ڪالم / مضمون

ڌرتيءَ جا چنڊ

خاڪن ۽ تاثر نما تحقيقي مضمونن/ مقالن جو ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ڀون سنڌيءَ جو لکيل آھي. ڀون سنڌي لکي ٿو؛
”هي ڪتاب ڌرتي جا چنڊ سنڌ جي مختلف علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي شخصيتن بابت آهي، جن پنهنجي پنهنجي وقت ۾ هن ڌرتي جي وشال ڪينواس تي پنهنجي ڏات ۽ ڏيا ۽ سُرن ۽ ساڃاهه جي پورهئي جا انڊلٺي رنگ ڀري سونهن ۽ سچ جو منظر پي سجايو آهي، جن کي پسي جيڪڏهن پڙهندڙن جون اکيون گهڙي پل لاءِ ئي ٿڌاڻ ۽ روح جي راحت محسوس ڪن ٿيون ته، آئون پنهنجي محنت سجائي سمجهندس.”
  • 4.5/5.0
  • 1745
  • 336
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڀوَن سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڌرتيءَ جا چنڊ

محمد خان مجيدي

[b]تعارف [/b]
سنڌ جو هي ڀلوڙ شاعر محمد خان ولد قيصر خان ذات جو جتوئي، شاعري ۾ استعمال ڪيل تخلص “مجيدي”، مجيدي لفظ مجيد مان نڪتل جيڪو اصل ۾ ترڪي ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي سڳورو، يا برڪت وارو. محمد خان مجيدي پهرين ايم جتوئي تخلص طور ڪتب آڻيندو هو. “مجيدي” تخلص ٺٽي جي دوست شاعر خالدي جي چوڻ تي اختيار ڪيائين. محمد خان مجيدي 5 جنوري 1918ع ۾ ڳوٺ شاد مان جتوئي لڳ جهوڪ شريف تعلقو ميرپوربٺورو ضلعو سجاول ۾ ڄائو. هن جو پيءُ هارپو ڪندو هو. محمد خان مجيدي ننڍي هوندي پنهنجي پيءُ کي مال چارڻ ۾ هٿ ونڊائيندو هو. 1925ع ڌاري هن کي پرائمري اسڪول جهوڪ شريف ۾ داخل ڪيو ويو. 1932ع ۾ هن ورنيڪيولر فائنل (سنڌي فائنل) جو امتحان پاس ڪيو ۽ اُن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. هن کي پڙهائيندڙن ۾ اُن وقت جا ناميارا اُستاد احمد انور پليجو راهوٺ وارو، آدم عمراڻي راهوٺ وارو، آسومل ڪڇي سجاول وارو ۽ سائين بگي مل ميگهراج لوهاڻو شامل هئا. محمد خان مجيدي امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ ڪجهه عرصو جهرڪن ۾ ڍڪ منشي جي نوڪر ڪئي ۽ 1934ع ۾ پرائمري اسڪول راهوٺ کان نائب ماستر طور نوڪري جي شروعات ڪئي. هن پهريون شعر 1937ع ۾ لکيو جيڪو اُن وقت جي سياسي ۽ سماجي مسئلن کي اجاگر ڪندڙ مشهور اخبار الوحيد ۾ 1938ع ۾ ڇپيو، جنهن جي شروعات ڪجهه هن طرح جي هئي.
ويس وڳا سڀ فيشن وارا،
کاڌو ڪپڙو پيٽ کپي.
