ڪالم / مضمون

ڌرتيءَ جا چنڊ

خاڪن ۽ تاثر نما تحقيقي مضمونن/ مقالن جو ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ڀون سنڌيءَ جو لکيل آھي. ڀون سنڌي لکي ٿو؛
”هي ڪتاب ڌرتي جا چنڊ سنڌ جي مختلف علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي شخصيتن بابت آهي، جن پنهنجي پنهنجي وقت ۾ هن ڌرتي جي وشال ڪينواس تي پنهنجي ڏات ۽ ڏيا ۽ سُرن ۽ ساڃاهه جي پورهئي جا انڊلٺي رنگ ڀري سونهن ۽ سچ جو منظر پي سجايو آهي، جن کي پسي جيڪڏهن پڙهندڙن جون اکيون گهڙي پل لاءِ ئي ٿڌاڻ ۽ روح جي راحت محسوس ڪن ٿيون ته، آئون پنهنجي محنت سجائي سمجهندس.”
  • 4.5/5.0
  • 1745
  • 336
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڀوَن سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڌرتيءَ جا چنڊ

ساحر پريمي

[b]تعارف[/b]
سنڌ جي هن سدا ملوڪ اديب جو اصل نالو غلام حسين والد جو نالو شفيع محمد ۽ ذات جو خواجه هو، ۽ ادبي کيتر ۾ ساحر پريمي جي نالي سان سڃاتو ويو. هن جو اصل ڳوٺ ميرپوربٺورو هو ۽ جنم سال 1952ع جي جنوري مهيني ۾ سول اسپتال سجاول ۾ ٿيو. پرائمري تعليم ميرپوربٺوري ۽ سيڪنڊري تعليم عبدالله هارون اسڪول نئون آباد مان حاصل ڪيائين. بيچلرس ۽ ماسٽرس ڊگري ڪراچي يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ جي پڙهائي دوران هن گهر جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪراچي جي مختلف ڪارخانن ۾ ڪم به ڪيو. ميٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ هن حبيب بينڪ جي هيڊ آفيس ڪراچي کان ڪلرڪ طور نوڪري جي شروعات ڪئي. نوڪري دوران هن جي پوسٽنگ حيدرآباد، ٺٽو، تنڊو آدم، سکر، ڪوئيٽا، بدين ۽ ٻين شهرن ۾ به رهي ۽ سندس زندگي جو آخري وارو عرصو حبيب بينڪ تلهار ۾ ملازمت ڪندي گذريو. هن نوڪري دوران بينڪنگ جا مختلف ڪورس ڪيا ۽ ڪلارڪ کان ترقي ڪري آفيسر ڪيڊر ۾ گريڊ ون تائين پهتو. اولاد ۾ کيس ٻه پٽ نالي دودو (ڊاڪٽر) ۽ سارنگ (بينڪ مئنيجر) ٿيا ۽ چار نياڻيون هر هڪ سنڌو (ڊاڪٽر) زينت (پوليس آفيسر) ماروي (ڊاڪٽر) ۽ پرڀات (ڊاڪٽر) پيدا ٿيون، سندس گهرواري حال حيات آهي.
ساحر پريمي کي ڪتابن پڙهڻ ۽ خريد ڪرڻ جو شوقين هوندو هو. سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ ڀرپور شرڪت ڪندو هو. هو جتي به رهيو اُتي هن ذاتي ۽ ادبي دوستن جو وڏو حلقو ٺاهي رکيو. دوستن لاءِ سندس مهمان خانو هر وقت جاري ۽ ساري رهيو. هڪ ڀيرو راقمرالحروف به پنهنجن دوستن سان گڏ ٺٽي ۾ سندس پرتڪلف مهمان نوازي جو مزو ماڻي چڪو آهي. هونئن ته هن جي نجي دوستن جي ڊگهي لسٽ هئي پر اُنهن دوستن ۾ غلام حسين رنگريز، تاج بلوچ ۽ ڪيهر شوڪت نمايان رهيا. هو جتي شيخ اياز جي شاعري جو پرستار هو ته اُتي موسيقي جي ذوق جي حوالي کان رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جو به شيدائي هو ۽ اها ئي ڇڪ کيس ڪينجهر ۽ ٻين هنڌن تي موسيقي جا پروگرام ڪرڻ لاءِ اُتساهيندي هئي.
