سچل سرمست
تعارف
سچل سرمست درازن شريف (درازا) ۾ 1739ع ۾ جنم ورتو ۽ 1827ع ۾ وفات ڪئي. سندس اصل نالو عبدالوهاب ۽ والد جو نالو صلاح الدين هو، سندن حسب نسب حضرت عمر فاروق سان 39 پيڙهي ۾ ملي ٿو. سچل جا والدين سندس ننڍپڻ جي عمر ۾ ئي وفات ڪري ويا. انهي ڪري اُنجي تربيت سندس چاچي ميان عبدالحق فاروقي جي حصي ۾ آئي، جيڪو اُن وقت درازا جو گادي نشين به هو. سچل ننڍپڻ ۾ ئي قرآن شريف حفظ ڪري ورتو ۽ اُردو، هندي سرائيڪي فارسي ۽ سنڌي ٻولي تي دسترس حاصل ڪئي. سچل سرمست جو شاعري کان سواءِ موسيقي سان به لڳاءُ هو. هو چئن تارن وارو تنبورو ۽ دهل وڄائيندو هو ۽ موسيقي تي وجد ۾ اچي رقص ڪرڻ لڳندو هو. هو عام طور تي سادو کائيندو هو. مرچن سان گڏ ڏڌ ۽ جَو هنجي من پسند خوراڪ هئي. هو جانورن کي پنهنجي روبرو ڪهڻ نه ڏيندو هو ۽ اڪثر سڌي پٽ يا صندل تي سمهندو هو. هن جو رنگ گندمي، قد درميانو ۽ چهري تي ڏاڙهي سجائي رکندو هو. عام طور سفيد پهراڻ پائيندو هو ۽ گوڏ ٻڌندو هو ۽ جسم کي شال ويڙهي رکندو هو. مٿي تي سائي رنگ جي ٽوپي تي سائي رنگ جي دستار ٻڌندو هو. سچل پنهنجي چاچي ميان عبدالحق فاروقي جي نياڻي سان شادي ڪئي جنهن مان کيس هڪ پٽ به ٿيو. سندس زال ۽ پٽ جلدئي گذاري ويا، اُن کانپوءِ هن وري شادي نه ڪئي. سچل مذهبي ڪٽرپڻي جي خلاف هو. هو جتي مسلمان درويشن تي ڀيرا ڪندو هو اُتي هندن جي اوتارن تي به حاضري ڀريندو هو. سچل سرمست جو شمار سنڌ جي ڪلاسڪ شاعرن ۾ ٿئي ٿو جنهن سنڌي کان علاوه ٻين ٻولين ۾ به شاعر ڪئي. سندس ڪلام رسالي جي صورت ۾ ڇپيل آهي ۽ هن جي زندگي ۽ ڪلا تي ڪيترن ئي اديبن ۽ عالمن جا نه صرف مقالا پر ڪتاب به شايع ٿيل آهن. سچل سرمست جي سدا حيات شاعري کي ڪيترن ئي سنڌي، اُردو ۽ فارسي ٻولي جي گلوڪارن ڳايو آهي. سچل سائين جو مزار درازا شريف ۾ آهي.
***
[b]سچل سارو سچ[/b]
اڄوڪي تقريب جو ڏنل موضوع، “سچل سرمست جي شاعري تي شيخ فريدالدين عطار جا اثر، ۽ رسالو سچل سائين” منهنجي خيال ۾ ٽن موضوعن کي گڏي هڪ موضوع ٺاهيو ويو آهي. نمبر پهريون سچل سائين جي شاعري، نمبر ٻيون سچل سائين جي شاعري تي شيخ فريدالدين عطار جا اثر ۽ نمبر ٽيون سچل سائين جي رسالي جو مرتب مرزا علي قليچ بيگ. جيئن ته انهن ٽنهي موضوعن تي جامع ڳالهائي سگهجي ٿو يا لکي سگهجي ٿو، پر وقت جي نزاڪت کي ذهن م رکندي ڪوشش ڪبي ته ڪوزي ۾ درياهه کي بند ڪجي.
ورهاڱي کان اڳ ۽ ستت ئي پوءِ واري عرصي ۾ علم ادب جي فروغ، واڌ ويجهه، اوسر ۽ ڦهلاءُ جي مد ۾ ڪيترائي معزز ۽ معتبر نالا اچي وڃن ٿا، جن ۾ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، محمد صديق مسافر، رحيم داد مولائي شيدائي وغيره ته شامل ئي آهن، پر ٽنڊي ٺوڙهي جي مرزا خاندان جون ادب لاءِ ڪيل خدمتون به وسارڻ جوڳيون ناهن.
مرزا قليچ بيگ- سنڌ جي هن يگاني مرد، نه صرف طبعزاد ادب تخليق ڪيو پر ترجمي جي مد ۾ پڻ دنيا جي علم ۽ ادب کي ترجمو ڪري سنڌ جي ماڻهن جي ذهني اوسر ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. جتي مرزا قليچ بيگ جو تخليقي توڙي ترجمو ڪيل ادب معياري آهي، اُتي مقدار جي حساب سان به گهڻو آهي. جي اُن جي ڪتابن جي ورقن کي ڌرتي تي پکيڙجي ته اُهي ايتري جڳهه والاريندا جيترا هن ڌرتي جي سيني تي وڻ ٽڻ موجود آهن.
