سرويچ سجاولي
محمد صديق ولد خميسو خان، ذات تارڙ، ادبي دنيا ۾ سرويچ سجاولي جي نالي سان مشهور هي سدا بهار شاعر 14 مارچ 1937ع ۾ سجاول (ضلعو سجاول) جي لڳ ڳوٺ محمد ابراهيم تارڙ (سرويچ نگر) ۾ ڄائو. هن جي ڪل تعليم سنڌي 4 درجا هئي. سرويچ سجاولي 60-1950 واري ڏهاڪي ۾ ناڪي منشي ٿي رهيو. پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽو کيس پنهنجي دور حڪومت ۾ دڙي سجاول ٽائون ڪاميٽي جو ايڊمنسٽريٽر (76-1973ع) مقرر ڪيو. سرويچ سجاولي مسمات چاڳل سان شادي ڪئي جنهن مان کيس ڇهن پٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد ٿيو. سندس ٻه پٽ حبيب الله (سانگي سجاولي جي نالي سان ڄاتل سڃاتل شاعر) ۽ محمد خان سرويچ (ايڪسيڊنٽ) سندس حياتي ۾ ئي وفات ڪري ويا. سرويچ سجاولي جي گهرواري سندس وفات کانپوءِ ٽن مهينن اندر ۽ سندس ٻه نياڻيون فاطمه سرويچ ۽ نجما سرويچ 16-2015 ۾ وفات ڪري ويون. جڏهن ته سندس چارپٽ هر هڪ منير احمد سرويچ، ڊاڪٽر محمد عثمان سرويچ، محمد اسماعيل سرويچ ۽ ذوالفقار علي سرويچ (شاعر سورج سجاولي) ۽ هڪ نياڻي سلميٰ سرويچ حال حياتي آهن.
هن جي ڪافي حد تائين سياسي وابستگي ۽ هم آهنگي پيپلزپارٽي سان رهي. جڏهن ته هو سنڌي عوامي تحريڪ رسول بخش پليجي جي پارٽي ۽ جيئي سنڌ محاذ (سائين جي ايم سيد جي پارٽي سان به مختلف وقتن تي لاڳاپيل رهيو. پر هن جي اصل سڃاڻپ سندس عوامي رنگ ۾ رچيل مزاحمتي ۽ فطري سونهن سان سرشار شاعري جي ڪري آهي. سرويچ سجاولي سنڌ جي قومي توڙي طبقاتي مسئلن تي مختلف وقتن تي ٿيل جدوجهدن ۾ ڀرپور حصو ورتو. سنڌي ۾ ووٽر لسٽون ڇاپڻ، ون يونٽ ٽوڙيو تحريڪ، ايم آر ڊي تحريڪ وغيره ۾ نه صرف وڌي چڙهي حصو ورتو پر ڪافي ڀيرا جيل ۾ به وڌو ويو. سرويچ سجاولي 60 واري ڏهاڪي ۾ سجاول لاڪپ، 72-1971ع ۾ لاڏيون جيل 1980ع ۾ ميرپورخاص جيل، 1983ع ۾ سينٽرل جيل حيدرآباد، ، 1986ع ۾ ٺٽو ۽ پوءِ سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ به قيد و بند جون سختيون سٺيون.
