ڪالم / مضمون

ڌرتيءَ جا چنڊ

خاڪن ۽ تاثر نما تحقيقي مضمونن/ مقالن جو ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ڀون سنڌيءَ جو لکيل آھي. ڀون سنڌي لکي ٿو؛
”هي ڪتاب ڌرتي جا چنڊ سنڌ جي مختلف علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي شخصيتن بابت آهي، جن پنهنجي پنهنجي وقت ۾ هن ڌرتي جي وشال ڪينواس تي پنهنجي ڏات ۽ ڏيا ۽ سُرن ۽ ساڃاهه جي پورهئي جا انڊلٺي رنگ ڀري سونهن ۽ سچ جو منظر پي سجايو آهي، جن کي پسي جيڪڏهن پڙهندڙن جون اکيون گهڙي پل لاءِ ئي ٿڌاڻ ۽ روح جي راحت محسوس ڪن ٿيون ته، آئون پنهنجي محنت سجائي سمجهندس.”
  • 4.5/5.0
  • 1745
  • 336
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڀوَن سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڌرتيءَ جا چنڊ

اُستاد منظور علي خان

[b]تعارف[/b]
گواليار گهراڻي سان تعلق رکندڙ اُستاد منظور علي خان جنهن جو اصل نالو محمد خان هو (سندس مرشد مهدي شاهه محمد خان نالو مٽائي سندس نالو منظور علي خان رکيو) جو جنم 1922ع ۾ ڪلاسيڪل گويي اُستاد جمالو خان (اصل نالو جمال خان) جي گهر شڪارپور شهر ۾ ٿيو. اُستاد منظور علي خان پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم شڪارپور شهر ۾ ورتي. اُستاد منظور علي خان جا وڏڙا اصل ۾ شهر گرداسپور پنجاب (هندستان) جا رهواسي هئا، جيڪي پارٽيشن کان گهڻو اڳ انگريز راڄ واري دور ۾ ميرن جي موسيقي جي ذوق سبب خيرپور لڏي آيا، جتي ڳچ وقت گذارڻ کانپوءِ شڪارپور ۾ اچي رهيا. اُستاد منظور علي خان پنهنجي والد جي سرپرستي ۾ 1940 ڌاري ٽنڊو آدم لڏي آيو، جتي هن جي خاندان مستقل رهائش اختيار ڪئي. اُستاد منظور علي خان زندگي جي آخري پلن تائين ان ئي شهر سان لاڳاپيل رهيو. اُستاد منظور علي خان جي مادري زبان جيتوڻيڪ پنجابي هئي، پر هو سنڌي زبان سٺي نموني سمجهندو ۽ ڳالهائي سگهندو هو. سنڌي راڳ کي نوان گس ۽ گهاڙيٽا ڏيڻ ۾ هن جو پنهنجو انداز ۽ ڏانءِ هو، جنهن کي ڪير به هن وقت تائين پهچي نه سگهيو آهي.
اُستاد منظور علي خان راڳ جي ابتدائي سکيا پنهنجي والد جمالو خان کان ورتي، جنهن کيس درپت، ٽپي ۽ مرکنڊ جا گر سيکاريا. اُن کان پوءِ راڳ جي وڌيڪ سکيا، هن پنهنجي سوٽ اُستاد سينڌي خان کان ورتي. اُستاد منظور علي خان کي راڳڻيون ۽ پلٽا ڄڻ ستي ۾ مليل هئا. هو جڏهن به ڳائيندو هو ته محفل تي ڇائنجي ويندو هو. اُستاد منظور علي خان جو ننڍي عمر ۾ ڪلاسيڪل موسيقي جي وڏي نالي اُستاد بڙي غلام علي خان سان 1940 (ڪي محققِ 1947 ڄاڻائن ٿا) ۾ ڪراچي (ڪي محقق وري لاهور ڄاڻائن ٿا) ۾ پورا ٽي ڏينهن راڳ جو مقابلو ٿيو، جيڪو اُستاد منظور علي خان کٽي ورتو. هن سنگيت ڪلا جي مقابلي کي ڏسڻ لاءِ اُن وقت جا ناميارا گويا اُستاد بيبو خان، اُستاد اُميد علي خان ۽ اُستاد عاشق علي خان به آيل هئا. سنڌي ڪلاسيڪل راڳ ۾ نرالو نالو ۽ منفرد مقام رکندڙ اُستاد منظور علي خان پنهنجي وقت جي ڀلوڙ ۽ برصغير جي مها راڳين اُستاد مراد علي خان، پٽورڌن، اوم ڪار ناٿ ٺاڪر، اُستاد بيبو خان، ڊي وي پلوسڪ، مبارڪ علي خان، اُستاد عاشق علي خان، اُستاد