ڪالم / مضمون

ڌرتيءَ جا چنڊ

خاڪن ۽ تاثر نما تحقيقي مضمونن/ مقالن جو ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ڀون سنڌيءَ جو لکيل آھي. ڀون سنڌي لکي ٿو؛
”هي ڪتاب ڌرتي جا چنڊ سنڌ جي مختلف علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي شخصيتن بابت آهي، جن پنهنجي پنهنجي وقت ۾ هن ڌرتي جي وشال ڪينواس تي پنهنجي ڏات ۽ ڏيا ۽ سُرن ۽ ساڃاهه جي پورهئي جا انڊلٺي رنگ ڀري سونهن ۽ سچ جو منظر پي سجايو آهي، جن کي پسي جيڪڏهن پڙهندڙن جون اکيون گهڙي پل لاءِ ئي ٿڌاڻ ۽ روح جي راحت محسوس ڪن ٿيون ته، آئون پنهنجي محنت سجائي سمجهندس.”
  • 4.5/5.0
  • 1745
  • 336
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڀوَن سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڌرتيءَ جا چنڊ

مريم مجيدي

[b]تعارف[/b]
سنڌ جي نالي واري شاعره مريم مجيدي ولد محمد خان مجيدي ذات جتوئي، 15 جون 1946ع (اسڪول رڪارڊ ۾ 1943ع) ڳوٺ قيصر خان جتوئي لڳ جهوڪ شريف تعلقو ميرپوربٺورو ضلعو سجاول ۾ پيدا ٿي. پرائمري تعليم ۾ پهريان ٽي درجا دڙو بوائز پرائمري اسڪول ۽ اُن کانپوءِ سيڪنڊري جي اٺن درجن تائين تعليم چانڊيا هاءِ اسڪول سجاول مان پاس ڪيا. ايس وي ٽريننگ وومين ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان 62-1961ع ۾ ڪئي. مئٽرڪ پرائيويٽ اُميدوار طور 1970ع ۾ بوائز ڪاليج ٺٽي مان پاس ڪيائين. بي ايڊ 1973ع ۾ اولڊ ڪيمپس سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد ۽ ايم اي سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان 1975ع ۾ ڪئي. ايم ايڊ 1984ع ۾ اولڊڪيمپس سنڌ يونيورستي حيدرآباد مان ڪئي. مريم مجيدي نوڪري جي شروعات سيپٽمبر 1960ع ۾ بطور پرائمري اُستاد گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول ٺٽو کان ڪئي. 1980ع ۾ کيس HST اسڪيل مليو ۽ گرلس مڊل اسڪول سجاول ۾ پوسٽنگ مليس ۽ ساڳئي ئي اسڪول ۾ هيڊمسٽريس پڻ رهي. 1991ع کان سب ڊويزنل آفيسر ايجوڪيشن سجاول ۽ پوءِ مختلف عرصي لاءِ ڊپٽي ڊي او سيڪنڊري ٺٽو، اي ڊي او سجاول، ميرپورساڪرو ۽ ڊي اي او (پرائمري) ٺٽو پڻ رهي. 12.06.2002 تي رٽائرمينٽ وقت هوءَ سجاول ۾ اي ڊي او پرائمري جي عهدي تي فائز هئي.
مريم مجيدي لکڻ جي شروعات 1975ع کان ڪئي. هن جو پهريون شعر اُن وقت ۾ ڪراچي مان شايع ٿيندڙ رسالي برسات ۾ ڇپيو. هن ڪجهه مقالا، ڪالم ۽ ڪهاڻيون به لکيون جيڪي روزانه سوڀ ۽ روزانه جاڳو اخبار ۾ ڇپيون. پر سندس لکڻ جو اصل محور شاعري ئي رهي، جنهن ۾ هن پنهنجي جداگانه سڃاڻپ پيدا ڪئي. مريم مجيدي جو پهريون شاعري جو مجموعو سروم دکم دکم 1986ع ۾ ڇپيو، جنهن کي بهترين شاعري جي مد ۾ ٽي ايوارڊ مليا 1- سنڌي ادبي سنگت پاران 2- صد سالا جشن مرزا قليچ بيگ جي تقريب ۾ مرزا قليچ بيگ ايوارڊ ۽ 3- سنڌالاجي پاران شاعري جو بهترين ڪتاب. هن جي شاعري جو ٻيو مجموعو نيرانا ئي نيڻ 2012 ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. مريم مجيدي کي ڀلوڙ شاعره ۽ بهترين اُستاد هئڻ جي ناتي ٻيا به کوڙ سارا ايوارڊ مليا جن مان ڪجهه جو تفصيل هن ريت آهي. (1) رسالي نئين زندگي ڪراچي جي ملهايل سلور جوبلي تقريب ۾ کيس بهترين شاعره جو ايوارڊ، اُردو