محمد خان مجيدي پرائمري اُستادن جي ٽريننگ جو ٽن سالن جو پي ٽي سي ڪورس ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد مان پاس ڪيو. محمد خان پنهنجي سموري نوڪري جي دوران ايمانداري سان ڊيوٽي ڪرڻ سان گڏوگڏ، جونيئر اُستاد هئڻ جي باوجود به شاگردن کي ورنيڪيولر فائنل (سنڌي فائنل) جي تياري ڪرائيندو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪافي شاگردن امتحان پاس ڪيو ۽ نتيجن اُن وقت جي ٺٽي ضلعي (جنهن ۾ سجاول ضلعو به شامل هو ) ۾ مقامي اُستادن جي کوٽ جو پورائو ٿيڻ لڳو. محمد خان بحيثيت پرائمري اُستاد ماڃر مان وهي نڪرندڙ سنڌو درياهه جي ٻنهي ڪنڌين طرف واقع پرائمري اسڪولن ۾ نوڪري ڪئي. هو ڪجهه وقت بطور هيڊماستر گهوڙاٻاري، ٺٽي ۽ سجاول ۾ به رهيو. محمد خان مجيدي ڪپڙي لٽي ۽ طبيعت جي معاملي ۾ بلڪل سادو مزاج رکندڙ انسان هو. هو عام طور تي سلوار ڪڙتي سان گڏ اجرڪ ۽ ٽوپي پائيندو هو، ۽ سردين ۾ سوئٽر، واسڪوٽي ۽ شال به استعمال ڪندو هو. ڪلهي تي رکيل اڇو پوتارو سندس اصل سڃاڻپ رهي. هن کي علم جي سگهه جي بخوبي ڄاڻ هئي. اهوئي سبب هو، جو هن ڄاتو ٿي ته جيستائين عورت علم جي زيور سان مالامال نه ٿيندي سماج اڳتي نه وڌندو. اهو ئي سوچي هن باهمٿ شخص اُن وقت جي گهٽ ٻوسٽ واري سماج ۾ جتي عورت جو گهر کان ٻاهر نڪرڻ به وڏو عيب ۽ غيرت جو مسئلو سمجهيو ويندو هو، هن پاڻ کان شروعات ڪندي پنهنجين نياڻين کي نه صرف تعليم ڏياري پر هنن کي آزادي ڏني ته هو پاڻ پنهنجي زندگي گذارڻ جي رستي جو تعين ڪن. سنڌ جي سرموڙ شاعره مريم مجيدي (جنهن کي هن گرلز پرائمري اسڪول نه هئڻ ڪري بوائز پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو) سندس ان شعوري محنت جو ڦل آهي، جنهن نه صرف شاعري جي کيتر ۾ پاڻ موکيو آهي، پر هڪ اُستاد جي حيثيت ۾ ماڻهن جي شعور جي آبياري پڻ ڪئي آهي. محمد خان مجيدي جي اولاد ۾ مريم مجيدي کان علاوه ٻي نياڻي آپا حنيفه مجيدي هئي، جيڪا پڻ تعليم جي مقدس پيشي ۽ سماجي ڪمن سان واڳيل هئي ۽ 7 اپريل 2003 ۾ وفات ڪئي. پٽيلي اولاد ۾ سهيل مجيدي آهي جيڪو صحت کاتي ۾ ڊاڪٽر آهي. محمد خان مجيدي جي جتي هڪ سڃاڻپ ڀلوڙ اُستاد جي حيثيت ۾ آهي. اُتي سندس ٻي سڃاڻپ هڪ قومي شاعر ۽ ڪارڪن جي به آهي. اهو ئي سبب هو جو، هو قوم پرست فڪر سان لاڳاپي سبب ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومتي دور ۾ عتاب هيٺ رهيو. هن کي ڪيترائي ڀيرا سسپينڊ ڪيو ويو ۽ سزا طور مٺي به بدلي ڪيو ويو. اُن وقت مٺي (ٿر) وڃڻ لاءِ ڇڪڙن تي وڃڻو پوندو هو، جنهن جي ڍالي ۾ مال ۽ ماڻهن کي گڏ سٿيو ويندو هو ۽ تقريبن پورو ڏينهن سفر ۾ گذري ويندو هو. محمد خان مجيدي جو شروعاتي دور ۾ سياسي لاڙو حيدر بخش جتوئي جي سنڌ هاري تحريڪ سان رهيو پر پوءِ سندس فڪري محور قوم پرستي جو سرواڻ سائين جي ايم سيد رهيو، هو جيستائين حال