ڪالم / مضمون

ڌرتيءَ جا چنڊ

خاڪن ۽ تاثر نما تحقيقي مضمونن/ مقالن جو ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ڀون سنڌيءَ جو لکيل آھي. ڀون سنڌي لکي ٿو؛
”هي ڪتاب ڌرتي جا چنڊ سنڌ جي مختلف علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي شخصيتن بابت آهي، جن پنهنجي پنهنجي وقت ۾ هن ڌرتي جي وشال ڪينواس تي پنهنجي ڏات ۽ ڏيا ۽ سُرن ۽ ساڃاهه جي پورهئي جا انڊلٺي رنگ ڀري سونهن ۽ سچ جو منظر پي سجايو آهي، جن کي پسي جيڪڏهن پڙهندڙن جون اکيون گهڙي پل لاءِ ئي ٿڌاڻ ۽ روح جي راحت محسوس ڪن ٿيون ته، آئون پنهنجي محنت سجائي سمجهندس.”
  • 4.5/5.0
  • 1797
  • 342
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڀوَن سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڌرتيءَ جا چنڊ

ڪنول لهاڻو

[b]تعارف[/b]
پرمانند والد جو نالو ڏاندومل لهاڻو، ادبي نالو ڪنول لهاڻو ٽنڊي باگي شهر ۾ 28 اپريل 1952ع ۾ ڄائو. هن پرائمري جا پنج درجا گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٽنڊو باگو مان 1965ع ۾ پاس ڪيا ۽ مئترڪ سائنس گروپ ۾ 1970ع ۾ مير غلام محمد خان ٽالپر هاءِ اسڪول ٽنڊوباگو (جيڪو هن وقت هائير سيڪنڊري اسڪول آهي) مان ڪئي. هن انٽر آرٽس اسلاميه ڪاليج بدين مان 1976ع ۾ پاس ڪيو. هو ان عرصي دوران شاگرد يونين اسلاميه ڪاليج بدين جو صدر به رهيو، ۽ هن پنهنجي ان عرصي دوران يونين فنڊ مان ڪاليج مخزن پڻ ڇپائي. ڪنول لهاڻي بي اي 1979ع ۾ اسلاميه ڪاليج بدين مان ۽ ايم اي جنرلزم ۾ 1981ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ريگيولر شاگرد طور ڪئي. هن ايل ايل بي سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان 1981ع ۾ ڪئي. هن سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ۾ پاڻ کي وڪيل طور انرول ڪرائڻ لاءِ گهربل ٽريننگ وارو عرصو، ميرپورخاص ۾ پنهنجي دوست ڪامريڊ روچي رام جي فرم ۾ گذاريو ۽ وڪالت جي سند حاصل ڪرڻ کانپوءِ ،باضابطه وڪالت جي شروعات 1983ع ۾ ضلعي بدين جي ڪورٽن کان ڪئي. 1986ع ۾ هاءِ ڪورٽ بار ۾ بطور هاءِ ڪورٽ وڪيل طور انرول ٿيو. هن جو شمار ضلعي بدين جي نالي وارن وڪيلن ۾ ٿيندو هو. 1998ع کان 1999ع تائين هو گردن جي بيماري ۾ مبتلا رهيو ۽ انهي ئي موذي بيماري ۾ گردا فيل ٿيڻ سبب 22 ڊسمبر 1999ع ۾ هن جهان کان موڪلائي هليو ويو.
ڪنول لهاڻي عمر جي شروع وارن ڏهاڪن ۾ ڌرمي ڀڄن به لکيا جيڪي هو پاڻ به مندر ۾ پوڄا دوران يا ويڙهجپ ٿر ۾ ٿيندڙ فقير پار برهم جي ميلي ۾ ڳائيندو هو. انهن ڀڄنن ۾ هن پنهنجي نالي پرمانند کي تخلص طور استعمال ڪيو آهي.
ڪنول لهاڻي پنهنجي ترقي پسند ۽ روشن خيالي سان وابسطه شاعري جي شروعات اندازن 76-1975ع کان ڪئي. سندس پهريون شعر ڪنول لهاڻي جي نالي سان رسالي عوامي تحريڪ جي ٽائيٽل پيج تي ڇپيو، جنهن جا ٻول ڪجهه هن ريت هئا.
رنگ ته ساڳيو ڪارو ڪٽ،
ڪانوَ نه ٿيندو ڪوئل مٽ.
