غلام حسين رنگريز
سنڌي ادب ۾ غلام حسين رنگريز جي نالي سان سڃاتو ويندڙ، هن ٻهڳڻي اديب جو اصل نالو غلام حسين، والد شفيع محمد ۽ ذات جو کٽي 18 اپريل 1945ع ۾ ميرپوربٺورو ۾ ڄائو. سندس والد پنسار جي ڌنڌي سان لاڳاپيل هو. غلام حسين رنگريز ابتدائي تعليم مدرسي مولوي ولي محمد ميمڻ ۽ پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ميرپوربٺوري مان ورتي. ميٽرڪ لوڪل بورڊ مڊل اسڪول ميرپوربٺورو جنهن کي پوءِ لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول ۽ وري پوءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو، مان 1962ع ۾ پاس ڪئي. انٽر سال 1964ع ۾ سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد ۽ بي اي سال 1966ع ۾ مسلم ڪاليج حيدرآباد مان ڪئي. ايم اي پوليٽيڪل سائنس ۾ سال 1968ع م سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪئي. بي ايڊ 1966ع ۾ ۽ ايم ايڊ سال 1973ع ۾، سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس حيدرآباد مان ڪئي. ايل ايل بي سال 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽي سان لاڳاپيل سنڌ لا ڪاليج مان پاس ڪئي.
غلام حسين رنگريز جي بحيثيت پرائمري ٽيچر پهرين پوسٽنگ سال 1963ع ۾ هڪ سئو رپيا ماهوار پگهار تي گورنمينٽ پرائمري اسڪول مراد علي زئور تعلقو ميرپوربٺورو ۾ ٿي. 1965ع ۾ هن کي JV گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول ميرپوربٺورو ۾ رکيو ويو، جنهن کي اڳتي هلي گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن جو درجو ڏنو ويو. 1967 ۾ 175 رپيه ماهوار پگهار تي هن کي بطور سينيئر اسڪول ٽيچر ۽ هاڻي ان کي HST سڏجي ٿو، پروموشن ڏئي ساڳئي ڪاليج ۾ رکيو ويو ۽ اُن کانپوءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپوربٺورو ۾ بدلي ڪيو ويو. غلام حسين رنگريز مٿيئن اسڪولن کان علاوه گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپورساڪرو، مٺياڻي ضلعو نوابشاهه، خيرپورميرس ۽ ٽريننگ ڪاليج قاسم آباد ڪراچي ۾ به نوڪري ڪئي. 1994ع ۾ گورنمينٽ ٽريننگ ڪاليج ميرپوربٺورو مان پنهنجي مرضي سان سرڪاري نوڪري تان رٽائرمينٽ ورتي ۽ اُن کانپوءِ ڇهه کان ست سال تائين وڪالت به ڪئي. پر ڪورٽن ۾ انصاف کان ڪوهين ڏور هلندڙ ٺڳي جا ٺاهه ۽ فيصلا، سندس مزاج کي ڀانءِ نه پيا ۽ هن وڪالت جي پيشي تان به رٽائرمينٽ اختيار ڪري ورتي.
