ڪھاڻيون

اهو اجنبي

ھن ڪتاب ۾ 18 ڪهاڻيون شامل آھن. سڀ ڪھاڻيون پڙھڻ جھڙيون آھن. راجن جي ڪهاڻين ۾ رومانس ۽ زندگيءَ جون سچايون گڏ گڏ هلندي ڏيکارجن ٿيون. سنڌ ۽ سنڌوءَ سان محبت جو وچن به آرٽسٽڪ انداز سان اظهاري ٿو. هن جي ڪهاڻين ۾ زندگيءَ جي ڏکن، دردن ۽ پيڙائن جي ميڙ چونڊ نظر اچي ٿي، اهڙا ڏک،درد ۽ پيڙائون، جن تي عام طور نظر ئي نه پوندي آهي. علامتي ڪيفيتن کي سولائيءَ سان بيان ڪرڻ کان سواءِ، ڪنهن آرٽسٽ جي اندر ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه کي به سمجهي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 1076
  • 370
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • راجن مڱريو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اهو اجنبي

نانگ جو ڪکيل!

نانگ جو ڪکيل!

رات ئي اهو سڀ ڪجهه ٿي ويو...... جنهن جي مون کي صبح جو خبر پئي هئي. اسان سڀ گهر وارا هونئن ته چاچا وارن جي گهر عام طور تي گهٽ ئي ويندا هئاسين، پر ان ڏينهن ڳالهه ئي اهڙي هئي تنهنڪري اکيون مهٽيندو وڃي چاچا وارن جي گهر نڪتس....
چاچا ورانڊي واري ٿنڀ سان ٻڌل هو. سندس ٽنگ ۾ سنگهر لڳل هئي. چاچا پنهنجي مٿي جا وار، ڏاڙهي، مڇون ۽ ڀرون به پٽي چٽ ڪري ڇڏيا هئا!... سندس جسم تي ليڙ به نه هئي. هو خوف ۾ ويڙهجي ڳوڙهو ٿي ويو هو. مون کي ڏٺائين ته ڄڻ التجائون ڪندي چوڻ لڳو. “ابا او ابا..... علي خان کي چئه ته مون کي نه ماري...... ابا هو مون کي ماري ڇڏيندو، هو مونکي ماري ڇڏيندو پٽ. ابا هن جي هٿ ۾ ڏنڊو آهي، ڏنڊو وٺ هن کان......... هو ڪاوڙ ۾ آهي، هن کي هوش ڪونهي”.
آئون ڪنڌ هيٺ ڪري واپس هليو آيس. منهنجي اندر ۾ بابا جي زندگيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون لهي آيا.
مون بابا کي جڏهن کان محسوس ڪرڻ شروع ڪيو هو، تڏهن کان اهو لڳڻ لڳو ته ڄڻ هو ڪنهن آلي بنڊيءَ جيئان دکندڙ شخص لڳو هو..... مون کي ياد آهي، بابا چوندو هو.