اُن عرصي کان هو لڳاتار شاعري جي کيتر ۾ پاڻ ملهائيندو رهيو. سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊوباگو کان علاوه، هو ڪڏهن ڪڏهن بدين جي ادبي سنگت ۾ شاعري به پڙهندو هو. 5 جون 1977ع ۾ هن سان لاڙ ادبي ۽ ڪلچرل سوسائٽي ۽ سنڌي ادبي سنگت بدين جي سهڪار سان شام ملهائي وئي، جنهن جي صدارت عبدالرحمان نقاش (جهٽ پٽ بديڻائي) ڪئي ۽ مهمان خاص ڪامريڊ روچيرام هو. ڪنول لهاڻي جي تمام ٿورڙي شاعري رسالن ۾ شايع ٿي، البته سندس اڻ ڇپيل شاعري جو مواد شاعري جي مجموعي جيترو آهي، پر بدقسمتي چئجي جو اڃان اُهو اشاعت هيٺ اچي نه سگهيو آهي. ڪنول لهاڻي جو شمار فڪري طور تي ترقي پسند شاعرن ۾ ٿئي ٿو. سندس شاعري ۾ نج سنڌي ٻولي، ڳوٺاڻو ماحول ۽ جديد لاڙا پسي سگهجن ٿا: پڪي پختي شاعري کان علاوه ڪنول لهاڻي پنهنجي دوست ڪامريڊ روچيرام سان جيڪو خط و ڪتابت جو سلسلو رکيو. اُن سلسلي ۾ ڪامريڊ روچيرام جا پنهنجا لکيل خط سندس پٽ نيل ڪنٺ سهيڙي ڪتاب، “ڏنم هوت هٿن سين”، ۾ ڇپايا آهن، پر اُنهن ۾ ڪنول لهاڻي جا ڏانهس لکيل خط شامل ناهن. ڪامريڊ روچي رام جي چواڻي ته ڪنول پنهنجا لکيل خط کائنس واپس وٺي ورتا هئا. اهي خط جيڪر ملي پون ته ادب ۾ لاڀ دائق واڌارو ٿي پوي. ڪنول لهاڻو مئٽرڪ کان انٽر واري عرصي ۾ پار برهم شيوا منڊلي ۾ رهيو. هو نه صرف اُنجو باني ميمبر هو پر اُنجو صدر به رهيو. وڪالت واري عرصي ۾ ڪجهه عرصو سنڌ بلوچ پشتون فرنٽ سان به رهيو. پر عمومن هو آزاد خيالي ۽ پنهنجي مزاج جي طبيعت هئڻ ڪري ڪنهن به سياسي يا سماجي تنظيم سان گهڻو وقت هلي نه سگهيو. هن جو بدين ضلعي جي سٺن وڪيلن ۾ شمار ٿيندو هو. اسٽيج تي شاعري يا تقرير ڪرڻ جو هن جو پنهنجو هڪ نرالو انداز هو.
***


[b]ڪنول پاڙون پاتال ۾
[/b]
شام، جيڪا ڪڏهن ڪڏهن پاڻ سان ڪاري رات اُماس نيئي ايندي آهي ته، وري شام، جيڪا پاڻ سان چوڏهين جي چانڊاڻ کڻي ايندي آهي. ڪنول لاءِ هي شام پاڻ سان ڇا کڻي ايندي اُهو فيصلو ته وقت ڪندو؟
آءُ جيڪي به چوندس سو اڄ جي ڪنول تي چوندس. سڀان جي ڪنول تي آءُ ڪجهه به نه چوندس ۽ نه ئي ڪو اختيار اٿم. اختيار ته اُنهن ادبي ٺيڪيدارن کي به ڪو نه هو، جن ڪن اديبن کي وڌائي چڙهائي پيش ڪيو ۽ وڏيون فتوائون ڏيئي سموري سنڌي ادب ۽ ادب لاءِ هلندڙ جدوجهد جو کين مهندار ۽ سرواڻ ڪري پيش ڪيو. پر وقت ثابت ڪري ڏيکاريو ته اُنهن نام نهاد ٺيڪيدارن جون فتوائون به کين بچائي ڪو نه سگهيون. سنڌي ادب لاءِ دشمنن طرفان جيڪا باهه لڳائي ويئي اُنجو اڃان کين سيڪ ئي ڪو نه لڳو هو، جو وڃي دشمنن جي ڪڇ ۾ لڪا ۽ سموري ادبي جدوجهد کي رڻ ۾ رولي پاڻ وڃي وستين ۾ عيش آرام ڪرڻ لڳا. هونئن به ادب ۽ ٺيڪيداري ٻه جدا ڌنڌا آهن جن جو پاڻ ۾ پري جو به واسطو ڪونهي. وقت ئي بهترين نقاد آهي.
