابندي وڌي ۽ اهڙي ريت گلاب خان آزاد ٿي ويو. محمد صديق مسافر ان غلامانه دور ۾ سندس خاندان ۽ آفريڪي نسل جي ماڻهن سان ٿيل عقوبتن ۽ ظلمن جو ذڪر پنهنجي ڪتاب “غلامي ۽ آزادي جا عبرتناڪ نظارا” ۾ ڪيو آهي. جنهن کي پڙهندي لڱ ڪانڍارجي وڃن ٿا ۽ دل سوچڻ لڳي ٿي ته، ڇا انسان ايترو به وحشي ۽ درندو ٿي سگهي ٿو؟ گلاب خان کي سليمت مان ڪل ارڙهن ٻار ڄاوا جيڪي سڀ جا سڀ گذاري ويا. مائي سليمت جي وفات کانپوءِ گلاب خان مائي بيگم سان شادي ڪئي جنهن مان کيس ٻارهن ٻار پيدا ٿيا. محمد صديق مسافر کان سواءِ ٻيا سڀئي ٻار گذاري ويا. گلاب خان 1888ع ۾ گذاري ويو، اُن وقت محمد صديق مسافر جي عمر فقط 9 ورهيه هئي.
محمد صديق مسافر کي ڇهن ورهين جي عمر ۾ قرآن شريف پڙهڻ لاءِ مدرسي ۾ داخل ڪيو ويو. اُتي ئي هن ابوالحسن واري سنڌي به سکي. 1893ع جي شروعات ۾ هن کي سنڌي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو. مسافر کي اعليٰ ذهانت ۽ هيڊ ماستر ويساک سنگهه خالصي جي سوالن جا صحيح جواب ڏيڻ جي بنياد تي سڌو پرائمري اسڪول جي ٻئي درجي ۾ داخل ڪيو ويو. محمد صديق مسافر 1893 جي آخر ۾ ٻئي درجي ۾ پهريون نمبر حاصل ڪري ٽيئن درجي ۾ پهتو. 1894ع ۾ هن جي قابليت ۽ هوشياري سبب ٽيئن ۽ چوٿين درجي جو امتحان گڏ ورتو ويو، جنهن ۾ به پهريون نمبر کنيائين. 1895ع ۾ پنجون درجو پاس ڪري ڇهين درجي ۾ داخلا ورتائين. 1896ع ۾ کيس ساڳئي ئي اسڪول ۾ چار رپيا پگهار تي پيوپل ٽيچر طور مقرر ڪيو ويو. 1896ع ۾ ورنيڪيولر امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ هن کي 1897ع ۾ پرائمري اسڪول ٽنڊو آدم لاءِ اُستاد جي نوڪري جو آرڊر مليو. مسافر اُن ئي سال جي آخر ۾ اُتان بدلي ڪرائي ٽنڊي باگي شهر جي ويجهي اسڪول سنجاپور ۾ آيو. هن 1898ع ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ داخلا لاءِ امتحان پاس ڪيو ۽ 1899ع ۾ پرائمري اُستاد جي نوڪري تان استعيفيٰ ڏئي ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ داخلا ورتي. نومبر 1901ع ۾ ٽيئين سال جي امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ کيس 1902ع ۾ ٽريننگ ڪاليج جي پرئڪٽسنگ اسڪول ۾ اسسٽنٽ (نائب) اُستاد جي نوڪري ملي. 1902ع ۾ محمد صديق مسافر تعليم کاتي پاران نڪرندڙ اخبار تعليم ۾ ايڊيٽر جا فرائض سرانجام ڏنا. سال 06-1905ع ڌاري بمبئي سرڪار تعليمي کاتي جي