جي نامياري شاعر احمد فراز هٿان ڏياريو ويو. (2) SPO طرفان 8.3.16 تي شاعره ۽ ايڪٽوسٽ طور ايوارڊ (3) شاهه لطيف جي 268 عرس مبارڪ تي شيلڊ (4) سنڌ ريڊيئنٽ آرگنائيزيشن (SRO) طرفان 2012 ۾ سرويچ سجاولي ايوارڊ (5) سول سوسائٽي سجاول پاران بهترين شاعره ۽ اُستاد جو ايوارڊ (6) 12 مارچ 2016ع تي سرور نواز ٻگهيو فائونڊيشن ڪوٽڙي پاران ادبي خدمتن تي ايوارڊ (7) 17 آڪٽوبر 2016 تي سنڌي ادبي سنگت پاران هري دلگير يادگار لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ (8) 2018ع ۾ قادر بخش ڀٽو ٽرسٽ پاران نوري ڄام تماچي تي پڙهيل مقالي تي ايوارڊ. مريم مجيدي جي اڻ ڇپيل ادبي پورهيئي ۾ مضمون، مختلف ڪتابن تي لکيل مهاڳ، تبصرا ۽ انٽرويو وغيره شامل آهن، جن کي هوءِ ڇپائڻ جو ارادو رکي ٿي. مريم مجيدي جي شاعري ۾ جتي سونهن ۽ فطرت جي انوکن اسرارن کي پسي سگهجي ٿو. اُتي سندس شاعري ۾ عام ماڻهو جي پيڙا ۽ درد جو اولڙو به پسي سگهجي ٿو، ته ساڳئي وقت انسان جي ابدي خوشين ۽ آجپي جو چٽو تصور ۽ واضح پيغام به سندس شاعري ۾ موجود آهي. مريم مجيدي جو جيتوڻيڪ ڪنهن سياسي ڌر سان واسطو نه رهيو آهي، پر سندس شاعري ۾ طبقاتي ۽ قومي مسئلن ۽ جدوجهدن جي نشاندهي جو عنصر نمايان رهيو آهي، ۽ شايد اِهوئي ڪارڻ آهي جو جڏهن به ڌرتي ڌڻين تي ڏکيا ڏينهن آيا آهن، ته هوءِ عملي طور اُنهن سان گڏ بيٺل نظر آئي آهي. سندس ان ئي عمل جي ڪري 17.10.2012 ۾ حڪومت طرفان مڙهيل مڪاني سرشتي جي ٻٽي نظام جي سخت مخالفت ڪرڻ ۽ ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻڻ جي الزام ۾، مٿس دهشتگردي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو هو. سنڌ جي هي ڀلوڙ شاعره ڪافي وقت سجاول ۾ گذارڻ کانپوءِ ويجهڙائي ۾ حيدرآباد شفٽ ٿي آئي آهي، پر هن جو سجاول سان مستقل تعلق جڙيو رهندو اچي ٿو.
***
_____________________

[b]مريم کان مريم تائين
[/b]
چوراهي تي ماڻهن جو انبار لڳل آهي. ماڻهن جو اڀاڳ سندن سُن ٿيل جسمن ۽ هيڊن چهرن مان ظاهر ٿي رهيو آهي. اُن سمي هڪ ماءُ کي، اُن چوراهي تي، اُن دردناڪ منظر پسڻ لاءِ آندو وڃي ٿو، جنهن جو پٽ صليب تي ٽنگجڻ وارو آهي. هن جو ڏوهه اهو آهي ته، هن پنهنجي ماءُ جي ڪک کي مان ڏنو آهي ۽ اُن مقدس رشتي کي حرامي ڪوٺيندڙن سان جهيڙو جهيڙيو آهي. هن پنهنجي وجود جي مڃتا لاءِ گلن جهڙي زندگي کان آهو پليو آهي. ماءُ، جنهن اُن ٻالڪ کي جنم ڏيڻ کان وٺي درد ڀوڳيو آهي، جنهن جي ڪک کي مهذب سماج، رشتي ۾ پوئڻ ۽ نانءُ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. اُن ماءُ جو انگ انگ دکي آهي. جيئن ئي سندس ڪک جو ڀرم رکندڙ سڪيلڌو پٽ ڪنڌ لاري ٿو سندس اکين مان لڙڪ ڳڙي ٿا پون ۽ مٽي ۾ جذب ٿي ٿا وڃن، بلڪل ايئن ئي جيئن درد ۽ ڪرب وچان داهيندڙ مور جي اکين مان لڙندڙ لڙڪ ڊيل جهٽي وٺي ٿي ۽ پوءِ- صدين کان پوءِ اُن مٽي مان مريم جنم وٺي ٿي. مريم جي شاعري ۾ اُهو درد، اُهو ڪرب ۽ اُها پيڙا آهي جيڪا هوءِ هن ڌرتي تي صدين کان ڀوڳيندي آئي آهي. سندس ڪک ڄايلن کي، جڏهن حرامي ڪري ڪوٺيو وڃي ٿو، جڏهن سندس ڪردارن جو اپمان ۽ تذليل ڪئي وڃي ٿي ۽ جڏهن سندس آئيندي جي آسن کي صليب تي لٽڪايو وڃي ٿو، تڏهن اڄ جي مريم جي قلم مان آڳ جا اُلا نڪرن ٿا.