ها- سو مون ڳالهه پي ڪئي اڄ جي ڪنول جي. آءٌ ڪنول کي چڱي طرح سڃاڻان. اڄ کان نه پر ننڍي لاڪر ساڻس ڀلي ڀت واقفڪاري اٿم. مون کي ڪنول جا ٻه روپ نظر آيا آهن. ٻن روپن مان منهنجي مراد بهروپي ڪونهي. پر جي اوهان ايئن سمجهو ٿا ته اها اوهانجي پنهنجي راءِ هوندي، منهنجي ڪانهي.
ها - ذڪر پي هليو ڪنول جي ٻن روپن جو. هڪ روپ اٿس ذاتي. توهان يقينن چوندا ته ٻيو ٿيو صفاتي، اسم جا بيشڪ ٻه قسم آهن پر ڪنول جا ٻه قسم ڪونهن. توهان ٻڌندڙ جيڪي ڏاها آهيو، اُهي روپ ۽ قسم ۾ ضرور فرق محسوس ڪندا هوندا.
ذاتي طور مون جيئن ڪنول کي محسوس ڪيو آهي ته، ڪنول مون کي ڦرڻو گهرڻو، ايتري حد تائين خوددار جيڪا اُنهي حد تي پهچيو بيوقوفي ۽ احساس ڪمتري ٿيو پوي. هو مون کي ڪو به ٺوس نظريو نه رکندڙ ۽ تصوراتي ۽ خيالي محلن ۾ رهندڙ لڳو آهي.
پر مون جڏهن کيس سندس شاعري ۾ ڳوليو آهي ته، هو مون کي تقريبن اُن جي اُبتڙ لڳو آهي. منهنجو اشارو شعور ۽ لاشعور ڏانهن آهي. سندس شخصيت ۾ ايترو تضاد ڪجهه عجيب به لڳي ٿو ۽ سونهي به نٿو.
ڪنول اسانجي پاڙي جو شاعر آهي. پاڙيسرين جا تعلقات هونئن به سٺا ڪو نه هوندا آهن. اُهي پرپٺ ڀلي هڪ ٻئي جي گڻن کي قبوليندا هجن، پر منهن تي قبولين اِهو سندن پاڙي جي اصولن جي خلاف آهي. هونئن به اسين سنڌي ماڻهو پنهنجن فنڪارن کي جيئري قطعي داد ڪو نه ڏيندا آهيون ۽ موئي اُنهن جي قبرن تي گل چاڙهيندا آهيون. اها عادت اسانکي غلامي جي دور کان ورثي ۾ ملي آهي. غلام پنهنجي پاڙيسري غلام تي هميشه مالڪاڻا حقوق جتايا آهن اِها روايت ٽٽي پيئي، چڱي ڳالهه آهي. پر آءُ هڪڙي ڳالهه اڃان تائين سمجهي ڪو نه سگهيو آهيان ته، سنڌ جي اُڀرندڙ شاعرن سان آخرشام ڇو ٿي ملهائجي؟ جڏهن سندن گيتن ۾ صبح جو پيغام ۽ صبح جي سوچ هجي، تڏهن ساڻن شام ملهائڻ ڪجهه عجيب ٿو لڳي! آءٌ سمجهان ٿو اِها ڳالهه لاڙ ڪلچرل سوسائٽي وارن به ضرور محسوس ڪئي هوندي.
ڪنول ٿوري عرصي ۾ جنهن تيزي سان لکڻ شروع ڪيو آهي ۽ اڃان به چئجي ته ، سٺو لکڻ شروع ڪيو آهي، جيڪڏهن لڳاتار آئينده به لکندو رهيو بلڪل نئين رنگ ۽ نئين ڍنگ سان، نئين سوچ ۽ نئين انداز سان ته، چئي سگهجي ٿو ته ڪنول اڄ ۽ سڀان جو شاعر ليکيو ويندو. سڀان جو شاعر ٿيڻ منهنجي خيال ۾ ڪنهن به شاعر لاءِ وڏي ۾ وڏو اعزاز آهي. ڪنول اُنهي لاءِ هٿ هڻي پيو. سندس هي سٽون پڙهو.
لاهيارن جون ڳالهيون، لابارن جون ڳالهيون،
هيئن ۾ هُرن ٿيون ڌنارن جون ڳالهيون.
يا وري سندس هي وائي ڏسو، سادن اکرن ۾ ڪيڏي وڏي ڳالهه چئي اٿس.