“ابا.... مون کي ڏينهن لڳل آهي! (شديد گرمي) ان ڪري هاڻ اُس ۾ ڪم نه ٿو ڪري سگهان!” اها بابا جي آخري انهن چند سالن جي ڳالهه آهي، جڏهن بابا اڃان هارپو ڪندو هو. بابا پنهنجي زندگي ۾ هونئن ته گهڻا ئي لاها چاڙها ڏٺا، روڊن تي پٿر ڪٽيائين، مزدوريون ڪيائين، جهنگن مان ڪاٺيون ڪري ڏاند گاڏي تي کڻي وڃي شهر ۾ وڪڻندو هو، گڏوگڏ هارپو به ڪندو هو، ڏاندن جي شوق ۽ واپار جي ڪري ڏاڍا نقصان کاڌائين، خاص طور تي کيس تڪليف مان تڏهن گذرڻو پيو، جڏهن بابا مکيءَ ۾ ڪنهن واسطي وارن کي ڳوٺ مان مال رکت تي ضامن پئي وٺي ڏنو ۽ وقت سر پئسه نه ملڻ جي ڪري نه صرف پنهنجو وقت وڄائڻو پيس، پر پئسو به خرچ ڪرڻو پئجي ويندو هئس. ان دوران ئي منهنجي ننڍڙي ڀيڻ بيمار ٿي پئي ۽ بابا جي اچڻ جو انتظار ڪندي ڪندي مري وئي. آخري ڏينهن ۾ سندس اکيون ڏرا ڏئي ويون هيون، منهن ڦڪو ٿي ويو هئس ۽ ڄڻ ڳالهائڻ ۾ به تڪليف ٿيندي هئس، چڙ چڙي ۽ بيزار لڳندي هئي، آئون هن کان وڌ ۾ وڌ ٻه سال وڏو هئس، هوءِ ايتري بيمار هئي تڏهن به آئون کيس ڏاڍو تنگ ڪندو هئس، هن جي هڪڙي ڏاڍي خوبصورت هٿ جيتري گڏي هوندي هئي. جنهن کي ڀرت ڀريل ڪپڙا پهريل هوندا هئا، ٽئورن واريون سڳيون به ٽاڪيل هونديون هئس. ادي کي گڏين سان راند ڪرڻ ڏاڍو سٺو لڳندو هو. اها گڏي هر وقت ساڻس گڏ هوندي هئي، آئون کيس تنگ ڪرڻ لاءِ گڏي ڦري وٺندو هئس، ۽ گڏيءَ کي سڳين کان جهلي سندس آڏو پيو لٽڪائيندو هئس، هوءَ پنهنجي ڪمزور جسم جي پوري طاقت گڏ ڪري ڦرڻ لاءِ جهٽ هڻندي هئي پر آئون جهٽڪي سان گڏي مٿي ڇڪي وٺندو هئس، ڪجهه ڀيرا ئي جهٽ هڻي هوءَ ساڻي ٿي پوندي هئي ۽ رڙيون ڪري امان کي سڏ ڪرڻ لڳندي هئي، امان پنهنجو ڪم ڪار ڇڏي ڊوڙي اچي مون کي ٿڪ لعنت ڪري گڏي وٺي کيس ڏئي هلي ويندي هئي. آئون ڪجهه دير هيڏانهن هوڏانهن هليو ويندو هئس ۽ موٽي اچي وري به کيس ائين تنگ ڪندو هئس. پوءِ هوءَ چوندي هئي ته، “بابا اچي آئون توکي ان کان سڌو ڪرائينديس...! بابا نه آيو سو نه آيو..! پر هن جو روح جهٽڻ وارو بابا کان پهرين پهچي ويو........ هوءَ هلي وئي پر گڏي اتي ئي رهجي وئي.......... هوءَ مون کي ته مار ڪونه ڏياري سگهي پر بابا کي زندگيءَ لاءِ ماري هلي وئي. بابا سندس جنازي نماز تي پهتو هو ۽ سندس اکيون آليون ٿي ويون هيون. ان کان پوءِ مون بابا کي ڪڏهن به روئندي ڪونه ڏٺو هو. شايد کلندي به ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو! ان کان پوءِ امان پنهنجي ڌيءَ جي گڏيءَ کي پنهنجي ڌيءُ بڻائي ڇڏيو هو، بابا اڃان به پراوا پئسه اوڳاڙڻ جي پويان هميشه ٻاهر هوندو هو ۽ ٻنيءَ جو گهڻو تڻو ڪم ڪار ۽ گاهه پٺو ڪرڻ منهنجي مٿي تي هئا. امان اڪثر اديءَ جي رکيل اها گڏي پيتيءَ مان ڪڍي هٿن ۾ جهلي روئي روئي اکيون ڳاڙهيون ڪري پوءِ ٻاهر نڪرندي هئي.