مرزا قليچ بيگ جو چوٿون نمبر ڀاءُ مرزا علي قليچ بيگ، جنهن جي ولادت 1856ع ۽ وفات 1904ع ۾ ٿي، سو به ادب جي ان قافلي جو روح روان ٿي گذريو آهي، جنهن وري اسان تائين سچل سائين جي شاعري کي سموهي رسالي جي شڪل ۾ اسان تائين پهچايو آهي. پاڻ جتي سرڪاري نوڪري کي ايمانداري سان ٽائيم ڏنائين، ته اُتي پنهنجي ادبي ذوق ۽ روح جي تسڪين جي پورائي لاءِ اٺن سالن کان به وڌيڪ عرصو محنت ڪري، جهرجهنگ جهاڳي سچل سائين جو ڪلام، جيڪو سنڌ کان علاوه هندستان جي ٻين خطن ۾ به وکر وکر ٿيل هو، ميڙي گڏ ڪيائين. هن هٿ آيل قلمي نسخن جو نه صرف غور سان مشاهدو ڪيو، بلڪه اُنهن کي پاڻ ۾ ڀيٽي سچل سائين جو رسالو ترتيب ڏنو. جيڪو پهريون ڀيرو 1902ع ۾ ميسرز هري سنگهه اينڊ سنس سکر ليٿو ڇپائي ۾ پڌرو ڪيو. اُن وقت ۾ اُنجي قيمت سوا روپيو رکي وئي. اڄ جڏهن گوگل جو دور آهي ۽ پڻ ڪميونيڪيشن سبب ڄاڻ تائين رسائي آسان ٿيندي وڃي، ته توهان تصور ڪريو ته مرزا علي قليچ بيگ کي هن ادبي پورهيئي کي سهيڙڻ لاءِ ۽ تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ ان وقت ۾ جڏهن ڪا به ان قسم جي سهوليت يا ٽيڪنالاجي ميسر نه هئي ڪيڏا نه ڪشت ۽ ڪشالا ڪڍڻا پيا هوندا. هي سڄو رسالو خطاطي يعني هٿ اکر ۾ لکيل آهي. هن رسالي جو ٻيو ڇاپو نواز علي شوق جي تصحيح هيٺ 2008ع ۾ ثقافت کاتي پاران سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي ڇپائي پڌرو ڪيو، جيڪو جديد ڪمپوزنگ (ٽائپ) واري فارميٽ ۾ آهي ۽ ان جي قيمت 800 رپيا آهي. هن رسالي جو ٽيون ڇاپو ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد پاران نصير مرزا ۽ سندس دوستن جي سهڪار سان اصلوڪي ڪتابت يعني پهريئين ڇاپي واري خطاطي ۾ 2018ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. هن رسالي جي خاص خصوصيت اِها آهي ته اڳيئين رسالي جيان ان جي ترتيب الفابيٽيڪل انداز ۾ ڏنل آهي، جنهن ڪري گهربل شعر ڳولڻ ۾ آساني ٿئي ٿي. هن رسالي جي پهريئين ڀاڱي ۾ ڪل 1338 ڪافيون ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ سه حرفيون، بيت ۽ وحدت نامو شامل آهي.
هتي اِهو ذڪر ڪرڻ به آئون لازمي سمجهان ٿو ته جتي مرزا علي قلي بيگ جو رسالو سچل سائين جو مرتب ڪرڻ ۾ بي بها پورهيو شامل آهي، اُتي آغا غلام نبي گل حسن خان صوفي به سچل سائين جو رسالو پنهنجي انداز ۾ ترتيب ڏيڻ تي جس لهڻي ۽ سندس قلمي پورهيئي کي مان نه ڏيڻ به سراسر زيادتي ٿيندي. آغا غلام نبي گل حسن خان صوفي جي ترتيب ڏنل رسالي سچل سرمست جو پهريون ڇاپو 1933ع ۾، سچا نند نيونند رام تلريجا، شيام سندر پريس ۾ ڇپيو ۽ اُن وقت اُنجي قيمت 5 رپيا هئي. اُن ئي رسالي جو ٻيو ڇاپو ڊاڪٽر مخمور بخاري جي تصحيح هيٺ ثقافت کاتي پاران 2015ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو، جنهن جي قيمت 600 رپيا آهي.
هاڻي اچون ٿا سچل سائين جي طرف. شهردرازا جنهن جي اصل سڃاڻپ ئي سچل سرمست آهي، سندس اصلي نالو عبدالوهاب خان ۽ پيءُ جو نالو صلاح الدين هو. پاڻ 1739ع ۾ ڄائو ۽ 1827ع ۾ وفات ڪيائين. اهو ڪلهوڙن جي حڪومت جو آخري ۽ ٽالپرن جي اوج جو دور هو. سچل جا ماءُ پي ننڍي هوندي ئي وفات ڪري ويا هئا ۽ سندس تربيت اُن وقت جي درازا جي گادي نشين ۽ سندس چاچي ميان عبدالحق فاروقي جي اثر هيٺ ٿي. سچل قرآن شريف جو ياد حافظ هو ۽ اُن کانسواءِ هن عربي، فارسي، سرائيڪي، اُردو ۽ ٻين ٻولين تي به دسترس حاصل ڪئي. سچل جي ذهني ۽ روحاني تربيت ۾ سندس چاچي ميان عبدالحق فاروقي جو وڏو اثر ۽ ڪردار رهيو ۽ جنهن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته هو صحيح معنيٰ ۾ سندس اوائلي گرو هو، جنهن جو ذڪر سچل ڪٿي ڪٿي هن جو نالو کڻي پڻ ڪيو آهي.
عاشق انالحق آکيو پيو آکيج،
هادي عبدالحق، حرف هدايت هي چوي.