غلام حسين رنگريز جي ادب سان دلچسپي جي شروعات 1958ع کان ٿي. ميرپوربٺوري توڙي ضلعي ٺٽي ۾ برپا ٿيل ادبي سنگتن ۾ نوجوانن جي ادب ڏانهن لاڙي ۽ اُنهن جي فڪري اوسر ۾ سندس ڪيل خدمتون نمايان آهن. غلام حسين رنگريز 90-1988ع دوران سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري به رهيو. ان عرصي دوران هن سنگت پبليڪيشن پاران رسالو جاري ڪيو ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن جي سنڌي ادبي سنگت جي برانچن کان علاوه اسلام آباد، واهه ڪينٽ، راولپنڊي ۽ ڪوئيٽا جي شاخن جا به دورا ڪيا ۽ اُنهن جي پروگرامن ۾ به شريڪ ٿيو، ۽ ساڳئي وقت غير فعال بنيل شاخن کي متحرڪ ڪيو. هن پنهنجي سيڪريٽري شپ واري عرصي ۾ لطيف سائين ۽ ٻين ادبي ۽ علمي شخصيتن تي پروگرام ڪرائڻ کان علاوه، هند کان ڪهي آيل سنڌي اديبن لاءِ آجياڻي جو اهتمام به ڪرايو، ته ساڳئي وقت سنڌي ادبي سنگت ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ ۽ گروهه بندي کي ختم ڪرائڻ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. اُن کان سواءِ غلام حسين رنگريز اديبن سان ملهائجندڙ شامن، ڪتابن جي مهورتن ۽ مختلف ادبي ۽ سماجي شخصيتن تي ٿيندڙ ورسين وغيره ۾، بحيثيت مهمان خاص مدعو ڪيو ويو آهي يا صدارت ڪري چڪو آهي.
غلام هسين رنگريز جيتوڻيڪ باضابطه ڪنهن سياسي پارٽي سان وابسطه نه رهيو آهي، پر هن جو فڪري لاڙو سن جي سائين جي ايم سيد ڏانهن رهندو پي آيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس قومي ۽ ترقي پسند خيالن سبب هن کي نوڪري جي دوران سزا طور خيرپور، مٺياڻي ۽ ٻين شهرن ۾ جبري بدلي به ڪيو ويو. نه صرف ايترو پر هن کي 1974ع ۾ ڪئٽرڪ هال ۾ جي ايم سيد جي سالگرهه ۾ شرڪت جي ڏوهه ۾ DPR (ڊفينس رولز آف پاڪستان) جي تحت ڀٽو سرڪار پاران ميرپوربٺورو مان گرفتار ڪيو ويو ۽، تقريبن 15 ڏينهن برگيڊ ٿاڻي حيدرآباد تي باندي رکڻ کانپوءِ سينٽرل جيل ڪراچي منتقل ڪيو ويو. 1977ع جي وچ تائين هن کي هر مهيني خانه پورائي لاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو هو، جنهن دوران نه ته ڪيس هلايو ويو ۽ نه ئي شاهدن کي گهرايو ويو. جولاءِ 1977ع ۾ ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ٿيڻ کانپوءِ جنرل ضياءُالحق جي دور ۾ هن مٿان ٿاڦيل ڪيس واپس ٿيا ۽ کيس آزاد ڪيو ويو.
غلام حسين رنگريز شاعري سان گڏوگڏ تاريخي، سماجي، سياسي، فڪري ۽ ادبي موضوعن ۽ مختلف شخصيتن تي مضمون/ مقالا لکڻ کان علاوه آتم ڪٿا ۽ پرڏيهي ادب جي ترجمي تي به قلم کي استعمال ڪندي سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو آهي. اُن کان علاوه هو موجوده وقت ۾ روزانه سنڌ ايڪسپريس اخبار ۾ هفتيوار ڪالم به لکي ٿو. سندس شاعري کي سنڌ جي ڀلوڙ راڳي الهڏني خاصخيلي کان سواءِ ٻين فنڪارن به ڳايو آهي. غلام حسين رنگريز پنهنجي اباڻي شهر ميرپوربٺورو ۾ کوڙ سارا ادبي پروگرام ۽ محفلون مچائي چڪو آهي، جن ۾ جشن لطيف، مريم مجيدي ۽ ارشاد ساگر سان شام، محمد علي مانجهي جي ڪتاب مڪلي ۽ مانجهي، علي محمد پرويز جي ڪتاب رت جا ڦڙا، آسي زميني جي ڪتاب مڃتا جي رڃ ۾، نواز خان زئور جي ڪتاب ڪالهه گڏيوسين ڪاپڙي، نور محمد کيبر، ذوالفقار ميمڻ، سارنگ شاهه ۽ منصور سوراج جي ڪتاب اڄ جو آدم جي مهورت، محمد عثمان ڏيپلائي تي سيمينار، ارشاد ساگر ۽ ساحر پريمي ۽ سرويچ سجاولي جي ورسي جي مناسبت سان ميڙاڪن کان علاوه، اُستاد الهڏني خاصخيلي، مائي الهه وسائي، اُستاد علي محمد خاصخيلي سان راڳ رهاڻ ۽ خادم حسين رند، محمد اشرف سومرو ۽ رسول بخش درس کان ڪرايل ليڪچر ۽ رهاڻيون شامل آهن.