اسان جي هارپي وارين زمينن تي نوان کاتيدار آيا، انهن پهريون نيڪ ڪم اهو ڪيو ته اسان کان هارپو ئي کسي ڇڏيائون. بابا ساڌو سوڌو ٻهراڙيءَ جو ماڻهو هو، تنهن ڪري بابا کي اها ڳالهه ڏاڍي ڳري لڳي ۽ ان ڳالهه سندس دماغ تي ڏاڍو گهرو اثر وڌو.
ڏاڏي ٻڌائيندي هئي ته علي خان نانگ جو ڪکيل آهي، ان ڪري سندس مٿان موسمن جو وڏو اثر پوندو آهي جهڙ واري مند ۽ سخت سيءَ ۾ سندس دماغ فري ويندو آهي ۽ ٿيندو به ائين ئي هو. هو نارمل هوندو هيو ته ماٺار ۽ سڪون ۾ هوندو هو، جيڪو ڪجهه الله جو ڏنو هوندو هئس ان تي خوش هوندو هو. گهڻي هڻ هڻان نه ڪندو هو، نه ڪيڏانهن ايندو هو ۽ نه ويندو هو، پر جڏهن موج ۾ هوندو هو. تڏهن پيو نوان نوان واپار ڪندو هو، اوطاقن تي ڪچهريون، ڀوڳ چرچا، ميلا ملاکڙا گهمڻ ۽ روز نوان نوان خيال پيو ڏيکاريندو هو، ايتري قدر جو کيس ٻي شادي ڪرڻ جو به شوق جاڳي پوندو هئس.
جڏهن زميندار هارپي کان جواب ڏنو ته اهي ڏينهن بابا جي مستي وارا ڏينهن هئا، بابا شديد ڪاوڙ ۾ هيو. سڄو ڏينهن، هِن هَن سان پيو جلا ڦلا ڳالهائيندو هو، هن کي زمين جي هارپي ڦرجڻ جو وڏو صدمو هو.
هڪ ڀيري جمع جي ڏينهن بابا سويل مٿي کي ميندي لارائي ۽ ڇتي سيءَ ۾ شاخ جي يخ پاڻيءَ ۾ وڃي وهنتو. ان کان پوءِ ڳوٺ کان پندرنهن ڪلو ميٽر پري هڪ دوست جي خيرات جي دعوت تي هليو ويو ۽ ويندي ويندي مون کي چئي ويو ته جاڙي وارن کان ڏاند ضرور ڪاهي اچجان.
شام جو موٽيو، گهر پهچي اڃان پٽڪو به نه لاٿو هئائين جو مون کان پڇيائين
“ڇورا جاڙي کان ڏاند ڪاهي آئين يا نه!”.
“نه بابا” مون جواب ڏنس.
پوءِ ته گارين جا دوڙهيا لائي ڏنائين، ۽ وري ٿيو روانو ڏاند ڪاهڻ، جيڪو ٻئي ڳوٺ ۾ بيٺل هيو.
رات جو ماني واري ٽائيم تي، ڏاند ته ڪاهي موٽي آيو، پر سيءَ ۾ سندس حالت تمام گهڻي بگڙجي وئي. آواز ۾ بڙ بڙاهٽ هئس، ڄڻ ته وڦليو پئي. ورانڊي ۾ باهه پئي ٻري، سڀ گهر وارا چلهه کي ڦريو ويٺا هئا، بابا جو مامو بچل به اچي ويٺو هو. بابا پنهنجي رنگ ۾ پئي ڳالهايو. ڳالهه ڳالهه تي چئي، “پڙهو سبحان الله، پڙهو سبحان الله” اسان سڀني گڏجي پئي وڏي آواز ۾ چيو، “سبحان الله”
بابا اٿيو.
“بابا ڪيڏانهن؟”.......... مون پڇيومانس.