پهريئن ۽ ٻئي درجي جي درسي ڪتابن لاءِ سبق ۽ نظم بهترين انداز ۾ ترتيب ڏيڻ تي کيس آفرين نامي سان گڏ 95 روپيه انعام به ڏياري موڪليو. سال 1908ع ۾ محمد صديق مسافر ميٽرڪ جو پلمنري امتحان نمايان نمبرن ۾ پاس ڪيو. محمد صديق 1912ع تائين ٽريننگ ڪاليج جي پرئڪٽسنگ اسڪول ۾ سنڌي ۽ فارسي جي نائب اُستاد جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو ۽ 1913ع ۾ کيس ٽريننگ ڪاليج ۾ ماستري جو پڪو آرڊر مليو. 1920ع ۾ لاڙ جي نيڪ مرد ۽ محسن مير غلام محمد خان ٽالپر، محمد صديق مسافر جي تعليمي ذهانت ۽ قابليت جي ڪٿ ڪندي سندس بدلي جو آرڊر پنهنجي برپا ڪيل اسڪول لارينس مدرسي لاءِ ڪرائي آيو. محمد صديق مسافر 1920ع کان 1925ع تائين پنهنجي شهر ٽنڊي باگي جي انهي اسڪول کي تمام محنت ۽ جذبي سان هلايو. اُن کانپوءِ نئين بدلي ٿي آيل هيڊ ماستر اسڪول جي چارج سنڀالي ۽ پاڻ 1927ع تائين مير صاحب جي خيراتي برپا ڪيل اسڪول سان لاڳاپيل رهيو. 1927ع ۾ محمد صديق مسافر جي بدلي شڪارپور ۾ ٿي. اُتي هڪ سال گذارڻ کانپوءِ هو پنهنجي بدلي واپس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ ڪرائي آيو. محمد صديق مسافر مارچ 1932ع ۾ سرڪار نوڪري تان رٽائر ڪيو.
رٽائرمينٽ کانپوءِ هن مستقل رهائش پنهنجي پيدائشي اباڻي شهر ٽندوباگو ۾ اختيار ڪئي. هو رٽائرمنٽ کانپوءِ به مير صاحب جي برپا ڪيل ليڊيز اسڪول جي ماسترياڻين جي تربيت ۽ اسڪول جي سارسنڀال ڪندو رهيو. محمد صديق مسافر خان بهادر محمد صديق ميمڻ جي ڪوشش سان برپا ڪيل سنڌي مسلم ادبي سوسائتي جو ميمبر به ٿي رهيو جنهن جي، پليٽ فارم تان هن ڪافي ادبي پورهيو ڪيو،جنهن جي طفيل هن جا ڪافي ڪتاب مارڪيٽ ۾ آيا. محمد صديق مسافر غريبن جي هڏڏوکي ۽ تعليم لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ مير غلام محمد خان ٽالپر جي 1932ع ۾ وفات کانپوءِ، سندس ياد ۾ فيبروري 1935 کان پندرهن روزه لاڙ گزيٽ ڇپائي عوام الناس ۾ پڌرو ڪندو رهيو. محمد صديق مسافر مذهبي اصولن تي ڪاربند رهندڙ شخص هو، پر هو تنگ نظري کان پاڪ ۽ مذهبي رواداري جي سوچ رکندڙ انسان پڻ هو. اهو ئي سبب هو جو هو سندس ڪاليج جي پرنسپال تاراچند شوقيرام طرفان نڪرندڙ رسالي برهمو سماج جا نه صرف پروف ڏسندو هو بلڪه اُن رسالي لاءِ ديوان تاراچند شوقيرام جي خواهش مطابق نثر يا شاعري جو مواد پڻ لکندو ۽ ترتيب ڏيندو هو.
