پيار علي “پريمي”
نالو پيار علي پيءُ جو نالو محمد رمضان ذات خواجه، شاعراڻو نالو (تخلص) “پريمي” پهرين سيپٽمبر 1961ع تي ڳوٺ پهاڙ مري لڳ ٽنڊوباگو شهر ۾ ڄائو. هن پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول پهاڙ مري مان 1972ع ۽ ميٽرڪ مير غلام محمد خان ٽالپر گورنمينٽ هاءِ اسڪول (هاڻي هايئر سيڪنڊري اسڪول) ٽنڊوباگو مان 1977ع ۾ ڪئي. انٽر سال 1982 ۽ B.A سال 1985ع ۾ گورنمينٽ اسلاميه ڪاليج بدين مان ڪئي. هن نوڪري جي شروعات 30 نومبر 1979ع تي بطور ڪلارڪ، ٽائون ڪاميٽي ٽنڊوباگو کان ڪئي. پهرين ڊسمبر 1979ع ۾ لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ ۾ بطور سيڪريٽري (BPS-7) يونين ڪائونسل خليفو قاسم تعلقو ٽنڊوباگو ۾ جوائن ڪيو. هن وقت سندس پوسٽنگ ٽائون ڪاميٽي شهيد فاضل راهو (گولاڙچي) شهر ۾ آهي. پيار علي پريمي کي اولاد ۾ ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون آهن. پيار علي پريمي جي شاعري مختلف رسالن ۾ ڇپجندي رهي آهي ۽ سندس ترتيب ڏنل شاعري جا ٻه مجموعا، باقي رات ڪنڌي تي ۽ “پرين جي کنڊ کي چمبو وڃي” اڻ ڇپيل آهي. پيار علي پريمي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊوباگو جو سرگرم ڪارڪن رهيو آهي ۽ ڪجهه وقت لاءِ اُن جو سيڪريٽري پڻ رهيو آهي.
***
__________
[b]سپنن جي ساڀيان لاءِ
[/b]
سنڌ راڻي جو ديس، جتي ڪڏهن سونهن ۽ سرهاڻ، محبت ۽ مشڪ جو داستان ڦليو ڦوليو. جتي ڪڏهن پيار ونڊيندڙ دلين مايا کي مورکن جو موهه ڄاڻي عشق کي الله ڄاتو. هتي جي ڀُونءَ جتي خليفي نبي بخش پنهنجي سدا حيات شاعري جي ذريعي ابدي پيغام ڏنو ته انسان ازل کان آجو آهي، غلامي سندس مقدر ناهي. اُن ديس ۾ هاڻ ڌوڙ اُڏامي رهي آهي. گهٽيون اونداهيون، رستا ويران، چهرا بي رونق، بدروحن جو واسو آهي ۽ بدبوءِ اُٿي رهي آهي. هي ڌرتي، ٺوٺ ڌرتي جنهن کي سيراب ڪندڙ موج ڀريو مهراڻ ڏينهون ڏينهن سڪندو ٿو وڃي. دور دور تائين بنجر، ٺوٺ ۽ سڪل ڌرتي جنهن کي ڪلر ڪاراٺي ڇڏيو آهي. سندرين جي سينن تي اُرهن جيان جنهن ڌرتي جي سيني تي، سدائين اُڀا فصل هوا جي جهولن تي هندورن جيان لڏندا هئا، اُتي اڄ ٿوهرن، ڪانڍيرن ۽ ڪرڙن جو راڄ آهي. پاتال کان ڌرتي تائين ۽ ڌرتي کان آڪاش تائين آلودگي جي احساس ۽ ڀئو انسان جي آئيندي ۽ آدرش کي نيست و نابود ڪرڻ جو سامان ميسر ڪري ڇڏيو آهي. انسان کي آئيندي جو سک ڏيڻ ۽ ماڻهن جي گهاتڪن کي ڪيفرِ ڪردار تائين پهچائڻ ۽ ڌرتي تي سچ جو راڄ قائم ڪرڻ ۽ امن ۽ آشتي ۽ برابري جو سماج اڏڻ جي دعويٰ ڪندڙ نظريا ۽ اُنجا پيروڪار وائيٽ هائوس ۾ پنهنجو ڪردار ڪيش ڪرائي شيشي جي گهرن ۾ آرامي آهن. تڏهن هن ڌرتي تي شاعر ئي آهن جيڪي شيشي جي گهرن ڏي پٿر اُڇلائيندي نظر اچن ٿا.