“اي ابا ڪيڏانهن ڪونه ٿو وڃان......... پيشاب ٿو ڪريان”
سندس آواز ۾ اها ئي بڙبڙاهٽ هئي، بابا اڳيان هو آئون پويان........ گهٽيءَ کان ٻاهر نڪري وڃي، پيشاب لاءِ ويهندي مانجهلي جي ٻوڙي ۾ هٿ وڌائين، اوچتو وٺي مانجهلي کي ڌوڻيائين......... “ابا......... ابا مون رئيس ڇٽل جي پاڙ پٽي ڇڏي....... مون هن جي پاڙ پٽي ڇڏي آهي........... پٽ!” وٺي جو سٽ ڏنائين ته مانجهلي پاڙ سوڌي بابا جي هٿ ۾ اچي وئي ۽ پوءِ وڃي لوڙهي تي ڪري..... “سبحان الله........ سبحان الله” ڪندو وري گهر موٽيو........ اسان سڀني کي ماني کائڻ وسري وئي هئي.
گهر جو هر ڀاتي پيو پنهنجي منهن دعائون گهري. پوءِ اوچتو ئي اوچتو بابا جي هٿ ۾ ننڍڙي ويهڻ واري سندلي اچي وئي، پهرين ته وهائي ڪڍيائين ڏاڏا بچل جي مٿي ۾ ! باقي سڀني ڀڄي ڇڏائي جان! بابا ڪاهي پيو پاڙي ۾.......... پوءِ ته بس رڙو رڙ ٿي وئي......... ڪنهن جا دلا ڀڳائين ته ڪنهن جو مٿو ڦاڙي رکيائين.......... بابا جوانيءَ ۾ ڪٻڊي ۽ ٻيلهاڙي جو به سٺو رانديگر هو ۽ سخت جان ۽ ڇانڊڙ مڙس هو، ان ڪري جهڙو تهڙو مڙس ته ويجهو ئي نه پيو اچيس...... پل ئي ڪونه گذري جو سمورو ڳوٺ گڏ ٿي ويو....... بابا جي هٿ ۾ ڏنڊو هو..... ڪير ويجهو اچي!. نيٺ سندس ماروٽ....... اک بچائي وڃي پويان کان ٻک پاتس..... ۽ دسي کڻي پويان کان ٻانهون ٻڌائونس. ٻي لمحي بابا اسان جي گهر جي دروازي واري چائونٺ سان ٻڌو پيو هو ۽ سندس ٽنگ ۾ سنگهر لڳل هئي، سڀ گهر وارا، مٽ مائٽ پريشان هئاسين. ته آخر هاڻ ڇا ٿيندو، بابا پنهنجي جسم جا ڪپڙا ڦاڙي ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيا هئا ۽ هاڻ الف ٿي بيٺو هو، ڏاڙهي ته بابا رکندو ڪونه هو، باقي شهپر به پٽي پوٺو ڪري ڇڏيائين!!!!
صبح سان سمورو ڳوٺ پئي آيو ويو، پري پري کان مٽ مائٽ به بابا جي حالت ڏسڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا.... بابا جنهن کي ٿي ڏٺو تنهن کي پئي گار ڏنائين.... ايتري قدر جو ڳوٺ جو رئيس، جيڪو بابا جو دوست به هو ۽ ڏاندن واري خفت ۾ ٻئي گڏ هوندا هئا، تنهن سان به گهٽ ڪونه ڪيائين ۽ گارين جا ڌوڙيا لائي ڏنائي، جيڪو پئي آيو، تنهن پئي پنهنجي ڳالهه ڪئي. ڪو چوي ته قلندر تي وٺي وڃونس. ڪو چئي ته ڀٽائي تي، ته ڪو چوي نه ڄام صاحب تي ٻڌي اچوس، نيٺ ڪن سلجهيل نوجوانن ادا وڏي کي صلاح ڏني ته اسپتال ۾ داخل ڪريوس.