سرويچ سجاولي جا هن وقت تائين ٻه شاعري جا مجموعا مارڪيٽ ۾ آيا آهن. پهريون مجموعو “آليون اکيون اڻڀا وار” پهريون ڀيرو 1972ع ۾ سندس حياتي ۾ ڇپيو ۽ اُن کانپوءِ اُن جا ٽي ٻيا ايڊيشن اچي چڪا آهن. جڏهن ته سندس شاعري جو ٻيو مجموعو، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون” پهريون ڀيرو 2008ع ۾ سندس وفات کانپوءِ ڇپيو ۽ اُن کانپوءِ اُن جو ٻيو ايڊيشن به اچي چڪو آهي. اڃان به سندس شاعري جا 2 مجموعا آهن جيڪي ادبي ۽ ثقافتي ادارن جي نااهلي سبب ڇپجي نه سگهيا آهن. سرويچ سجاولي جي شاعري سان هڪڙي ستم ظريفي اها به ٿي، جو سندس ڪافي شاعري ڪکاون گهرن کي باهه لڳڻ سبب سڙي ضايع ٿي وئي. سرويچ سجاولي بزم طالب الموليٰ ۽ سنڌي ادبي سنگت سان به لاڳاپيل رهيو. هن جي شاعري پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان ۽ آل انڊيا ريڊيو تان نشر ٿيندي رهي آهي. مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجڻ کان علاوه هو جڏهن پنهنجي شاعري اسٽيج تي اچي پڙهندو هو ته، ماڻهو سندس شاعري جي سحر ۾ گم ٿي ويندا هئا. هن جي شاعري عابده پروين، جيجي زرينه بلوچ، محمد يوسف، وحيد علي، فيروز گل، قاسم اوٺو، اُستاد محمد جمن، الهڏنو خاصخيلي فوزيه سومرو، شفيع فقير، صادق فقير، طاهره سيد، ناهيد علي، روبينه قريشي، رونا ليليٰ، مصري ڏيپلائي، ديبا سحر، ثمينه ڪنول، الله وسائي، جلال چانڊيو ۽ ٻين کوڙ سارن فنڪارن ڳائي آهي. سرويچ سجاولي کي 1971ع ۾ پاڪستان رائٽرز گلڊ پاران شاعري تي ايوارڊ ۽ پنج هزار روڪ انعام، 1993ع ۾ سگا پاران مڃتا ايوارڊ، 1996ع ۾ شهيد فاضل راهو ايوارڊ، 1998ع ۾ نئين زندگي رسالي پاران ايوارڊ، 2005ع ۾ سنڌ صحافي سنگت پاران ايوارڊ، 2007 ۾ ڪي ٽي اين پاران لائف ٽائم اچيومينٽ ايوارڊ، 2018 ۾ سجاول ريسرچ ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن پاران مڃتا ايوارڊ، 2018 ۾ ڪلياڻ اخبار پاران ايوارڊ ڏنو ويو. سرويچ سجاولي جي شخصيت تي ڪيترن ئي ناليوارن اديبن مقالا لکيا آهن جن ۾ رسول بخش پليجو، امر سنڌو، عثمان ڏيپلائي، علي نواز وفائي، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، تاج بلوچ، شمير الحيدري، تاجل بيوس، عبدالجبار جوڻيجو، غلام حسين رنگريز ۽ ٻيا شامل آهن.
سرويچ سجاولي 22 آڪٽوبر 2007ع تي ڪينسر جي موذي مرض سان جهيڙيندي هن جهان کان موڪلايو. سندس آخري آرام گاهه بخاري قبرستان سجاول شهر ۾ آهي. سندس وفات تي ضلعي ٺٽي (اُن وقت سجاول به ضلعي ٺٽي ۾ شامل هو) ۾ عام موڪل ڪئي وئي. هن جي وفات جي خبر ملڪي توڙي غير ملڪي ميڊيا تي نشر ٿي ۽ سندس وفات تي ملڪ جي نامور سياسي، ادبي ۽ سماجي شخصيتن پنهنجن پيغامن وسيلي يا تڏي تي اچي تعزيت ڪئي. سندس وفات تي ٽه ماهي مهراڻ ۾ خصوصي ڪارنر تي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. سرويچ سجاولي کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ سندس وفات پڄاڻان، تقريبن هر سال سجاول شهر يا سرويچ نگر ۾ سندس ورسي ملهائي ويندي آهي. اُن کان سواءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پڻ مختلف وقتن تي سندس ورسيون ملهايون ويون آهن، جن ۾ 2007ع ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران ڪراچي، 2010 ۾ گولاڙچي ۽ 2013ع ۾ ممتاز مرزا آڊيٽوريم حيدرآباد ۾ ملهايل ورسيون قابل ذڪر آهن.