غلام حسين رنگريز جي علمي ۽ ادبي پورهيئي ۾ سندس پهريئين مضمونن جي ڪتاب سرمد ڇا ٿو سوچي کان علاوه سندس تخليق ڪيل هيٺيان ڪتاب به شامل آهن.
وکر سو وهاءِ- مضمونن جو ڪتاب
غلام جا ٽهڪڙا- ڊرامي جو ترجمو
سونهن سهائي سوچ- مضمونن جو ڪتاب
اکين اُڃ اپار- شاعري
خانه بدوش روح جي ڪٿا- آتم ڪٿا ڀاڱو پهرين
رهيو روح رباب- آتم ڪٿا ڀاڱو ٻيو
ورق ورق زندگي- نثري ٽڪرا
تصوف هڪ تحريڪ- مضمون
مقبرن جي پٿرن تي اُڪريل تاريخ -ترجمو
فن تحرير جي تاريخ. - ترجمو
غلام حسين رنگريز جي انهن ڇپيل ڪتابن کان علاوه سندس اڻ ڇپيل مواد ۾ هٿن مان ڪريل دعا (مضمون)، روح جو آبشار (شاعري)، هڪ آرزو جو انت (ڪهاڻيون)، ڀنڀور کي باهه (ناوليٽ) ۽ مختلف شخصيتن تي لکيل خاڪا (Profiles) شامل آهن.
***
[b]چٽيا چٽ رنگريز
[/b]
ائنٿرا پالاجي ۾ ڏند ڪٿا جوڙيندڙ کي شاعر مڃيو ويندو آهي. اُن لاءِ لفظ Myth Maker استعمال ٿيندو آهي. سائين غلام حسين رنگريز هونئن ته شاعر آهي ئي، پر ذات جي حساب سان به اُن ثقافتي ورثي سان مالا مال نسل سان تعلق اٿس، جيڪي اجرڪن۽ لوين تي ايئن چٽ چٽين ٿا جيئن اُڀ ۾ تارا ٽانڪيل آهن. هڪ پامسٽ لاءِ پنهنجي هٿ جون لڪيرون پڙهڻ ناممڪن آهن، پر رنگريز پنهنجي من اندر ۾ ڇپيل لڪيرن ۽ ريکائن کي هڪ رنگريز جيان ڪوري ڪپڙي تي جڏهن ٺپي ٿو ته اُها اجرڪ جي خوبصورت چٽن جيان شاعري جو اجهو هيئن روپ ڌاري ٿي.
مسجدن ۾ پيو ڪنهن کي ڳولين
تو ۾ ساري سرشٽي آهي.
يا وري
موسم هن جي جوڀن آ، جوڀن رت ۾،
عضون جا سڀ رنگ نيارا ڳالهائين ٿا.
رنگريز سان منهنجي واقفيت ڪافي پراڻي آهي. جي ماڃر هن جي شاعري جي محبوبه آهي ته ماڃر منهنجي لاءِ به انساني نسل جي واڌ جو تسلسل بڻي آهي. اِها ڳالهه سائين رنگريز سمجهي ويو هوندو.