اجهوڪوٽ تنهنجي تي ڪڙڪيا اباڻا،
اکين ۾ اُماڙيون ڪلهن تي ڪهاڙيون،
ڏکن جا ڏهاڙا، ڪي گذريا گذرندا،
اسان بند بنڊن جو ٻاريون ۽ ساڙيون.
مريم جي شاعري ۾ سنسار جي سندرتا ۽ ڪائنات جي مظهر، جلون ۽ تخليق جا چٽا عڪس موجود آهن. سونهن ۽ سندرتا جا انيڪ رنگ ۽ روپ ڪلاڪارا جي زندگي ۾، جڏهن خوشبوءِ اوتي ٿا ڇڏين، تڏهن هوءِ اُن مستي ۾ بنهه بي اختيار چئي ٿي ڏي.
سپنا سر جيا تار وهي ۾،
ڦوٽهڙو پيو جوڀن وهي ۾.
نار نويلي نينهن نڪورو،
ڪيئن لڪائيندي وستي ۾.
هن وشال ڪائنات جي سرجڻ جو ڪارڻ ۽ ڪارج ۽ اُنجو آدرش ڀلا سرجڻهار کان ڪيئن ڳجهو ٿي سگهي ٿو؟ مريم هن غزل ۾ سنسار جي رچنا جي راز کي سڀن جي اڳيان عيان ڪري ٿي.،
جيون جڪڙيو جوڀن جنتر،
من منڊي ويو اک جو منتر،
تنهنجي نيڻن ۾ ٿي جهومي،
مستي ۾ مڌماتي منڇر.
مريم کي درد جي شاعره چئجي ته ٺيڪ ٿيندو. اُهو درد جيڪو ازل کان هن ڌرتي جي سيني تي ڦهليل آهي. اُهو درد جيڪو هڪ سرجڻهار جو درد آهي، جيڪو هو سندرتا کي سرجيندي ڀوڳي ٿو.
هن ماڻهو گهاتڪ سماج ۾ جڏهن ماڻهن جي جذبن ۽ آدرشن سان زناڪاري ۽ ويساهه گهاتي ڪئي وڃي، ته مريم ڪٿي ٿي ماٺ ڪري ويهي ۽ خصوصن عورت هئڻ ناتي، ڇاڪاڻ جو عورت کان مٿي انسان سان ٿيندڙ انياءُ ۽ ڌرتي جي دک کي ڪير بهتر سمجهي ئي نٿو سگهي. انهي ڪري جو عورت کان مٿي ڪير درد سهي ئي ڪو نه ٿو. شايد اهو ئي سبب آهي جو ديومالائي قصن ۾ عورت کي مقدس ڌرتي ماءُ جو درجو ڏنو ويو آهي، جيڪا هن پوري سنسار جو بوجهه کڻي ٿي. اُن عورت جي مهانتا جيڪا هن ڪائنات جي عظمت پڻ آهي، اُن کي مريم جي شاعري ۾ اجهو هيئن پسي سگهجي ٿو.
سندرتا جي سائي هيٺان،
پلجي پيو پرماتم،
اک اک، اَرٿو آ گم.
۽ پوءِ جڏهن اُن سندرتا کي ڪو بازار ۾ نيلام ڪرڻ چاهي ٿو، حوا جي ڌي کي جنهن جي طفيل تخليق جو تسلسل اڳتي وڌندو رهي ٿو، جڏهن اُن جو ڪوئي بند ڪوٽن ۾ گلو گهٽي ٿو، اُن ميران کي جنهن سنسار ۾ سندرتا ۽ مڌرتا جا سُر ڇيڙيا، جڏهن سندس هٿن ۾ ڪوئي زهر ڪٽورو ڏي ٿو، اُن بختاور جنهن ڌرتي جو سينو چيري ساوا ساوا فصل اُپايا، جڏهن ڪوئي اُنجي کري کي آڳ ڏي ٿو، تڏهن، ها تڏهن مريم هونئن جنهنجا لفظ ميڻ کان ڀي نرم ۽ پشم کان ڀي ڪنئورا آهن، ڀڙڇيون ڀالا بنجي پون ٿا. سندس من جو ماٺو سنڌو اُٿلي پوي ٿو ۽ مريم اُنهن گهاتڪن لاءِ، اُنهن رهزن قاتلن لاءِ جنگ ڪندي زهر ٻڏل گيت رچي ٿي.