[b]سرويچ سنڌ جيسين حيات هوندس
[/b]
ڪنهن مون کان پڇيو: “سرويچ سجاولي جي شاعري ۾ ايڏي رواني، ڀلا جي سونهن، گهرو مشاهدو، ڌرتي جي درد ۽ ڪرب ۽ انسان جي ڪومل جذبن جي “اپٽار جو آخر ڪهڙو راز آهي؟”
مون چيو: تو ڪڏهن ٺٽي ضلعي ۾ مست سنڌو درياهه کي نرتڪي نارجيان هوريان هوريان قدم کڻندي، تمر جي ٻيلن سان سرگوشيون ڪندي، مانسرور کان ڪيل ڊگهي سفر جو ٿڪ ڀڃڻ لاءِ سمنڊ کي ڀاڪر پائيندي ڏٺو آهي؟ سياري جي منڌ ۾ سائبريا کان ڪهي آيل سيءُ جي ستايل پرديسي پکين کي، ڪينجهر ۽ هاليجي ڍنڍ تي پناهه ۽ سڪون ماڻيندي ۽ مٺيون ٻوليون ٻوليندي پسيو آهي؟ مڪلي جي پيٽ ۾ دفن ٿيل علم، ادب ۽ تهذيب جي انمول خزانن، دولهه دليرن جي دليري ۽ ڪينجهر ڪنڌي تي پروان چڙهيل نوري تماچي جي پيار جي خوشبوءِ محسوس ڪئي آهي؟ جي تنهنجو جواب ها ۾ آهي ته مان سمجهان ٿو ته توکي تنهنجي سوال جو جواب ملي ويو هوندو!؟”
آءُ جڏهن سجاول ۾ هوندو هوس ۽ جڏهن ڪير حال احوال وٺندي پڇندو هو ته، ڪٿي ٿو نوڪري ڪرين؟ ۽ جڏهن ٻڌائيندو هوس ته سجاول ۾، ته هو يڪدم وراڻيندا هئا، سرويچ سجاولي جي شهر ۾؟ سرويچ هونئن ته مولائي ۽ مسڪين ماڻهو هو، پر سندس شاعري ۾ ايڏو قدبت هو جو سجاول شهر ۾ توڙي جو ڍينگ مڙس به رهندا هوندا پر هن شهر ۽ شهر جي ماڻهن جي سڃاڻپ هو ته فقط ۽ فقط سرويچ سجاولي.
هي سرويچ سوڍا ۽ عالم اڪابر،
اُنهن کان اُوچو لقب چيز آهين.
سرويچ تمام معمولي تعليم حاصل ڪئي. پاڻ شاعري ۾ مولوي احمد ملاح کي پنهنجو اُستاد مڃيندو هو. پر سندس شاعري ۾ پنهنجو هڪ جداگانه اسلوب ۽ انداز آهي. سندس شاعري بحروزن ۽ تجنيس جي سونهن سان ڀري پئي آهي. هنجو مشاهدو ايئن هو ڄڻ هو فطرت جو بنيادي روح هجي ۽ اُهو روح آهي محبت، ۽ جيڪي اکيون محبت پسي وٺن ٿيون، تن کي ڪنهن وڏي تعليم ۽ فلسفي جي ضرورت ناهي هوندي. ڇو ته محبت پنهنجو فلسفو پاڻ ئي سمجهائي ڇڏيندي آهي.
جنهن هنڌان لالڻ لنگهيو هو، ڏيئي پارس پاڪ پير،
زاهدن جا اُن زمين تي، نرڙ مون گسندي ڏٺا.
رخ مٿان جنهن وقت رانجهن، هو ڪيو پردو پري،
ميڻ جيئن ماڻڪ مڻين، مرجان ڳرندي ڏٺا.
سندس محبت ڀريو مشاهدو ۽ شاعري جي اُڏام اُنهن اُٺ ڪتابن جا پڙهيل عالمن، اڪابرن ۽ ڏاهن کان هزار ڀيرا، مٿي هئي، جن سرڪاري آشيرواد ۽ وظيفن تي پڙهي عوام جو وقت ۽ پئسو وڃايو آهي. هن جي آتم ڪٿا جيتوڻيڪ تمام ننڍڙي هئي، پر هن جي شاعري جي ڪٿا هن خطي جو پورو دور هئي. جنهن ۾ هتي جو ماضي دفن ٿيل آهي، اُجڙيل حال آهي ۽ روشن مستقبل جو تصور آهي. تڏهن ته مان چوندو آهيان ته هن خطي کي فقط هڪ واري لاءِ فطرت جهڙن حسين شاعرن جي حوالي ڪيو وڃي ته، دنيا مان نفرت ختم ٿي وڃي ۽ محبت، سنڌو ڌارا جيئن دنيا جي هِن ڪنڊ کان هُن ڪنڊ تائين ڦهلجي وڃي.