حيات رهيو، سن جي سائين کان ڀيرو نه ڀڃيائين. محمد خان مجيدي ڀلوڙ شاعر ته هوئي، پر هن جي اسٽيج تي شاعري جي لئه ۾ ادائيگي ماڻهن جون دليون موهي وجهنديون هيون. هي پوڙهو شينهن جڏهن اسٽيج تي اچي پنهنجا طويل نظم، بيت يا گيت پڙهندو هو ته ايئن محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ سمند جون ڇوليون اُڌما کائيندي ۽ گجگوڙ ڪندي ڪنارن ڏانهن وڌي رهيون آهن. اسٽيج چڱن ڀلن جي ڪنن مان دونهان ڪڍيو ڇڏي، پر هي پوڙهو شخص جڏهن پنهنجي لئه تال جي منفرد انداز سان شعر جهونگاريندو هو، ته سارو مجموعو مستي مان جهومي اُٿندو هو. هن جي طويل نظمن پڙهڻ جي باوجود به ماڻهن کي بوريت نه ٿيندي هئي ۽ مجموعي مان مقرر مقرر جي صدا گونجندي هئي. محمد خان مجيدي کي دلبر ڌرتي ۽ قومي سياست سان ايتري محبت هوندي هئي جو کيس رڳو خبر پوي، پوءِ دعوت ملي يا نه ملي، پر هي جهور پوڙهو شخص آڌي مانجهي، ڌرتتي، سفر جا ڪشالا ڪڍي ۽ سور سهي به پهچي ويندو هو. ڪالاباغ ڊيم جو مسئلو هجي يا ڌارين جي آبادڪاري، ووٽرن جون لسٽون سنڌي ۾ ٺهڻ جو مسئلو هجي، يا پورهيتن ۽ قومي مسئلن تي مختلف پارٽين جا پروگرام يا جلسا، هي شخص قومي ڪارڪن هئڻ ناتي بنا ڪنهن سياسي وابستگي يا تفريق جي اچي شريڪ ٿيندو هو ۽ سنڌ جو ڪيس پيش پيش رکندو هو. محمد خان مجيدي جا هن وقت تائين شاعري جا ٻه مجموعا ڇپيل آهن، (1) سنڌڙي ۽ اُن جون قومون 1962 ۽ (2) مٽي منهنجي مٽي آهي 1997. جڏهن ته هن جي اڻ ڇپيل مواد ۾ (1) ملهه مهانگا ماڻهو (شاعري) ۽ (2) ساڍي ست ورهي پوري ٿي (شاعري) شامل آهن. اُن کان علاوه هن نثر ۾ ڪجهه مضمون به لکيا. محمد خان مجيدي کي حال حياتي توڙي وفات کانپوءِ سندس شاعري ۽ سنڌ پرستي تي ڪيترائي سرٽيفڪيٽ ۽ ايوارڊ مليا. هن کي سچل سامي ادبي فورم ٺٽو پاران، بهترين شاعر جو ايوارڊ به ڏنو ويو. 2002ع ۾ ماڻڪ موتي تنظيم پاران سجاول ۾ ساڻس شام ملهائي وئي جنهن ۾ سندس خدمتن جي مڃتا طور کيس پڳ ٻڌائي وئي هئي. هن تقريب ۾ غلام علي الانه، حميد سنڌي، سرويچ سجاولي ۽ ٻيا ناميارا اديب شريڪ ٿيا هئا. سال 2013ع ۾ سنڌ صحافي سنگت پاران کيس سنڌ پرستي ايوارڊ سان نوازيو ويو، جيڪو هن جي پونيئرن وصول ڪيو. سال 2012ع ۾ سندس وفات پڄاڻان پرويز مشرف جي حڪومتي دور ۾ کيس صدارتي ايوارڊ ستاره امتياز لاءِ نامزد ڪيو ويو، پر سندس صالح ۽ غيرت مند اولاد سنڌ ۾ ٻٽي مڪاني نظام خلاف احتجاج طور ايوارڊ نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو. محمد خان مجيدي تاريخ 7 اپريل سال 2003ع ۾ پنهنجو دم دلبر ڌرتي حوالي ڪيو، اڄ به ماڃر جي مٽي ۾ سمايل هن جي مهڪ، ابدي آواز بنجي سنڌ جي ڳلي ڳلي، ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر ۾ گونجي ٿو ۽ ماڻهن کي هن جي سجاڳ ۽ زنده هئن جو احساس ڏياري ٿو.
هو جاڳي پيو هو جاڳي پيو
هو جاڳي جاڳي جاڳي پيو.