هي ڪوٽ ڪڙولا ڀور ڪري،
هلي آ ته ڪريون اُپڪار سکي.
مريم هن ڌرتي جي سيني تي صدين کان بيٺل انسان جي عظمت جا داستان ٻڌائيندڙ اڏول ۽ اڻانگن جبلن، هوا جي جهولن تي جهوليندڙ سنگن، انبن، ٻيرن ۽ ميندي جي خوشبوءِ سان رچيل سرهاڻ جي شاعره آهي. مريم جي شاعري ۾ مست سنڌو جي ڌارا کان وٺي سمنڊ جي ڇڙواڳ ڇولين جي رواني موجود آهي. مريم جي شاعري ۾ نيري آڪاش ۾ ٽمڪندڙ تارن جي وچ ۾ جهلمائيندڙ چوڏهين جي چنڊ جيڏي سونهن موجود آهي، جنهن جو ندي ۾ اولڙو ڪنهن ازلي اُڃايل جي پياس اُجهائڻ لاءِ پاڻ کي آڇي ٿو.
جوڀن ڳاڙها ڏينهن،
ارپي ويٺيس توتان،
ساهه ۾ سانڀي نينهن.
مريم جا ڪردار ڌرتي جا جيئرا جاڳندا ڪردار آهن. جيئن ڌرتي سنڍ ٿي نٿي سگهي، تيئن مريم جي شاعري کي وقت ۽ حالتون فنا نٿيون ڪري سگهن.
جتي مريم پيار ۽ پيڙا جي موضوعن تي آفاقي شاعري ڪئي آهي، اُتي مريم جي مزاحمتي شاعري تي ڪنهن حد تائين لفظن جي جادوگري، قافيئي رديف سان نباهه جي شعوري ڪوشش جي سبب مرڪزي خيال ۽ اُڏام سان استحصال، ورجاءِ، نعريبازي ۽ سطحي پڻي جو الزام لڳائي سگهجي ٿو، جيئن هن شعر مان ظاهر آهي.
ڏاڍ جو ڏونگر ڏاڍو ڏاڍو، اڄ به اسانجي آهي آڏو،
ساٿي سنڀري ساٿ سان گڏجي، حشمت سان ڪوڪريون پڙاڏو،
هوشو واري هڪ ئي هڪل سان، زوراور ۽ ظلم تڙايون.
پر معاشري ۾ ڪلاڪارا جي پنهنجن ڪردارن سان سفاڪي جي حد تائين جبر هئڻ ڪري، اُن جي فطري ردعمل سبب کيس ڪافي حد تائين ان الزام کان آجو به قرار ڏيئي سگهجي ٿو.
اڄ جڏهن سڀني نظرين جا خالق ۽ وارث بند گهرن ۾ آرامي آهن، اڄ جڏهن سڀ ازم عوام مان ويساهه وڃائي ويهي رهيا آهن، اڄ جڏهن مصلحتون ۽ لالچون سچائي جي آڏو ديوار بنجي بيهه رهيون آهن تڏهن هڪ مريم به آهي، جيڪا هڪ ڪلاڪار کان ٻي ڪلاڪار تائين سچ ۽ سونهن جو تسلسل آهي، لکي رهي آهي، ظلم جي خلاف، جبر جي خلاف، سونهن جي مهانتا لاءِ، سچ جي سڦلتا لاءِ ۽ ايستائين لکندي رهندي جيستائين سندس ڪک مان جنميل تان حرامي هئڻ جو غليظ الزام نٿو لهي. ايستائين جيستائين سندس ڪردارن کي مان نٿو ملي. ايستائين جيستائين سروم دکم دکم (حوالو مريم مجيدي جي شاعري جو مجموعو “سروم دکم دکم”) سنسار، سکم سکم سنسار ۾ نٿو اوتجي. ايستائين جيستائين سونهن ۽ سچ جي ديوي هن سنسار کي پنهنجي گود ۾ نٿي سمائي. ايستائين جيستائين سندس شاعري جون هي سٽون ساڀيان نٿيون ماڻين.
محبت ۾ ميلا ڪچهريون رهاڻيون،
محبت سان واسيل، سڄو جڳ سرهاڻيون.

1- 28 اپريل 1994ع تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ميرپور بٺورو طرفان مريم مجيدي سان ملهايل شام جي موقعي تي پڙهيل.
2- 6 جون 1994ع جي رسالي برسات ڪراچي ۾ ڇپيل
3- عبرت مئگزين جلد 16 شمارو 10 تاريخ 15 مئي 1997 ۾ ڇپيل.