ميرپوربٺورو جنهن کي ڪنهن زماني ۾ سنڌ جي ويٽنام سان ياد ڪيو ويندو هو. اُتي مختلف حوالن کان ٽي اوتارا هئا. هڪ وڏيرن جو اوتارو، جنهن جو ڪرتا ڌرتا فقير عيسيٰ هوندو هو. ٻيو قاسم پٿر جي ماڙي جيڪا سن جي سائين جي بنگلي جيان ڏيک ڏيندي هئي. فرق صرف اِهو هوندو هو ته سن جي سائين جي بنگلي کان درياهه جو ديدار نصيب ٿيندو هو ۽ قاسم جي ماڙي تان وري بٺوري جو تلاءُ جيڪو ڪنهن ڍنڍ جو ڏيکاءُ ڏيندو آهي. اُتي مختلف سياسي ماڻهن جي آوت جاوت روز جو معمول هوندي هئي ۽ مختلف فڪرن ۽ سماجي تبديلين تي کليل دل سان بحث ٿيندو هو ۽ ٽيون سائين غلام حسين رنگريز جو اوتارو وسندو هو. جنهن ۾ ادبي لڏو پنهنجي حال سارو زماني جي اٿلن پاٿلن ۽ فطرت جي نظارن ۽ سونهن ۽ عشق کي محور بنائي شاعري يا ٻي ڪنهن ادبي صنف جو روپ پيو ڏيندو هو.
اڄ انهن آستانن جي اُها رونق نه رهي آهي جتي ڪڏهن ڪي خواب اُڻبا هئا ۽ آدرشن ۽ آجپي جا سپنا جوڙبا هئا. شايد اسانجي جينيس ڪلاس کي روس جي ٽٽڻ کانپوءِ NGOS جي شڪل ۾ آدرش ملي ويو آهي ۽ پنهنجي احساس محرومي ۽ اندر جي موقعي پرستي ۽ شيطان کي لڪائڻ لاءِ، دير ئي سهي، جي سماج نه ته به گهٽ ۾ گهٽ هنن ته پنهنجو آئيندو ٺاهڻ جو رستو ڳولي ورتو آهي، مون هڪڙي پرڏيهي ڪهاڻي ترجمو ڪئي هئي اُن جو ڪردار، انقلاب اچڻ کانپوءِ به ڀتين تي ساڳيا نعرا لکي ٿو آزادي ڏيو. ماڻهن کي حق ڏيو. محنت جو اُجورو ڏيو ۽ پوءِ اُهي آزادي آڻيندڙ پراڻا ڪامريڊ جيڪي پاور ۾ اچي پنهنجي آدرشن کي ڀلجي چڪا آهن اُن کي چريو قرار ڏيئي جيل ۾ واڙي ٿا ڇڏين. بلڪل منهنجي ترجمو ڪيل ڪهاڻي جي ڪردار جيان توڙي جو ڪامريڊ ۽ سنگت جو کوڙ سارو لڏو ساٿ ڇڏي ويو آهي ۽ سڻڀي ماني تي پنهنجو دين ايمان وڪڻي چڪو آهي ۽ اڄ جڏهن پٿر جو سياسي اوتارو ۽ رنگريز جو ادبي اوتارو اُها رونق وڃائي چڪو آهي پر نه پٿر خاموش ٿيو آهي نه رنگريز رڙ ڪرڻ ڇڏي آهي. رنگريز جون هي سٽون ئي ڏسو.
انسان جي عظمت کي وڌائڻ ٿو گهران مان،
هڪ وار وري سوري سجائڻ ٿو گهران مان.
اڄ مانُ مٽي ماءُ مٽائڻ ٿا گهران جي،
تن جي ته سڄي ڪاڪ ڦٽائڻ ٿو گهران مان.
هڪ شهر هو آباد جو برباد ڪيو تو،
هن شهر کي نئون شهر اڏائڻ ٿو گهران مان.
ڪنفيوشس چيو آهي ته “سچائي پنهنجي ڳولائو کي ڪڏهن به مايوس نه ڪندي آهي.” رنگريز به وقت سان ويڙهاند ۾ مايوس ناهي ٿيو.
