وئي وري وڻڪار
ادي منهنجو ڇلڙو ، ڪري پيو کوهه ۾ ڙي، کوهه جي نار ۾ ڙي، نار جي نيسر ۾ ڙي، لوٽن مان ٿي وريو، ڙي ڀيڻ منهنجو ڇلڙو پاڻيءَ ۾، ڙي جيڏل منهنجو ڇلڙو پاڻيءَ ۾.
لوڪ گيت ۽ تاڙين جي ميلاپ جي گونج، سموري عاليشان هال ۾ ڄڻ هڪڙو سماع برپا ڪري ڇڏيو هو. پنجن پنجن ميمبرن جون چار ٽيمون جڏهن هڪ ئي وقت تاڙين جي رڌم تي اهڙو سريلو لوڪ گيت ڳائين ته پوءِ هال ۾ سماع وارو ماحول ته ضرور جڙندو.
ٽيمون ٽرينر طرفان مليل ڊائريڪشن مطابق پنهنجي پنهنجي ڪم ۽ تال ميل ۾ بهتري آڻڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هيون. ٽرينرجي، هر ٽيم جي، هر ميمبر جي، هر هڪ موومينٽ تي نظر هئي.
اصل ۾ ميل ۽ فيميل ميمبرس وچ ۾ ڄڻ ڪا سنهڙي لڪير آيل هئي،. ميل ميمبر جيڪڏهن بي تڪلف ٿي پنهنجي پوري پرفارمنس ڏيڻ جي ڪوشش پيو ڪري ته فيميل ميمبر کي اهڙي بي تڪلفي سٺي نه پئي لڳي ۽ هو ان جو نوٽس وٺندي پري هٽي پئي وئي. اصل ۾ دائري ۾ گهمڻو به هيو، رقص به ڪرڻو هيو ته گڏوگڏ تاڙين جي ردم تي ڳائڻو به هيو. اهڙي ماحول کي برقرار رکڻ لاءِ ميل ۽ فيميل ميمبر وچ ۾ هڪٻئي کان لاتعلقيءَ جي ڪابه گنجائش نه هئي.
ٽرينر کي ڏاڍو جلدي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي هن هڪ دم ان ريهرسل کي روڪي ڇڏيو ۽ چوڻ لڳو، “هڪڙو منٽ.. هڪڙو منٽ... هن وقت پاڻ هڪڙي ايڪسرسائز ڪنداسين، ان کان پوءِ ئي ڊرامي جي ريهرسل جاري رکنداسين........”
سڀ پنهنجي پنهنجي جاين تي بيهي رهن ٿا ۽ پوءِ ٽرينر جي اڳئي حڪم تحت هو سڀ قطار ٺاهي هڪ ٻئي جي پويان بيهي رهن ٿا.
“ٺيڪ آهي ته ايڪسرسائز هي آهي ته توهان جتي بيٺا آهيو اها توهان جي آفيس آهي ۽ توهان جي لفٽ تي توهان جي ساهرن جو گهر آهي ۽ جڏهن ته توهان جي رائٽ توهان جي مائٽن جو گهر آهي. آئون توهان کي جنهن طرف جو چوندس توهان کي اوڏانهن ڊوڙي ان جاءِ تي پهچڻو آهي ۽ جيڪو دير ڪندو يا غلط پاسي ويندو آئوٽ ٿي ويندو.
ٽرينر ان راند ۾ پاڻ اگر آواز ڏي ساهرن جي گهر جو ته پاڻ وري ڊوڙ پائي مائٽن واري گهر ڏي ائين ڊوڙ ڊوڙان ۾ خوب مزو وٺڻ کان پوءِ سڀني جو تڪلف ختم ٿي ويو.
ان کان پوءِ ٻن ڏينهن جي مسلسل ريهرسل ۾ سموري اسڪرپٽ کي ڪور ڪيو ويو. انهي ٻن ڏينهن جي سفر ۾ سڀني جون نظرون رابعه ۾ رهيون ڇو ته هوءَ سڀني ۾ شرميلي، گهٽ ۽ آهستي ڳالهائڻ واري ڇوڪري هئي. سڀني کي حيرت هئي ته هوءَ هن اهڙي ٽريننگ ۾ ڪيئن آئي آهي! ڇو ته ٽريننگ کان پوءِ ڳوٺن ۾ پروجيڪٽ تحت اهو ڊرامو پلي به ڪرڻوهو. ٻي ڏينهن جي آخري سيشن ۾ ته هن ٽرينر طرفان چيل هنن لفظن تي روئي به ڏنو، جنهن ۾ ٽرينر کيس سنجيده ٿي چيو هو ته، “توهان مهرباني ڪري جنهن وقت ڳايو ٿا ان وقت خوش ٿي ڳايو، هي خوشي جو گيت آهي.... ڇا توهان ڪڏهن گهر ۾ خوش ناهيورهيا ڇا!؟”
اهڙي جملي تي رابعه روئي پئي هئي ۽ سندس اکين مان لڙڪ اڪ جي کير جيان ٽمڻ لڳا هئا. سڀني ڇوڪرين گڏجي اچي کيس سهارو ڏنو ۽ سندس اکين جا ڳوڙها اگهيا.
