ڪھاڻيون

اهو اجنبي

ھن ڪتاب ۾ 18 ڪهاڻيون شامل آھن. سڀ ڪھاڻيون پڙھڻ جھڙيون آھن. راجن جي ڪهاڻين ۾ رومانس ۽ زندگيءَ جون سچايون گڏ گڏ هلندي ڏيکارجن ٿيون. سنڌ ۽ سنڌوءَ سان محبت جو وچن به آرٽسٽڪ انداز سان اظهاري ٿو. هن جي ڪهاڻين ۾ زندگيءَ جي ڏکن، دردن ۽ پيڙائن جي ميڙ چونڊ نظر اچي ٿي، اهڙا ڏک،درد ۽ پيڙائون، جن تي عام طور نظر ئي نه پوندي آهي. علامتي ڪيفيتن کي سولائيءَ سان بيان ڪرڻ کان سواءِ، ڪنهن آرٽسٽ جي اندر ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه کي به سمجهي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 1076
  • 370
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • راجن مڱريو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اهو اجنبي

بگن فقير جي آخري آرام گاهه

بگن فقير جي آخري آرام گاهه


ضمير کي ڪيترن ئي سالن کان ان ڳالهه جي يقين جي حد تائين پڪ هئي ته بگن شاهه اصل ۾ سندس پڙ ڏاڏو آهي يا بگن شاهه جي قبر سندس پڙ ڏاڏي جي قبر آهي. هن جي عمر جو آخري حصو ان سوچ ۾ ٿي گذريو ته آخر اهو ثابت ڪيئن ٿئي ته بگن شاهه جي قبر جيڪا هاڻ قبر نه پر هڪ شاندار مقبرو آهي. گذريل ڏهن پندرهن سالن کان هڪ وڏي ڪمائي جو پڻ ذريعو بڻجي ويو آهي، جنهن جي ڪمائي تي روزانو جھيڙا ڦڏا ٿيندا رهندا آهن. ان جي قبر تي ڪڏهن ڪنهن جو قبضو هجي ٿوته ڪڏهن ڪنهن جو...
ان قبر اندر سندس اهو ڏاڏو دفن آهي جنهن کي ان وقت يعني اڄ کان ڏيڍ سئو سال پهرين جڏهن حرن جي پهرين مارشل لا لڳي هئي هر طرف مليٽري پرا ٻڌي ماڻهن کي ڳولهي ڳولهي پئي ٻڌندي هئي ۽ بنا ڪيس هلائڻ جي ڏورانهن علائقن ۾ کڻي وڃي جيلن ۾ واڙيندي هئي. وريام فقير رليءَ وارو ڳوٺ ڳوٺ رلي اوڍيو پيو هلندو هو. ۽ هر هنڌ غلام حيدر فقير جون ڳالهيون ٿينديون هيون جيڪو افغانستان مان درگاهه شريف پير جو ڳوٺ آيو هو. ۽ پير صاحب جي شخصيت ۽ روحاني رمزون پسي پير سائين کان ذڪر وٺي مريد ٿيو هو، پوءِ درويشاڻو روپ ڌاري واهڻ وستي پيو پرينءَ جي پچار ڪندو هو. ضمير جو ڏاڏو انهن ئي ڏينهن ۾ انهن ئي پٽن ۾ ڪکجي پيو هو.
انگريزن وريام فقير رليءَ واري کي جيل اندر زهر ڏياري مارائي ڇڏيو هو، پير صاحب سان انگريز سرڪار جا تعلقات خراب ٿي ويا هئا. وريام فقير جي پٽ محمد بچل، المعروف بچو بادشاهه انگريزن جي حڪومت خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو هو ۽ هن سانگهڙ سرڪار جي نالي سان حڪومت به قائم ڪري ورتي هئي. بچو سان گڏ سندس حڪومت ۾ ٻارهن ماڻهو شامل هوندا هئا، تنهن ڪري اهي ٻارنهن ٻهروٽيا مشهور ٿيا. انگريز سرڪار، سانگهڙ سرڪار قائم ٿيڻ جي ڪري ڇتي ٿيل هئي ۽ مست هاٿيءَ جيان هر شئي کي لتاڙي پار پوڻ ٿي چاهيائين. ننڍو وڏو، ٻار ٻڍو ڄڻ ويل ۾ هو. ڪيڏانهن اچڻ وڃڻ وڏو مسئلو هو. گهرن ۽ ڳوٺن ۾ رهڻ مشڪل ٿي پيو هو. ماڻهو گهر تڙ ڇڏي وڃي محفوظ هنڌن تي لڪا هئا. بگن فقير جي گهر مردن مان صرف هو پاڻ بچيو هو. سندس پٽ هونئن ئي ٿر جا سفر پيو ڪندو هو. هو سانگهڙ جي آسپاس جي ڳوٺن جو مال ڪاهي ٿر پهچائيندو هو. ۽ وري ٿر مان ڪا ڪاهه ملندي هئس ته اها ڪاهي اچي هتي مالڪن کي پهچائيندو هو.