بڙي غلام علي خان، اُستاد امير علي خان، ڀيم سين جوشي، احمد خان پيارو خان ۽ ٻين راڳي سان ڪلاسيڪل راڳ جي سکيا ۽ ڄاڻ جي حوالي سان صحبت ۾ رهيو ۽ هن انهن مان گهڻن ئي راڳين سان گڏ راڳ جي محفلن ۾ ڪلا جو مظاهرو به ڪيو. اُستاد منظور علي خان جو سنڌي ڪافي ڳائڻ جو پنهنجو نرالو انداز هو، جنهن ۾ تانون، مينڍون ۽ پلٽا دلين تي سحر طاري ڪري ڇڏيندا هئا. راڳ جو ڪهڙو انگ ۽ رنگ هو جنهن ۾ هو نه ڳائيندو هو؟ غزل، ڪافي ٺاٺ، ٺمري، سري، خيال، ترانو ڳائڻ م هن جو پنهنجو انداز ۽ سڃاڻپ هئي. سنڌ ۽ هند ۾ ڄاتل سڃاتل راڳي اُستاد منظور علي خان، سرائيڪي ۽ اُردو ٻولي ۾ به پنهنجي راڳ جو جادو جڳايو. اُستاد منظور علي خان جو ڪلام 1955ع ۾ پهريون ڀيرو ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان نشر ٿيو. ساڳئي ئي سال کان هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي تي ڳائڻ شروع ڪيو. اُستاد منظور علي خان شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل، منٺار فقير ۽ ٻين صوفي درويش شاعرن کان علاوه شيخ اياز ۽ هن دور جي ٻين سنڌي شاعرن سميت اردو جي نالي وارن شاعرن کي به ڳايو آهي. اُستاد منظور علي خان ٽنڊي آدم شهر ۾ ڪلاسيڪل راڳ جي سکيا لاءِ منظور علي خان ميوزيڪل اڪيڊمي جو بنياد وڌو، جنهن مان ڪافي شاگردن راڳ جي تربيت وٺي راڳ جي دنيا ۾ پنهنجو نالو ڪمايو. اُستاد منظور علي خان جي راڳ جي ڪلا مان جن فيض پرايو اُنهن ۾ حنيف لاشاري، اُستاد محمد يوسف، ذوالفقار علي، مظهر حسين، وحيد علي، گلزار علي خان دايو، محمد عرس، قمر سومرو، دين محمد دمساز، انور وسطڙو، عابده پروين، نذر حسين، اڪرم ۽ ٻيا ناميارا گلوڪار شامل آهن. اُستاد منظور علي خان اُنهن راڳين مان هو، جن کي پئسي جو حوص نه هو. هن کي جتي به سڏ ٿيندو هو پهچي ويندو هو ۽ بي جا معاوضي جي طلب نه ڪندو هو. سنڌ جي سياسي ۽ قومي پروگرامن ۾ هو عام سڏ تي به هليو ايندو هو. راڳ تي دسترس رکڻ جي باوجود هن ۾ هٺ يا وڏائي بلڪل ڪو نه هئي. هن پنهنجي حياتي ۾ صوفي درويشن جي ميلن توڙي ڏهاڙن کان علاوه سن، ڄامشورو، ميرپوربٺورو، امر ڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ به راڳ جون محفلون رچايون. استاد منظور علي خان کي سندس مهان ڪلا ۽ گائيڪي تي کوڙ سارا ايوارد به مليا. 1960ع ۾ کيس ڀٽ شاهه جي عرس جي موقعي تي بهار موسيقي ايوارڊ، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي هٿان ڏياريو ويو. سچل ايوارڊ، لطيف ايوارڊ ۽ سگا ايوارڊ کان علاوه کيس 1978 (ڪن محققن جي راءِ موجب 1979ع) ۾ کيس پاڪستان سرڪار طرفان پرائڊ آف پرفارمنس (تمغه حسن ڪارڪردگي) جو صدارتي ايوارڊ پڻ ڏنو ويو. سرگم جو ڏات ڌڻي، برصغير ۾ پنهنجي منفرد سڃاڻپ رکندڙ اُستاد منظور علي خان 9 سيپٽمبر 1980ع ۾ دل جي حرڪت بند ٿيڻ سبب وفات ڪري ويو. کيس سندس والد جمالو خان جي ڀرسان اسماعيل شاهه قبرستان ٽنڊو آدم ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
***

[b]سرگم جو ڏات ڌڻي
[/b]