ٽانڊاڻا ٽانڊاڻا ڏيهه سارو ٿي ويندو،
تو لئه ڄڀيون ڏيهه سارو ٿي ويندو.
رنگريز وٽ آئيندي جو چٽو تصور موجود آهي. سر آرٿر ڪانن ڊائل جي موجب، “جيڪڏهن توهان کي نظر نٿي اچي ته ايئن نه سمجهو ته دنيا ۾ روشني نه رهي آهي. “رنگريز جي اک سان ڏسو توهان کي هر جاءِ تي معجزا نظر ايندا.
سج تي ڇانيل ڪوهيڙي جو ڄار،
مهاري ۾ ڪو ننڍڙو ٻار،
تنهنجو جوڀن جهرڻي جيئن،
ساوا ساحل پاڻي تار.
اسان پاران شاعر جيڪي رڳو خيالن جي گهرائي تي گهڻو ڌيان ڏين ٿا، پر شاعري جي بحروزن ۾ ڪافي جهول هجي ٿو، اُتي غلام حسين رنگريز جي شاعري ۾ جتي مشاهدي جي گهرائي آهي، اُتي سندس ٻولي سادي ۽ شاعري جي بحروزن ۽ ڇند ماترائن جي حساب تي پوري لهي ٿي.
هڪ اُستاد جي حيثيت سان رنگريز کي شاگرد ڪيئن ٿا محسوس ڪن اُنجي مون کي خبر ناهي. پر مان ادبي کيتر ۾ پيدا ڪيل سندس شاگردن سان ضرور مليو آهيان ۽ انهن کي پڙهيو به آهي. تنهن ڪري مون کي هتي مولانا رومي جي چوڻي خوب ٺهڪندي نظر اچي ٿي ته، “خدا کي سڃاڻڻ لاءِ سالن نه پر هڪ پل جي ضرورت هوندي آهي.”
سائين غلام حسين رنگريز جو سنڌي ادبي سنگت سان سلهاڙيل دور غير متناظه رهيو. اسانجي ادبي سنگت کي ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ادبي سنگت ڪوٺيو وڃي ٿو. مان نٿو مڃان. مقداري حوالي سان اها ٿي سگهي ٿي پر معياري حساب سان اها بحث طلب آهي.
اسانجا اديب پنهنجي ادبي ڪاوشن ۽ تحقيق تي گهٽ ڌيان ڏين ٿا. تون مون کي حاجي چئو مان توکي غازي چوان، چوڻي جي مصداق پاڻ کي برک اديب چوائڻ لاءِ ڏينهن رات ولوڙيندا رهن ٿا ۽ ثنا خورن جو هڪ وڏو حلقو پالي رکن ٿا. اُتي هي درويش پنهنجي ئي ڌن ۾ مگهن رهي ٿو. هو پنهنجي سڃاڻپ شاعري وسيلي ڪرائي ٿو.
تنهائي جا پل هي سارا ڳالهائين ٿا
مون سان چنڊ ۽ تارا ڳالهائين ٿا
رنگريز جا موضوع سنڌ جي ڳلين ڳوٺن وستين واهڻن ۾ وسندڙ ماروئڙن جهانگيئڙن کان وٺي سڄي دنيا جي انسانن جي دردن تائين ڦهليل آهن. سندس شاعري ۾ فطرت جي سونهن ۽ ڌرتي جي آجپي جو چٽو تصور موجود آهي.
اجهو باک جي لاک لائي لڱن کي،
نئون سج روشن ڪندو اڄ ڇنن کي.
نه رنگريز ڪوسو لڳي واءُ وانگين،
پوي رات بک ۾ نه تن جي ٻچن کي.