بابا کي اسپتال ۾ داخل ڪيوسين. کيس آرام جون سيون هيائون، آرام ڪيائين ته ٻن ڏينهن اندر گهڻي قدر نارمل ٿي ويو. پر ڳالهيون وسرڻ لڳيون هئس ۽ ڳالهه ڳالهه تي مٿي تي هٿ هڻي سوچڻ ٿي لڳو. هفتي اندر بابا ٺيڪ ٿي ويو....... زميندار نياپو ڪيو ته زمين ڀلي اچي وري کيڙيو. بابا ٺيڪ ٿي موٽي گهر اچي ويو.
اسان جي هڪڙي چال مينهن هوندي هئي، بابا ان مينهن کي ڏاڍو پيار ڪندو هو، مينهن اسان جي فصلن ۾ پئي ڇيڪ چرندي هئي، ڪجهه ئي مهينن ۾ مون کي به هڪڙي پرائيويٽ ڪمپني ۾ نوڪري ملي وئي. ادا اڳ ۾ ئي درزڪو ڪم ڪندو هو ۽ شهر ۾ ئي رهندو هو. آئون نوڪري به ڪرڻ لڳس ۽ زمين به سنڀالڻ لڳس. صبح جو سويلي اٿي مال لاءِ گاهه به ڪري ايندو هئس. ڪجهه ادا ڪمائيندو هو، ڪجهه منهنجو پگهار، وقت سٺو گذرڻ لڳو هو. بابا اويلي سويلي مينهن کي ڇوڙي ۽ فصلن جا سيڙها سٺا چاري، شاخ تان پاڻي پياري، وهنجاري سهنجاري ڀٽاريءَ کي ڪاهي اچي منيءَ تي ٻڌندو هو.
اسان وٽ جڏهن نيون زمينداريون ٿيون هيون ته ان وقت چاليهه ايڪڙ کن چاچا وارن کي به زمين ملي هئي، چاچا وارن جو گهر اسان جي گهر کان جريب جيترو پري هو، اسان جا ووڻ ڦٽيون ڪيو بيٺا هئا ته ڳوٺ ۾ چاچا وارن جهيڙو ڪري وڌو،ٿيو اهو هو جو اسان جي گهرن وٽان، ڀرواري ڳوٺ جي هڪ همراهه، جيڪو هڪڙو لوفر قسم جو ماڻهو هو ۽ سرڪاري وڻ وڍرائي کپائڻ، ڳوٺ ۽ شهر ۾ داداگيري ڪرڻ، هلڪيون ڦڪليون ڦرون ڪرائڻ سندس مشغلو هو، ان ئي ٽريڪٽر ٽرالي ڪاهي اچي اسان جي گهرن جي سامهون شاخ تان مٽي کڻائي، چاچا وارن کيس ڏاڍو جهليو پر نه مڙيو، ۽ اهڙيون کئونسون هو ٻين ڳوٺ وارن سان به اڪثر ڪندو رهندو هو. ان ڪري ڳوٺاڻا هن تي سخت ناراض هئا. جن ۾ اسان جي ذات وارا ماڻهو به هئا ته ٻين ذاتين وارا به هئا. ان سموري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ان همراهه کي سيکت ڏيڻ لاءِ ڪو اندران اندر صلاح ڪري هڪڙي رات جو کيس ڪيلن واري رستي وٽان ڦري آيا ۽ ڪهاڙين سان سندس مٿو ڦيهي هليا ويا. همراهه کي نواب شاهه کڻائي ويا، پر رت سندس دماغ ۾ ڦهلجي وڃڻ ڪري هو بچي نه سگهيو. ان ڪيس ۾ مک جوابدار چاچا وارن کي ڄاڻايو ويو. چاچا جا چارئي پٽ ڪاٺ ۾ پئجي ويا. ٻه سال ڪيس کي گذري ويا پر ڇوڪرن جي ڇٽڻ جو ڪو امڪان ئي نه هو.