جيتوڻيڪ محمد صديق مسافر هڪ بهترين اُستاد ته هوئي، پر هنجون ادب ۾ به تمام وڏيون خدمتون آهن. محمد صديق مسافر کي سنڌي ٻولي کان علاوه اُردو، هندي، فارسي عربي، انگريزي ۽ سنسڪرت ٻولي تي به عبور حاصل هو. هن شاعري ۾ جتي مختلف موضوعن جهڙوڪ مذهب، اخلاقيات، سماجيات ۽ فطرتي سونهن تي شاعري ڪئي آهي، اُتي هن جي ٻارن لاءِ ڪيل شاعري به لازوال آهي، جنهن ۾ ايتري ته رواني، لفظن جي خوبصورتي ۽ ردم آهي جو ننڍپڻ ۾ پڙهڻ سان ئي ياد ٿي وڃي ٿي ۽ زندگي جي باقي عمر تائين ذهنن تي نقش رهي ٿي. محمد صديق مسافر نصابي ڪتاب خاص طور تي پهريئين، ٻئي ۽ ٽيئين درجي جا ڪتاب ترتيب ڏنا. گرامر، تاريخ ۽ جاگرافي تي پڻ ڪتاب لکيا. اُن کان علاوه هن نثر ۾ سوانح عمرين، اخلاقيات، دينيات، سماجيات، لوڪ قصن، لطيفيات ۽ ٻين موضوعن تي به ڀرپور انداز ۾ لکيو. محمد صديق مسافر جتي شاعري ۽ نثر نويسي ۾ پنهنجي لکڻين وسيلي سنڌي ادب جي خدمت ڪئي، اُتي هن اُردو، هندي، انگريزي، فارسي ۽ عربي وغيره مان به مختلف موضوعن تي ناول، مضمون، قصا ڪهاڻيون ۽ شاعري پڻ ترجمو ڪري سنڌي ادب کي مالامال ڪيو. محمد صديق جي قلمي پورهيئي ۾ طبعزاد نثر، شاعري، ترجمي ۽ تاليف ڪيل ننڍن وڏن ڪتابن جو ڪل تعداد 120 جي لڳ ڀڳ آهي. ڪن محققن جي راءِ موجب اهو تعداد ان کان اڃا به وڌيڪ آهي، ڇاڪاڻ جو محمد صديق مسافر مالي وسيلا نه هئڻ سبب ڪجهه ڪتاب پنهنجي نالي سان نه ڇپائي سگهيو. ڪن محققن جي راءِ موجب سندس قابل ذڪر گلستان بوستان جو ترجمو گلشن بهار، غلام محمد شهواڻي جي نالي سان ڇپيو ۽ سندس ڪجهه ڪتاب اُن وقت جي آفيسر خان بهادر محمد صديق ميمڻ جي نالي ۾ ڇپيا. محمد صديق مسافر جي قلمي پورهيئي جا ڪجهه تفصيل هن ريت آهن. (1) زيب النساءُ (1914) (2) چاند بيبي (1921) (3) ڦول داني (شاعري (1930) (4) جوهر اسلام (1932) (5) سنڌي سونهون درجو ٽيون (1993) (6) سڄاڻ زالون (1934) (7) مسدس اٻوجهو (ترتيب 1934) (8) حياتي جي دور جي ڪنجي (1934) (9) سنڌي سونهون درجو ٻيو (1934) سوڪس سکيا (1935) (10) نئون تعليمي مضمون (سنڌي ٻولي (1935) (11) گلشن خيال (شاعري (1936) (12) تازو گرامر (1936) (13) قرب قليچ (شخصيات 1936) (14) سنڌي سونهون درجو پهريون (1937) (15) ديوانِ فاضل (ترتيب 1937) (16) سنڌي سونهون درجو ڇهون (1938) (17) سنڌي سونهون درجو پنجون (1940) (18) تازو انگي حساب (1940) (19) سنڌ جي تاريخ (ست ڀاڱا 42-1941) (20) ڪلام موليٰ (ترجمو (1942) (21) اخلاقِ محسني (2 ڀاڱا 47-1943) (22) سرسئي آبري (لطيفيات 1948) (23) شهيد ڪربلا (1950) (24) منتخب ديوان خاڪي خراساني (ترجمو 1951) (25) رسالا درحقيقت دين (1951) (26) منتخب پنديات جوان مردين (مذهبيات 1952) (27) ديوان سانگي (1952) (28) ائٽلس (جاگرافي تعلقو بدين (1953) (29) گلزار نثر و نظم ٻه ڀاڱا (1953) (30) ڪليات عرف منازل مسافر شاعري 1955) (31) فاطمه الزهرا (1960) (32) سرکنڀات (1961) (33) سر آسا (1961) (34) جاگرافي تعلقو ٽنڊوباگو (1962) (35) سر سهڻي (1964) (36) سر ليلان چنيسر (1964) (37) سرڪا موڏ (1964) (38) غلامي ۽ آزادي جا عبرت ناڪ نظارا (تاريخ 1967) (39) ممتاز دمساز (منظوم ترجمو) (40) سپاهي زده (منظوم ترجمو) (41) رموز القرآن (42) جاميٽري ۽ تجارتي حساب (43) سنڌ جي جاگرافي (44) ڏيهي حساب (45) گلبدن (ناول ترجمو) (46) مهر نور بانو (ترجمو) (47) هدايت المسلمين (اخلاقيات) (48) منتخب مظامين (49) سر سريراڳ (50) مطلوب المومنين (51) زينت القاري (ترجمو)(52) سر ڪيڏارو (1962)
***
[b]مرڻو ناهي مسافر
[/b]
آفريڪا جي زنجبار علائقي مان غلام ٿي آيل ننڍڙو گلاب جنهن جا ماءُ، پيءُ، ڀاءُ ۽ ڀيڻ سڀ ماريا ويا، يا غلامي جون زنجيرون پارائي کائنس جدا ڪيا ويا، مسقط ۽ مختلف جڳهين تان وڪامبو، جڏهن سنڌ جي شهر ٽنڊي باگي ۾ پهتو ته ڪنهن ٿي ڄاتو ته، سندس ڪک مان هڪ اهڙو انسان جنم وٺندو، جنهن وٽ آزادي جو روشن سج جيان چٽو تصور به هوندو؟ ڪنهن ٿي ڄاتو ته حبشي نسل جو هي نينگر اڳتي هلي سنڌي ادب ۾ ايئن جڳ مڳائيندو جيئن سندس وڏڙا، مگر مان جي ڌن تي محو رقص ٿي جڳ جهومائيندا هئا. 1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ جڏهن غلامن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته، گلاب به آزادي ماڻي. هن کي شيدي برادري پئنچاتي سسٽم هلائڻ لاءِ مکي مقرر ڪيو. 1888ع ۾ جڏهن گلاب وفات ڪئي ته محمد صديق مسافر جي عمر فقط نو سال هئي. جيتوڻيڪ مسافر کي سندس والد جي وفات کانپوءِ مهنداري جي پڳ ٻڌائي ويئي، پر مسافر اڳتي هلي ادب ۾ هڪ اهڙو روشن ستارو ٿي چمڪيو، جو سندس ادبي کيتر ۾ مهنداري جي پڳ اڄ به قائم ۽ دائم آهي، ۽ وقت جنهن جو ڪو به ثاني پيدا نه ڪري سگهيو آهي.
1879ع ۾ جنم وٺندڙ محمد صديق مسافر، جنهن کي سندس مامي عارف پاليو، ننڍي هوندي کان ئي ايترو ذهين ۽ هوشيار هو جو هن اوائلي عمر ۾ ئي ابوالحسن جي سنڌي سکي ورتي ۽ کيس سڌو ٻئي درجي ۾ داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ به هن پهريون نمبر کنيو. ڇهين درجي پاس ڪرڻ سان هن کي پيوپل ٽيچري جي جاءِ ملي ۽ 1896ع ۾ ورنيڪيولر فائنل جو امتحان به پاس ڪري ورتائين. 1897ع ۾ کيس ٽنڊو آدم ۾ نائب ماستر جي نوڪري، ملي ۽ اُن ئي سال ٽنڊي باگي جي ڳوٺ سنجاپور ۾ هيڊماستر ٿي آيو. ساڳئي سال ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد لاءِ داخلا جو امتحان پاس ڪري نوڪري تان استيفيٰ ڏيئي اوڏانهن روانو ٿيو. جتي اڳتي هلي 1902ع ۾ اسسٽنٽ ٽيچر طور ڀرتي ٿيو.