جڏهن نظرين ۽ اُنهن جي پيروڪارن مان ماڻهو ويساهه وڃائي ويهه ٿو، تڏهن هو اوندهه ۾ ڌڪجيو وڃي ۽ اهڙو وقت اچي ٿو جو خود ماڻهو جو پنهنجو پاڻ مان ويساهه کڄيو وڃي. تڏهن هو زندگي ۽ پنهنجي آئيندي مان مايوس ٿي، موت جي اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏي ٿو ۽ تڏهن... ۽ تڏهن فطرت مان سگهه وٺندڙ شاعر کيس ڪنهن ڪامڻي جيان پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري موت جي منهن مان ڪڍي کيس زندگي جي کليل آزاد ۽ روشن رستي تي وٺي اچي ٿو. دنيا جا سڀ نظريا ۽ عقيدا وقت حالتن ۽ ماحول جي تبديل ٿيڻ سان پنهنجو وجود وڃائي ويهي رهن ٿا، پر شاعري جيڪا مٽي جي مشڪ سان مهڪيل آهي، جنهن ۾ جهرڻن جي جَر جو جوڀن آهي. جنهن ۾ آڪاش جا انڊلٺي رنگ آهن ۽ جنهن ۾ جاني جو جلوو آهي تنهن کي وقت ۽ حالتن جو تيز طوفان تباهه نٿو ڪري سگهي. اُن جو پرتوو ڪالهه به محسوس ٿيو ٿي ۽ اڄ به من جي آڪاش تي اُن ڪهڪشان جا نقش کڙيل آهن.
اڄ کان ويهارو سال کن اڳي هن سنڌ راڻي جي شهر ۾ فطرت جي سيني ۾ سانڍيل سونهن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڏات ۽ لات جون محفلون ٿينديون هيون. اُهي اوطاقون جتي محبتن جا ميڙاڪا ٿيندا هئا، اڄ اُنهن جا نشان به باقي ڪونهن. پر من جي ڪينواس تي اڄ به اُنهن جا چٽ بنهه واضح ۽ نمايان آهن. ڪوٽڏيجي جي قلعي جي ڪنهن حصي جيان ڏيکاءُ ڏيندڙ چاچا طالب لوهار جي ماڙي يا وري موهن جي دڙي جيان کندر ٿيل خيراج مل جي بنگلي ۾ اچي ڏات ڌڻي گڏ ٿيندا هئا ۽ ڏات جا ڏيئا ٻاريندا هئا. اُن کانپوءِ سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون مير غلام محمد خان ٽالپر هاءِ اسڪول جي نئين هاسٽل جيڪا هاڻ ڊهي ويئي آهي، گرونانڪ لائبريري، جيڪا به هاڻي موجود ناهي ۽ گهڻو تمام گهڻو پوءِ ،گرناري جي مندر ۾ ٿينديون هيون، جن ۾ ادب ۽ اُنجي ڪارج ۽ زندگي تي اُن جي اثر بابت شاعري، ڪهاڻيون، تاثر، مضمون ۽ ادب جون ٻيون صنفون زير بحث اينديون هيون. اُنهن گڏجاڻين جا روح روان چاچا محمد طالب لوهار مرحوم، ڪامريڊ الهڏنو، آنجهاني نٿومل مورواڻي، غلام حيدر بابل، شمس خواجه، ڪنول لهاڻو، بشير سيتائي، راقم الحروف ۽ ٻيا مقامي اديب ۽ ادبي ذوق رکندڙ دوست هوندا هئا.
پيار علي پريمي به اُنهن گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو هو. اها سندس جسماني اوسر جي عمر هئي ۽ گڏوگڏ ذهني اوسر جي پڻ، سندس ذهني اوسر ۾ هنن ميڙاڪن ڪافي حد تائين ڪردار ادا ڪيو. سنڌي ادبي سنگت جي طفيل، ڏسندي ڏسندي سندس شاعري ۾ پختگي اچڻ لڳي. کيس فارم ۾ آڻڻ ۾ جتي ادبي سنگت جو دخل رهيو آهي، اُتي ذاتي طور تي هڪ شاعر بشير سيتائي جيڪو نوڪري سانگي هتي رهندو هو، جي ڪاوشن ۽ محنتن کان به انڪار ڪرڻ ناانصافي ٿيندي. بشير سيتائي (ويجهڙائي ۾ وفات ڪري ويو آهي) جنهن جي اُن وقت جي شاعري ڌرتي جي ٻولي ۽ ماحول کان اوپري ۽ فارسي ادب ماحول ۽ ٻولي کان متاثر هئي. پر بحروزن تي دسترس هئڻ ڪري، هن نه صرف پيار علي پريمي پر مون پارن شاعرن جي شاعري کي فني نقطه نگاهه کان سنوارڻ ۽ سڌارڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو.
