بخش مڱريو - سانگهڙ
مونکي لڳندو آهي ته راجن جي جسم ۾ صرف دل ئي آهي. هو دل سان پيار ڪندو آهي، دل سان لکندو آهي ۽ دل ئي سان سوچيندو به آهي. دل به ايڏي وڏي ۽ ڪشادي جو، جنهن ۾ هن پنهنجي زندگيءَ جا سڀ ڏک، سور، رنجشون، محروميون دفن ڪري ڇڏيون آهن. ڪڏهن ته وري ائين لڳندو آهي ته راجن هن دنيا جو انسان آهي يا ڪنهن خوابن جي دنيا جو شهزادو.! زندگيءَ جا ڏک ۽ سور هاڻي ان لاءِ ڪا معنى نه ٿا رکن ڇو ته هن پنهنجي خوابن جي دنيا ٺاهي ورتي آهي، جنهن ۾ صرف پيار ئي پيار آهي. خوابن جي ان دنيا ۾ هن پنهنجا سڀ رشتا سموئي ڇڏيا اٿس، ۽ وقتن بوقتن هو خوابن جي دنيا جا مخلتف ڪردار، پنهنجي ڪهاڻين ۾ کڻي ايندو آهي. جيڪي ڪردار ۽ خيال پيار ۽ احساس جي ڏڪار جو شڪار ٿيل دلين مٿان پنهنجائپ جو اهڙو ته وسڪارو ڪن ٿا، جو پيار ۽ احساس جي ڏڪاريل دلين ۾ پيار ۽ احساس جا نوان گونچ ڦٽيو پون، شايد ان ڪري ئي راجن جي ڪهاڻين ۽ خود راجن کي سمجهڻ لاءِ پيار جي جذبن جو هجڻ لازمي آهي. هو جيئن اندر آهي ائين ئي ٻاهر. هن ڪڏهن به اها ڪوشش ناهي ڪئي ته هو اهو نظر اچي جيڪو هو نه آهي. هن زندگيءَ جي رنگينين کان متاثر ٿي، ڪنهن به آرٽيفيشل (مصنوعي) شين جو سهارو ناهي ورتو. اهوئي سبب آهي جو دنيا جي هن اسٽيج لاءِ هن پنهنجي ڪردار جي چونڊ اهڙي نه ڪئي آهي، جيڪا دنيا جا لکين ڪروڙين ماڻهو پنهنجي ترقي ۽ آسائش جي نالي تي ڪندا آهن. ۽ عام ڪردار ٿي رهجي ويندا آهن. پر راجن پنهنجي لاءِ خاص ڪردار چونڊيو آهي، هڪ اهڙو ڪردار جيڪو اڄ به امر آهي، جنهن کي تاريخ جي ورقن ۾ به امر ئي رهڻو آهي.