ٽٽل ٻانهن....فليش بيڪ
بالي، جنهنجي جذبن جو قتل ڪو اتفاقي نه ٿيو هو پر اهو واقعو به انهن ئي سڀني المناڪ واقعن جو تسلسل هو جنهن ۾ ڪنهن به مظلوم کي نشانو بنايو ويندو آهي، بالي سان ٿيندڙ واقعي کي سالَ گذرڻ باوجود اڃا به آس پاس جا ماڻهو ڪنهن ڏند ڪٿا جي قصي وانگر ان ڪهاڻيءَ کي پيا دهرائيندا آهن. اصل ۾ ٿيو ڇا هو اچو ته توهان کي ٻڌايان...
باليءَ جي ماءُ جو گهر جي اڱڻ تي پهريون پير....مڙس جي دانهن. ”پاڻ ته هوٽلن، مانڊڻين، ريڙهين ۽ دوڪانن تان چريو پيٽ ڀريو ٽاڏيون ڏيو پئي گهمين! آڌي ڪريو پوءِ موٽين، اسان هتي پيا بک مرون“ بالي جي ماءُ جي اندر ۾ ڄڻ باهه ڀڙڪوکاڌو.
”لانت“ (لعنت) هجئي ان دانگيءَ جهڙي منهن تي، باليءَ جا پيءُ، اڙي بک ته آئون مري وئي آهيان، سڄو ڏينهن ڪتن ساهه ئي پٽڻ نه ڏنو آهي. پڙيءَ جو ڏينهن ته ڄڻ قيامت آ... مئن سڀني جون مايون الائي مري ويون آهن، الائي ڇا! رب جو ته نالو ٻڌڻ لاءِ ڪو تيار ئي ڪونه هوندو آهي، هر ڪنهن جي اکين ۾ حوس ڀريل هوندو آهي!“
”ها سائين! آهين به مور، جو..!“ مڙس ٽوڪ واري انداز ۾ چيس.
باليءَ جي ماءُ رڙهي اچي مڙس جي سامهون واري کٽ تي ويٺي.
”امان، او امان، منهنجون چوڙيون آندئي!؟“ بالي ڇپر مان نڪرندي رڙ ڪندي ماءُ کي چيو.
”ماءُ صدقي، ڌيءَ، راڄڻ شاهه جو قسم وسري ويون. گاڏيءَ ۾ ياد آيون، دانهن ڪري صدوريءَ کي ٻڌايم ته چوڙا وسري ويا هاڻ ڄنڊا پٽجي ويندا.... اچي هي وٺ ماني ٿانون ۾ وجهي اچ ته گڏجي کائون“. ان کان پهرين جو بالي ڪجهه ڳالهائي پڻس جي وري رڙ. ”ڇوري! چوڙن کي وري ڇا ڪنديئن؟ اسان هتي پيٽ ۾ پورا آهيون ۽ توکي هارن سينگارن مان واندڪائي نه ٿي ملي..... اي ڪٿي ڪو ٿاٻو ته ڪونه کاڌو اٿئي!؟“
”بابا انڌي ڪونه آهيان جو ٿاٻو کائينديس، نه ڪو تو وانگي سلفي ٿي پيان ۽ ٺري جا مٽ ٿي ڳڙڪايان جو وڃي منهن ڀر ڪرنديس، آئون ته بالي آهيان بالي“
”ڇوري ٽي ويءَ تي ڊراما ڇا ڏٺا اٿئي ڄڻ مٿو ئي ڦري ويو اٿئي!“ماڻس ڇنڊ پٽيندي چيس....
”امان، منهنجو ڊرامن مٿو ڪونه ڦيرايو آهي. آئون ته آهيان ئي بادشاهه زادي. ڏسجان تون امان! هڪ ڏينهن ڏسجان.....! منهنجو هي رنگ روپ، سونهن، جواني هي سڀ ڪجهه ضرور رنگ لائيندا ۽ آئون ڪنهن نه ڪنهن شهزادي.......... “ بالي اڱڻ تي ادائن سان ٽلڻ لڳي... ۽ اڃان جملو پورو ئي نه ڳالهايائين ته پڻس رڙ ڪري اٿيو.