ساحر پريمي ٿورو ئي لکيو، پر هن ادب جي ڪافي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي. هن جي لکڻين ۾ تاثر، مضمون، ڪهاڻيون ۽ شاعري شامل آهن. هن جون لکڻيون پنهنجي وقت ۾ مختلف رسالن ۾ ڇپبيون رهيون، پر سندس لکڻين جو باقائدي ڪتاب جيون اڌوري ڪهاڻي جي نالي سان سندس حياتي کانپوءِ غلام حسين رنگريز ۽ سندس ٻين دوستن جي سهڪار سان سندس پهرين ورسي تي ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.
انتهائي حسن پرست، خوبرو، يارن جي يار ۽ ڪومل ۽ نفيس جذبن کي من ۾ سانڍي کڻي هلندڙ هن يار، خبر ناهي ڇو زندگي جي سدا بهارجوڀن کان اُڪتائجي 20 آڪٽوبر 1992ع تي خودڪشي ڪري ڇڏي؟ سندس خودڪشي، جتي سندس رشتيدارن، چاهيندڙن ۽ دوستن يارن جي وڏي حلقي کي غم ۾ مبتلا ڪري ويئي اُتي ڪلاجي کيتر ۾ هڪ وڏو سوال ڇڏي وئي ته، زندگي جي حسناڪين سان پيار ڪندڙ ۽ سماج جي آجپي ۽ آئيندي لاءِ سهڻا خواب سرچيندڙ، جينيئس ماڻهو آخر ڇو پنهنجي جيون جي تند ايئن ڪٽي ڇڏين ٿا؟
***


[b]جيون اڌوري ڪهاڻي
[/b]
هاڻ سانوڻ جي منڌ به موڪلائي چڪي آهي. اُجهاڻل کيتن ۾ بوند به نه برسي آهي، جنهن سان وشال ڌرتي جو سينو سائو ٿئي. مٿان وري بڊي جي ڪاڙهن من اندر جي مانڌ کي اڃا به وڌائي ڇڏيو آهي ۽ اندر ۾ جلندڙ آڳ لاءِ تيل جو ڪم ڪيو آهي. جيئن جيئن وقت گذرندو ٿو وڃي، هُن جو اندر ڀرندو ٿو وڃي. هاڻ ته ڏينهن به ننڍا ٿيندا ٿا وڃن ۽ راتيون وڏيون. ڏينهن جنهن ۾ پوترتا آهي، چٽائي آهي، آئيندو آهي، انهي روشني جو وقت گهٽبو ٿو وڃي. رات جنهن ۾ اوندهه آهي، ڪرب آهي، پيڙا آهي، اُن پيڙا جو ڪرب رات جي وڏي ٿيڻ سان وڌندو ٿو وڃي. اُن رات جي هڪ بند ڪمري ۾ هڪ ڪلاڪار اهو ڪرب ۽ پيڙا ڀوڳي رهيو آهي. اُن وقت سندس من جون موملون ۽ روح رچنديون سندريون ريجهائڻ اچن ٿيون، پر موت جو رقص باري آهي. سندس اندر ۾ آئيندي جا عڪس ڌنڌلا ۽ سون سريکا سپنا ۽ اُنهن جو آدرش جيڪو هن جي سواس سواس ۾ سمايل آهي اُن جي جڳهه تي اوندهه اوتجي وڃي ٿي ۽ عقابي ارادا ۽ آئيڊيل، حقيقي دنيا جي اڳيان بي وس ٿي وڃن ٿا ۽ پنهنجا پر ڪٽائي ڇڏين ٿا ۽ پوءِ.-
ڪارا ڪارا ڀنڀاوار،
ڄڻ ڪو ڪارونڀار.
ساز کڻي ڪو ڇيڙ غزل،
ٻيجل واري تند تنوار.
ساغر اکين جا ڇلڪائي،
مد مبارڪ ايئن نه هار.
جهڙي خوبصورت غزل کي سرجيندڙ شاعر ٻيجل واري تند تنوارڻ ڇڏي ڏي ٿو. سندس هٿن مان مڌ مبارڪ هارجڻ لڳي ٿو ۽ سندس روح ۾ ڪارو ڪارو نڀار ڇائنجڻ لڳي ٿو ۽ پنهنجي ئي ڪهاڻي “يادن جو سفر” ۾ پنهنجي ئي تخليق ڪيل ڪردار جي پاڻ نفي ڪندي زندگي کان فرار حاصل ڪري ٿو. کيس سڀ چاهتون، سڀ لذتون، بي معنيٰ ۽ بي رنگ باسن ٿيون. کيس لڳي ٿو ته هي رات کٽڻي ناهي ۽ هي پيڙا ۽ هي ڪرب جنهنجو نه ڪوئي انت آهي نه ڪوئي ڇيهه. تڏهن هو بند ڪمري ۾ اُن پل بلڪل هيکلو، تن تنها، زندگي کان جدا ٿيڻ جو فيصلو ڪري ٿو وٺي. فقط اُها هڪ پل سندس جيون مان ويساهه کڻي ٿي وٺي ۽ اُن پل هو موت کي ڳلي لڳائي ٿو وٺي. ڪاش اُن پل ڪوئي کيس اهو ٻڌائڻ وارو هجي ها ته، “هي ڪاري ۽ ڀينڪر رات جنهن کان تون ۽ مان نفرت ڪريون ٿا، جنهن ۾ ڪرب ۽ پيڙا آهي. ڇا تو اهو راز مليو آهي ته اُڀ ۾ تارا به ان رات ۾ ئي کڙن ٿا”. پر هن کي اُن پل ڪير به سمجهائڻ وارو ناهي. هو بلڪل هيکلو آهي ۽ اُها پل هن تي باري آهي.
