مھاڳ
اسان ماڻهن جي سڃاڻپ رشتن سان نه پر حادثن سان هوندي آهي ۽ انهن حادثن جو بنياد اسان جي زندگيءَ جي ٿيڻ کان اڳ ئي پئجي ويندو آهي.
ٽٽل ٻانهن... فليش بيڪ
اصل ۾ حادثو اهو هو ته- ابليس انڪار ڪيو. جتان پاپ ۽ پڃ- گناه ۽ ثواب جي ٻن پڙن ۾ انسان ذات پيسجڻ شروع ٿي. اصل ڪهاڻيون اتان شروع ٿيون ۽ ماڻهون منجهي پيو ۽ منجهيل ماڻهو، جيڪو بيمارين کي به آسماني ٿو سمجهي.
۽
اصل ۾ ڪهاڻيون ته انهن جون آهن جنهن کي معاشري./سماج رجيڪٽ ڪيو، ته ”ان فٽ“ آهيو. ان فٽ ماڻهن ئي فٽنيس پيدا ڪئي.
آئينسٽائن کان اسٽيفن هاڪنگ تائين دوستو فسڪي کان حليم باغي تائين.. اهي سڀ پنهنجي دور جا اهم آهن.”اهم“ جنهن کي چيو ويو هو اصل ۾ غير اهم هئا. وقت هڪ ندي آهي، ندي ۾ پاڻي آهي، پاڻي ساڳيو نه آهي . ائين ڪهاڻي ڪلا به هڪ ندي جيان جيڪا هر وقت بدلبي رهي ٿي ، شڪليون بدلائيندي رهي ٿي.
ڪهاڻي ڪلا جي قافلي ۾ راجن مڱريو به اهم ماڻهو /ڪهاڻيڪار آهي جنهن جا موضوع سنڌي سماج مان ئي آهن ۽ ڪهاڻين جا ڪردار نه صرف ڪميٽيڊ آهن، پر پنهنجي ڪميٽمينٽ تي سر به ڏين ٿا. ته پاڻ سان ٿيل ويساهه گهاتين کي به وائکو ڪن ٿا.
حقيقت ۾ ڪهاڻيون ۽ ڪلا ڌرتيءَ سان ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن جي مسئلن سان لاڳاپيل هونديون آهن ۽ ڌرتيءَ سان سلهاڙيل ادب جي عمر به وڏي هوندي آهي . ڌرتيءَ جا ڏک ڌرتيءَ جي ماڻهن جا ڏک. مسئلا جڏهن ڪهاڻين ۾ اچن، ته اها ڪهاڻي پنهنجي جوهر ۾ سچائي کڻي ايندي. وهمن وسوسن ۽ اجاين رسمن جي خلاف راجن مڱرئي پنهنجي اڪثر ڪهاڻين ۾ اظهاريو آهي، خاص ڪري بگن فقير جي آخري آرام گاهه جيڪا هن ڪتاب ۾ پڙهڻ جهڙي ڪهاڻي آهي .
”رت لڪير ۽ سنڌوءَ جي سير“ ڪهاڻي هڪ اهڙي ڪردار تي آهي، جيڪو ڪنهن سياسي پارٽي جو ڪارڪن آهي، پر ان کي ائين لڳو، ته هو ڪارڪن ڄڻ استعمال ٿو ٿئي، رڳو پنهنجي ليڊر جي هٿان نه ڪي نظريي هٿان .
اهڙي به سنڌ آهي جنهن جو جڏهن ڇيد ڪبو، ته سنڌ جي ماڻهوءَ ،سنڌ جي سياسي ڪارڪن سان، شاگرد سان سدائين ويساهه گهاتي ٿي آهي .اها ڀل ته سياسي ليڊرن ڪئي هجي، اديبن طرفان هجي پر پوءِ به سنڌي قوم سدائين سڏ تي سڏ ڏنو آهي. ڀل ته شاگرد سياست هجي، ٻٽو نظام هجي اهڙي پس منظر ۾ راجن مڱرئي هڪ ٻي به خوبصورت ڪهاڻي لکي آهي. ”هئا اڳئي گڏ“ ۾ به اهڙي ئي هڪ انقلابي جي وارتا آهي .
حقيقت ۾ سنڌ ملڪ جي تاريخ ۽ جاگرافي اهڙي ته خوبصورت آهي جهڙي رڳو سوچي سگهجي ٿي. سنڌ جي سينڌ سنڌو دريا هجي، سمند هجي، پهاڙ هجن، ٻيلا هجن، ڍنڍون هجن، معدنيات هجي، اهڙي خوبصورت سنڌ ڄڻ ڌرتي جي منڊيءَ ۾ ٽڪ آ.