”ڪتي، ڪميڻي....... ڇا ٿي چوين........؟!“ وارن ۾ هٿ، موچڙن جي وارو وار.
”اڙي............... اڙي ڇڏ........... اڙي ڇڏ........... ڇوريءَ کي .............. ذليل........ڪتا............ اڙي لانتي.......... ٺيڪ ته چوي ٿي، هي ڪا تنهنجي گندي تخم مان آهي ڇا منهنجي شهزادي........ ڇڏ ........... ڇڏ آئون چواءِ ٿي ڇوريءَ کي ڇڏ.............!“ ٺڪاءُ ڏنڊو مڙس جي مٿي ۾، مڙس ڊيري............!
سمورو پاڙو باليءَ جي گهر.
”اڙي ڇا ٿيو؟ ڇا ٿيو؟“ جيترا وات اوتريون ڳالهيون. زال جي گگ ڳڙندڙ، مڙس جون پٽ تي رڙيون، ڪجهه ڌڪ..... ڪجهه مڪر. باليءَ جا سڏڪا. اڌ ڪلاڪ ريڙهه پيڙهه، پوءِ ساڳي ماٺار. ماني حرام، ٽنهي جي.
مڙس کٽ تي ستل.... زال زور ڏيندي....”تون به ڪجهه خيال ته ڪر ڇوريءَ جو، هوءَ ڏاڍي ڏنگي اٿئي مئا.....! ۽ ها رڳو ٻاهر نڪتي ته کنڀجي ويندئي.... اصل هٿ به ڪونه ايندئي، پيار ڏينس، ٿڌو ڳالهائينس ان ۾ تنهنجي به چڱائي آهي ته منهنجي به“ زال ڄڻ کيس ايندڙ خطرن کان آگاهه ڪري رهي هئي...
”پر ماني کڻي اچ ته کائون ۽ باليءَ کي به کاراءِ.“
”ڌوڙ آ تنهنجي منهن ۾، ماني حرام ڪري، هاڻ ٿو چوين ته ماني کائون!“
”چڱو هاڻ وقت نه وڃاءِ، ماني کڻي اچ ۽ ڇوري کي به ريجهائي کاراءِ“
باليءَ جي ماءُ اٿي ماني الڳ ڪري بالي ڏي کڻي وئي، بالي جي کٽ جي مٿان بيهي سڏ ڪرڻ لڳي.
”امان.... بالي، او بالي، اٿ پٽڙا ماني کاءُ..... ڏاهي ٿي ڌيءُ.... ڇڏ ڪميڻي تنهنجي پيءُ جي ڳالهين کي... هو ته آهي ئي اهڙو“ ماءُ جي لفظن ۾ ممتا به هئي ته مڪاري به..
”ڪونه ٿي کاوان ماني... کڻي وڃ هتان.... اڄ ڏينهن کان پوءِ توهان جي ماني کائڻ مون لاءِ حرام آهي..... آئون رڳو تنهنجي ڪري اڃان هتي ويٺي آهيان.... نه ته ڪڏهو ڪو هلي وڃان هان....“
”پوءِ آئون تنهنجي ماءُ ئي ته توکي چوان پئي نه ڌيءَ... اٿ ماني کاءُ.“
”رکي ڇڏ هتي“ بالي وراڻيس ....”پوءِ پاڻ ئي کاوان ٿي“....ماڻس ماني سندس ڀر ۾ رکي هلي وئي..... ٻيءَ کٽ تي زال، مڙس ويهي ماني کائڻ لڳا.
بالي ٿوري دير کان پوءِ اٿي، دلي مان پاڻي ڀري، گرڙي ڪري هٿ ڌوئي ٻه ڍڪ پاڻيءَ جا پي، اچي کٽ تي ويٺي. سندس ماءُ ۽ پيءُ دل ئي دل ۾ خوش ٿيڻ لڳا ته هاڻ هو ناراضگي ڇڏي ماني کائڻ لڳي آهي.