پهريان ننڍڙي ۽ پوءِ جوان سچل جي پڇيل زندگي جي پراسراريت، ڪائنات جي رنگينين ۽ ڪل ۽ جز بابت سوالن، ۽ ميان عبدالحق فاروقي جي موٽ ۾ ڏنل جوابن جو ماحول مون کي بلڪل اهڙو پي لڳو آهي، جهڙو يونان جي شهر اٿينس ۾ اُستاد فيلسوف سقراط جو چار سئو سال قبل مسيح (399-469Bc) پنهنجي اسڪول آف ٿاٽ ۾ پنهنجن شاگردن پليٽو، ارسطو، زينوفون کي سمجهائيندي، ڄڻ هن وشال ڪائنات جي وجود ۽ زندگي جي عميق رازن تان پردو کڻندو هجي. ميان عبدالحق فاروقي جي پڙهايل فڪري ڦرهي، سچل کي نون گسن تي وٺي هلي. هن ڄاڻي ورتو ته زندگي جو مطلب ۽ مقصد پڻ زندگي مان ئي حاصل ٿئي ٿو.
هُت هيس معشوقي ۾،
هتي عاشق ٿي آياس.
سچل ڄاڻي ورتو ته هي ڪائنات جوهر ۾ حسن ۽ محبت جي بلند ۽ عظيم روح جو آئينو آهي.
ميان عاشق معشوق بيچ فرقي نيست،
شخصي سايا، هرگز جدا نمي گرده،
ترجمو: عاشق ۽ معشوق جي وچ ۾ ڪجهه به فرق ناهي. پاڇو جسم کان جدا ٿي نٿو سگهي.
جوڳ ۾ چيل ڪافي ۾ چوي ٿو:
ڏوجهان ڪوئي نهين، هئين تون آپ الله
چون ٿا ته سچل جڏهن شاعري ڪندو هو ته وجد ۾ اچي ويندو هو ۽ کيس دنيا جي سُرت به نه رهندي هئي. سندس حلقي جا فقير اُها لکي وٺندا هئا. پر جڏهن کين ڪا سٽ سمجهه ۾ نه ايندي هئي ته سچل جي هوش ۾ اچڻ کانپوءِ اُن سٽ بابت پڇندا هئا ته سچل وراڻيندو هو، “مان توهان کي هاڻ اُها سٽ ٻڌائي نٿو سگهان ڇو جو جنهن کي توهان ٻڌو پي اُهو آءٌ نه هيس، پر هڪ اعليٰ راڳ آلاپيندڙ منهنجي ذريعي پي ڳالهايو.”
جڏهن جدلياتي ۽ تاريخي ماديت جي وسيع ڄاڻ رکندڙ سماج وادي ڏاهن اينگلس ۽ ڪارل مارڪس اوڻهويهين صدي (1883-1818) ۾ مادي کي هن ڪائنات جو اصلي روح قرار ڏيندي، خيال کي ثانوي حيثيت ڏيئي، عقيدن جي دنيا ۾ طوفان کڙو ڪري ڇڏيو هو، تڏهن اسانجي سچل سائين، اُن کان گهڻو اڳي اُن جي نشاندهي ڪري چڪو هو.
نقاش درنهان شده نقش ست آشڪار،
خود صانعست، صورت گرنيڪ و بدضع.
معنيٰ نقش ظاهر آهي جنهن ۾ نقاش لڪل آهي.
آئون اهو نٿو چوان ته اسانجو سچل يا ٻيا همه اوست کي مڃيندڙ لا مذهب صوفي، سائنسي بنيادن تي مادي کي هن ڪائنات جو جوهر سمجهندا هئا، پر جيئن ته شاعر جي اُڏام سندس دماغي سگهه کان گهڻي مٿي هجي ٿي، دراصل اُها ئي سگهه لاشعوري طور تي اُن ڪائنات جي پراسراريت کي پرکڻ لاءِ هڪ ذريعو ضرور رهي آهي. صوفين ۾ همه اوست جو فڪر جيڪو چوي ٿو، جيو آتما ۽ پرماتما ساڳي چيز آهي يعني هڪ آهي، ته ان جو مطلب اُهو مادي جي وجود کي قبول ڪري ٿو، ۽ خيال يعني روح اُن جو پرتوو يا توانائي جي حيثيت ۾ اُنجو ئي حصو يا اُن مان نڪتل سمجهي سگهجي ٿو، ۽ مادي کان سواءِ اُنجو تصور به نٿو ڪري سگهجي.
ڇو ٿو ڳولين يار، سوتان تو ۾ آهي.
يا وري سچل مادي تصور کي اڃان به اڳتي وڌائيندي پنهنجي شاعري ۾ اجهو هيئن اظهار ٿو.
پاڻ وڃائي پاڻ ڳولي لهج پاڻ کي،
پاڻ منجهائي پاڻ کي پوندي ڄاڻ سڃاڻ،
مکڻ اکر هڪڙو، سوئي کير سنڀاڻ،
اهو اٿئي اهڃاڻ، ڳهلا انهي ڳالهه جو.
هڪ اندازي موجب سچل جو ڪلام 936660 شعرن تي مشتمل آهي. سچل جي تصنيفات ۾ هيٺيون مواد شامل آهي.
1- “ديوان آشڪار” فارسي ۾.
2- “رسالو سچل سرمست” ڀاڱون پهريون، هن ۾ سنڌي سرائيڪي جون ڪافيون ۽ سه حرفيون شامل آهن.
3- “رسالو سچل” ڀاڱو ٻيو، هن ۾ سنڌي بيت ۽ سه حرفيون شامل آهن.
4- “راز نامو”، هن ۾ فارسي شعرن ۾ معرفت جون پروليون آهن.
5- “رهبرنامو”، هي به فارسي ۾ آهي جنهن م چيلن لاءِ گيان جو درس آهي.
6- “قتل نامو ۽ گداز نامو”، هن ۾ عشق ۽ درد جو داستان آهي.
7- “تارنامو ”، هن ۾ لوهه جي تار جي ذريعي زندگي جا درد، پيڙائون ۽ ڄمڻ کان وٺي منزل ماڻڻ تائين جون رمزون سمجهايل آهن.
8- ساقي نامو
9- وحدت نامو
10- مشنوي وصلت نامو
11- مثنوي درد نامو
12- مثنوي عشق نامو
13- مرثيو.