تڏهن منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي جڏهن هي خبر منهنجي ڪن پيئي ته سنڌ ڌرتي جو مهان راڳيندڙ، برصغير جو عظيم ڳائڻو، ڪلاسيڪل موسيقي جو ابو، اُستاد منظور علي خان گذاري ويو. پهريائين ته مون کي يقين نه آيو پر..... نيٺ مون کي به يقين ڪرڻو پيو. ڇو جو مان موت کان چڱي پر واقف آهيان. موت اسان کان اُهي اُهي ماڻهو جدا ڪيا آهن جن کي سدائين جيئڻ کپندو هو، جن جي ئي دم سان هن دنيا ۾ سونهن آهي، سوڀيا آهي. موت هٽلر آهي، هو مردا ۽ لاشا ڏسڻ چاهي ٿو. هن کي جيئرن ماڻهن کان نفرت آهي. موت ڪالي ديوي آهي جنهن جي ڳچي ۾ انساني سسيون ۽ هٿ ۾ ڪات آهن. موت سونهن سوڀيا ۽ سُر جو دشمن آهي. موت ڪوجهو آهي ۽ سموري دنيا ۾ ڪوجهائي اوتڻ چاهي ٿو. موت اورنگ زيب آهي هو راڳ کي هميشه جي لاءِ موت جي ننڍ سمهارڻ چاهي ٿو. پر موت....؟ ايترو ڪجهه هئڻ جي باوجود به ڪجهه به، ناهي. موت خان صاحب کي ماري ناهي سگهيو. موت راڳ لاءِ اورنگ زيب ٿي ناهي سگهيو.
فن جي بلندين کي پائيندڙ فنڪار سان ٽڪرائڻ ۾، صرف موت ئي ٽڪرا ٽڪرا ٿئي ٿو. فنڪار پنهنجي جاءِ تي اڏول آهي، مهان آهي. مون کي ويٽنامي شاعر جو هڪ شعر دل تي تري آيو آهي. “رات آءُ سرحد ٽپي آيس.” پاتال مان پيهي نڪرندڙ ۽ آڪاش جي بلندين کي ڇهندڙ آواز سرحدن جو محتاج ناهي. اهڙن فنڪار کي موت ماري نٿو سگهي. اهڙي اڏول ۽ اڻ مٽ آواز کي موت ميساري نٿو سگهي. ۽ نه ئي وقت ونگ وجهي سگهي ٿو. اُستاد فن جي انهي قد کي ڇهيو آهي جنهن کان مٿي ٻي ڪا حد ڪانهي. وقت ۽ حالتن جي اُڏوهي اُستاد جي فن کي کائي نٿي سگهي. اهو آءُ نٿو چوان پر تاريخ ٻڌائي ٿي.
آءُ سنڌ جي حسين وادين ۽ سرسبز ميدانن ۽ اُجڙيل بيابانن، وارياسين ڀٽن، کرن کيتن ۾ خان صاحب جو مڌر ۽ سدا بهار آواز ٻڌندو آيو آهيان. اُستاد جو فن هن ڌرتي مان ڦٽي نڪتو آهي، جنهن کي وقت جي وير ويران ڪري نه ٿي سگهي ۽ نه ئي ڪلر ڪاراٽي سگهندو. جنهن جون پاڙون ڌرتي ۾ هجن اُن جي اڳيان موت جي حيثيت هڪ جيتامڙي کان به گهٽ آهي. اُستاد اُهو مهان پربت آهي جنهن کي، ڀٽون پاڙ ۾ چڪ هڻي رهيو آهي پر پهاڙ پنهنجي جاءِ تي اڏول آهي.
مون استاد جي راڳ تي موهن جي دڙي جي ناچڻي کي نرت پائي ناچ ڪندي ڏٺو آهي. خان صاحب جي سريلي آواز تي وينگس وار وڇوڙيا آهن. اُستاد جي اندر مان نڪرندڙ آواز تي مون نئين نويلي نينگر کي لانئون لوندي ڏٺو آهي. سندس مٺڙي آواز تي مون ڪامڻي جي ڪوري ڪايا ۾ آڳ ٻرندي ڏٺي آهي. اُستاد جي سُرت وڃائيندڙ ۽ مدهوش ڪندڙ آواز تي مون سندري جي اڻ سامايل سپنن کي ساڀيان پائيندي ڏٺو آهي. خان صاحب جي راڳ ۾ مون کي هميشه اروڙ جي ارڏائي، ڪارونجهر جي قوت، رني ڪوٽ جي عظمت ۽ سنڌ جي تاريخ جي مهانتا نظر آئي آهي. استاد جو آواز وهندڙ سنڌو جي مست ڌارا آهي. اُستاد جي راڳ هميشه روپلي کي هٿ ۾ تلوار ڏيئي ڪارونجهر جي عظمت ٻيهر بحال ڪرڻ لاءِ اُڀاريو آهي. اُستاد خان صاحب جي راڳ هميشه فضا ۾ سڳنڌ پکيڙي آهي ۽ روحن ۾ گرمي پيدا ڪئي آهي. اُستاد جي آواز ۾ جتي سانوڻ جا سانگ آهن ته اُتي وري سياري جا سياٽا پڻ. سندس آواز ۾ پنهوارن جي پکن سان گڏ لطيف جون لوليون پڻ سمايل آهن. اُستاد جي خماريل آواز هميشه من ۾ مستي ۽ مانداڻ پيدا ڪيو آهي.