بهرحال ضمير اهو پڪو فيصلو ڪري ورتو هو ته هو پنهنجي ڏاڏي جي قبر ضرور کولرائيندو، هن پهريان ته چڱن مڙسن کي دانهون ڏنيون پر ڪنهن سندس هڪ به نه ٻڌي، نيٺ مجبور ٿي هن شاهديون هٿ ڪيون ۽ هڪ سٺي وڪيل کان ليگل نوٽيس مخالف ڌر ڏي ڏياري موڪليو، ليگل نوٽيس ملڻ کان پوءِ هنن ڏٺو ته هاڻي معاملو ٽرڻو ناهي، ان ڪري پاڻ ئي وڃي چڱن مڙسن وٽ دانهين ٿيا. ضمير فيصلي لاءِ اڳ ۾ ئي راضي هو. فيصلو ٿيو، ضمير سڌي ڳالهه ڪندي چيو ته آسپاس جا بزرگ سالن کان ان ڳالهه جي تصديق ڪندا پيا اچن ته بگن فقير جيڪو منهنجو پڙ ڏاڏو هو، ان کي نانگ ڪکي ويوهو. ۽ هو جيا آباد مان ڏاند ڪاهڻ ويو هو. اهو شام جو وقت هو، هو اتان پنهنجن مائٽن مان ڏاند ڪاهي آيو پئي ته سج لهي ويو، اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن هو واپس نه موٽيو! جتي هن وقت بگن شاهه جي نالي سان قبر آهي اتي ان ڏينهن کان اڳ ۾ ڪا به قبر نه هئي. پوءِ آهستي آهستي اها ڳالهه به کلي ته اها قبر بگن جي آهي، ۽ هن کي رستي ۾ ڪٿي نانگ ڪکي ويو هو. پر سندس ڪو به پونئير نه رهيو هو. هر ماڻهو پوليس ۽ مليٽري جي عتابن کان پيو لڪندو هو. سندس پٽ جيڪو ٿر مال ڪاهي ويو هو سو به اهڙين خراب حالتن جي ڪري سالن تائين واپس ئي نه وريو هو. مٿان لوڙهن وارو عذاب به اچي ڪڙڪيو ته ماڻهو ڄڻ ميڙجي سيڙجي وڃي لوڙهن ۾ پيا.
ائين سالن جا سال ماڻهو دربدر ٿيندا رهيا، ڪي مري ويا ته ڪي جيل حوالي ٿي ويا. ڪن کي ڦاسيون اچي ويون ته ڪن کي ملڪ بدر ڪري ڪاري پاڻيءَ موڪليو ويو. قبر جي اصليت ڏينهون ڏينهن وئي ٿي ميساربي. بس ان نسل وٽان صرف اها ڳالهه نئين نسل ڏي منتقل ٿي ته بگن فقير ڏاند ڪاهڻ ويو هو ۽ کيس نانگ ڪکي وڌو هو ۽ هو مري ويو هو. هن جو وارث هجڻ جي صورت ۾ اهو منهنجو حق به ٿئي ٿو ته آئون سندس قبر ڳولهي هٿ ڪيان. آئون رڳو اهو ٿو چاهيان ته هن جديد دور ۾ جتي هڏن مان ماڻهن جي ڪٽنب قبيلي جي خبر پوڻ ممڪن ٿي پئي آهي، ڇو نه ان سهولت جو فائدو وٺندي، پنهنجي پڙ ڏاڏي جي قبر ڳولي ڪڍان، جيڪو منهنجي نظر ۾ هڪ شهيد به آهي. هن چيو ته آئون بگن شاهه جي قبر ۾ پوريل لاش جي ڊي اين اي ڪرائڻ چاهيان ٿو. اگر هو منهنجو ڏاڏو نڪتو ته پوءِ کيس منهنجي ڏاڏي جي قبر جي نالي سان بگن فقير ڪري سڏيو وڃي، نه ته بس، ڀلي اها قبر بگن شاهه جي نالي سان سڏجندي رهي.
پر هنن جو موقف هو ته ڪنهن به قيمت تي قبر ڪشائي نه ٿئي. ها باقي سائين بورڊ تي بگن شاهه اڳيان شاهه هٽائي فقير لکرائڻ تي راضي ٿي ويا، پر ضمير ان ڳالهه تي به نه بيٺو، نيٺ معاملو وڃي ڪورٽ پهتو.
ٽي سال ڪيس هلندو رهيو. نيٺ ڪورٽ قبر کولي ڊي اين اي ڪرائڻ جو حڪم صادر ڪيو.