سچل پنهنجي شاعري ۾ ڪيئي تخلص استعمال ڪيا آهن. سنڌي، اُردو ۽ سرائيڪي شاعري ۾ سچو، سچيڏنو ۽ فارسي ۾ آشڪارا ۽ خدائي تخلص طور ڪم آندو آهي.
سچل سائين تقريبن سڀني مروجه سرن ۾ پنهنجي شاعري جا جوهر ڏيکاريا آهن، جن ۾ سر آسا، سُر گُجري، سر ڀيروي، سرڪو هياري، سر سارنگ، سُر مالڪوس، سرکنڀات، سُر راڻو، سُر ڪلياڻ، سر پهاڙي، سرڪاريهر، سر سورٺ ۽ سُر جوڳ شامل آهن. سچل سائين جي شاعري کي اهو اعزاز حاصل آهي ته سندس شاعري کي ڄاتل سڃاتل ۽ مڃيل راڳ جي ڇهن قسمن، هر هڪ ڀيرو راڳ، هنڊول راڳ، مينگهه راڳ، سريراڳ، ديپڪ راڳ ۽ مالڪوس راڳ ۾ بخوبي ڳائي سگهجي ٿو.
سچل سائين جتي انساني دردن جذبن ۽ احساسن کي پنهنجي شاعري ۾ سموهيو آهي، اُتي هن پنهنجي شاعري ۾ مذهبي ڪٽر پڻي کي به ننديو آهي. سچل سائين ڪلهوڙن جي آخري ۽ ٽالپرن جي اوج وارو دور به ڏٺو، جنهن ۾ مذهب جي بنياد تي ماڻهن سان زيادتيون ڪيون ٿي ويون. هن جي ذهن ۾ ڪلهوڙن جي دور جي عالم مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو اُهو پروانو به اڃان تازو هو جنهن ۾ شريعت جي آڙ ۾ ماڻهن جو جيئڻ حرام ڪيو ويو هو. نه صرف مذهبي اڪثريت اُن جي پيش ڪيل شريعت جي انتهاپسندي سبب ظلم هيٺ هئي، پر مذهبي اقليت جو به جيئڻ عذاب بنجي چڪو هو. اهو ئي سبب هو، جو هو پنهنجي شاعري ۾ مذهبي ڪٽرپڻي کي ننديندو نظر اچي ٿو.
مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا،
شيخي پيري بزرگي بي حد ڀلايا،
ڪي نمازون نوڙي پڙهن ڪن مندر وسايا،
اوڏو ڪين آيا، عقل وارا عشق کي.
هو مذهب جي نالي ۾ انسانذات تي ٿيندڙ ظلم تي بي باڪ چئي ڏي ٿو
ماٺ ڪيان تان مشرڪ ٿيان، ڪڇان ته ڪافر،
انهي وائي ور، ڪو سمجهي سچيڏنو چوي.
هو تنگ نظر ملائن ۽ مذهبي پيشوائن کي ننديندي، انسانيت جو درس ڏيندي چوي ٿو،
لطف مستی تو کیا جانے حافظ
اری صاحب، تونے تو پی ہی نہیں
يا وري وري سندس هي بيت ملاحظه ڪريو،
ملان ڇڏ ڪتابن پچر، مئي جي پي پيالي،
پل ۾ ملان صاحب ٿين تون، مست و مست موالي،
ڇڏ ڪلالي قاضي صاحب، قائم ٿج ڪلالي،
معاف ڪرائي عشق ايئن ٿو، سچل ڪاف ڪُشالي.
سچل سرمست جي شاعري کي جيڪڏهن شاهه لطيف جي شاعري سان ڀيٽ ڪجي ته، اهو دعويٰ سان چئي سگهجي ٿو ته هو روشن خيالي ۾ لطيف سائين کان ٻه قدم اڳتي هو. ان جو هڪ سبب ته اهو ٿي سگهيو ٿي ته، وقت گذرڻ سان گڏ سماجي ۽ سياسي حالتون جيڪي تبديلي جو ڪارڻ بنجن ٿيون، اُهي به اُن جو سبب ٿي سگهن ٿيون. جيئن ته شاهه لطيف ڪلهوڙا دور، جڏهن ته سچل سائين هڪ ڏاڪو اڳتي يعني ٽالپر دور ۾ جيئي ٿو. ظاهر آهي ته سماج ۾ وڌندڙ ۽ تبديل ٿيندڙ وقت سان تبديلي فطري عمل آهي. شاهه لطيف نجي زندگي ۾ شريعت جو پابند هو ۽ مذهب ۾ ڄاڻايل عبادتون ۽ روزا پڻ رکندو هو. ڪنهن حد تائين پيري مريدي جو قائل به هو، جڏهن ته سچل سائين شريعت جي جهنجهٽ کان نه فقط آزاد هو پر هو پيري، مريدي کان به پري هو. سچل مذهبي سوچ کان مٿي سوچيندڙ عالمي انسانيت جو قائل هو.
هندو مومن ناميان،
آءُ جوئي آهيان سوئي آهيان.
منهنجي هن بحث جو مطلب لطيف سائين کي نيچو ڏيکارڻ ۽ سچل کي اعليٰ ڏيکارڻ قطعي ڪونهي پر اُنجو مطلب سماج جي ڏاڪي به ڏاڪي اوسر جي حوالي کان آهي. سچل جو مزاج عاشقانه هو نه ڪه زاهدانه.
بزرگ شيخ مشائخ، يارو نا مخدوم ٿياسين،
نڪي قاضي نڪي ملان، معلم پير بنياسين.
