اهو اجنبي پکي.
مونکي ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو آخر مونسان ڇا ٿي رهيو آهي . هوءَ ايندي ته خوابن ۾ هئي پر حقيقتن جهڙا اثر وجود ۾ ڇڏي هلي ويندي هئي. شروع جي ڪجهه مهينن تائين ته من ئي من ۾ خوش گوار لمحن مان پيو گذرندو هئس. پر پوءِ خبر پيم، ته، نه، ڏينهون ڏينهن ڪنهن اهڙي پٿر جيئان ڳرندو پيو وڃان جنهن تي ڪنهن اونچي جبل جي چوٽيءَ تان ڪا آبشار ڪرندي آهي.... چرس سان ڀريل سگريٽ جي ڪش جيئان اهو سڀ ڪجهه وڻندڙ هوندو هو... پر ڪاٺيءَ کي لڳل اڏوهي جيئان ڀرڻ لڳو هئس. بس سال به نه گذيو هو جو هوءَ اچانڪ مري وئي. هوءَ ڇو مئي ان جي موت جو ڪارڻ ڪهڙو هو سڀني کي خبر هئي، پر جيڪو ڪجهه مون ٿي ڄاتو ان جي ڪنهن کي به خبر نه هئي.
هن شاديءَ جو اظهارمونسان ٿيل ان رات جي ملاقات کان پوءِ ڪيو هو. ان رات اسان لذتن جي انهن سڀني رستن تي گهمندي گهمندي اڃان ٿڪا ئي نه هئاسين ته هن پکيءَ جو ذڪر ڪيو هو. هن جي ڳالهين مان لڳو پئي ته هوءَ پکيءَ جي پيار ۾ مبتلا آهي يا اهو پکي هن جي چاهت ۾ چريو آهي. هن جي هر ڳالهه ۾ سئو حيرانيون ۽ اکين ۾ ان پکيءَ لاءِ هڪ اهڙو اتساه هو جهڙو اتساه مون زندگيءَ ۾ ڪنهن انسان جو ڪنهن انسان لاءِ به نه ڏٺو هو. مونکي ته ايئن لڳو هو هوءَ مون منجهه به ان پکيءَ کي ئي ڳولهي رهي آهي، يا ڳولهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. مون ان جي اهڙي ڪيفت ڏسي هن سان گڏ هوندي پاڻ کي هن کان ڏور ۽ غير محفوظ سمجهيو هو. هن جي ڳالهين ۽ چهري جي تاثرن مان چريائپ ظاهر ٿي رهي هئي هڪ اهڙي چرائپ جنهنجو پيرو لڀڻ مشڪل هو. هن جي ڳالهين جا ڳجهه لهڻ ته ڇا رڳو سوچڻ سان مٿو چڪرائجي ويندو هو.ان ڪري ئي شايد ان ڪري ئي منهنجا سڀ جذبا پاڻ مرادو ئي مري ويا هئا. آئون ڄڻ بي جان جسم بنجي ويو هئس. جذبن کي موٽائڻ جي ڪوشش ۾ اندر جي وحشتن کي دعوت به ڏنم پر ڪجهه به نه وريو. بس اهو ئي لمحو هو جو منهنجي دل، آئيندا زندگيءَ ۾ هن سان گڏ گذارڻ کان انڪاري ٿي وئي. بس ان ئي لمحي ها ان ئي لمحي ٻاهر پکيءَ اچي ٻوليو هو، اهو پکي، ان جي ٻولي، مون لاءِ اجنبي هئا. هوءَ ان پکيءَ لاءِ ڊوڙي ڪمري مان ٻاهر نڪتي هئي، هن پنهنجي جسم تي ڪو ڪپڙو به نه پاتو هو. هر طرف گپ اُنداهه ڇانيل هئي. پکي اسان جي مٿان لامارا ڏيڻ لڳو، ڪڏهن اُتر کان ڏکڻ ٿي هليو ويو ته ڪڏهن ڏکڻ کان اُتر ٿي هليو ويو. پکي جا پر مرمري بلبن جيان ٻري رهيا هئا. ٻوليائين ٿي ته ڄڻ وات ۾ جگنو ٿي چمڪي ويس. آئون حيرانيءَ مان پکيءَ کي ڏسي رهيو هئس.