***


[b]سنڌو درياهه جو شاعر
[/b]
Peot يوناني لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي خلقيندڙ. يونان جي فلسفي موجب فقط شاعر ۽ ديوتا ئي تخليق ڪري سگهن ٿا. مجيدي جي شاعري پڙهي دعويٰ سان چئي سگهجي ٿو ته هو واقعي سرجڻهار ئي آهي. سندس هي سٽون ئي ڏسو:
مون ساهه ۾ توکي ڏٺو،
ويساهه ۾ توکي ڏٺو،
مون ڄاڻ ۾ توکي ڏٺو،
اهڃاڻ ۾ توکي ڏٺو،
مون پاڻ ۾ توکي ڏٺو.
اياز کان جڏهن پڇيو ويو ته توکي سنڌو درياهه ڪٿي وڌيڪ وڻي ٿو ته وراڻيائين دم دمي وٽ. اياز وٽ اُن جو سبب الاهجي ڪهڙو هو؟ پر مون کي مجيدي جي شاعري ۾ دم دمي وٽ مست سنڌو جون ڇوهه ڀريل ڇوليون سدائين محسوس ٿينديون آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ دم دمي وٽ نه اُها درياهه جي مستي آهي ۽ نه اُهو پاڻي، شايد انهي ڪري ته ڪٿي اسانجي اکين ۾ پاڻي سڪي چڪو آهي؟
وائيس ڊنٽن موجب، “شاعري جذباتي ۽ سريلي زبان ۾ انساني شعور جي حساس ۽ جمالياتي اظهار جو نالو آهي.” مجيدي جي شاعري ۾ اُن جمالياتي اظهار لاءِ جيڪا رواني ۽ گهرائي آهي سا کيس سر موڙ شاعرن جي صف ۾ بيهاري ٿي. مولوي احمد ملاح کان وٺي سرويچ سجاولي تائين هو تجنيس ۽ تشبيهه جو هڪ اهڙو تسلسل آهي جنهن جو ردم ۽ لئه سنڌ جي ڳلين ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ وهندڙ درياهه جيان آهي.
لارڊ بائرن جي خيال ۾ “بغاوت زندگي جو حسين روپ آهي” مجيدي مروجه سماج جي ريتن رسمن کان بغاوت ڪندي اُن وقت ۾ مريم کي پڙهايو، جڏهن سنڌ ۾ عورت جو گهر کان ٻاهر نڪرڻ به گناهه هو ۽ اهو اڄ به ايترو ئي گناهه آهي. سندس شاعري ۾ بغاوت سان گڏ آجپي جو چٽو اهڃاڻ پڻ پسي سگهجي ٿو. اُن آجپي لاءِ هو جيڪي خواب ڏسي ٿو، سي اسانجي تباهه ٿيل زندگي جي تعمير ڪري سگهن ٿا.
سندس شاعري ۾ آئيندي جي روشني جو چٽو تصور موجود آهي.
هو ٿر جا وسندا ٿاڪ مڙيئي،
مينهن جا مانڊاڻ اُٿيا.
هو شاهه ڪپور جي ڌرتي جا سڀ،
آڳاٽا اهڃاڻ اُٿيا.
مجيدي جي شاعري خود محسوس ڪرائيندي ٿي هلي ته ڄڻ توهان ئي اُنجا ڪردار هجو. سنڌ ڌرتي تي ٿيندڙ هر ظلم تي هو دانهي ٿو. جڏهن سج جي گرمي، چنڊ جي ٿڌاڻ ۽ هوا جي تازگي زندگي جو حصو آهي ۽ انسان جو بنيادي حق آهي. جڏهن فطرت اُن تي ٽيڪس نٿي لڳائي ته، انسان کي ڪهڙو حق آهي ته هو ترقي جي نالي ۾ فطرت جي سونهن ۽ نظارن کي تباهه ڪري؟ ڪالاباغ ڊيم هجي يا سنڌ سان ٻي ڪا ويڌن. بس سنڌ جو سڏ ٿئي پوءِ کڻي ڇا به ٿئي، ڪيڏي به تڪليف سهڻي پوي، مجيدي پهچي ئي پهچي، ۽ هي جهور پوڙهو وڏي واڪي رڙ ڪري دانهي ئي دانهي.