ڪڍي سج ڪني، پورب جا پورهيت اُٿيا.
مچي پئي ٿي ماٺ ۾،
اڻ لکي اگني، پورب جا پورهيت اُٿيا.
ڪنول جي ٻولي لاشڪ سهڻي آهي ۽ وري اُن ۾ ڀرپور تاثر ڇڏڻ سندس فنڪار هئڻ جي خود نشاندهي ڪري ٿو. سندس غزل جو هي بند پڙهو جنهن ۾ بغاوت لاءِ ماڻهن کي اُڀاري ٿو.
اُڃيا کيت سارا، اڇو اُڀ ڪيسين
اچو واءُ بڻجي وڄن کي ورايون.
وري سندس هي سٽون پڙهو، جيڪي پڙهي پڙهندڙ داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهي
ڪنول جي ته پونجي فقط پيار آهي،
ڪفن جون به پونديون ٻين تي چٽيون.
ڪنول سنڌ جي عام مسئلن ۽ سنڌي ماڻهن جي دقيانوسي رسمن رواجن ۽ عقيدن خلاف به پنهنجو قلم وهايو آهي. عظيم انقلابي شاعر ڀٽائي جي همه گير ۽ دنيا جي لاءِ امن جي پيغام کي وساري، جڏهن سنڌ جو ماڻهو کيس مرشد ڪري پڙ ٿو چاڙهي، تڏهن ڪنول بي اختيار چئي ٿو ڏي ته:
جڏهن آهي پڙ چاڙهيو ۽ پٽ پنيو ڪنهن پيءُ،
تڏهن ڀٽائي سڏڪي سڏڪي آهي سنڌ ڇڏي.
اُن کانسواءِ ڪنول جو آزاد نظم. هو جا ڪولهڻ لاهياري، وائي، رات چوي ٿي نچ ۽ ٻيا ڪافي شعر سندس فنڪار هئڻ جي خود تشريح ڪن ٿا.
جتي ڪنول ۾ اِهو ڏانءُ آهي ته هو پنهنجي پڙهندڙ کي موهي ٿو ۽ کيس پنهنجي رنگ ۾ ٿو رنگي، اُتي ڪٿي ڪٿي ڪنول جي شاعريءَ پڙهندڙ کي مايوس به ڪري ٿي ۽ اها راءِ رکڻ تي مجبور ٿي ڪري ته، شاعر کي ڪو ٺوس نظريو ڪونهي. مثال طور هي ٽيڙو ڏسو.
هاري جي زال،
ڪيڏي سهڻي ٿي لڳي،
چلهه تي چاڙهي دال
ڪنول کڻي هن جي ڪهڙي به معنيٰ ڪڍي، پر هن جي معنيٰ ٿي نڪري ته مفلسي هاري جي زال جي زندگي ۾ سونهن اوتي ڇڏي آهي. مطلب اِهو ٿيو ته هاري جي زال سدائين دال چاڙهي يعني غريب ئي هجي، اُن ۾ ئي سندس سونهن ۽ سوڀيا جو راز سمايل آهي. ههڙي قسم جي شاعري وڏيرڪي نظام کي هٿي ڏيندي، ٻيو ڪنهن کي به نه.
شاعر فطري ڳالهه آهي ته پنهنجي همعصر يا پاڻ کان اڳ جي شاعري جو ڪنهن حد تائين اثر قبول ڪري ٿو. اهو ڪو گناهه ناهي ۽ نه ئي ادب ۾ ڪا غير مهذب حرڪت آهي. پر آءُ چئي نٿو سگهان ته شعوري يا لاشعوري طور پر بهرحال ڪنول اياز ۽ ميران جو ايتريقدر ته اثر قبول ڪيو آهي، جو سندس ڪي ڪي شيون ٻولي، موضوع ۽ سٽاءُ ۾ هوبهو اُنهن سان ٺهڪي اچن ٿيون، اها سندس خوبي نه پر خامي آهي. مثال طور سندس هي نظم
مان جنم جنم جو جوڳي هان،
ٿو بين وڄايان بن بن ۾.
يا وري،
هي ڌاڙيلن جي دنيا آ-
مان ڪنهن کي ڪنهن کي پيار ڏيان،
مان شايد ٿو بيڪار جيان،
يا وري-
هو بن بن بين وڄائي ٿو،
هي ڪير ڪُمهلو ڳائي ٿو؟
بهرحال انهن ننڍين وڏين ڪچاين جي باوجود اڄ جي ڪنول لاءِ چئي سگهجي ٿو ته ڪنول شاعري جي کيتر ۾ چڱو پاڻ موکيو آهي.