اوچتو پکيءَ اهڙو ته لامارو ڏنو جو اسان ٻنهي کي ڄڻ پرن سان ڇهي گذري هليو ويو. هن جي پرن جي خوشبوءِ ۾ اهڙو ته ڪو اثر هو جو اسان تي مدهوشي ڇائنجي وئي. عاشي رڙ ڪري مونکي چنبڙي وئي ۽ منهنجن ٻانهن ۾ ئي بيهوش ٿي وئي.
گهڻي دير کان پوءِ مس مس هوش آيس...
آئون هن کي پوئين رات سندس گهر ڇڏي آيس.
ٻئي ڏينهن شام جو هوءَ مونکي انب جي وڻ هيٺيان ملي هئي.
”ظفر مونسان شادي ڪندي نه.......... تون....؟“ هن اهڙي ته رکائيءَ سان چيو جو ايئن لڳو ڄڻ منهنجي زندگيءَ جا سڀ حق ۽ واسطا هن وٽ محفوظ ٿي ويا هجن......!
”نه...نه ..... قطع نه ..........آئون توسان شادي...... ڪونه ڪندس..........!“ مون کيس پنهنجي ان فيصلي کان آگاه ڪيو جيڪو در اصل آئون اڳ ۾ ئي ڪري چڪو هئس .... منهنجي اهڙي جواب تي هن جون اکيون ڳاڙهيون رت ٿي ويون ايئن لڳو اجها ٿي ماري. هوءَ پنهنجي پر ۾ مونکي ڄڻ ماري چڪي هئي....
هوءَ حقيقت ۾ ته قتل ڪري نه سگهي پر هن آهستي آهستي مارڻ وارو رستو ڳولهي ورتو هو... هوءَ پاڻ کي به حصن ۾ ورهائي ماريندي رهي هئي. ....يا الائي ته، جيئري ئي مري وئي هئي. ٻه ٻه ڏينهن ماني نه کائيندي هئي، راتين جون راتيون ننڊ نه ڪندي هئي....... نه ڪنهن سان ملندي هئي نه ڳالهائيندي هئي. ڀت شادي ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنو هئائين. مونکي ته ايئن لڳندو هو ڄڻ مومل ڏاگهه چڙهي، راڻي کي سڏي رهي هجي. مون کيس اهڙي ڏاگهه تان لهي اچڻ لاءِ گهڻيون منٿون ڪيون پر هوءَ نه مڙي!.
اهو چوٿون ڏينهن هو جو هن ماني نه کاڌي هئي،. سندس ماءُ ڪنهن بهاني سان اسان جي گهر آئي ۽ مونکي اشاري ۾ سندن گهر اچڻ لاءِ چئي هلي وئي. آئون سندن گهر ويو هئس. هن جي ماءُ منهنجي لاءِ چانهن ٺاهڻ هلي وئي ته مون ڏانهن ايئن گهوريائين جيئن ڪنهنکي اکين ۾ رت لهي ايندو آهي!.
هوءَ کٽ تي بيحال پئي هئي.... چيومانس، ”هي سڀ ڇاهي عاشي!!!!؟؟؟“ هن اکيون کڻي مون ڏي نهاريو ۽ وري اکيون بند ڪري ڇڏيائين....!
اکيون ڇا بند ڪيائين ڄڻ آئون سندس در تي آيو هجان، هن در کولي مونکي ڏٺو هجي ۽ پوءِ ڄاڻي واڻي در بند ڪري ڇڏيو هجيس!.
”آئون توهان سان آهيان! سائين!“ مون لفظن ۾ احترامن جا سڀ احساس اوتيندي چيس.... پوءِ سندس ڀر ۾ ويهي رهيس... هن ڪجهه به ڪونه ڳالهايو، کٽ تان اٿڻ لڳي پر مون ڪلهن کان جهلي ورتس.............