پيار علي پريمي پنهنجي شاعري وسيلي پنهنجو مقام ٺاهڻ لاءِ ڀرپور محنت ڪري رهيو آهي. لفظن جي رنگن ۽ برش سان جان جانان کي سرجي رهيو آهي. هن جي تخليق اڃان اڻپوري آهي. مڪمل ۽ پورڻتا (Absotute) جي دعويٰ ته ڪو به ڪري نٿو سگهي. جيڪو پنهنجو پاڻ کي مڪمل سمجهي ٿو اُن مان محنت، جهد ۽ تخليق جو عنصر ختم ٿي وڃي ٿو، ۽ اُن جو مثال هڪ بيٺل پاڻي جي تلاءُ جيان آهي جنهن ۾ وقت سان گڏ بدبوءِ ڀرجي وڃي ٿي . منهنجي نطر ۾ پنهنجو پاڻ کي مڪمل سمجهندڙ دراصل خود خوش فهمي جو شڪار هوندو آهي ۽ اُها خوش فهمي کيس موت ڏانهن گهيلي وڃي ٿي، فطرت جي عميق سمنڊ ۾ جيترا ڀيرا به ٽٻي هڻندئو، هر ڀيري اڻ ڏٺل کي ڏسڻ جي خواهش ڪر کڻي اُٿندي. حسرتن جي اُڃ اُجهامڻي ئي ناهي. اها ازلي اُڃ ئي ڪوي کان قلم کڻائي ٿي ۽ کيس جاني جو جلوو پسائي ٿي.
اُن جاني جي جلوي پسڻ ۽ ماڻهن ڏي موٽائڻ جي سگهه هرڪوي جي پنهنجي آهي. اُهائي سگهه کيس پورڻتا جي سفر ڏي وٺي وڃي ٿي ۽ سندس مقام جو تاريخ ۾ تعين ڪري ٿي.
پيار علي پريمي جي شاعري ۾ لفظن جو ذخيرو تمام گهڻو آهي. وقت سان گڏ جديد ٽيڪنالاجي جي رائج ٿيڻ سان ٻولي جا ڪافي لفظ ۽ محاورا غير ضروري ٿي ويا آهن ۽ استعمال جي سگهه وڃائيندا پيا وڃن ۽ اُنهن جي جاءِ تي نوان لفظ ۽ نوان محاورا جڳهه والاري چڪا آهن. پر پيار علي پريمي کي اهو ڪريڊٽ وڃي ٿو جو سندس شاعري ۾ ٻولي جو امتزاج اهڙي نموني ڪيل آهي جو اُن ۾ نه ته اوپرائپ جو احساس ٿئي ٿو ۽ نه ئي ڊڪشنري جي ضرورت، جيئن سندس هن بيت ۾ آهي.
وڃين ٺاهج نجرو، پنهنجي پرين لڳ،
جوٺو اٿئي جڳ، متان ڀلجين ڀورا.
يا وري هن غزل ۾ ڏسو.
جيون ٿو هر ڪَنڊ،
منڊ نه ڪوئي منڊ.
ڪيئن ٿو ڦيري ماڻهو،
جيون تنهنجو جنڊ.
جتي پيار علي پريمي جي شاعري ۾ لفظن ۽ ٻولي جو ذخيرو جام آهي اُتي ڪٿي ڪٿي شاعر جي ٻولي ۽ محاورا ڇڙواڳ ۽ کلي ڇڏيل هاٿي جيان آهن، جيڪي سندس گهري مشاهدي ۽ تجربي کي چيڀاٽي پرزا پرزا ڪري ڇڏين ٿا ۽ سندس لفظ ۽ ٻولي هڪ نقطي تي مرڪوز نٿا ٿين، ۽ شاعر پنهنجي شاعري ۾ ورهايل لڳي ٿو ۽ جا ڳالهه چوڻ چاهي ٿو سا چئي نٿو سگهي. جيئن سندس هيٺيئن شعر مان ظاهر آهي.
گلن جهڙا گيت، ڳايان وڻ چڙهيو،
جاني تنهنجي جيت، هاري هوت آءُ
يا وري هن شعر ۾ پنهنجن لفظن ۽ ٻولي هٿان پاڻ پنهنجو تخيل وڃائي ويٺو آهي.
يار هرڻي جهڙو،
ڳالهه ڪرڻي جهڙو،
حق بخشاءِ هاءِ،
ڪا نه پرڻي جهڙو.