آخري ڏينهن توقع اها هئي ته رابعه نه ايندي.... پر ائين نه ٿيو آخري ڏينهن به هو آئي، ۽ هن ۾ پهرين کان تمام گهڻي تبديلي آيل هئي هن ۾اعتماد اچي ويو هو ۽ کلڻ ڳالهائڻ به لڳي هئي.
آخري ڏينهن جي شام جو هر ٽيم کي پنهنجو پنهنجو ڊرامو پيش ڪرڻو هيو.
رابعه جنهن ٽيم ۾ هئي پهرين ان کي ڊرامو پيش ڪرڻ جو موقعو مليو.
پهرين سين ۾ هنن ڇلڙو ڳائي ويٺلن کان داد وصول ڪيو. ان کان پوءِ ٻئي سين ۾ سندس ماءُ پيءُ رابعه جي شادي جي ڳالهه ڪن ٿا. ٽئين سين ۾ رابعه جي رشيد سان شادي ٿئي ٿي. چوٿين سين ۾ رابعه جو هڪ ٻار پينگهي ۾ هجي ٿو ۽ پاڻ پيٽ سان هجي ٿي ۽ بيمار هجي ٿي، سندس مڙس جيڪو ٻاهران اچي ٿو سو ڇوڪري جي روئڻ جو آواز گهر کان ٻاهر ٻڌي گهر ۾ ڪاوڙجي پهچي ٿو. رابعه جيڪا گهر کي ٻهارو به ڏئي رهي هوندي آهي ۽ ڇوڪريءَ کي لوڏي به رهي هوندي آهي سا، بيمار پئي لڳندي آهي. رشيد رڙ ڪندي چوندو آهي “رابعه ڇا ٿيو آهي ڇوڪريءَ کي هن جو روئڻ ٻاهر گهٽيءَ ۾ پيو ٻڌڻ ۾ اچي.!؟” ڇوڪريءَ جو روئڻ گهٽيءَ کان ٻاهر ٻڌڻ ۾ اچڻ جو مطلب هو ته هنجي بيعزتي ٿي وئي.
رابعه ڏک واري نوع ۾ چوندي آهي، “ آئون ڇا ڪريان هڪڙو ننڍڙو ٻار ٻيو آئون وري اميد سان آهيان ۽ منهنجي طبيعت به ٺيڪ ناهي چڪر پيا اچن. ٻارن کي سنڀاليان گهر جو ڪم ڪيان ڇا ڪيان!”
“ها توکي ته هر وقت چڪر ۽ الٽيون .... تو کي ته احساس ئي ناهي ته، مونکي، هن گهر، ۽ هن ٻارڙي کي تنهنجي توجهه جي ضرورت آهي!”. رشيد وري به ڪاوڙجي ٻاهر هليو ويندو آهي.
آخر ۾ سموري گهر ۾ رابعه جي معاملي تي جهيڙو ٿي پوندو آهي جنهن ۾ سڀ گڏجي رابعه کي ڏوهي قرار ڏيندا آهن. نتيجي ۾ رابعه رڙ ڪري اٿندي آهي ۽ پهرين پنهنجي گهرن وارن سان مخاطب ٿي چوندي آهي ته آئون ڇا ڪريان، ڪيڏانهن وڃان، منهنجو ڪهڙو قصور آهي.... آهي ڪو مون کي نجات ڏيارڻ وارو سڌي راهه ٻڌائڻ وارو.... پوءِ ماڻهن سان مخاطب ٿي ساڳيا جملا ورجائيندي ۽ روئي روئي هيٺ ويهي رهي ٿي.
ايتري ۾ فيسليٽيٽر اسٽيج تي اچي ٿو ۽ اهو چوي ٿو توهان سڀني ڊرامو ڏٺو ۽ ٻڌو هاڻ توهان اهو ٻڌايو ته هن ڊرامي ۾ سڀني کان مظلوم ڪردار ڪهڙو هو ۽ توهان اگر ڪو ڪردار تبديل ڪرڻ چاهيو ٿا ته ڪري سگهو ٿا.