سچل سائين چوي ٿو ته آئون جڏهن وحدت جي مقام تي پهچي چڪس ته ڀلا شريعت منهنجي ڪهڙي ڪم جي؟
اُتي ڪفر نه اسلام، آهي سڀني کي سلام،
مذهب مور نه مڃان، آءُ مشرب منجهه مدام
يا وري سندس هي بيت ڏسو جنهن مان وضح ٿئي ٿو ته هو مذهبي تنگ نظري کان آجو ۽ عالمي انسانيت جو قائل هو.
جان جان تون گمراهه نه ٿيندين، تان تان راهه نه لهندين،
کاءُ حرام ۽ پي پليدي، پاڪي ساڻ نه وهندين،
سچا سچ پلئه نه پوندو، جان جان مان ۾ رهندين.
سچل پيري مريدي کان سخت چڙ هئڻ سبب پنهنجي گهڻي شاعري ساڙائي ڇڏي، انهي ڪري جو هن کي گمان هو ته (جيڪو منهنجي خيال ۾ غلط هو ۽ هن کي شاعري جي هيڏي ساري ميراث کي ايئن ضايع ڪرڻ نه گهربو هو) متان ماڻهو اُن کي تبرڪ ۽ تقدس طور استعمال ڪن، ۽ ڪٿي سچ جي راهه کان ڀٽڪي عقيدي جي جهاليت پسندي ڏانهن مائل نه ٿين. جيڪڏهن اسان قريب کان نظر ڦيرايون ته اسان وٽ ٿيو به ايئن آهي. اسانجي صوفي درويشن، شاعرن ۽ معتبر هستين جون مسند نشينيون، تڪيا، گاديون ۽ اوتارا، جهاليت ۽ انڌ شردا سان سرشار ملندا، جتي ماڻهو هڪ دفعو داخل ٿيو ته اوندهه ۽ بي شعوري اُن جو مقدر ٿيو وڃي. اُتي اهڙو ڪو به سماع يا منظر ۽ ماحول نه ملندو، جنهن مان پتو پئجي سگهي ته هي اُهي ئي آستان آهن، جتان شعور جي آبياري ٿي هئي ۽ روشني جو تصور هر ڏس ڦهليو هو ۽ جتان ماڻهو جاڳرتا، سُر، سچ ۽ ساڃاهه جي جهول ڀري موٽندا هئا. سچ پڇو ته ڪڏهن ڪڏهن ته مون کي ڊپ لڳندو آهي ته، ڪٿي اسين شيخ اياز جهڙي عظيم شاعر جي شعور ۽ ساڃاهه جي شاندار ۽ عظيم پورهيئي کي، جيڪو جڳ لاءِ روشن راهه مثل آهي، اُن کي به اُنجي چيل دعائن م گم ڪري مٿس اڏيل مقبري کي به ڪنهن مرشد پير جي درگاهه ۾ تبديل ڪري نه ڇڏيون. ۽ پوءِ اها اسان لاءِ ڪيڏي نه بدنصيبي ٿيندي جو هيڏو وڏو شاعر، جنهن جي فڪر مان ماڻهو رهنمائي وٺن ڌي پٽ ڏيڻ وارو ڪوڙو مرشد ٿي وڃي، بلڪل ايئن جيئن اسانجي لطيف، سچل ۽ ٻين عظيم هستين سان ٿي چڪو آهي.
ڪن ڏاهن اڪابرن جو خيال آهي ته شاهه عبدالطيف ڀٽائي فڪر ۾ صوفي هو، جڏهن ته سچل سائين فڪر ۾ لا مذهب صوفي هو. پر آئون اڃان به هڪ قدم اڳتي، کيس سيڪيولر مائينڊ جو عظيم شاعر سمجهان ٿو. مذهبي ڀيد ڀاءُ کان پري هندو مسلم کي هڪ سڳي ۾ پوئي انسانيت پسائيندڙ سندس هي شاعري ملاخطه ڪريو.
سچو ساءِ هڪڙو،ناهي شڪ گمان،
ڪاٿي پڙهيو پوٿيون، ڪاٿي پڙهي قرآن،
ڪڏهن ڪرشن ڪان، ڪڏهن احمد عرب ۾.
رنگ نسل، مذهب کي اهميت نه ڏيندي سچل سائين ننڍي کنڊ جي سڀني مقدس جاين مذهبي ۽ ڌرمي ڪردارن، بزرگن کي هڪڙي نظر سان ڏسي ٿو. هن لاءِ گرونانڪ لاءِ به ايتري ئي عزت آهي جيتري ڪنهن پيغمبر لاءِ ۽ ايئن ئي هو ڪرش ڀڳوان يا لڇمڻ کي به ساڳئي خاني ۾ رکي ٿو.
بندرابن میں بیٹھک میری
رمز سچل دی الٹ ارویری
گنگا جمنا وچ اشنان،
نانک لچھمن میرا نام
ساڳي ئي سوچ سندس هن شعر ۾ به پسي سگهجي ٿي.
مرلي مست آواز موهن،
روحڙ منجهه ريجهايو.
عطر عنبيرڪنيءَ ڪاتر،
مون تان مشڪ ملايو.
سچو جو سيڪيولر ۽ مذهبي نفرت کان پري، عالم ۽ انسان دوست هئڻ لاءِ، هن کان مٿي ڀلا ٻيو ڪهڙو دليل ڏيئي سگهجي ٿو.
آه روح منهنجو عرب ۽ خاڪ هند جي،
احمد مليو هتي، ته هتي مليو شام آه.
شاهه لطيف ڀٽائي اناالحق کي معرفت يعني پردي ۾ ظاهر ڪيو آهي. مثال طور هيٺيئين بيت ۾ شاهه سائين ظاهري طور پنهون جو سهارو وٺي اناالحق جي ڳالهه سڌي طرح نه بلڪه پردي ۾ ڪري ٿو.
جان جو پيهي پاڻ م ڪيم روح رهاڻ،
نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،
پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.