”ڪو فائدو ناهي ظفر..... مون پنهنجي منزل پنهنجو رستو ڳولهي ورتو آهي، جنهن ۾ تون منهنجو همسفر ٿي نه ٿو سگهين آئون اڪيلي ئي پنهنجي منزل تي پهچنديس.“
”آئون اڪيلو ڇا ڪندس،هتي، توکانسواءِ!!؟؟“ مون ڳل تي ٿڦڪي ڏيندي چيس، ”ڇو ٿي تنگ ڪرين مونکي؟ ڇو ٿي ائين ڪرين ......................... جئين...........“ آئون خاموش ٿي ويس.
”جئين....... ڇا؟“ هن ڀڙڪو کاڌو.
”اِها توکي خبر هوندي؟ اچين به تون ٿي منهنجي خوابن ۾، اهو سڀ ڪجهه تون ئي ته ڪرين ٿي، آئون ته بس بيوس هوندو آهيان ڄڻ مئل جسم، جيڪا به جان باقي آهي اها به تنهنجي ئي ته وس ۾ آهي. تون ئي ٻڌاءِ اِهو سڀ ڪجهه ڇا آهي؟ هاڻي آئون ٿڪجي پيو آهيان.... نٿو پڄي مونکان اِهو سڀ ڪجهه. ايترو بيوس نه بڻائي مونکي. هاڻي ته مون منجهه ڪو ست ساهه ناهي رهيو!.“ مون هن سان اهي سڀ سوال ڪري ورتا جيڪي آئون هروقت سوچيندو رهندو هئس، خوابن ۾ به ته خيالن ۾ به.....هن کان اهي سوال پڇڻ جي گهڻي ڪوشش ڪندو هئس پر چئي نه سگهندو هئس....پر اڄ گهڻو ڪجهه چئي ويس.........
منهنجون ڳالهيون ٻڌڻ کان پوءِ هن جي مُک تي مرڪ ڇائنجي وئي.
ٿورو پاسو ورائي سڌي ٿي وئي ۽ چوڻ لڳي، “ظفر عورت انتقام ناهي وٺندي پر جڏهن وٺڻ تي ايندي آهي ته اهڙو به رستو اختيار ڪري وٺندي آهي جو ڪنهن جو به وس نه هلندو آهي! هن جو پنهنجو به نه، آئون به بيوس ٿي پئي آهيان. مون تي به ڪنهن جو ڪنٽرول ٿي ويو آهي. جيڪا شڪايت تون مونسان پيو ڪرين اها ساڳي شڪايت مونکي توکان به آهي. آئون ته بس راتين جو تنهنجن خوابن ۾ تو وٽ اچان ٿي، توسان ملان ٿي، پر تون ته..... تون ته مون منجهه اچي ويهي رهيو آهين! اُٿين ويهين مون منجهه ٿو. ننڊ هجي يا جاڳ، خواب هجن يا خيال، رات هجي يا ڏينهن، تون هتي، تون هُتي، جٿي ڪٿي تون ئي هجين ٿو!”