سڀان جي ڪنول جون پاڙون جي پاتل ۾ هونديون ته نڪو لهر نڪو لوڏو، ڪنول پيو ٽڙندو، نت ڪنول گل ڪوماڻا، اهو منهنجو نه پر تاريخ جو فيصلو آهي.

ڪنول لهاڻي سان 5 جون 1977ع تي بدين ۾ لاڙ ادبي ۽ ڪلچرل سوسائٽي بدين ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ بدين طرفان ملهايل شام ۾ پڙهيل
روزانه هلال پاڪستان جي سنڊي ايڊيشن 31 آگسٽ 1983 ۾ ڇپيل
______________

[b]ڌرتيءَ جو ڪنول ۽ بند اکين جا خواب
[/b]
گذريل ملينيم جي آخري صدي جي آخري سال جي طويل چاندوڪي رات، جڏهن ٿر جي ڪنهن ڀوري ڀٽ تي ٿر جو سٻاجهڙو فنڪار صادق فقير پنهنجي مڌر سر ۽ آلاپ ۾ چنڊ ستارن کي هن ڌرتيءَ جي سيني تي صدين کان جنم وٺندڙ درد، پيڙا ۽ ڪرب جا داستان ٻڌائي رهيو هو، ۽ ڀوري ڀٽ تي ڪهي آيل ماروئڙا ان درد ۽ پيڙا کي آدجڳاد کان پنهنجي اندر محسوس ڪندي، اها آشا من ۾ سانڍي جيئڻ لاءِ جواز پيدا ڪري رهيا هئا ته شل اها چاندوڪي رات، جنهن هنن جو اندر اُجاريو هو، طويل کان طويل ٿيندي رهي ۽ ان جو ڪوئي انت نه اچي. موسيقيءَ جا سر، جيڪي فضا ۾ لهرون پيدا ڪري رهيا هئا. انهن جي شل ڪڏهن به تند نه ٽٽي ۽ من سدائين ان ردم تي جهومندو رهي. انهن لهرن جڏهن لاڙ جي لاهين ۾ واقع سانتيڪي نيري جي ڍنڍ جي آسپاس ٽڙندڙ ڪنول جي گلن کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀريو ته اهي خوشيءَ مان ٻهڪي اٿيا ۽ ان مڌر سر جي تال تي جهومڻ لڳا ۽ اک ٽيٽ سان چنڊ سان چلولايون ڪرڻ لڳا. انهن ئي پلن ۾ ٿورڙو ڏور، سنڌ راڻيءَ جي سونهن ۽ سرهاڻ سان رچيل شهر ٽنڊوباگو جي باگي واهه جي ڪنڌيءَ تي، جتي سنڌ راڻي ۽ مير باگي خان جي پيار ۽ محبت جو داستان پروان چڙهيو، هن ڌرتيءَ جي “ڪنول” جي چتا کي اگني جي نذر ڪيو پئي ويو. چتا جي اگني مان نڪرندڙ اُلا آسمان ڏانهن مٿي اُٿي رهيا هئا ۽ موٽ ۾ لڙڪ بڻجي ان شاعر جي چتا تي برسي خراج عقيدت پيش ڪري رهيا هئا، جيڪو هاڻ جسماني طور اسان ۾ موجود نه رهيو هو ۽ چنڊ ستارن سان جڙيل آڪاش هن منظر کي محفوظ ڪندي، هن انساني سماج جي بي حسي تي افسرده ۽ ڏکويل هو، جنهن سماج ۾ جينيس ۽ ڏاها ماڻهو نڌڻڪا ۽ بي سهارا ماريا وڃن ٿا. جن کي سماج ڏي ٿو ته، صرف ڏنڀ، پيڙائون ۽ اذيتون. فقط ۽ فقط هڪ ڌرتي ئي آهي جيڪا کين هر وقت پنهنجي هنج جي گرمي ۾ ماءُ جيان سانڍي رکي ٿي ۽ صدين کان اکيون کولي رکندڙ آسمان اُنجو عيني شاهد آهي.
عظيم دانشور جوس بي ايباڪ جو چوڻ آهي ته، “موت جي ڏينهن ٻه دنيائون هڪ ٻئي کي چمي ڏيئي ملن ٿيون. هڪ هيءَ دنيا جا ٻاهر نڪري ٿي ۽ ٻي مستقبل جي دنيا، جا اندر اچي ٿي”. انهي ڪري اسين جيڪي جنم جنماتر زندگي جي سرجڻ ۾ يقين رکون ٿا. تن لاءِ ڪنول لهاڻو مري نٿو سگهي صرف ساهه کڻڻ ته زندگي جو نالو ناهي، تڏهن ته ڪنهن اُردو شاعر خوب چيو آهي.