جڏهن ته سچل سائين معرفت جو سهارو نٿو وٺي، پر پاڻ کي سنئون سڌو ظاهر ڪندي سڌي ڳالهه ڪندي نٿو هٻڪي.
عاشق اناالحق آکيو پيو آ کيج،
هادي عبدالحق، حرف هدايت هي چوي.
اُن کانسواءِ شاهه لطيف ۽ سچل جي شاعري جو موازنو ڪبو ته، شاهه لطيف مولانا رومي ۽ ڀڳت ڪبير جي شاعري جو اثر وٺندي، ڪٿي ڪٿي سندن شاعري جو سنڌي ۾ هوبهو ترجمو ڪيو آهي.
مثال طور مولانا رومي جو شعر آهي،
مثنوي و مولوي و معنوي،
هست قرآن درزبان پهلوي
وري شاهه عبداللطيف جو هي بيت ڏسو
جي توبيت ڀانئين سي آيتون آهن،
نيومن لاهين، پريان سندي پار ڏي.
ڀڳت ڪبير جو دوهو آهي،
آ ئو بسو مورے نینن میں،
میں پلک ڈھانپ تورے نوں،
نامیں دیکھن اور کو
اور نا توہی دیکھن دوں
ساڳئي دوهي کي لطيف سائين پنهنجي شاعري ۾ هيئن آڻي ٿو،
اکين ۾ ٿي ويهه، ته واري ڇپر ڍڪيان،
توکي ڏسي نه ڏيهه، آءٌ نه پسان ڪي ٻيو.
جڏهن ته سچل سائين پنهنجي دور کان اڳ جي شاعرن کي پڙهيو ضرور آهي ۽ اثر به ورتو اٿس، پر هن جو شاعري ۾ پنهنجو انداز ۽ اسلوب آهي، جنهن تي ٻي ڪنهن شاعر جي ڇاپ نظر نٿي اچي. صرف ايترو چوڻ ڪافي نه ٿيندو ته سچل سرمست پنهنجي زماني جي شاعرن جي شاعري کان بخوبي واقف هو، بلڪه پنهنجي عهد کان به ڪافي اڳي جي شاعرن جي شاعري جي ڀلي ڀت ڄاڻ به رکندو هو. هن نه صرف اُنهن جي خيالن جي گهرائي کي جانچيو ۽ پرکيو بلڪه ڪٿي ڪٿي هن اُنهن جي خيالن جي تسلسل کي اڳتي وڌائيندي، اُنهن ۾ پنهنجي فڪر جا چٽ چٽيندي واڌارو پڻ ڪيو. هندستان جو نالي وارو صوفي سنت شاعر ڀڳت ڪبيرجنهن جو 1440ع ۾ جنم ٿيو ۽ 1518ع ۾ وفات ڪري ويو، جو پڻ سچل سرمست خوب مطالعو ڪيو ٿو ڏسجي. بلڪه ڪٿي ڪٿي ته هو ڀڳت ڪبير جي خيالن کان به اوچي اُڏام ڪندي نظر اچي ٿو، مثلن ڀڳت ڪبير جو هي دوهو پڙهو.
حدحد چلیا ہرکوئی، بیحد نہ چلیا کے،
بیحد کے میدان میں، کھڑا کبیرا روئے۔
سچل سائين پنهنجي فڪر ۾ ڪبير کان به اڳتي، لاحد کي به اورانگهيو وڃي. مثلن
حدين وڃي هر ڪو لاحد وڃي پير،
سچو سو فقير، جو لاحد لنگهي وڃي.
سچل سرمست نه صرف هڪ ڀلوڙ في البديع شاعر هو پر اُن سان گڏ هو راڳ ۽ موسيقي جي به سٺي ڄاڻ رکندو هو. سچل سائين نه صرف پاڻ ڳائيندو هو، پر چئن تارن وارو تنبورو ۽ دهل به وڄائيندو هو. هو موسيقي جي مستي ۾ ڪڏهن ڪڏهن وجد ۾ اچي نچندو هو ۽ تڏهن هن جي اکين مان ڳوڙها وهي نڪرندا هئا.
همي رقصم همي رقصم همي رقصم برسوائي،
همه مردم همي گويندا بود اين شخص سودائي.
ترجمو: آئون رقص ڪري رهيو آهيان. آئون رقص ڪري رهيو آهيان. آئون رسوائي سان گڏ رقص ڪري رهيو آهيان. ماڻهو سچ ٿا چون ته هي شخص چريو آهي.
جتي سچل سرمست جو راڳ ۽ موسيقي سان بي حد لڳاءُ هو اُتي هو انتهائي حسن پرست به هو. منهنجي خيال ۾ جيڪو حسن پرست ناهي، اُهو شاعر ٿي ئي نٿو سگهي. هڪ دفعي جڏهن اسان جو سچل سائين سخت بيمار ٿي بستري ڀيڙو ٿيو ته، مير رستم خان، جيڪو کيس ڀانئيندڙ هو، هن ڏي ڪڃريون موڪلي ڏنيون. جيواڻي ڪڃري هار سينگار ڪري پنهنجي من موهڻي ادا سان جيئن ئي سندس ڪمري ۾ داخل ٿي ته اسانجو سچل سائين بستري مان هڪدم اُٿي کڙو ٿيو ۽ بي اختيارچئي ڏنو، “بسم الله! اسانجا حڪيم پڌاريا آهن، اُنهن جي ايندي ئي اسانجي بيماري ختم ٿي ويئي.”