هوءَ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳي، کلي کلي کيري ٿي پئي. اکيون ڀرجي آيس. کلندي کلندي سڏڪڻ لڳي............!!!! مون گهڻو ئي ماٺ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪيس، پر هن ماٺ نه ڪئي. رهندو اوڇنگارون ڏيڻ لڳي. وري رانڀاڙن ۾ پئجي وئي. سندس ماءَ جي هٿ ۾ چانهه هئي، هوءَ تڪڙي تڪڙي اندر آئي چانهن ڪنڊ ۾ رکيل ٽيبل تي رکيائين ۽ عاشيءَ کي ڊوڙي اچي ڀاڪر ۾ ڀريائين.... ماٺ ڪرڻ لاءِ منٿون ڪرڻ لڳس ، هن هڪ به نه ٻڌس. “امان ماٺ، ڌيءَ ....ماٺ! ائين نه ڪر پٽ، ائين ڪونه ڪبو آهي. تو ته ڄڻ پنهنجي پاڻ سان گڏ اسان سڀني کي ماري ڇڏيو آهي! صبر ڪر ڌيءَ، جئين تون چونديءَ ايئن ئي ٿيندو. مون تنهنجي پيءُ ۽ ڀائرن کي به مڃايو آهي...... مون به پنهنجون سڀ ڳالهيون ختم ڪيون. هاڻي ته بس تنهنجي ئي مرضي هلندي، منهنجي ڌيءَ تنهنجي مرضي... هي ڏس، هي ڏس، هن کي...........! هي ويٺو آهي نه ظفر ،توهان ٻئي جيئن چوندو مونکي قبول هوندو.........ماڻس جي لفظ لفظ ۾ درد هو اهڙو درد جنهنجي ڪٿا، پراڻي ڪٿا هجي، نه کٽڻ جهڙي ڪٿا....... هوءَ اڪيلي ئي هئي ماءُ پيءُ کي.... ان ڪري ئي نه قبولڻ جهڙو انگل به هنن مڃو هئس. منهنجي ٿيل ان انڪار کان وڌيڪ سندس مائٽن جي ضد ان کي نهوڙي نيو هو پر هن جي اهڙي حالت جي ڪري هو به هٿيار ڦٽا ڪري ويٺا هئا.
”ماسي اهو ته مون به چيو اٿس ته جئين تون چونديءَ ائين ئي ٿيندو“ مون ماڻس جي چيل لفظن جي تائيد ڪندي چيس.
پر سڀ ڪوششون ناڪام ويون... هوءَ ڪجهه به مڃڻ لاءِ تيار نه هئي. رڳو جان ڇڏائڻ لاءِ ايترو چيائين. ”آئون ڪوشش ڪنديس...... مونکي ٿورو وقت گهرجي“ هوءَ اٿڻ لڳي هئي............ هوءَ اٿي نه پئي سگهي، ڏڪندي ڏڪندي کٽ کان پير هيٺ رکيائين..............
.................................................
ساڳيو اجنبي پکي الائي ته ڪٿان اچي ڪڙڪيو... ۽ ٻاهر ٻولڻ لڳو!
پوءِ ته نه مٿي تي پوتي پاتائين نه پيرن ۾ جتي، کٽ، ديوار ۽ دروازي جو سهارو وٺي ٻاهر نڪتي، مون وڌي وڃي سهارو ڏنس. پکي اڱڻ ۾ بيٺل توت جي وڻ تي ويٺو هو، هن جي هڪ ٻوليءَ ۾ الائي ڪيتريون ٻوليون هيون. هر ٻولي نرالي ۽ وڻندڙ. هر دانهن ۾ درد ۽ ڇڪ هئس. بس ڪانو کان ٿورو هلڪو هو، ننڍڙي پر ڏاڍي سهڻي چهنب هئس، سا به ڪاري رنگ جي . ڊگهو پڇ، جسم جو مٿيون سڄو حصو سائو، اڳيون پاسو اڇو هئس.
”ظفر خبر اٿئي هي پکي روز هتي ايندو آهي، منهنجي لاءِ مون وٽ ايندو آهي ..... ۽ ها، هاڻي جلدي منهنجي هن سان شادي ٿيڻ واري آهي ................ آئون جلد هن سان گڏ وڃڻ ٿي چاهيان، گهڻو جلدي.....!!!“.......... مونکي سمجهه ۾ نه پئي آيو آئون هن پکيءَ سان پيار سان پيش اچان يا هن سان نفرت ڪيان! اهو حيرتن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندڙ لمحو هو. پکي توت جي وڻ جي ٽاريءَ تان ڀڙڪو ڏئي اڏاڻو، هن جي اڏرڻ سان وڻ جي ٽارين ۾ لهرائيندڙ پن پتنگن جيئان هوا ۾ اڏامڻ لڳا! پکي پنن جي ولر مان گوهي ڏئي الائي ته ڪيڏانهن هليو ويو ،توت جي وڻ جا ساوا پن دير تائين هوا ۾ جهومندا رهيا. عاشي به پنن کي ڏسندي رهي ۽ خوش ٿيندي رهي.