سانسوں کے سلسلے کو نہ دو زندگی کا نام
جینے کے باوجود بھی کچھ لوگ مرگئے
اهي ماڻهو جيڪي زندگي مان ساهه کڻڻ ٿا، جان جانان جي نشي ۾ ڌت رهن ٿا، تن لاءِ موت ڪجهه به نه آهي. موت ڪڏهن به انهن جي خيالن، زندگي جي گهماگهمين ۽ پيار محبت سان رچيل روح رهاڻين ۾ ديوار بڻجي نه سگهيو آهي. انهن ئي جذبن کي اياز هڪ هنڌ هنيئن ظاهر ڪيو آهي.
زندگي موت جي قريب آ پر،
ڪوئي محبوب درميان آهي.
ڪنول لهاڻي جي شاعري ۾ ان محبوب جو چٽو ۽ واضح تصور ملي ٿو جيڪو کيس موت جي دنيا کان الڳ ڪري زندگي سان ڀرپور دنيا ۾ آڻي ٿو. ڪنول جي هن شعر پڙهڻ کان پوءِ ڪير چوندو ته هو اسان ۾ ناهي رهيو:
ڪنول جي ته پونجي فقط پيار آهي،
ڪفن جون به پونديون ٻين تي چٽيون.
ڪنول جي شاعري ۾ هتي جي ڌرتي ۽ ان تي گهاريندڙ انسان جي لکها سالن جي زندگي جا اولڙا پسي سگهجن ٿا. عظيم فلسفي ڪنفيوشس چيو آهي ته، “جيڪو ماڻهو فطرت جيان آهي، سو ڪڏهن به نه مرندو.” ڪنول جي شاعري ۾ فطرت جا منظر پنهنجي اصل رنگ ۽ روپ ۾ موجود آهن. مثال طور سندس نظم جو هي بند ئي کڻي ڏسو:
لاهيارن جون ڳالهيون، لابارن جون ڳالهيون،
هنيئين ۾ هرن ٿيون ڌنارن جون ڳالهيون.
ڪنول منهنجي پاڙي جو شاعر رهيو. اسان به سڀني انسانن جيان پالڻهار طرفان هن ڌرتي تي اگهاڙا اڇليا وياسين ۽ پوءِ اها اوگهڙ ڍڪڻ لاءِ اسان ڪپڙن جو سهارو ورتو ۽ پوءِ به جي ڪٿي اوگهڙ رهجي وئي ته، ان ۾ ڪڏهن ڪپڙن جو. ته ڪڏهن پنهنجي اندر جي ڀٽڪيل انسان جو ڏوهه ضرور رهيو.
مان مردهه پرست قطعي ناهيان، نڪو منافقي منهنجو پيشو آهي ۽ نڪوئي ڪوڙ ڳالهائي پاڻ وڻائڻ چاهيندس. انهيءَ ڪري مان بيباڪي سان چوندس ۽ ايئن چوندي مون کي شرم نٿو محسوس ٿئي ته ڪنول جي نجي زندگي ۾ هن جون دوستيون به رهيون ته ڪن سان رنجشون به. هو ڪنهن جي لاءِ هيرن جي کاڻ هو، ته ڪنهن جي لاءِ اوپرو. هن محبت به ڪئي ۽ نفرت به هن جي زندگيءَ جو حصو رهي. منهنجي ذهن تي چيني لوڪ ادب مان هڪ چوڻي تري آئي آهي ته، “دنيا ۾ فقط ٻه ئي ايماندار ماڻهو آهن، هڪ جيڪو مري چڪو آهي ۽ ٻيو جيڪو ڄائو ئي ڪونهي.” ظاهر آهي ته ڪنول به هن ڌرتيءَ تي گهاريندڙ انيڪ انسانن جيان هڪ انسان هو. انهيءَ ڪري هن جي دنيا ۾ پيار. محبت، نفرت ۽ حقارت گڏوگڏ پيرڙا کنيا. هن ۾ چڱايون به هيون ۽ اوڻايون به. هي رويا ڪي هن جا خلقيل ڪو نه هئا پر صدين کان اڏيل سماج ۾ هن جو نسل در نسل ورثو رهيا آهن. ان لاءِ رڳو هن کي ڏوهاري ٺهرائي نٿو سگهجي. هن ڌرتيءَ تي ڪهڙو انسان آهي. جيڪو فرشتو آهي ۽ گناهگار ناهي؟ ارسطو کان وٺي اياز تائين ۽ اياز کان وٺي اسان تائين ڪهڙن ماڻهن جي نجي زندگيءَ جي دامن تي داغ لڳل ناهن؟ ڪهڙو ماڻهو آهي، جنهن جو گناهن کان پاند آجو آهي؟