هاڻ ڪجهه سچل سرمست جي مرشد شيخ فريدالدين عطار بابت، جنهن جي شخصيت ۽ شاعري سچل تي گهر اثر ڇڏيا. شيخ فريدالدين عطار جنهن جو اصل نالو ابو حامد ولد ابوبڪر ابراهيم هو 1145ع ۾ ڄائو ۽ 1221ع ۾ وفات ڪري ويو. هن جي پيدائش ايران جي شهر نيشاپور ۾ ٿي، جتي هو حڪمت به ڪندو هو ۽ عطر جو دڪان به هلائيندو هو. صوفياڻي رنگ ۾ رچجڻ کانپوءِ هن دڪان جو سمورو سامان، هندستان جي صوفي گرونانڪ جaن ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏيو. فارسي زبان ۾ سرجيل شاعري جي انوکي ڏات ۽ صوفياڻي رمزن جي ڪري، هو تاريخ ۾ شيخ فريدالدين عطار جي نالي سان سڃاتو ويو. سچل سائين هن کان پنج سئو سال پوءِ جو آهي. هن سندس تخليق ڪيل ڪتاب منطق الطير، تذڪرة اولياءُ ۽ طب سان لاڳاپيل ڪتاب مصيبت نامه، الاهي نامه ۽ ڪو سرو نامه پڙهيا ۽ هن جو شيدائي ٿي پيو. جيتوڻيڪ سچل سرمست جي اوائلي تربيت ۽ زندگي جي رازن، رمزن کي پروڙڻ ۽ پاڻ ڀرو ڪرڻ ۾ سندس چاچي ميان عبدالحق فاروقي جو وڏو پورهيو آهي، جنهن جو ذڪر هن پنهنجي شاعري ۾ به ڪندي کيس خراج پيش ڪيو آهي، پر هو پنهنجي فڪر جي ڦرهي تي مستقل نشان چٽيندڙ طور، پنهنجو پيشوا شيخ فريدالدين عطار کي سمجهي ٿو. سچل سائين هن جي ڪتابن مان نه صرف زندگي جي رازن، ڪائنات جي پراسراريت، انساني جذبن، قدرن ۽ احساسن جو فلسفيانه جواب ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو هن جي شخصيت جي سحر ۾ اهڙو رچجي ويو. جو هو هن کي پنهنجو روحاني رهبر ڪري ويٺو. شيخ فريالدين عطار نه صرف شاعري ۾ اعليٰ مقام رکندو هو پر هن کي سوانح نگاري جي فن ۾ ۾ به دسترس حاصل هئي. ننڍي عمر ۾ مولانا جلاالدين رومي ۽ عبدالرحمان جامي به کائنس فيض پرائي چڪا هئا. مولانا رومي پنهنجي شاعري ۾ شيخ فريدالدين عطار کي خراج عقيدت پيش ڪندي چوي ٿو،
گرد عطار گشت مولانا،
ما از به ثنائي و عطار آنکين.
ستن زبانن (هفت زبان) ۾ شاعري ڪندڙ سچل سرمست پنهنجي روحاني رهبر شيخ فريدالدين عطار، جيڪو کيس ڄاڻ ۽ فڪر جي رستي تي وٺي هليو، اُن جي شان ۾ هن فارسي ۾ کوڙ ساري شاعري ڪئي آهي، جنهن مان هن جو پنهنجي فڪري اُستاد لاءِ مان ۽ مرتبو پسي سگهجي ٿو.
عطارنبود آنکه خدا بود خدا بود،
او پاک وجود آنکه خدا بود خدا بود.
درنام فريد آمد آن، يار يگانه،
پس عشق فرود آنکه خدا بود خدا بود
اي دلا خوشبوز شه عطار در جانم رسيد
آن، زمان يک بارگي از. کفرو دين ماراکشيد
چئه جلال الدين چئه جامي غاشيه بردار او
اين چنين تعريف ما ازپير عبدالحق شنيد
ترجمو: عطار نه هو، هو خدا هو، هو پاڪ وجود عطار نه هو خدا هو. هو يگانو محبوب فريد نالو رکي آيو پر عشق ڪيائين ته خدا ٿي پيو. اي دل! عطار جي خوشبوءِ منهنجي جان ۾ پهچي چڪي آهي. هن ڪيترائي ڀيرا مون کي ڪفر ۽ دين کان ڇڪي ورتو آهي. جلاالدين (رومي) ٿيان يا عبدالرحمان جامي جيڪو اُنجو ساٿي آهي. هي تعريف مون پير عبدالحق کان ٻڌي آهي.
سچل سائين پنهنجي فڪري رهبر جو پنهنجي سڄي شاعري ۾ تمام گهڻو ذڪر ڪيو آهي ۽ اُنجي ڏاهپ جاڳڻ ڳايا آهن.
اي صبا با ما حقيقت، شهر نيشاپور کن،
ميکنم قربان بران، خاک زمين اين جانتن
خواه از عطار که آن محب، در پير مغان ست،
ازولي الله دعا، اي آشکارا خويشتن
ترجمو: اي صبح جي هير! مون کي شهر نيشاپور (فريدالدين عطار جو شهر) جو حال ٻڌاءِ، آئون ته ان سرزمين جي پاڪ مٽي تي پنهنجي جان ۽ جسم قربان ڪريان ٿو. اي آشڪارا پنهنجي لاءِ ان ولي الله خواجه عطار کان دعا گهر جيڪو دراصل محب به آهي ۽ پير مغان به.