پوءِ جڏهن عاشي جون اکيون هيٺ جهڪيون ته توت جا پن وري توت تي لهي آيا ۽ عاشي عجيب مرڪ چپن تي آڻيندي اندر وڃڻ لڳي، مون کڻي ٻانهن کان جهليس. هن جي اکين ۾ قهر لهي آيو..... چپن تي آيل مرڪ نفرت نما طنز ۾ بدلجي ويس..... هڪ گهور وجهي مونکي ڏٺائين ۽ اندر هلي وئي.
هن سان منهنجي اها آخري ملاقات هئي... هوءَ ٻيءَ رات پوئي پهر ۾ مري وئي.......!
............................................
ان ڏينهن کان پوءِ منهنجي حالت اها ٿي وئي هئي جو خبر ئي نه پوندي هئم، بس صبح جو لڳندو هو ته “ها” رات به هوءَ خواب ۾ آئي هئي!
پوءِ ته وجود مان ئي ڌپ اچڻ لڳي هئي، هڪ ناگوار ڌپ، اهڙي ڌپ جو پنهنجي پاڻ کان ئي نفرت ٿيڻ لڳي هئي، ڪنهنجي ڀر ۾ نه ويهندو هئس. ڏينهن ۾ ٻه ٽي ڀيرا سرهي صابڻ سان وهنجندو هئس پر وجود مان اها بوءِ نه ويندي هئي. ان بوءِ جو خوف مون تي چڙهندو پئي ويو. جنهن ڪري ننڊ به نه ايندي هئي، ننڊ جي ڪوشش ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنم. لڳندو هو هن لاءِ ”جي“ رهيو آهيان، ”جي“ به رهيو هئس الائي ته مري رهيو هئس. ڪا به خبر نه پوندي هئي. سمجهندو هئس، هن کي خوش ڪرڻ لاءِ ۽ لذتون ارپڻ لاءِ هي وجود وڃي بچيو آهي. هن لاءِ؟ الائي ته هن جي روح لاءِ؟ مونکي پنهنجو سڀ ڪجهه هنجي اختيار ۾ لڳندو هو. نيٺ مجبور ٿي ڊاڪٽرن جا پنڌ ڪيم، مزارون ڀيٽيم، تعويذ ۽ ڌاڳا ڦيڻا ڪرايم......... پر ڪجهه ڪم نه آيو. ڊاڪٽرن شاديءَ جو مشورو ڏنو. جنهن تي منهنجي گهر وارن جلد کان جلد عمل ڪري ڏيکاريو. کين اها خبر ئي نه هئي ته منهنجي وجود جي هر حصي تي هن جو ڪنٽرول آهي. آئون جيڪو ڪرڻ لڳندو هئس اهو مونکي هڪ خواب ئي لڳندو هو... مونکي اهو لڳڻ لڳو هو، هن مونکي پاڻ مان لڏائي ڪنهن خوابن جي جزيري ۾ وڃي ترسائي ڇڏيو آهي.
هوءَ جيڪا درد جي نانءَ تي چڙهيل هئي، وچ سير وڃي پاڻ درياهه حوالي ڪري ڇڏيائين. آئون پوئتي رهجي ويس. هوءَ اڳتي نڪري وئي. نه چاهيندي به زماني سان گڏ هلڻو پيو، ڊاڪٽرن جي مشوري مطابق شادي به ڪيم ،پر وري به ٻڌايان ٿو ته منهنجي وس ۾ ڪجهه به نه هو...!
نيٺ امان سان پنهنجي مجبوري جي ڳالهه ڪيم.
امان نياڻيون ميڙ ڪري سندس قبر تي هلي.... مونکي ۽ منهنجي زال کي به ساڻ ڪري هلي.قبر تي دعائون گهريونسين، مٺايون ورهايونسين، معافي به ورتيسين،پر اسان جنهن وقت واپس ورڻ وارا هئاسين، ان وقت اهو ساڳيو پکي وري الائي ڪٿان اچي ويو!. پکيءَ جو اهو ساڳو اجنبي لهجو، اوپري ٻولي، عجيب حرڪتون. مونکي ايئن گهوري رهيو هو ڄڻ منهنجون اکيون کوٽي ڪڍندو. آئون وڌيڪ خوف ۾ وٺجي ويس،اهو ننڍڙو خوبصورت پکي منهنجي لاءِ خوف جي اهڙي علامت بنجي ويو جو هن مان جان ڇڏائڻ مشڪل ٿي پيو... مون جلدي جلدي اتان نڪرڻ ۾ ڀلو سمجهيو.........اسان واپس موٽي آياسين.