اهڙي سنڌ جهڙي اروڙ کان ڪراچي تائين ڏند ڪٿائون، قلعا ، تهذيبون پٿر جي دور کان هاڻوڪي دور جي تاريخ تائين مختلف موسمون ۽ اناج جيڪو مذهب جي نالي ۽ ٻين ٺڳين جي ذريعي تباهه ڪئي ٿي وڃي، راجن مڱرئي اهڙي ئي وارتا تي ڪهاڻي ”هڪ خواب جي وشالتا “ ۾ اظهاري ڇڏيو .
وتايو فقير سنڌي سماج جو هڪ ايماندار ڪردار آهي، ان جا گفتا نصيحت ڀريا ڀل هجن، پر اهي گفتا به مڪمل ڪهاڻيون آهن. اهڙيون جهڙيون يونان ۾ ايسپ لکيون، اهڙي ئي هڪ ذهين ڪردار تي راجن مڱرئي اڌ وتايو ڪهاڻي لکي آهي، جيڪا هڪ بهترين ڪهاڻي آهي.
راجن مڱرئي جي ڪهاڻين کي ڏسبو ته اهي هڪ پختي ڪهاڻيڪار جون ڪهاڻيون آهن . جيئن هڪ پيراگراف کي پڙهو/ ڏسو .
”مونکي ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو، آخر مونسان ڇا ٿي رهيو آهي. هوءَ ايندي ته خوابن ۾ هئي پر حقيقتن جهڙا اثر وجود ۾ ڇڏي هلي ويندي هئي. شروع جي ڪجهه مهينن تائين، ته من ئي من ۾ خوشگوار لمحن مان پيو گذرندو هئس، پر پوءِ خبر پيم ته نه.! ڏينهون ڏينهن ڪنهن اهڙي پٿر جيئان پيو ڳرندو وڃان، جنهن تي ڪنهن اوچي جبل جي چوٽيءَ تان آبشار ڪرندو آهي. چرس سان ڀريل سگريٽ جي ڪش جيئان ڀرڻ لڳو هئس.بس سال به نه گذريو هو جو هوءَ اچانڪ مري وئي. هوءَ ڇو مئي ان جي موت جو ڪارڻ ڪهڙو هو، سڀني کي خبر هئي پر جيڪو ڪجهه مون ٿي ڄاتو ان جي ڪنهنکي به خبر نه هئي.“
”اجنبي پکي“ نفسياتي مسئلي تي هڪ خوبصورت ڪهاڻي آهي. هونئن به راجن مڱرئي جي ڪهاڻين جا ڪردار ذهن ۽ ضمير ڏانهن جوابدار آهن ، ضمير جيڪو هڪ پاڇي جيان ماڻهوءَ سان رهي ٿو، اهڙي ئي هن ڪهاڻي ۾ اظهاريو آهي.
”پر پاڇولي وارو ڪارڻ کيس آخري ڪارڻ ٿو لڳي، ان کي اهو يقين پختو ٿي بيهي رهيو آهي ته، پاڇولو ان سان اٿندو ۽ ان سان گڏ ويهندو آهي. هو ننڊ ۾ هوندو آهي ته کيس ڳوليندو آهي، هن جي ننڊ اصل ۾ پاڇولي جي ننڊ آهي ۽ هن جي جاڳ پاڇولي جي جاڳ آهي، ۽ اصل ڪارڻ سمجهڻ کان پوءِ هو ان راز کي ڪجهه وقت لاءِ ڏاڍو خراب سمجهندو رهيو، پر جلد ئي هن اهو سمجهي ورتو ته، پاڇولي جي خوشي ئي اصل ۾ سندس خوشي آهي. ان ڪري کيس هر وقت ان کي خوش رکڻ گهرجي، ۽ اهڙو ڪجهه نه ڪرڻ گهرجي، جنهن سان سندس پاڇولو اداس نظر اچڻ لڳي. بظاهر ته هو اهو سوچي مطمعن ٿي ويو آهي، پر هن کي اها خبر ئي ناهي ته هن جي اداسيءَ جو ڪارڻ ته اڃا ٻيو ڪجهه آهي، اهو ڪجهه جنهن کي سمجهڻ لاءِ صدين جا سفر ڪرڻا هوندا آهن......!!“
راجن مڱريو اڄ ڪلهه جي ڪهاڻيڪارن ۾ هڪ منفرد ۽ ڌرتيءَ جي جيئرن جاڳندڙ ڪردارن جو ڪهاڻيڪار آهي.
اخلاق انصاري
لاڙڪاڻو