دل ته چاهيو پي ته رنگريز جي شاعري کان علاوه سندس ڪهاڻي ۽ نثر جي ٻين صنفن تي لکجي، پر تڙتڪڙ ۾ مليل دعوت ۽ سندس ٻين ڪتابن مهيا نه هئڻ ڪري لکي نه سگهيس ۽ ايئن سندس شخصيت تي لکيل اڻپورو مقالو مون کي ان ڪري به وڌيڪ قرضدار ڪري رکندو، جو هن منهنجي شاعري جي ڪتاب سندري سپنا ۽ صليب ۽ ڪهاڻين جي ڪتاب گهوري گهاگهر ۽ گوندر تي جامع آرٽيڪل لکي مون کي گروي ڪري رکيو آهي.
رنگريز جو سندس ذاتي زندگي ۾ ڪيترو قدبت آهي، منجهس ڪيتريون خوبيون آهن؟ ڪهڙيون خاميون آهن؟ ڪنهن کي وڻي ٿو، يا نٿو وڻي؟ پر اُهي سڀ جڏهن سندس شاعري سان ڀيٽ ڪجن ٿيون ته؟ مون کي اياز جون هي سٽون ياد اچن ٿيون. “آءُ پهاڙ تي آهيان ڪوئي ڀٽون اُن کي پاڙ کان ڏنگ هڻي رهيو آهي.” هونئن به پاڻ وٽ سزا ۽ جزا جو کاتو ناهي ۽ نڪو ڪنهن شاعر يا اديب کي ان معيار تي پرکڻ جو ڪو اخلاقي جواز آهي. الينڊر پاول ڇا خوب چيو آهي ته، “اسان جيڪي ڪجهه آهيون اُهو خدا جو تحفو آهي ۽ اسان جيڪي ڪجهه بنجون ٿا اُهو اسانجو خدا لاءِ تحفو آهي.”
منهنجي ذهن تي هن وقت آئن اسٽائن جي ٽئگور ڏي لکيل خط جو اُهو حصو ياد اچي رهيو آهي جنهن ۾ هن ٽئگور کان پڇيو هو ته، “سچ کي ڪيئن تلاش ڪري سگهجي ٿو؟” ٽئگور جواب ڏنو ته “سچ کي انسان جي ذريعي سمجهي سگهجي ٿو.” هڪ شاعر جي ناتي رنگريز به پنهنجين آڏين ڦڏين ريکائن جي ذريعي جنهن ۾ عشق جي پاڪيزگي ۽ محبت جي گهرائي شامل آهي اُن انسان کي تراشڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. سندس هي ڪوشش ڪيتري ڀرجهلي ٿيندي ۽ ماڳ ماڻيندي اُنجو بهترين نقاد ته فقط وقت ئي ٿي سگهي ٿو. بهرحال سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد کي جس هجي جنهن ڪم ازڪ هڪ ڪلاڪار کي پنهنجي حياتي ۾ مان ڏيئي ثابت ڪيو آهي ته اسين رڳو ورسيون ملهائيندڙ قوم نه آهيون پر جهرڻن ۽ لهرن جي مستي تي جهومندڙ گلن جو واس وٺندڙ زنده قوم به آهيون.
آءُ پنهنجو مقالو هن راءِ سان ختم ڪندس ته هڪ ڪلاڪار کي بنا حالتن ۽ نتيجن جي پرواهه ڪندي لکڻ گهرجي، تخليق ئي ڪائنات جي سرجڻ جو ڪارڻ ۽ جياپو آهي. اُردو جي سدا جوان شاعره پروين شاڪر به ڇا خوب چيو آهي.
جگر مين مان هون،
اور اڪ مان مايوس هوجائي،
تو دنيا ختم هوجائي.
12 مئي 2007 ۾ سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد ڪراچي پاران غلام حسين رنگريز سان ملهايل شام لاءِ لکيل جيڪو ڪراچي ۾ فساد برپا ٿيڻ ڪري نه پهچڻ سبب پڙهجي نه سگهيو.