ڪنول جي سماجي زندگي لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته اها هن جي شاعرانه زندگي کان ڪنهن حد تائين مختلف رهي. اهو بهتر آهي ته هڪ تخليقڪار عملي دنيا ۾ به پنهنجي ڪوتائن جي ڪردارن جيان جيئي. پر اهو ضروري ته ناهي ته هڪ شاعر جي نجي زندگي پاڪ ۽ شفاف هجي ۽ هو روين توڙي عمل ۾ سماج سان سلهاڙيل هجي ۽ هڪ سماجي ورڪر ۽ هڪ آدرشي انسان به هجي. جيڪڏهن اسان جي پرک جي اها ڪسوٽي رهي ته هن ڌرتي جي مهان شاعر اياز توڙي اسان پارن کي ڪهڙي خاني ۾ رکيو ويندو؟ هڪ ڪلاڪار، جيڪو سرجڻهار جيان آهي، جيڪو سچ تخليق ڪري ٿو، ان سچ جا اولڙا جڏهن هن ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن تي پون ٿا ته انهن جي زندگيءَ ۾ تبديلي آڻي ڇڏين ٿا. ته ڇا اهو سماجي ڪم ناهي؟ ڇا ان جو ڪريڊٽ ان ڪلاڪار کي نٿو وڃي؟ ڪنول لهاڻي جي شاعري جا ڪردار به زندگي مان ساهه کڻي سچ کي ڌرتيءَ جي سيني مان کوٽي ڪڍي ماڻهوءَ جي اندر ۾ اوتين ٿا، ته هنن ۾ جيئڻ جو احساس جاڳيو پوي ۽ هنن جو انگ انگ سچائيءَ جي جلوي سان روشن ٿيو پوي. اها روشني ۽ جاڳرتا پولارن ۾ واقع ڪنهن ديس ۾ هليو ويل شاعر ڪنول لهاڻي کي شرڌانجلي ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟
ڪنول لهاڻو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي نجي ڪچهرين ۾ منهنجي نوٽيڪ جي هن ورق کي اڪثر دهرائيندو هو: “هي جا شفق جي لالاڻ ڏسين ٿو. سا شفق جي لالاڻ نه پر ڪنهن سندري جا ميندي رتا هٿ اٿئي. آئون انهن هٿن ۾ خنجر ڏيڻ آيو آهيان.”
مون کي هاڻ سمجهه ۾ اچي ٿو ته هن کي منهنجي ڊائريءَ جو اهو ورق گهڻو ڇو وڻندو هو. هن کي شفق جي لالاڻ ۾ اهي وسڪي جا رنگ نظر ايندا هئا، جيڪا هن جي جياپي جو ڪارڻ هئي ۽ هن جي محبوبه هئي. هو جڏهن به شفق جي لالاڻ جي رنگن جهڙي مد کي اندر ۾ اوتيندو هو ته هن وشال ڪائنات جا سوين اڇوتا انگ ۽ اڻ ڏٺل منظر، بيت، وايون، گيت ۽ غزل بنجي هن جي آڏو اچي محو رقص ٿيندا هئا. جنهن لاءِ سئٽزرلينڊ جي عظيم مصور ڪلي بال چيو آهي ته: “آرٽ ڏٺل جي نه پر اڻ ڏٺل جي مصوري آهي.”
ڪنول جي شاعري ۾ هن ڌرتيءَ جي آدجڳاد جي انسان جي محبتن، دردن ۽ پيڙائن جو فطرتي رنگ موجود آهي ۽ ان کي بيان ڪرڻ لاءِ هن شاعر وٽ پنهنجو ڏانءُ آهي مثال طور:
اُڃيا کيت سارا، اڇو اڀ ڪيسين،
اچو، واءَ بنجي وڄن کي ررايون.