بالي مانيءَ جا ٻه گرهه هنيا ان کان پوءِ ويهي جهونگارڻ لڳي.....اهو ئي ساڳيو گيت جيڪو سندس چپن تي هميشه رهندو هيو.”تنهنجي حسن جي بند ڪمند وڌا.... حيران هزارين مان نه رڳو..........“
صبح جو سج اڀريو، وڏيري علي ڏني جي بنا هڊ ڪور جيپ اچي گهرن جي وچ تي بيٺي...... هر سال فصل لهڻ کان پوءِ وڏيرو صرف ان نيت سان اچي سندن گهرن جي وچ تي گاڏي بيهاري سو، سو، ٻه ٻه سو روپيه ننڍن وڏن ۾ ورهائيندو آهي ته جيئن هڪ ته سندس رعب تاب قائم رهي ۽ ٻيو اهو ته ننڍين وڏين عورتن ۽ ڇوڪرين کي به اک مان ڪڍي وٺي.
وڏيري جي چوڌاري هجوم هو.... ۽ هو پئسه ورهائي رهيو هو... باليءَ جا ماءُ پيءُ به اتي موجود هئا پر بالي نه هئي.
”هر ڪنهن کي خرچي ملي وئي نه، ڪو رهيو ته ڪونه...!؟“ وڏيرو وڏي دٻدٻي سان ڳالهائڻ لڳو.
”وڏيرا سائين.......!“ بالي جي ماءُ مڙس جي وات تي هٿ رکي ڇڏيو. ڇو ته هن وڏيري کي باليءَ جي باري ۾ ٻڌائڻ پئي چاهيو...
پر وڏيري به ڳالهه کي سمجهڻ ۾ دير نه ڪئي ۽ باليءَ جي پيءُ کي چيائين...”ها... ها ٻڌاءِ، ڇا ٿي چيئي.... آخر اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي... جيڪا ٻڌائڻ کان جوڻهي توکي روڪي رهي آهي؟“
”وڏيرا سائين! هنن جي ڇوري خرچي وٺڻ لاءِ ڪونه آئي آهي“باليءَ جي مامي ڳالهه کي کوليندي دير ئي نه ڪئي ڇو ته هو باليءَ جي پيءُ سان گڏ نشو ڪندڙ هو ۽ ٻئي ڳوٺ به گڏ پنندا هئا.....
”اڙي ڇو ڪونه آئي آهي ڇوري؟“ وڏيري حيرت ۽ ڪاوڙ مان چيو.
”سائين هنن جي نيت ۾ کوٽ آهي، هي ٻئي ڇوريءَ کي توهان کان پيا لڪائين“
”لڪائين پيا! پر ڇو، آئون ڪو ڇوري ڳيهي ويندس ڇا.!؟“....وڏيرو گاڏي کان هيٺ لهي آيو.
”وڏيرا سائين، ڇوري ته آهي ئي لڪائڻ جهڙي.!“ باليءَ جي مامي ڄڻ وڏيري کي هشي ڏيندي چيو...... وڏيري جو هانءُ ڦاٽڻ لڳو... ايئن پيو لڳيس اگر ڇوري نه ڏٺائين ته مري پوندو.....! ”ڇا مطلب، لڪائڻ جهڙي ڇو آهي!؟“
”وڏيرا، ڇوري به ڇوري آهي. ڏسندين ته خبر پئجي ويندئي، ڄڻ ته ڪو باهه جو اُمڙ پيو ٻري اُمڙ!“ باليءَ جي مامي کي خبر هئي ته اگر بالي وڏيري کي وڻي وئي ته ٻه ٽي سو کيس به انعام طور ملي ويندا.