ان رات مون پنهجي پاڻ ۾ هڪ عجيب تبديلي محسوس ڪئي. نه صرف مون پاڻ، پر منهنجي گهر واريءَ پڻ اها ڳالهه محسوس ڪندي چوڻ لڳي،”ظفر تو منجهان اڄ هي ڪهڙي بوءِ اچي رهي آهي!!؟“
”بوءِ....؟ ڪهڙي بوءِ.....؟“ مون سڀ ڪجهه ڄاڻيندي به پڇيو..
”اهڙي بوءِ ٿي اچي تو منجهان جهڙي ڪنهن پکيءَ جي پرن مان ايندي آهي!“ مونکي پڪ ٿي وئي، ڪنهن نئي روڳ منهنجي وجود جو رستو لهي ورتو آهي.پر حواسن تي ڪنٽرول ڪندي پنهنجي زال کي ٻانهن ۾ ڀري ڇڏيم. منهنجي زندگي ۾ عاشيءَ سان ٿيل ان رات واري ملاقات کان پوءِ اهو پهريون موقعو هو جو منهنجو اهڙين لذتن سان حقيقت ۾ واسطو پيو هو .
منهنجي روح جو دامن ان لمحي هڪ ڀيرو وري جهيرون جهيرون ٿي ويون، جڏهن مون کي منهنجي زال جي وجود مان عاشيءَ جي بدن وارو هڳاءُ اچڻ لڳو هو. اهو ئي هڳاءُ جيڪو مون ان ڏينهن پنهنجن حواسن ۾ محسوس ڪيو هو. جڏهن آئون عاشيءَ جي گهر ويو هئس. پر مون ان انڪشاف کان به منهن موڙي پنهنجي زندگي جي حقيقتن مان لطف اندوز ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي لذتن جي مرحلن مان گذرندو رهيس.
هاڻ مون پنهنجي پاڻ ۾ همٿ محسوس ڪئي ڀلي کڻي مون کي اها پڪ ٿي بيٺي هئي ته منهنجي وجود ۾ اهو ئي پکي پنهنجون ٻوليون ٻولي ٿو ۽ پنهنجون عجيب حرڪتون ۽ رنگ کڻي اچي ٿو . عاشي وري منهنجي زال جي وجود تي واسو ڪري وئي آهي. ان ۽ ان جهڙين کوڙ سارين ڳالهين تي نه چاهيندي به يقين ڪرڻو پيو هئم. اهو پکي پکي نه رهيو هو، منهنجي زال اها نه هئي ۽ آئون آئون نه هئس. ماڻهن سمجهيو پئي، آئون ۽ منهنجي زال آهيون، پر اصل ۾ ائين نه هو .
...............................................
نيٺ اهو ڏينهن به اچي ويو جو نرس جي هنج ۾ اهو ٻار هو جنهن کي منهنجي گهر واري جنم ڏنو هو .منهنجي گهر واري يا الائي پکي جي زال......! الاءِ عاشي! مون يا ته سڀ ڪجهه ٿي ڄاتو يا ته ڪجهه به نه ٿي ڄاتو !.
نرس جي هنج ۾ ٻار هو ۽ نرس جو چهرو حيرت جو نشان بڻيل هو. هن ٻار منهنجي هنج ۾ ڏنو.
ٻار مرڪيو!
مون ٻار جي اکين ۾ نهاريو.............. منهنجي اندر ۾ حيرتون ئي حيرتون هيون.
ٻار جي اکين ۾ اهو ئي پکي نظر اچي رهيو هو.......!
اهو ئي اجنبي پکي ..............!!!!