معاشري مان ملندڙ محروميون ۽ سماج جا ستم، فطري طور تي جان اندر ٿيندڙ جنگ لاءِ تيل جو ڪم ڪن ٿا پر شاعر کي اُنجي اظهار ۾ مستقل مزاجي کان ڪم وٺندي فني حدن جي دائري ۾ رهڻ گهرجي. پر ڪڏهن ڪڏهن شاعر نعري بازي جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ ساڳئي وقت شاعري جي فطري سٽاءُ ۽ وزن ۾ جهول ڪري ويهه ٿو ۽ خصوصن آزاد نظمن ۾ صنف سان انصاف نٿو ڪري. ڪافي هنڌن تي ورجاءِ ۽ مسئلي ۽ موضوع تي سطحي ائپروچ سندس شاعري ۾ قدبت ۽ اُڏام کي روڪي بيهي ٿي. جيئن هيٺيون سٽون مٿيئين دليل کي سگهه بخشين ٿيون.
مان باغي هان مان ڏوهاري،
مان باهه وڏي آٻاري،
تو جيڪا ٻيڙي ٻوڙي آ،
مون ته اُهائي آ تاري.
مان وڙهندو رهندس حق جي خاطر
هي جنگ اڃان به آ جاري.
يا وري-
سج هوندي رات هتي
چوڏهين جا چمڪاٽ
ڪڏهن به
سج هوندي رات نه ٽري
۽ سدائين ڪڇڻ وارن جي لبن تي تالا
هر دل ۾ درد ۽ گهاءُ.
مرڪون ڀي مرڻينگ،
پر آس تي جيئن ٿا.
ته سج تيز روشني سان،
هڪ ڏينهن همت سان
رات ڪاري جي چادر کي
ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏبو
رات ختم ٿي ويندي.
شاعر جو اندر به چنڊ جيان آهي. ڪڏهن سنهڙو ته ڪڏهن ڳچ. هو جلدئي نعري بازي ۽ ورجاءِ کي ڇڏي آفاقي شيون لکڻ شروع ڪري ٿو. جيئن هن نظم ۾ منظرنگاري، رواني ۽ خيال جي گهرائي پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
بهارن کي چئجو منهنجي ديس تان،
ڦوٽهڙن منهن موڙي ڇڏيو.
۽ فضائن کپ کوڙي ڇڏيو.
هير ۾ رت ريٽي جي بوءِ،
زندگي تان ماس موت روڙي ڇڏيو.
بهارن کي چئجو منهنجي ديس تان،
متان ڀيرو ڀڃو!
متان ڀيرو ڀڃو!
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ جي قديم صنف وائي ۾ شاعر کي دسترس حاصل آهي ۽ ڪافي حد تائين اُن جي فني لوازمات ۽ ٽيڪنڪ سان نباهه ڪري ٿو، جيئن هيٺين واين مان ظاهر آهي.
سونهن سڄي سرهاڻ،
الا! آءُ اڻ ڄاڻ.
جنهن لئه لڇيس ايترو.
آءُ اُهوئي پاڻ.
الا! آءُ اڻ ڄاڻ.
جيڏانهن آءُ نهاريان،
لالڻ جي لالاڻ،
الا! آءُ اڻڄاڻ
يا وري
منهن تان لاهي نقاب،
ڪنهن کي روز ڏسين ٿي؟
کڙڪي تي کولين ٿين،
هر هر پنهنجو باب.
ڪنهن کي روز ڏسين ٿي؟
پيار علي پريمي جي شاعري هن ڌرتي تي پلجندڙ انيڪ سڄاڻ شاعرن جو تسلسل آهي، جنهن ۾ ماضي جي محرومين کان وٺي حال جون هيبتون ۽ مستقبل جون مرڪون شامل آهن. هن جي شاعري اُن سنگتراش جي مجسمي جيان آهي، جنهن کي اڃان تراشڻ ۽ اُن ۾ روح ڀرڻ جي ضرورت آهي. هن کي اڃان پنهنجي شاعري کي نوان لاڙا، فني سٽاءُ مطالعي ۽ مشاهدي جا پوشاڪ پهرائي تخيل جو سينگار ڪري سڀني کي موهيندڙ ڪامڻي جو روپ ڏيئي تاريخ جي گيلري ۾ رکڻو آهي، جنهن کي وقت ۽ حالتون ريٽي نه سگهن، جنهن جي سونهن، جوڀن ۽ جلوو موسمن جو محتاج نه هجي، جنهن لاءِ ڪنهن سچ چيو آهي ته:
شاعري جُز است پيغمبري.
1- مارچ 1994ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊوباگو طرفان شاعر پيار علي پريمي سان پهاڙ مري ۾ ملهايل شام ۾ صدارتي خطاب
2- 1 جولاءِ 1994ع جي پندرهن روزه عبرت مئگزين ۾ ڇپيل