”نه وڏيرا سائين!، ڪوڙو آهي مامو، هن جي ته عادت آهي ڀئوڪڻ جي، نه ڏسي مهل نه گهڙي. اصل ۾ ڇوريءَ کي رات کان بخار چڙهيو آهي ۽ لهڻ جو نالو ئي ڪونه ٿو وٺيس!“ باليءَ جي ماءُ وڏيري کي مطمعن ڪرڻ جي آخري ڪوشش ڪندي چيو.... پر وڏيرو به زمانو ڀيليو ويٺو هو سو.. سموري ڳالهه پروڙي ويو.
”اڙي! ته پوءِ ان ۾ پريشاني جي ڪهڙي ڳالهه آهي، هي گاڏي ڇا جي لاءِ آهي؟ وٺي اچوس ته هلون ٿا شهر... کيس ڊاڪٽر کي ڏيکاري ٿا اچون“ وڏيري جي چال ڪوبه سمجهي نه سگهيو..
وڏيري مڇن کي تاءُ ڏنو، ۽ پوئتي هٽي گاڏي جي شيشي ۾ پنهنجو منهن ڏٺائين ۽ ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيرڻ کان پوءِ، ٽوپيءَ کي ٺاهي، هٿ ۾ جهليل سو سو جي نوٽن مان باقي بچيل نوٽ پنهنجي اڳئين کيسي ۾ ائين رکيائين جيئن اهي اڌ کيسي کان ٻاهر نظر اچڻ لڳا، پوءِ گاڏي جي هڊ تي رکيل ريوالور کڻي پنهنجي ور ۾ هيائين ۽ باليءَ جي مامي کي سڏ ڪري باليءَ جي جهوپڙيءَ ڏانهن روانو ٿيو.
بالي جيڪا ڇپر ۾ اندر بيٺي هئي اهو سڀ ڪجهه ڏسي رهي هئي، تنهن جڏهن وڏيري کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺو ته پريشانيءَ مان گهر اندر لڪڻ جون جايون ڳولڻ لڳي. اڳيان وڏيرو پويان پوري ڳوٺ جا ماڻهو، مايون، مرد، ٻار سڀ ڌوڪيندا پئي آيا، باليءَ کي گهر ۾ لڪڻ جي ڪابه جاءِ نظر نه آئي تڏهن وڏيري کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي پاڻ ۾ همت پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجي منهن ڀڻڪڻ لڳي.
”اچي ٿو ته ڀلي اچي، آئون ڪو وڏيري کان ڊڄان ٿي ڇا، ڇا ڪري ڇڏيندو، منهنجو ساهه ڪو سندس هٿ ۾ آهي ڇا!“
باليءَ جي ماءُ وڌي اچي وڏيري کي روڪڻ لڳي ۽ کيس باليءَ ڏي نه وڄڻ لاءِ منٿون ڪرڻ لڳي.”وڏيرا خدا جو واسطو اٿئي، ڇوريءَ ڏي نه وڃ آئون هي پوتي ميڙ ٿي ڏياءِ تون هوڏانهن نه وڃ. هو ڇوري ڏنگي آهي، وڏيرا توکي خدا جو واسطو آهي اتي بيهي رهه، آئون ان کي پاڻ ئي سمجهائي تو ڏي وٺي ٿي اچان!“.
پر وڏيري هن جي هڪ به نه ٻڌي، ٻي لمحي وڏيرو باليءَ جي سامهون اچي بيٺو. ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ڪو فلم جو سين پيو رڪارڊ ٿئي، سڀ ماڻهو وڏي چاهه سان منظر ڏسڻ لڳا. اڄ هڪ جهرڪي ۽ باز جو پاڻ ۾ ٽڪراءَ ٿي رهيو هو، وڏيري کي ڇوري جون اکيون ڏاڍيون خراب لڳيون، هو موقعي جي نزاڪت کي سمجهي ويو پر سندس انا هار مڃڻ لاءِ بلڪل تيار نه هئي، ڇوريءَ کي مات ڏيڻ بنا واپس ورڻ هن پنهنجي بيعزتي پئي سمجهي.