خالد علي اُٿي چوي ٿو،“سر مان رشيد جو ڪردار تبديل ڪرڻ چاهيندس”
“ٺيڪ آهي، توهان ڪٿان کان رشيد جو ڪردار تبديل ڪندو؟”
“سر مان جڏهن رشيد گھر ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ ڇوڪري روئندي پئي آهي مان اتان کان ڪردار بدلائڻ چاهيان ٿو”.
“ٺيڪ آهي، توهان اچو”
خالد علي اڳتي اچي ٿو، رابعه کي اٿاريو وڃي ٿو پر رابعه ايتري ۾ ڳوڙهن ۾ وهنجي چڪي هوندي آهي، پهرين ته سڀني وري گڏجي رابعه کي پرچايو... ان کان پوءِ وري ايڪٽ اتان کان شروع ٿيو جتان کان خالد علي رشيد جو ڪردار تبديل ڪرڻ پئي چاهيو....رابعه لاءِ ڪجهه دوستن چيو پئي ته هن کي ويهاري ڪردار ڪنهن ٻيءَ ڇوڪريءَ کان ڪرايو، پر ٽرينر ان ڳالهه تي راضي نه ٿيو ۽ وري به رابعه کان ئي رابعه جو ڪردار ڪرايو ويو.
ساڳيو ڇوڪريءَ جو روئڻ، رابعه بيمار، گهر کي ٻهارو ڏيڻ، خالد علي جيڪو هاڻ رشيد جو ڪردار هو سو گهر ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ داخل ٿيندي ئي جيئن ئي ڏسي ٿو ته ڇوڪري روئي پئي ۽ رابعه ٻهارو ڏئي رهي آهي ته هو سڌو وڌي اچي ٻارڙي کي کڻي کيس ريجهائي ٿو. ان کان پوءِ سڌو رابعه وٽ اچي کيس سهارو ڏئي چوي ٿو، “هن وقت توکي آرام جي ضرورت آهي. توکي گهڻو ڪم نه ڪرڻ گهرجي، آئون وڃي اديءَ کي وٺي اچان ٿو، جئين هو گهر جو ڪم ڪار به ڪري ۽ تنهنجي به سار سنڀال ڪري.”
رابعه رشيد جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌي بي ساختا سندس ڪلهي تي مٿو رکي کيس ڀاڪر پائي ٿي ۽ سمورو حال تاڙين سان گونجي وڃي ٿو.
ان کان پوءِ هر پارٽي ساڳيو ڊرامو پيش ڪري ٿي.
ڏينهن جي پڄاڻي کان ڪجهه وقت اڳ۾ ٽرينر چوڻ لڳو، “اوڪي پاڻ هڪڙي ننڍڙي ايڪسرسائيز ڪرڻ هلون ٿا. جنهن لاءِ توهان جي ڀرپور ساٿ جي ضرورت آهي”
“اوڪي سر اسان ريڊي آهيون سموري ٽيم جو گڏيل جواب اچي ٿو”
“ٺيڪ آهي ته پوءِ توهان گول دائرو ٺاهي ويهو”
سڀ ڇوڪرا ڇوڪريون گول دائرو ٺاهي ويهن ٿا.
“اوڪي هاڻ سڀني جون اکيون بند هونديون.”
آرڊر کي اوبي ڪندي اکيون بند ٿي وڃن ٿيون اهڙي خاموشي جو فائدو وٺندي ساهن جون سرهاڻون پاڻ ۾ سرگوشيون ڪرڻ لڳيون. پر هر سوچ ۾ اڳتي ڇا هجڻ وارو فڪر تڙپي رهيو هو.
هوريان هوريان ميوزڪ آن ٿئي ٿو.
اي سي هال جي ٿڌاڻ ۾ ٿڌڪار اڃان به وڌي وئي... ميوزڪ سان گڏ ٽرينر جو آواز هڪ آفاقي الهام وانگي ڏاڍي نرم لهجي سان ڊائريڪشن ڏيندي چوي ٿو. “تصور ڪريو اسان سڀني کي پکين وانگي رب سائين پر ڏئي ڇڏيا آهن ۽ اسان انهن پرن جي آڌار تي آسمان ڏانهن اڏامڻ لڳا آهيون. هوريان هوريان..... ٻوليون ٻرائيندا، هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيندا، هڪ ٻئي کي ساريندا، سنڀاليندا .... ٻولين جون معنائون ۽ مفهوم سمجهندا سمجهائيندا اُڏامندا پيا وڃون..... ڪڪرن کان به مٿي، اڃان به مٿي.... اُن رب پاڪ ڏي جنهن جو تصور اسان پنهنجي احساسن ۾ رکون ٿا. ٽرينر پنهنجي ڳالهه پوري ڪري اچي پنهنجي جاءِ تي ويهي ٿو ۽ پاڻ به اکيون بند ڪري ڇڏي ٿو. نصرت فتح علي خان جي آواز ۾ حمد گونجي ٿو....