اڄ کان 22 سال پهرين پنجين جون 1977ع تي بدين شهر ۾ لاڙ ڪلچرل سوسائٽي طرفان جڏهن ان زماني ۾ شاعري جي کيتر ۾ تازو پير پائيندڙ نوجوان شاعر ڪنول لهاڻي جي شاعري کي مان ڏيڻ لاءِ ادبي شام رٿي وئي هئي. تڏهن مون پنهنجي مقالي ۾ چيو هو ته “آئون هڪڙي ڳالهه اڃا تائين سمجهي ڪو نه سگهيو آهيان ته، “سنڌ جي اڀرندڙ شاعرن سان شام ڇو ٿي ملهائي وڃي؟ جڏهن ته سندن گيتن ۾ صبح جو پيغام ۽ صبح جي سوچ هجي تڏهن ساڻن شام ملهائڻ ڪجهه عجيب ٿو لڳي!”
اڄ جڏهن ڪنول جي موت تي هي تعزيتي ميڙاڪو ٿيو آهي. جڏهن هر ڪو پنهنجي چوگرد موت جا پاڇا محسوس ڪري رهيو آهي ۽ شايد هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي موت جي ڊپ هتي اچي سهيڙيو آهي، تڏهن آئون توهان کي سر آرٿر ڪانن ڊائل جي هي چوڻي ضرور ٻڌائيندو هلندس ته “جي توهان کي نظر نٿي آهي. ايئن نه سمجهو ته دنيا ۾ روشني نه رهي آهي.” ڪنول لهاڻو شاعريءَ جي حوالي کان جيڪي روشني جا ديپ جلائي ويو آهي. اُهي ڪڏهن به نه اُجهامندا. پر جيڪڏهن ڪي انڌا آهن جن کي روشني نظر نٿي اچي ته ان ۾ ڏيئي جو ڪهڙو ڏوهه؟
مشهور فلاسافر سگمنڊ فرائڊ چوي ٿو ته “اسان جا خواب اسان جي تباهه ٿيل زندگيءَ جي تعمير ڪن ٿا.” ڪنول لهاڻي جيڪي خواب کڻي اکيون بند ڪيون آهن. انهن جي تعبير پسڻ کان هن ڌرتي واسين کي ڪير به روڪي نٿو سگهي. ڪنول لهاڻي جي زندگي، عمر جي حساب سان مختصر ئي صحيح پر خوبصورت شاعر شيلي جي چواڻي “محبت جو هڪ ڪلاڪ سئو سالن جي زندگي کان بهتر آهي.” ڪنول لهاڻي جي زندگي ٿوري ئي صحيح پر سندس ڪيل شاعريءَ ۾ اها محبت پسي سگهجي ٿي، جيڪا ڪڏهن به زندگي کي موت جي آغوش ۾ وٺي نٿي سگهي. حافظ شيرازي جو شعر آهي ته:
دوش ديدم ڪه ملايڪ درميخانه زرند،
گل آدم بسر شتند و به پيمانه زرند.
(يعني ڪالهه ڏٺم ته ملائڪن مئخاني جو در کڙڪايو ۽ ماڻهوءَ جي مٽي ڳوهي پيمانو ٺاهيو)
انهي مئخاني جي پئماني ۾ جڏهن به جيستائين به مد جا رنگ کلندا رهندا ۽ رند ان جي مستي ۾ مدهوش ٿيندا رهندا، تڏهن مست ڪنول جي گلن کي ڪير به ٽڙڻ کان روڪي نه سگهندو.
سنڌ راڻيءَ جي سونهن ۽ سرهاڻ سان رچيل شهر ٽنڊي باگي جي باگي واهه جي ڪنڌيءَ تي، جتي سنڌ راڻي جي پيار ۽ محبت جو داستان پروان چڙهيو، جتي جي ڪنڌين ۾ محلول ٿيل سڳنڌ ڀري مٽيءَ جي خوشبوءِ هوا ۾ گهلي، ڪنول لهاڻي جي ڏات کي وشال ڪائنات ۾ ڦهلائيندي رهندي ۽ ايئن سندس سڳنڌ ڀري شاعري اسان جي روحن کي معطر ڪندي رهندي ۽ جنم جنماتر اسان سان گڏ جيئندي رهندي.
مان جنم جنم جو جوڳي هان،
ٿو بين وڄايان بن بن ۾.
۽ ان بين جي ڪوڪ، جيڪا ازل کان اسان جي اندر ۾ موجود آهي. ابد تائين زندگيءَ جي وهڪري کي جاري رکندي، موت کي شڪست ڏيندي رهندي.


1- ٽنڊوباگو ۾ ڪنول لهاڻي جي موت تي ٿيل تعزيتي ميڙاڪي ۾ پڙهيل.
2- روزانه ڪاوش حيدرآباد ۾ تاريخ 9 مارچ 2000ع تي ڇپيل.