محمد صديق مسافر فارسي ۽ قرآن شريف جي تعليم مولوي محمد سليمان ۽ سنسڪرت جي تعليم اُڌن مل کان حاصل ڪئي. محمد صديق مسافر کي سنڌي سان گڏ عربي فارسي ۽ سنسڪرت ٻولين تي عبور حاصل هو. روحانيت ۽ شاعري جي کيتر ۾ سندس اُستاد سيد محمد فاضل شاهه هو. ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ نوڪري دوران هو ڪاليج مان نڪرندڙ اخبار تعليم جا ايڊيٽوريل ۽ مضمون به لکندو هو. مسافر ٽيڪسٽ بوڪ پونا ڪاميٽي لاءِ نظم ۽ نثر به لکيا، جيڪي اڳتي هلي نه صرف ٻئي ۽ ٽيئين درجي جي نصابي ڪتابن ۾ شامل ڪيا ويا، پر کيس اعليٰ پايي جي لکڻين جي عيوض 95 روپيه روڪ انعام ۽ آفرين نامو به ڏنو ويو.
1920ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ تعليمي ادارا نالي ماتر هئا. اُن وقت مير غلام محمد خان ٽالپر ٽنڊي باگي جهڙي ننڍڙي شهر ۾ اسڪول برپا ڪيو. جتي مير غلام محمد خان ٽالپر کي اُن اداري کي مالي طور هلائڻ جو ڪريڊٽ وڃي ٿو، اُتي اُن اداري لاءِ محمد صديق مسافر جي قلمي پورهئي کي قطعي وساري نٿو سگهجي. خود مير صاحب پاڻ به مسافر لاءِ چوندو هو، “خرچ منهنجو، ايمانداري تنهنجي.” هڪ ميز، ٻن ڪرسين ۽ ڪجهه بئنچن سان مسواڙي جڳهه ۾ مير غلام محمد خان ٽالپر جي خرچ تي قائم ڪيل اسڪول جو پهريون ۽ اڪيلو اُستاد محمد صديق مسافر ئي هو. سندس مقدس تعليمي پيشي سان سچائي ۽ محنت جو ئي نتيجو هو، جو اُهو جلد ئي هاءِ اسڪول جي درجي کي پهتو. جيڪو نه صرف تر جي ماڻهن لاءِ علم ۽ سجاڳي جو سبب بڻيو، پر سڄي سنڌ جي ماڻهن ۾ بهترين درسگاهه طور سڃاتو ويو.
محمد صديق مسافر لاءِ چئي سگهجي ٿو ته، مرزا قليچ بيگ کانپوءِ سندس پورهيو مقدار توڙي معيار جي لحاظ کان گهڻو آهي. هن 120 کان مٿي ڪتاب لکيا. جن ۾ ڪليات مسافر، غلامي ۽ آزادي جا عبرت ناڪ نظارا، منتخب مضامين، ديوان فاضل، قرب قليچ، شهادت نامون وغيره شامل آهن. هن شاعري، ترجمن، رياضي، جاگرافي، سائنس، جاميٽري گرامر، تاريخ، ديني، سماجي ۽ مختلف موضوعن تي پڻ ڪيئي ڪتاب لکيا ۽ ترجما پڻ ڪيا. پر اها لاڙ خطي جي بدقسمتي آهي جو اُن ۾ جنم وٺندڙ مهان شخصيتن کي، رياستي سطح تي اُها پذيرائي نه ملي سگهي آهي جيڪا کين ملڻ گهرجي.
محمد صديق مسافر شروعاتي دور ۾ پنهنجو تخلص آهه ضعيف، خادم ۽ آخر ۾ صديق ۽ مسافر برقرار رکيو.