محفلن جو مور اُستاد منظور علي خان سنڌ جي راڳڻي ۾ سنڌ جو اڪيلو مور آهي. مڃان ٿو سنڌ هر ڏس ۾ ڪيئي مهان انسان پيدا ڪيا آهن. سورهين سرويچن ۾ روپلو، هوشو هيمو، دودو دولهه ته وري اڪابرن ۾ گربخشاڻي، شيدائي، جويو، شاعرن ۾ لطيف، سچل، سامي، اياز. پر اهو مڃڻو پوندو ته راڳ ۾ اسان وٽ فقط هڪ ئي نالو اهڙو آهي، جيڪو سنڌ جي لکها سالن جي تاريخ ۾ موهن جي دڙي جيان پنهنجي انفرادي حيثيت والاريو بيٺو آهي ۽ اُهو آهي اُستاد منظور علي خان. ڀلي سندس زندگي تي وڏا سيمينار منعقد نه ڪيا وڃن، ريڊيو ۽ ٽي وي تان کيس پبلسٽي نه ڏني وڃي، ڪهڙو هرج ٿيندو؟ ڀلا سج کاري هيٺان لڪندو ڇا؟ ڪو به راڳيندڙ جيڪڏهن راڳ ڳائيندو ته کيس خان صاحب جي راڳڻي جي لغت مان مدد ضرور وٺڻي پوندي، نت سندس راڳ ڇسو ۽ فن کان وانجهيل ۽ عوام کان ڪٽيل هوندو. سنڌي راڳ تي سوين ڪتاب پڙهو يا اُستاد منظور علي خان کي ٻڌو، ڳالهه مڙيئي ساڳي آهي. اُستاد سنڌي راڳ جي مڪمل لغت آهي. هيلتائين لطيف سان ڳائڻ ۾ سچ پچ ته ڪنهن انصاف ڪيو آهي ته اُهو فقط اُستاد منظور علي خان ئي آهي.
اُستاد منظور علي خان اُنهن ڳائڻن مان آهي، جن راڳ کي به ڪلا ڏني آهي. جن سرگرم کي به سر ڏنو آهي. سچ پچ ته اهو جنهن به چيو آهي سچ چيو آهي ته “اُستاد راڳ ۽ عوام جي وچ ۾ ويڇو ختم ڪيو آهي.” اُستاد مري نٿو سگهي. اُستاد اڄ به زندهه آهي ۽ سڀان به زندهه رهندو.
سنڌ جي سڀيتا، سنڌ جي سونهن، سنڌ جي مهانتا کي سُر جي سانچي ۾ ڍليندڙ امر انسان ڪڏهن به مري نٿو سگهي. اهڙي انسان جي هٿ چراند ڪرڻ سان صرف موت جي ئي تذليل ٿئي ٿي. اُستاد اڄ به اڏول آهي، مهان آهي. اڄ به سندس آواز ۾ جوڀن آهي، جنهن کي ٻڍاپو ايندو ئي ڪا نه. اڄ به سندس آواز کرن کيتن، ٻنين ٻارن، جهرن جهنگن، برن بيابانن، وستين ۽ شهرن ۾ گونجي ٿو. سندس سندر آواز مرجهايل ۽ ڪوماڻل زندگي کي اڄ به جيون جو جوڀن بخشي ٿو. سندس آواز ازل کان اُڃايلن جي اُڃ اُجهائي ٿو ۽ امرت پياري ٿو. سندس سدا بهار آواز آڌجڳاد کان سواس سواس ۾ سونهن اوتيندو رهي ٿو ۽ ابد تائين سنسار ۾ سڳنڌ پکيڙيندو رهندو.


1- اُستاد منظور علي خان جي حوالي سان سنڌي ادبي سنگت ٽنڊوباگو پاران رٿيل تعزيتي گڏجاڻيءَ ۾ صدارتي خطبو
2- روزانه هلال پاڪستان 9 سيپٽمبر 1983ع ۾ ڇپيل