“وهي تو هي جونظام هستي چلا رها هي، وهي خدا هي، وهي خدا هي..... دکائي ڀي جو نه دي نظر ڀي جو آ رها هي وهي خدا هي..........
حمد ديمي آواز ۾ هلندو رهي ٿو...... ٽرينر وري انتهائي نرم لهجي ۾ ڳالهائڻ لڳي ٿو، “ساٿيو هاڻ اسان وري واپس موٽنداسين، ها اسان ڄڻ رب پاڪ جو ديدار ڪري موٽيا آهيون، من ئي من ۾ اسان ان هستيءَ سان مليا آهيون جنهنجي تصور سان ئي هن جهان جو “بيلنس” قائم آهي. ها ان رب پاڪ جو تصور ئي آهي جنهنجي ڪري هن جهان جي هر شي خوبصورت، وڻندڙ ۽ ڪڪش واري آهي! اُها ئي جهڙالي موسم اُهو ئي اُڀ تان واپسيءَ جو سفر، ڪڪرن سان ڪچهريون! پکين جي پرن سان ريسون، هڪ ٻئي کي ساريندا سنڀاليندا اچجو ڪنهن کي نه ڇڏي اچچو، ڪنهن کي نه وسارجو. خالد علي، رابعه، حميد، راهيل،سورٺ،سڄڻ،امينا...!”
ٽرينر واري واري سان سڀني ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا نالا وٺندو پئي ويو. آيتري ۾ حمد جي آخري سٽ به ختم ٿي. ٽرينر چوي ٿو، “هاڻ اسان زمين تي آهيون،زمين جيڪا اسان جي ماءُ آهي، اسان لاءِ ممتا جو احساس آهي.اسان جي پالڻهار به آهي،هاڻ هوريان هوريان پنهنجون اکيون کولينداسين” .
سڀ اکيون هڪ ئي پل ۾ کلن ٿيون. ڪجهه لمحن تائين ته سڀئي ڄڻ ته ڪن خمارن ۾ رهيا!
“ساٿيو هاڻ توهان واري واري سان پنهنجي هن اڄوڪي سفر جي “انر فيلنگ” اندر جا احساس شيئر ڪندوء توهان کي ڇا محسوس ٿيو، توهان ڪهڙن احساسن مان گذروء.... خالد علي پهرين توهان کان ٿا شروع ڪيون!”
“سر خدا کي “اميجن” ڪرڻ ڏاڍو مشڪل هجي ٿو، پر اڄ مونکي اهو احساس ضرور ٿيو آهي ته مسلسل رياضت ۽ رب سان ڪانٽيڪٽ قائم ڪرڻ کان پوءِ اهو ممڪن به آهي، سر سچ پڇو ته اڄ مونکي ڄڻ ڪهڙو رستو ملي ويو آهي... اهڙو رستو جنهن ۾ منزل ڀلي کڻي نه به ملي پر سفر ڏاڍو وڻندڙ، خوبصورت ۽ من کي لڀائيندڙ آهي، بس سر آئون ايترو ئي چوندس...”
سڀ تاڙيون وڄائين ٿا....
“رابعه!” ٽينر رابعه سان مخاطب ٿي ٿو... جيڪا اڃان تائين منن ۾ منهن هڻيو ويٺي هئي! “رابعه! هاڻ توهان جو وارو آهي، پليز هاڻ توهان ڪجهه ڳالهايو...”
“رابعه !؟” خالد علي سڏ ڪيس، جيڪو سندس ڀر ۾ ويٺو هو...پر ڪو به جواب نه مليس... هوءَ اڄان به منن ۾ منهن هنيو ويٺي هئي... ٽينر جي دل جو دڙڪو ٿورو تيز ٿي ويو، هو تڪڙيون وکون ڀري رابعه ڏي آيو،“رابعه....! رابعه....!” ڪو به جواب نه!
“رابعه!” ٽينر رابعه جي ٻنهي ڪلهن کان جهلي دونڌاڙيو...
پر هوءَ نه اُٿي! هوءَ ته وڻڪار واري ديس جو صدين کان انتظار ڪري رهي هئي سو اتي پهچي وري واپس ڪيئن وري ها!