محمد صديق مسافر جي مضمونن جي ٻولي سادي صاف ۽ عام فهم رهي آهي. هو مذهبي قائدن تي پڪو رهندڙ پر طبيعتن ۾ سيڪيولر ۽ سڀني مذهبن جو احترام ڪندڙ هو. اهو ئي سبب هو جو هو پنهنجي اُستاد تارا چند شوقيرام جي برهمو سماج رسالي جا نه صرف پروف به ڏسندو هو پر اُن ۾ شايع ٿيندڙ نثر ۽ شاعري جي اصلاح به ڪندو هو. هو جيتوڻيڪ پاڻ به اُن وقت جو ڄاتل سڃاتل ليکڪ ۽ اُستاد هو، پر تڏهن به پنهنجن اُستادن ۽ اُن دور جي ناميارن لکندڙن ۽ ڀلوڙ انسانن جي نه صرف عزت ڪندو هو پر هن اُنهن تي لکيو به، جن ۾ نمايان نالا مرزا قليچ بيگ، مير غلام محمد خان ٽالپر، سيد محمد فاضل شاهه وغيره جا اچي وڃن ٿا.
محمد صديق مسافر جو هڪ اُستاد هئڻ ناتي تعليم سان ڏاڍو چاهه هو. هو ٻارن کي نه صرف اسڪول جي وقت ۾ پر اُن کانپوءِ به پڙهائڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو هو. هن ٻارن لاءِ سادي سلوڻي ٻولي ۾ گيت لکيا. جن ۾ هن نصيحت ڀريا نڪتا ۽ سمجهاڻيون ڏنيون آهن، هن جا لکيل نظم ننڍي لاڪر حفظ ڪيل اڄ به ذهن جي پٽي تي ايئن جو ايئن نقش آهن، جن کي عمر جي دز ميساري نه سگهي آهي نه ئي سگهندي. مشهور دانشور جانسن چيو آهي ته ٻولي خيال جو لباس آهي. مسافر جي تخليقن ۾ ٻولي جي سادگي ۽ سونهن جو ڪو جواب ڪونهي.
ٻارو اچي مڙو هڪ ماڳ
ڳايون چئن منڌن جو راڳ
يا وري
ماءُ ۽ پيءُ جو چيو مڃجي،
سدا ادب ۾ تن جي رهجي.
سويل سمجهي، سويل اُٿجي،
اول ڌڻي جو نالو ڳنجي.
هن جا شاهڪار نظم ۽ گيت اڄ به نصابي ڪتابن جي زينت بنيل آهن.
مسافر جي شاعري جا موضوع عام ماڻهن جي زندگي سان لاڳاپيل آهن. پيار محبت، محبوب جو ميلاپ، وڇوڙو وغيره جن کي هو اعليٰ فني مهارت سان شاعري جي مالا ۾ پوئي ٿو. ڪاٿي گذ چوي ٿو ته: Articles are like humans, you have to go through so much to get to the heart، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته مسافر جون تخليقون دل جي گهرائين ۾ لهي وڃن ٿيون. هن غزلن م مختلف موضوعن کي سموئيندي الف کان وٺي ي (پوري الفابيٽ) تائين رديف آزمائي ڪندي پنهنجي ڀلوڙ شاعر هئڻ جا ثبوت ڏنا آهن.
ڪا نه ٿي کپي ٻي ڪا نشاني دلربا،
بوسه لب ڏي ڏيڻ، ڪر مهرباني دلربا.
تنهنجي بوسه کان مٺو منهن، منهنجي دل جو ٿئي،
سو اثر هرگز نه ٿيڻو آهي فاني دلربا.
محمد صديق مسافر حافظ شيرازي کان گهڻو متاثر هو. اهو ئي سبب آهي جو هن پنهنجي شاعري ۾ حافظ شيرازي جي شاعري کي وڏي مهارت ۽ خوبصورتي سان استعمال ڪيو آهي.
ويو صبر کسجي دل کان، دل ويئي مون هٿن مان،
درد اِڪ راز پنهان، خواهد شد آ شڪار!
ساڳئي وقت هن پنهنجي شاعري ۾ قرآني آيتن کي به نهايت خوش اصلوبي سان سمويو آهي.
فهم فَادعُو اُنِيُ سندو من تان مسافر ڪيم لاهه،
جمعيت ڪر، ڪيم چئو مهندار ڪهڙي ماڳ هنڌ.