ساحر سان منهنجي ايڏي گهڻي گهرائي يا دوستي ته ڪا نه هئي، پر ٿوري ڏيٺ ويٺ سو ضرور هئي. ٿورو ذهن تي زور ڏيان. آءُ کيس پولارن مان لاهي ڌرتي تي وٺي آيو آهيان بسنت هال حيدرآباد جي پڌر تي. شايد هي 75-1974ع جو زمانو آهي. اُن وقت سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جون گڏجاڻيون اتي ٿينديون هيون. ساحر به اُنهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ايندو هو ۽ جڏهن به ايندو هو ته پاڻ سان شاعري ضرور کڻي ايندو هو. اُن وقت آءُ ۽ ٻيا منهنجا ڪجهه دوست سنڌ جي هڪ برک ڏاهي ۽ اڳتي هلي انقلابي سياست جي اڪيلي سر دعوا ڪندڙ ۽ انقلابي سياست جو پاڻ کي اڪيلو وارث جتائيندڙ سياستدان، جي نقطه نظر جي روشني ۾ سنڌي ادبي سنگت ۾ جيڪا به لکڻي پيش ٿيندي هئي اُن تي فقط ان نگاهه سان تنقيد ڪبي هئي ته، هي شئي انقلابي آهي يا ناهي؟ پوءِ ڀلي جي لکڻي ۾ نه ٻولي هجي نه فن نه سٽاءُ نه خيال جي پختگي، پر جي ڳالهه هاري جي ڪيل آهي ته واهه واهه ڪري مٿي تي چاڙهي پنهنجو انقلابي فرض پورو ڪبو هو. اسانجي تنقيد جي ان ڇسي معيار ۽ جهاليت تي مبني تنقيد جي نتيجي ۾ ڪيئي نام ڳڻيا اديب ۽ شاعر آهستي آهستي کسڪڻ لڳا ۽ نيٺ ادبي سنگت ٺپ ٿي ويئي. وري ڪجهه وقت رکي ميڙو متو اُردو بورڊ ۾. پر اسانجو انقلابي جذبو کين اتي به ڪٿي ٿو پير کوڙڻ ڏي. برک ڏاهي جي چواڻي ادبي سنگت کي فتح ڪرڻ اسان لاءِ ڪو جهاد کان گهٽ ڪم ڪو نه هو. اسان وري به مجاهدانه فرض بجا آندا ۽ ادبي لڏي کي اُتان به تڏا ويڙهڻا پيا. اُهو ڏينهن هي ڏينهن اڃان تائين حيدرآباد ۾ ادبي سنگت پير پختا ناهي ڪري سگهي. منهنجي هن ڳالهه ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته انهن گڏجاڻين ۾ ساحر به شريڪ ٿيندو هو ۽ کيس به انهن بيجا ۽ ناجائز تنقيدن جي عذاب مان گذرڻو پوندو هو. پر هن شريف ماڻهو ڪڏهن به اُنجو غلط نوٽيس نه ورتو. سدائين سندس طبيعت ۾ ٺهراءُ هوندو هو. مون سندس ايڏي شاعري يا ڪهاڻيون ناهن پڙهيون، سندس تخليقون جيڪي منهنجي نظر مان گذريون آهن اُهي ٺيڪ ٺاڪ آهن. اُنهن لاءِ نه ئي آئون غلط گوئي کان ڪم وٺندس ته اُهي ڪهاڻيون ڪو سنڌي ادب جون شاهڪار ڪهاڻيون آهن، يا سندس شاعري کيس مها شاعرن جي صف ۾ آڻي ٿي. پر هڪ ڳالهه جيڪا ضرور چوندس ته هو جهڙو اندر هو تهڙو ٻاهر هو. هو جڏهن به ملندو هو ڀاڪرين ملندو هو ۽ اندر ۾ لهي ويندو هو. سندس سدا بهار چهري تي مرڪ وسڪي جي رنگ يا شفق جي لالاڻ جيان باسندي هئي. هن جي چهري تي بظاهر ڪا ڏک يا پيڙا جي ريکا نظر نه ايندي هئي. پر جڏهن هن جي موت جي خبر پيئي ته ڄاتم ته سندس من ڪيڏو نه دکي هو. اندر ڪيڏو نه کاڌل هو. مون کان سندس موت جي تعزيت نه ٿي سگهي. ساحر جي موت جي تعزيت ڪجي يا احتجاج؟