ڪوئي اوک ۽ اهنج نه هوندو،
عيدون ئي بس عيدون هونديون.
ڪوئي ڏک ڏڪار نه هوندو،
خوشين جون ته خريدون هونديون.
آزادي سان جيئڻ جون هت،
آسون جام اُميدون هونديون.
ڪنفيوشس چوي ٿو ته، “گيت دماغن کي بلندين ڏانهن وٺي ويندا آهن ۽ موسيقي اُها وٿ آهي جنهن سان ڪا شئي مڪمل ٿيندي آهي.” سرويچ جي گيتن ۾ اُهو موسيقي جو ردم آهي، جيڪو کيس هن ڌرتي جي تهذيبي ورثي سان موتين جي مالا جيئن ڳنڍي رکي ٿو. سندس شاعري ۾ جتي قديم سنڌ جي تهذيبي ۽ تاريخي ورثي جون ساروڻيون ملنديون اُتي سندس شاعري ۾ جديد سنڌ جو خواب به ڪر کڻندو ۽ ساڀيان پائيندو نظر ايندو.
جيڪڏهن سرويچ جي شاعري ۾ استعمال ڪيل سندس ٻولي کي سهيڙجي ته، سنڌي ٻولي جي هڪ جدا ڊڪشنري ٺهي سگهي ٿي. مان دعويٰ سان چئي سگهان ٿو ته، هاڻ سنڌ ۾ ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاعر ۽ اديب رهيا آهن جن جي تخليقن ۾ نج ۽ قديم سنڌي ٻولي جا لفظ ۽ محاورا ملندا هوندا. جڏهن ته سرويچ سجاولي جي شاعري ۾ جهرن جهنگن، کرن کيتن ۽ ڳوٺن ۽ واهڻن جي ٻولي جي سرهاڻ محسوس ٿئي ٿي، اُن کي سهيڙڻ ۽ ڊڪشنري جو روپ ڏيڻ جو ڪم سنڌ الاجي يا سنڌي ادبي بورڊ جهڙو ادارو ڪري سگهي ٿو ۽ اُن کي ڪرڻ به گهرجي. اها نه صرف سرويچ کي ڀيٽا ٿيندي، بلڪه سنڌي ٻولي جي بقا ۽ ڦهلاءُ جو ڪارڻ به بڻبي.
سرويچ سجاول تقريبن هر موضع تي نهايت پختگي ۽ گهرائي سان طبع آزمائي ڪئي آهي، پوءِ کڻي اُهو عشق محبت جو سلسلو هجي يا ماڻهن جي بک ۽ بدحالي جو معاملو هجي. پر هن جي شاعري جو مجموعي طور محور سنڌ ئي رهي آهي. مولانا چلال الدين رومي جي چوڻي هن تي ٺهڪي اچي ٿي، جنهن ۾ هو چوي ٿو ته “لامحدود هنجي جسم ۾ ايئن محدود ٿيل آهي جيئن سج گرهڻ ۾ ڦاٿل آهي.” بلڪل ايئن ئي سنڌ هن جي روح ۾ رچيل آهي.
وهواهه هي منهنجو وطن، چارئي ڪنڊون جنهنجون چمن،
سَو سَو منجهس پوکون پچن، واهڻ وستيون جنهنجون وسن.
ويهي رڳو واکاڻجن، ٻيلا ٻنيون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهران جون.
انهي جيجل سنڌ ڪاڻ سرويچ سور سختيون سٺيون ۽ جيل به ڀوڳيا، پر هنجي اکين ۾ سدائين جيجل سنڌ جي آجپي جا خواب ۽ اندر ۾ محبوبن جي محبتن ۽ سهڻن جي سونهن جا ڏيئا روشن رهيا.
نه اُن کي گهاءُ ڪو گهائيندو، جو تنهنجي گهور مان نڪتو،
ڇا وجهندو وقت وڍ اُن کي، جو وهنجي نور مان نڪتو.