ان وچ ۾ بابا کي اڌ رنگ (فالج) ٿي پيو. بابا جي ساڄي ٻانهن ۽ ٽنگ سٽجي ويون، چار پنج مهينن جي علاج، حڪيمن جي دوائن، ڏس پنڌ ۽ مالش کان پوءِ بابا اٿي رڙهڻ لڳو هو، جيئن ڪجهه هلڻ جهڙو ٿيو تيئن ئي وري چال کي کولي چارڻ لڳو.
ان ڏينهن شام جو اسان اڃان ڳوٺ نه موٽيا هئاسين. مون کي شهر ۾ اهو نياپو مليو ته مخالف ڌر وارن تنهنجي بابا کي گوليون هڻي بدلو ورتو آهي. آئون شهر مان مٺيون ڀيڙي وٺي ڀڳس، گهر پهتس ته گهر ۾ ماتم متل هو، بابا جي جنازي کي تڙ ڏيارڻ جون تياريون پئي ٿيون. امان جون اوڇنگارون اڀ ڏارينديون پئي ويون، مون کي ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا ڪريان. ڪيڏانهن وڃان. آئون سرڪي وڃي ادا وڏي جي ڀر ۾ ويٺس، جيڪو اڳم ئي زمين تي ويٺو روئي رهيو هو.
چاچا سڌو اسان وٽ هليو آيو ۽ اسان ٻنهي کي ڳراٺي ۾ ڪري آٿت ڏيڻ لڳو ۽ کيسي مان پئسه ڪڍي ڪجهه منهنجي کيسي ۾ وڌائين ۽ ڪجهه ادا وڏي جي کيسي ۾، اسان ٻنهين کي رازداريءَ واري انداز ۾ چوڻ لڳو. “توهان پرواهه نه ڪيو، مون وڪيل کي گهرايو آهي، جيترا به پئسه خرچ ٿيا آئون ڪندس، پر قاتلن کي ڦاهي ضرور چاڙهائينداسين، بس پٽ توهان رڳو شاهدين لاءِ پڪا ٿي بيهجو. پوليس اجها ٿي اچي بيان وٺڻ، توهان اکين ڏٺا شاهد ٿيڻ لاءِ تيار رهجو”
اسان دل ۾ ڏاڍي سرهائي محسوس ڪئي ته چاچا وڏو اسان جو ڌڻي ٿيو آهي، نه ته اڳ ۾ ڪڏهن به سندس رويو اسان لاءِ اهڙو پنهنجائپ وارو نه رهيو هو. جڏهن ته بابا ۽ امان سندس تمام گهڻي عزت ڪندا هئا، خاص طور امان ته کيس سڳن ڀائرن وانگي ڀائيندي هئي، امان جا جيئن ته هتي اسان کان سواءِ ڪير به رشتيدار ڪونه هوندا هئا ان ڪري هن پنهنجا ڀائر، ڀينرون، ماما، چاچا ۽ ٻيا رشتا قائم ڪري ورتا هئا ۽ هوءَ انهن کي به سڳن رشتن وانگي ئي سمجهندي هئي
پوليس اچي وئي، جاءِ واردات جو جائزو ورتائون، بابا جا پير ڏٺائون، گولي لڳڻ کان پوءِ بابا جتي ڪريو هو اها جاءِ به پوليس ڏٺي ۽ اتي موجود نم جي ٻن وڻن کي لڳل گولين جو جائزو وٺي پوءِ لاش کي لڳل گولين جا نشان به ڏٺا، پوءِ صوبيدار مون کي ۽ ادا وڏي کي هڪ پاسي وٺي ويو ۽ انتهائي حيران ڪن خبر ٻڌائيندي چيائين.