جتي مسافر جي شاعري ۾ خيال جي بلندي ۽ بحروزن اعليٰ درجي جو آهي اُتي وري سندس تجينس حرفي جي استعمال جو فن شاعري کي چار چنڊ لڳائي ڇڏي ٿو.
سوزسڪ ۾ سال ٿي ويا، ويو سڪي رت جان جو،
پل ۾ پلٽيو روح نئون، مس مس مليو عاشق کي سپ.
محمد صديق مسافر هڪ روشن خيال اديب هو. هن ڪڏهن به عقيدن ۽ نظرين کي انسانيت ۾ ڏڦير وجهڻ جي حوالي کان اڳيان نه آندو. هو عمل ۽ ڪردار ۾ يقين رکندا انسان هو.
ڇڏڻ عقيدي ۾ آزاد گهرجي سڀ ڪنهن کي،
زماني ۾ گڏجي حب سان ڪن گذر فرقا،
جڏهن مسافر محشر ۾ فيصلا ٿيندا،
ته ڇو زماني ۾ گهارين دربدر فرقا.
مسافر وٽ محبوب، ميلاپ ۽ منزل جو چٽو تصور موجود هو. جنهن جو ذڪر هو پنهنجي شاعري ۾ هن ريت ڪري ٿو.
زخم فرقت جو نه آهي، وصل ڌاران ڪوئي علاج،
ديد سان دل جو ڦٽي، سوئي ڪري دل جو علاج.
يا وري
ڀري ڏينم ساقي سچائي جو جام
نشا نينهن جا مغز تي چاڙهه جام.
دنيوي توڙي انسانذات جي بهبود ڀلائي ۽ بقا لاءِ تخيلقي پورهيو ڪندڙ محمد صديق مسافر 1961ع ۾ زندگي کي الوداع چوندي باگي واه جي ڪنڌي تي اڏيل سنڌ راڻي جي سونهن ۽ سرهاڻ سان رچيل شهر ٽنڊوباگو ۾ ابد جو جام اوتي نينهن جا نشا چاڙهي وڃي هميشه لاءِ آرامي ٿيو.
هڪ ڀيري مسافر جي ورسي جي موقعي تي جڏهن سندس قبر تي حاضري ڀرڻ لاءِ بيٺا هئاسين ته ڪوئي چئي رهيو ته، “هي دنيا مسافر خانو آهي. ڪالهه مسافر هو، اڄ مسافر ناهي ۽ سڀان اسان نه هونداسين.”
مون دل ئي دل ۾ چيو: “مون کي اها ته خبر ناهي ته محمد صديق پاڻ کي “مسافر” ڇو ڪوٺائيندو هو؟ پر مان دعويٰ سان چئي سگهان ٿو ته جنهن شخص ٻارڙن لاءِ ٻاتڙن ٻولن ۾ گيت لکيا، جنهن اُستاد هئڻ ناتي نيڪي ۽ سچائي جا درس ڏنا، جنهن ادب ۽ شاعري جي ذريعي انسان جي لطيف جذبن جي ترجمان ڪئي ۽ جيون کي اُتساهه ڏنو، سو ڪڏهن به هن مٽي جي ڍير هيٺان دفن ٿي نٿو سگهي ۽ هن دنيا مان مسافر بڻجي لڏي نٿو سگهي. هو تيستائين هن ڌرتي کي سڳنڌ بخشيندو رهندو جيستائين آبشار وهندا رهندا، علم ۽ ادب جي جوت سج جي ڪرڻن جيان جڳ جرڪائيندي رهندي ۽ پيارن پکيئڙن جهڙن ٻارڙن جي ٻاتڙن ٻولن ۾ هن جا مٺڙا ٻول ڌرتي جي هِن ڪنڊ کان هُن ڪنڊ تائين پيار پهچائيندا رهندا.
***
1- روزانه ڪاوش حيدرآباد 23 سيپٽمبر 2010 ۾ ڇپيل
2- مير غلام محمد خان ٽالپر هاير سيڪنڊري اسڪول ٽنڊوباگو جي مخزن جڳ جڳ سي جين سال 2011 ۾ ڇپيل.