سرويچ کي لوڪ شاعري جو ابو يا سگهڙ چئجي ته به وڌاءُ نه ٿيندو. سرويچ سنڌ جي اُنهن چند شاعرن مان هو، جن طويل نظم ۽ گيت لکيا. ايڏي رواني جي باوجود به اُن ۾ خيالن جو جڙاءُ ڪمال جو هو ۽ ذرو به ورجاءُ محسوس نٿي ٿيو. سرويچ سجاولي جڏهن اسٽيج تي شاعري پڙهندو هو ته سارو پنڊال جهومي اُٿندو هو ۽ ايئن لڳندو هو ته انقلاب آيو ڪه آيو. فوجي آمريت جو دور هجي يا عوامي جمهوريت جو دور، جنهن به جيجل سنڌ تي راتاهو هنيو ۽ ڦريو لٽيو، هن اُنهن کي ڪڏهن به نه بخشيو ۽ ويڙهاند ڪندي وڏي واڪ اُنهن کي للڪاريو.
قوم جا ڪونڌر جن به ڪٺا، تن ڪاسائين تي ڪاهبو،
پاپ ڪيو جن پاڻ مٿي، تن پاپين کي هت پاهبو،
لچن لوفرن لوڀين جو هت، ليکو ٺاهي لاهبو
ڳاهيو آ جن ڳوٺاڻن کي، ڳاهي تن کي ڳاهبو
هي ظلم جو ڍانچو ڊاهبو
هت ٺاٺ ٻيو ڪو ٺاهبو
ڪنهن سياح مون کان پڇيو ته، “مون کي ٺٽو ضلعو گهمڻو آهي، پهرين ڪٿان کان شروعات ڪجي. مون وراڻيومانس، “هل ته هلي سرويچ کان ٿا پڇون.” جڏهن سرويچ سجاولي سان ملاقات کانپوءِ واپس ٿياسين ته مون پڇيومانس “ماڃر گهمڻ لاءِ ڪٿان کان شروعات ڪندين؟” ته وراڻيائين، “مون ماڃر گهمي ورتو.” ها واقعي هو ماڃر جو مير هو ۽ ماڃر جي سونهن هو.
ڪوي ٽئگور کي سوڀي گيانچنداڻي مان موهن جي دڙي جي مٽي جي خوشبوءِ ايندي هئي ۽ مون کي سرويچ مان ماڃر جو هڳاءُ محسوس ٿيندو آهي.
سرويچ سجاولي سان هونئن ته کوڙ ساريون ڪچهريون ٿينديون هيون. پر خاص طور تي نئين سال جي آرنڀ تي سندس واتان سندس ۽ مولوي احمد ملاح جي شاعري ٻڌي بي خودي جي عالم ۾ هليا ويندا هئاسين. ۽ اڄ جڏهن هر نئين سال جي آرنڀ تي سرويچ اسان سان گڏ ناهي ته، اسانجي حالت مشهور ناول نگار پائول جي ناول الڪيمسٽ ۾ ذڪر ڪيل ڍنڍ جيان آهي. ناول نگار ناول ۾ تارسيس جي خوبصورتي جو ذڪر ڪندي لکيو آهي، “هن کي پنهنجي خوبصورتي جو احساس به هو ۽ هو ڍنڍ جي ڪناري تي پهرن جا پهر اچي بيهندو هو ۽ ڍنڍ ۾ پنهنجو عڪس پسند هو. هڪ ڏينهن تارسيس ڍنڍ ۾ ڪري پيو ۽ ٻڏي مري ويو. ڪيترن ڏينهن کانپوءِ، جڏهن ڪيمياگر ڍنڍ تي ويو ته هن کي ڍنڍ ساڳي نه لڳي، بلڪه لُڙڪ ڀريل شيشي جو ڪو ٿانوَ لڳي. هن ڍنڍ کان سوال ڪيو “ته ڇا تون تارسيس جي مرڻ جي غم ۾ لڙڪن جو مرتبان بڻي آهين؟” جنهن تي ڍنڍ جواب ڏنو ته، “منهنجي حالت جو سبب اُهو غم آهي جيڪو تارسيس جي ٻڏي وڃڻ ڪري مون کي محرومي جو شڪار بڻائي چڪو آهي. جڏهن به تارسيس منهنجي پاڻي ۾ پنهنجو عڪس ڏسندو هو ته، مان سندس نيڻن جي ماڻڪين ۾ پنهنجي گهرائي کي ڏسندي رهندي هيس ۽ ايئن ئي مان پنهنجي خوبصورتي پيئي پسندي هيس.”