“بابا توهان جو پيءَ مئو آهي، توهان هن وقت ڪهڙي حالت ۾ هوندئو آئون به سمجهي سگهان ٿو، پر آئون اها ڳالهه يقين سان چوان ٿو ته توهان جي پيءَ کي گوليون توهان جي پنهنجي گهر واري پاسي کان ئي لڳيون آهن ۽ توهان جي پنهنجن ئي کيس قتل ڪيو آهي. اگر توهان به ڌر ٿيندائو ته پوءِ هن ڌر جي توهان سان به دشمني ٿي پوندي، نه ته اڄ ڏينهن تائين توهان هلندڙ تڪرار کان بلڪل ٻاهر هئا”.
صوبيدار جي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ اسان کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ته اصل ۾ هٿ ٺهراءَ ڪيو ويو آهي ۽ اسان جي درويش پيءَ کي ان جو نشانو بڻايو ويو آهي.
بابا جي ڪفن دفن کان پوءِ جڏهن اسان امان سان صوبيدار واري ڳالهه ڪئي ته ان پڻ ان ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو ته “ابا مون کي به پڪ آهي ته خون تنهنجي چاچا وارن ئي ڪيو آهي ته جيئن ان قتل جو ڪيس مخالف ڌر تي ڪري ڳالهه فيصلي ۾ آڻي پنهنجا پٽ بچائي سگهن. پٽ آئون سڀ ڪجهه سمجهيو ويٺي آهيان، پر توهان کي به چوان ٿي توهان ماٺ رهجو، توهان جو چاچو پاڻ ڪيس ڪري ٿو ته وڃي ڪري، مون کي هاڻ الله کان پوءِ ٻيو توهان جو ئي سهارو آهي، هو پنهنجو ڀاءَ مارائي سگهي ٿو ته توهان کي به نقصان ڏئي سگهي ٿو”
چاچا کي جڏهن ان ڳالهه جي خبر پئي ته چاچا اسان تي ۽ امان تي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ اچي گارگند ڪندي چوڻ لڳو هن اهو به چيو ته ”مون ته پنهنجن ڀائٽن کي پنهنجي گهران ٿي پرڻائڻ چاهيو... پر ڀاڄائي تون ته ڪجهه به سمجهڻ لاءِ تيار ناهين!“
“ادا توکي جيڪا اسان سان چڱائي ڪرڻي هئي سان تون ڪري چڪو آهين، آئون اها دعا ٿي ڪريان ته تنهنجا پٽ وڏي زندگي ماڻين، رهي ڳالهه سڱن جي ته جيڪو لکيو هوندو، اهو ئي ٿيندو”.
چاچا ڪاوڙجي هليو ويو.
“ابا ڏسجو! منهنجي حياتي ۾ ئي توهان کي رب سائين انصاف ڪري ڏيکاريندو” امان چيو.
چاچا وارن هن ڌر تي بابا جي قتل جو ڪيس ڪري ڇڏيو، قتل جو ڪيس هجڻ ڪري هوءَ ڌر به ڏاڍي مجبور ٿي پئي، ڳالهه فيصلي ۾ هلي وئي، ٻئي قتل چاچا وارن تي ئي ثابت ٿيا.ان ڪري ٻنهين ڌيئرن جا سڱ چٽي لڳن ۽ وڏو ڏنڊ پڻ.
ان ڳالهه کي سال به نه گذريو هو ته چاچا جي طبيعت به بابا وانگي بگڙي وئي ۽ اڄ هو پنهنجي گهر جي چائونٺ سان ائين ئي ٻڌل هو جيئن بابا کي ٻڌو ويو هو. هن به پنهنجي ڏاڙهي، مڇون ۽ ڀرون پوٺو ڪري ڇڏيا هئا ۽ هو الف اگهاڙو هو.
بابا ته هِن هَن کي گاريون پئي ڏنيون پر چاچا جي وات تي صرف اها ئي ڳالهه هئي ته علي خان مون کي ماري ڇڏيندو، علي خان کان مون کي بچايو.
چاچا کي به بابا وانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو ۽ کيس آرام جون سيون ڏئي سمهاريو ويو هو، پر هوِ ستو ئي رهجي ويو هو ۽ وري اٿي نه سگهيو.