اها جتي حيرت جي ڳالهه چئجي يا ڏکوئيندڙ به يا ان کي اسانجي پنهنجي سماج جي فردن جي نالائقي چئجي جو فريد الدين عطار 12 صدي جو هيڏو وڏو شاعر ڪافي عرصي تائين دنيا جي نظرن کان اوجهل رهيو. پهريون ڀيرو اوڻويهين صدي ۾ جڏهن سندس ڪتاب منطق الطير جو ايڊورڊ فريڊ جيوارڊ Conference of Birds جي نالي سان انگريزي ۾ ترجمو ڪيو ته دنيا ۾ هلچل مچي وئي. اُن کانپوءِ ته سندس فن ۽ پورهيئي تي يورپ توڙي دنيا جي ٻين حصن ۾ وڏو ڪم ٿيو ۽ کيس وڏي پذيرائي ملي. اسانجي سنڌ جي ڌرتي جا شاعر شاهه لطيف، سچل سرمست، خليفو نبي بخش يا ٻيا اسڪالر، پنهنجي قلمي پورهيئي يا فڪري سگهه جي اُڏام ۾ ڪنهن کان گهٽ ناهن. پر ڇا ڪجي، اسان وٽ نه ته اهڙا ادارا آهن ۽ نه ئي ادب ذوق حڪمران، جيڪي پنهنجي ادبي ۽ فڪري هيرن کي دنيا سان روشن ڪرائين. هو ته بس پنهجي پيٽ ڀرڻ ۾ ئي پورا آهن. هنن جو ڀلا علم ادب ۽ سماجي شعور کي اڳتي وڌائيندڙ عظيم انسانن جي پورهيئي سان ڪهڙو واسطو؟ هو ته روشني جي تصور جا به دشمن آهن، بس اوندهه جو اهڃاڻ چاڪي چمڙا آهن.
سورهين صدي جي انگلينڊ جي شاعر شيڪسپيئر (1616-1564) جي قلمي پورهيئي تي سندس سڄاڻ قوم ايترو ڪم ڪيو آهي جو ڪافي وقت گذرڻ جي باوجود به هو اڄ به ماڻهن ۾ موجود آهي. هنن شيڪسپيئر جي تخليقن روميو جو ليٽ، هيمليٽ، ميڪ بيٿ، اوٿيلو، جوليس سيزر، ٽوئليوٿ نائٽ، مڊسمر نائٽ ڊريم، دَ ٽيمپيسٽ وغيره کي نه صرف ڪتابن ۾ تحقيق، تصيح ۽ تبصرن جي صورت ۾ ماڻهن جي اڳيان آندو، بلڪه آڊيو، وڊيو ۽ جديد دور جي ٽيڪنالاجي سان ڳنڍي سندس فن کي روشناس ڪرايو آهي، جنهن ڪري عام ماڻهو جي اُن تائين رسائي نه صرف آسان ٿي، بلڪه اُنجي تخليقي سگهه ۽ فن کان ماڻهن جي ڀلي ڀت واقفيت به ٿي آهي. اسان لاءِ به ضروري آهي ته اسان شاهه لطيف، سچل سرمست، خليفي نبي بخش، شيخ اياز ۽ ٻين شاعرن، اديبن ۽ مفڪرن تي تحقيق ۽ تصحيح جو ڪم ڪري، جديد ٽيڪنالاجي جو فائدو وٺندي نئين دنيا جي ضرورتن، فڪري لاڙن سان هم آهنگ ڪري نه صرف اُنهن تي جامع ڪتاب شايع ڪريون، پر اُنهن جي پورهيئي کي ڊرامائي شڪل ڏيئي ڊجيٽل ۽ ڪمپيوٽر جي ٽيڪنالاجي سان ڳنڍي پنهنجي علم ۽ ادب کي دنيا سان روشناس ڪرايون. اهڙي ريت اسان فخر سان دنيا کي ٻڌائي سگهون ٿا ته، اسان جو شاهه لطيف، سچل يا ٻيا اسڪالر به علم ادب ۽ فڪر جي دنيا ۾ شيڪسپيئر، شيلي، گوئٽي، گورڪي يا ٻين ڪلاڪارن جي جوڙ جا آهن.
سچل سائين اڃا تيرهن ورهين جو مس هو ته،لطيف سائين گذاري ويو. لطيف سائين سچل سائين کي ننڍي هوندي جڏهن هو ٻار هو، ڏٺو هو. لطيف سائين جي حساس مشاهدي جي اک اُن وقت ئي سچل ۾ مڻيا کي پرکي ورتو هو، سو سچل کي ڏسندي ئي چيائين، “مون جيڪا ڪني چاڙهي آهي، اُن جو ڍڪڻ سچل لاهيندو.” واقعي سچل پنهنجي ڏات ۽ ڏيا سان انمول شاعري ڪري لطيف سائين جي ڪيل اڳڪٿي (چيل لفظن) تي پورو لٿو آهي. منهنجو شاعري جو ڪتاب سندري سپنا ۽ صليب 1986ع ۾ ڇپيو هو، جنهن ۾ مون شاعري کانپوءِ آخر ۾ نوٽ بڪ جا ورق ڏنا هئا. اُنهن مان هڪ ورق (Quotation) ۾ مون لطيف سائين جا چيل لفظ دهرايا هئا ته، “مون جا ڪُني چاڙهي آهي، اُنجو ڍڪڻ سچل لاهيندو.” مون ان سٽ ۾ اضافو ڪندي لکيو (چيو) هو ته، “مون اُنهي ڪني جو ڀت ورهايو آهي.”
ته- اچو ته سچل سرمست جي فڪر کي جديد انداز ۾ سمجهون، سندس شاعري مان هروڀرو يا غير ضروري طور معجزاتي ۽ روحاني معنائون نه ڪڍون ۽ اُنجي فڪر جي تجديد ڪندي، دنيا کي سچو جو سچ ٻڌائيندي شعور ۽ آگهي جي جوت سان روشناس ڪرايون
سڻيجو سوئي جيڪو چوي ڪانگڙو،
هنيئين سان هنڊائجو، سرتيون سڀوئي.
***
خانه فرهنگ ايران، حيدرآباد پاران 29 اپريل 2019ع تي ڪرايل مذاڪري به عنوان سچل سرمست جي شاعري تي شيخ فريدالدين عطار جا اثر ۽ رسالو سچل سائين جي مهورتي تقريب ۾ پڙهيل.