سرويچ سجاولي تي قومي ۽ انقلابي شاعر هئڻ جي حوالي کان سندس ذاتي زندگي تي ڪجهه وقت لاءِ وڏيرن سان گڏ بيهڻ جا الزام به لڳا. اُن جي سچائي کان به اعتراض ڪونهي. پر هتي مان هڪ چيني چوڻي ضرور دهرائيندس ته، “دنيا ۾ فقط ٻه ئي ايماندار ماڻهو آهن هڪ اُهو جيڪو مري چڪو آهي ۽ ٻيو اُهو جيڪو ڄائو ئي ڪونهي.” مون کي اِها به خبر آهي ۽ مان چاڻان ٿو ته وڏن ماڻهن جي آٽو بايو گرافين ۾ ڪيترو سچ ۽ ڪيترو ڪوڙ لکيل آهي. جارج نربزٽ چيو آهي ته، “محبت ۽ کنگهه کي ڪڏهن به لڪائي نٿو سگهجي.” هن پنهنجي اوڻاين ۽ محبتن جو ذڪر نجي محفلن ۾ ڪندي ڪڏهن به نه ڪيٻايو، پوءِ به جي تاريخ کيس معاف نه ڪري ته ڇا چئجي؟
سرويچ ڪو وڏو ماڻهو ڪو نه هو. هو مسڪين طبقي جو ماڻهو هو جنهن پنهنجي ڏات ۽ ڪلا سان لوڪ کي خوشيون موٽائڻ چاهيون ۽ نجي زندگي ۾ گهڻا ڏک ڏاکڙا ڏٺا. پر سندس ڏکن ۾ ڪير به ڀاڱي ڀائيوار نه هو ۽ هن پنهنجو ڏک اڪيلو ئي ڀوڳيو. اُن وقت اُهو سماج ڪٿي ٿو هجي جڏهن ڏات ڌڻي نور نچوئي قومن جي آجپي لاءِ سور سختيون سهن ٿا ۽ سندن ٻچن کي ڪير به ان ڪڻا پهچائڻ لاءِ تيار نٿو هجي؟ ۽ سندن ڀرجهلو نٿو ٿئي؟ آخر ڇو؟ هي سماج يا قوم ان مان پنهنجو پانڌ ڪيئن آجو ڪرائي سگهي ٿي ۽ ڪيئن فقط ڏات ڌڻين کي ئي گنهگار ٺهرائي سگهي ٿي؟
هڪ انگريزي چوڻي آهي ته ،“جڏهن ڪو پوڙهو شص مري وڃي ته سمجهو ته اوهانجي لائبريري ختم ٿي ويئي.”
ها! پر مان نٿو مڃان. جيڪڏهن توهان کي مطالعي جي اک آهي ته توهان کي سرويچ جيڪو جيتوڻيڪ هاڻ اسان ۾ ناهي رهيو، پر اُن جي شاعري ۾ معجزا نظر ايندا رهندا.
عظيم فاتح سڪندر اعظم چيو هو ته، “جيتريون منهنجي سلطنت جون حدون وسيع ٿينديون ٿيون وڃن اوترو ئي آءُ مختصر ٿيندو ٿو وڃان.” پر سرويچ جي شاعري جو ڪينواس سجاول کان سنسار جي آخري ڪنڊ تائين ڦهليل آهي جنهن جي نس نس ۾ انسان جو آجپو ۽ محبت ڀريل آهي، جيڪو پلن کان جڳن تائين سرنهن جي خوشبو جيان ڦهلبو رهندو.
سرويچ سنڌ جيسين حيات هوندس،
پنهنجي وڃڻ وهي، مون ناهي وفات سمجهي.
1- سرويچ سجاولي جي سجاول شهر ۾ ملهايل
ٻي ورسي جي موقعي تي پڙهيل
2- روزانه ڪاوش حيدرآباد 22 آڪٽوبر 2009ع ۾ ڇپيل
3- روزانه ڪاوش حيدرآباد 22 آڪٽوبر 2013 ۾ ڇپيل.