ڀڃي ڀوري ڀورا ڀورا،
قهري ڪوٽ ڪڙول ڪريون ڪي.
ٻاٻيهن سان ٻول ڪريون ڪي،
کُنڊي دل سان کاٽ هڻن جي.
تن جا پڌرا پول ڪريون ڪي،
ٻاٻيهن سان ٻول ڪريون ڪي.
مولانا رومي لکي ٿو ته، “اسين بانسري وانگر آهيون ۽ اُن ۾ سڀ سر تنهنجا آهن. اسين جبل وانگر آهيون اُن ۾ پڙاڏو تنهنجي ئي ڪري آهي.” مجيدي جي شاعري ۾ به لفظ سندس ئي آهن پر روح سنڌ جو آهي.
مجيدي جي شاعري تي الزام آهي ته هو ننڍڙن ننڍڙن موضوعن تي شاعري ڪري ٿو ۽ هن ۾ شاعري واري اُڏام يا ائپروچ ناهي! پر مان چوان ٿو ته اُهي اکيون، جيڪي محبت پسي وٺن ٿيون، اُهي دليون جيڪي جانب جي جيءُ ۾ آکيرو اَڏي ويهن ٿيون. تن کي ڪنهن فلسفي جي سند جي ضرورت ناهي، ڇو ته محبت خود پنهنجو فلسفو پاڻ سمجهائي سگهڻ جي طاقت رکندي آهي. رابرٽ برالٽ به ڇا خوب چيو آهي ته، “ننڍڙين شين مان مزو وٺو هڪ ڏينهن توهان کي محسوس ٿيندو ته اُهي وڏيون شيون آهن.”
مون کي اڄ تائين سمجهه ۾ نه آيو آهي ته اسان ڇو مرده پرستي کي اڃان ذهن مان ڪڍي نه سگهيا آهيون؟ يا شايد اسان اهو يقين ڪري ويهي رهيا آهيون ته مجيدي مري چڪو آهي! تڏهن ته اسان اُن جي جنم ڏينهن جي بدران ورسي ملهائي رهيا آهيون. جيئن ڪنهن شاعر چيو آهي،
سانسوں کے سلسلے کو نہ دو زندگی کا نام
جینے کے باوجود بھی کچھ لوگ مرگئے
پر مجيدي ته اُنهن ماڻهن مان نه هو، پوءِ اُنجي ورسي ڇو؟ جنم ڏڻ ڇو نه!؟ مجيدي ته اُنهن ماڻهن مان هو جن لاءِ ڪنهن شاعر چيو آهي،
ہم تو وقت ہیں پل ہیں تیزگام ہیں
بےقرار لمحے ہیں بے تکان صدیاں ہیں
کوئی ساتھ میں اپنے آئے نہ آئے
جو ملے گا رستی میں ہم اسے پکاریں گے
ڪنفيوشس چوي ٿو ته، “جيڪو شخص فطرت وانگر حسين آهي اُهو ڪڏهن به نه مرندو.” مجيدي پنهنجي شاعري جي جوڀن ذريعي سنڌ جي ڳوٺن وڻن واهن وستين ۽ شهرن ۾ سدائين زنده رهيو آهي ۽ زندهه رهندو. تنهن ڪري اچو ته موت کان انڪاري ٿي، جنم ڏڻ ملهائڻ جي روايت وجهون ۽ ايئن ئي سرويچ سجاولي سميت، سنڌ جي سنڌو درياه جيان ڇوليون ماريندڙ شاعرن کي زندگي ۾ ئي جنم ڏڻ جي ڀيٽا ڏيون. ۽ اُنهن کي اُهو مان ۽ مرتبو ڏيون جيڪو هو اسان کان لهڻن ٿا.

محمد خان مجيدي يادگار ادبي اڪيڊمي ۽ سنڌي ادبي سنگت سجاول طرفان 8 اپريل 2004 تي سجاول شهر ۾ ملهايل محمد خان مجيدي جي پهرين ورسي تي پڙهيل
محمد خان مجيدي يادگار ادبي اڪيڊمي سجاول ۽ سنڌي ادبي سنگت سجاول طرفان 18 اپريل 2004ع تي ملهايل پهرين ورسي جي موقعي تي پڙهيل