ساحر جو پاڻ کي موت جي منهن ۾ اُڇلڻ جو فيصلو ڪو سندس انفرادي فيصلو ناهي جنهن کي اتي ئي ڇڏي ڏجي. چون ٿا ته قانوني نقطه نگاهه کان خودڪشي جي نه ٿئي ته ڏوهه آهي ۽ اُن لاءِ مجرم سزاوار آهي، پر جي خودڪشي سرزد ٿي وڃي ته اهو ڏوهه ناهي. مان نٿو مڃان. ساحرجي خودڪشي سنئون سڌو ڏوهه آهي ۽ بلڪل وڏو ڏوهه. اُن جي ايف آءِ آر ڪٽجڻ گهرجي. ڪيس هلڻ گهرجي ۽ اُهي ڪارڻ ڳولڻ گهرجن ۽ اُنهن تي بحث ٿيڻ گهرجي. ساحر جنهن سدائين زندگي کي چاهيو ۽ گلن ڦلن جي خوشبوءِ سان ڀرپور سندر گيت لکيا جن ۾
مدماتي رت آئي آئي،
سرتيون واڌائي واڌائي.
يا وري-
رنگين چمن مان، چاهت جي هٻڪار کڻي آيو آهيان،
بي رنگ زماني لاءِ نئون رنگ کڻي آيو آهيان.
نمايان آهن، حيرت آهي ته ههڙن سريلن گيتن کي سرجيندڙ شاعر ڇو موت جي منهن ۾ هليو ٿو وڃي؟ هن ڪيس جي تحقيقات ان ڪري به ٿيڻ گهرجي ته جيئن اسان کي پتو پيئي سگهي ته old man and the sea ناول جو لازوال ليکڪ هيمنگوي جنهن ساڳئي ناول ۾ چيو ته، “ماڻهو کي تباهه ۽ برباد ته ڪري سگهي ٿو پر اُن کي شڪست ڏيئي نٿي سگهجي.” ايڏي وڏي ڳالهه ڪندڙ ڪلاڪار ڇو موت جي آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ٿو ڇڏي؟ واضح فڪري سوچ رکندڙ علامه آءِ آءِ قاضي کان وٺي، سونهن ۽ سچ جي سودائي ماڻيٺي اوٺي تائين جي انسان جي زندگي ۾ ڇو زهر ڀرجي وڃي ٿو؟ ۽ اُهي زندگي کان ڏور بلڪل ڏور وڃڻ کي ڇو ترجيح ڏين ٿا؟
هن ڪيس جي ان ڪري به ڇنڊڇاڻ ٿيڻ گهرجي جو اسانجو توهان سڀني جو آئيندو ان سان واڳيل آهي. هن ڪيس جي ڇنڊڇاڻ انهي ڪري به ٿيڻ گهرجي ته جيئن امرتا پريتم کي اڌورا آدمي جو احساس نه کائي ۽ هن ڪيس جا ڪارڻ سبب ڳولڻ ان ڪري به ضروري آهن ته جيئن اسان سڀان هيمنگوي، ماٺيڻي اوٺي ۽ ساحر کي بچائي سگهون ۽ جيون اڌوري ڪهاڻي کي مڪمل ڪري سگهون.
(*مقالي جو عنوان “جيون اڌوري ڪهاڻي” ساحر پريمي جي ڇپيل مجموعي تان کنيو ويو آهي).

1. سنڌي ادبي سنگت شاخ ميرپوربٺورو طرفان 1993ع ۾ ساحر پريمي جي ورسيءَ جي موقعي تي پڙهيل
2. 6 جنوري 1994ع جي روزانه هلال پاڪستان ڪراچي ۾ ڇپيل
3. 26 مئي کان 1 جون 1994ع جي هفتيوار سنڌو حيدرآباد جي پرچي ۾ ڇپيل.
4. ماهوار ڪينجهر (پرچو نمبر 52) فيبروري 1997ع ۾ ڇپيل
5. عبرت مئگزين جلد 16 شمارو (3) 1 فيبروري 1997ع ۾ ڇپيل