”ڇو بالي... اسان کان ڪاوڙيل آهين ڇا!؟“ وڏيري باليءَ سان انتهائي نرميءَ سان ڳالهايو.
”نه وڏيرا اسان جو توسان ڪو اهڙو رستو ئي نه آهي جو ڪاوڙ تائين پهچون!“.
وڏيرو لاجواب ٿي ويو... پر ٿورو ٿيڙ کائي وري سنڀالي ويو....”بالي رستو ناهي ته خير آهي... راه رستو جوڙي به سگهجي ٿو“
”نه وڏيرا اسان جي زندگيءَ ۾ راهون، رستا ڪجهه به ناهن رهيا..... “
”ها سچ ٿي چيو باليءَ اهڙن اُجاڙ رستن تي سفر ڪندڙ ماڻهن جي سڃاڻ ته هميشا حادثن سان ئي ٿيندي آهي. ۽ انهن حادثن جو بنياد انهن جي زندگيءَ جي شروعات ٿيڻ کان اڳ ئي پئجي ويندو آهي.
ڇوڪريءَ جي اکين جو سرخ ٿي ويل لهجو ۽ گورک ڳالهيون وڏيري جي اندر ۾ ڪنهن اهڙي گهاءَ جيئان لڳيون جنهن گهاءَ ۾ سندس پيڙهين جا پٽڪا پٽ تي لتاڙجندا نظر اچڻ لڳا هئا.....!
هاڻ وڏيري جو هٿ باليءَ جي چوٽيءَ ۾ هو.....
” ڇڏ مون کي، وڏيرا! آئون چوانءِ ٿي ڇڏ مون کي!“
باليءَ جي ماءُ الڳ دانهون ۽ آهون ڪري ڌيءُ کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي... پر سندس پيءُ ۽ مامون اڃان به چئي رهيا هئا... ڀلي سيکت ڏيس، ڇڏينس، ڇڏينس ته مستي لاهيس... بالي سمجهي وئي ته کيس ئي ڪجهه ڪرڻو پوندو..... ۽ هن اهو ڪندي دير نه ڪئي... هن ساڄي هٿ جو ڀونڊو ٺاهي وڏيري جي منهن ۾ کپائي ڇڏيو... ڀونڊو نه هو ڄڻ ڪنهن پاور مشين جو چنبو هو.! سندس آڱرين جا پنج ئي ننهن وڏيري جي منهن ۾ لهندا هليا ويا... هاڻ دانهن جو وارو وڏيري جو هو.... وڏيري هاڻ باليءَ جي چوٽي مان هٿ ڪڍي باليءَ جي ڪارائيءَ پڪڙي گهڻو ئي زور لاتو پر منهن نه ڇڏائي سگهيو!
وڏيري ور مان پسٽل ڪڍيو.... ۽ بالي جي ڪارائيءَ تي فائر ڪندي دير نه ڪيائين.... بالي جي ٻانهن ڪارائيءَ کان ٺڪاءُ ڏئي ٽٽي پئي.... پر سندس هٿ جون آڱريون اڃان به وڏيري جي چهري ۾ کتل رهيون.... بالي جيئن ئي زور سان سٽ ڏني ته سندس هٿ ٻانهن کان ڌار ٿي ويو.......... بالي وڃي پوئتي ڪري ۽ وڏيرو باليءَ جو ڀونڊو منهن تي کڻي وٺي ڀڳو....
اها بالي جنهنجي اندر جا شهزادين جهڙا خواب قتل ٿي چڪا هئا ۽ اها شهر جي گهٽين ۾ پنڻ تي مجبور ٿي وئي هئي. جڏهن ته وڏيرو علي ڏنو جيڪو راڄن ۾ دٻدٻي جي علامت هو. اهو پنهنجي چهري تي بالي جي نهنڊن جي لينگهن کي لڪائيندي لڪائيندي زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين پنهنجي بنگلي کان ٻاهر نه نڪري سگهيو!