قبر کوٽڻ جو بندوبست ٿي ويو، ڊي اين اي جا سيمپل وٺڻ لاءِ ڪراچي مان ٽيم پهچي وئي، قبر جي کوٽائي وقت ڄڻ اتي ميلو متل هو، پوليس تمام سخت انتظام ڪيا هئا. صحافين جون ٽيمون به اچي لٿيون، هر طرف ڪيمرائن جا ٽچڪا هئا ۽ علائقي جي بزرگن ۽ معززين کان بگن شاهه جي تاريخي پهلوئن جي باري ۾ پڇا ڳاڇا هلندي رهي، پر سڀ ڳالهيون لوليون لنگڙيون هيون، ڪا حتمي ڳالهه سامهون نه ٿي آئي.
مقبري کي ٻاهران کان سرنگ لڳائي قبر تائين پهچڻ جو بندوبست ڪيو ويو، اهو سمورو ڪم وڏي احترام ۽ نفاست وارو هو. ان ڪري ڪم جي ذميواري ڪن خاص ماڻهن جي حوالي ڪئي وئي هئي.
ضمير جي اکين ۾ پڙ ڏاڏي جي هڏائين پڃري جا عڪس ۽ اولڙا لهي اڀريا هئا، هن کي سندس ڏاڏيءَ جون ڳالهيون ياد ٿي آيون، جيڪي هو پنهنجي سهري يعني ضمير جي پڙ ڏاڏي بگن فقير جي باري ۾ ڪندي هئي.
هو چوندي هئي ضمير پٽ منهنجو سهرو سڄو سون هو. هن زندگيءَ ۾ ڪڏهن ويهڻ ته سکيو ئي ڪونه هو. مينهن وسندا هئا ته ٻاجهر، جوار، مڪئي، گوار، موٺ، مسور ڇانهيون، ميها، چڀڙ پوکيندو هو. ٻارنهن مهينن جو ان ۽ ڀاڄيون گهر سڪائي رکندا هئاسين، ريل جي پٽڙين تي وڃي ڪم ڪندو هو. پٿر ڪٽيندو هو، اڃان به واندو ٿيندو هو ته اوڏن سان گڏجي پوندو هو. پيو گڏهن تي مٽي ڍوئيندو هو، گهر جا ڏاڍا سهڻا سفا ٺهرايا هئائين.
چيڪي مٽي مان اَنُ رکڻ لاءِ گندلا به ڏاڍا سهڻا ٺاهيندو هو، پري پري جا ماڻهو اچي اَنَ داڻي لاءِ گُنديون ۽ گُندلا ٺهرائي ويندا هئس. آري، واهولو ۽ رندو هر وقت گهر ۾ رکندو هو، ڦاٽل ڪپڙن کي چتيون پاڻ هڻندو هو. گهڻو ڪري پيرن اگهاڙو هلندو هو، جتي سُتو، ننڊ کڻي ويندي هئس، اهو وَهڙو به سندس ڀر ۾ ليٽي پوندو يا بيٺو زبان هڻندو هئس، جڏهن اُهو وَهڙو ڄائو ته ڳئون اٿڻ ويهڻ کان لاچار ٿي پئي هئي. ٽيڪن تي اُٿاري اٿاري تنگ ٿي پياسين. نيٺ سير ڏياري گوشت ڳوٺ ۾ ورهائي ڇڏيوسين. گابي کي پاڻ پنهنجي هٿن سان پالي وڏو ڪيائين، جيڏانهن ويندو هو ساڻ هوندو هئس، وڏو ٿيو ته وَهائڻ جو شوق ٿيس، پر اِهو ڪم به پاڻ نه ڪيائين، ڏاند ڪاهي وڃي صبڙ وارن کي ڏئي آيو، هفتي ٻئي اوڏانهن وڃي وَهڙي جا حال وٺندو هو. پر هن جي منهن نه چڙهندو هو. منهنجي سس سان گهڻي ڪونه لڳندي هئس، هو هن مان چڪون ڪڍندو هو، ٽوڪون ڪندو هو، هوءَ به هن سان گهٽ ڪونه ڪندي هئي، پر جڏهن منهنجي سس جا سئو ورهيه پورا ٿيا تڏهن مڙس صفا ٽٽي پيو هو. روڻو جهوڻو رهڻ لڳو هو. ڪنهن به شئي جو نه چاهه رهيس نه چس. آخري ڏينهن ۾ حج تي وڃڻ لاءِ ماڻهن جا قافلا ڏسي پاڻ به اُن پار وڃڻ جا پور پيو پچائيندو هو، ان لاءِ جيڪي ڪجهه ڏوڪڙ گڏ ڪري رکيا هئائين سي هر وقت پنهنجي گوڏ جي ور ۾ رکندو هو.
قبر جي کوٽائي پوري ٿي وئي هئي، بس آخري مٽي کي هٽايو پئي ويو.
ڪنهن کان رڙ نڪري وئي، اَڙي اَبا هي ته ڪنهن ڍڳي جا هڏا آهن........................!
ڍڳي جا هڏا آهن...........!؟
ها ها........!
آهن ته ڍڳي جا هڏا.......!!
ڪنهن کڻي وات تي هٿ رکيس، هو خاموش ٿي ويو پر “ڍڳي جا هڏا آهن”. وارو پڙاڏو گونجندو گرجندو آسپاس بيٺل سوين ماڻهن جي ڪنن جي پردن سان ٽڪرائبو خبر ناهي الائي ڪٿي وڃي پهتو.