هئــــا اڳئـــــي گــــــڏ
ڪيهر جي ننهن مان رت پئي ٽميو، ڊگهن ۽ سلڪي سڪلي وارن جون چڳون........ ڪال ڪوٺڙيءَ نما ڪمري ۾ وکريون پيون هيون، سنڌ سنڌ سور ۾ چور هئس، پر حوصلو جبل وانگي ڪر کنيو بيٺو هئس. هنن جون سموريون ڪوششون ناڪام ويون هيون......
ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هنن طرفان ڪيل ظلمن جا سمورا داستان ٻڌايا ويا هئس، هن جي جبل جهڙي حوصلي کي ريزا ريزا ڪرڻ لاءِ ڪيترائي وڊيو ڪلپس، ڪيترن ئي چچريل لاشن جون تصويرون ۽ فلمون هن کي ڏيکاريون ويون هئس، بي انتها سختي کان وٺي بي انتها پيار سان به سمجهايو ويو هئس، سندس گهر وارن سان ظلم ۽ زيادتي جون ڌمڪيون به ڏنيون ويون هئس پر هو نه مڙيو هو، هن جي زبان اهو ئي ٿي ڳالهايو جيڪو سندس اندر ۾ هو، هنن کيس پنهنجي زبان ڏيڻ پئي چاهي پر هن کي اهڙِي تصور کان ئي ڪراهت پئي آئي، هن نه ٿي چاهيو ته اهڙي غليظ زبان هو پنهنجي وات ۾ رکي جيڪا صرف اهو ئي ڳالهائي جيڪو صرف هنن پئي ٻڌڻ چاهيو ، ڪيهر ڪجلا سر جي ڪنڌيءَ تي جنم ورتو هو، هوشو، هيمون، دودو، دولهه ۽ سورهيه جا قصا ٻڌي ٻڌي وڏو ٿيو هو سندس والد ميهر به ان ئي راهه جو مسافر ۽ نالي واراو مزاحمتي شاعر هو، ڪيهر کي پنهنجي والد مزاحمتي نظم جهوليءَ ۾ سمهاري لولي جيان ٻڌايا هئا، ان ڪري کيس پنهنجي والد جا کوڙ سارا نظم برزبان ياد آهن. کوليءَ ۾ جڏهن به کيس ڪجهه دير لاءِ اڪيلو ڇڏيو وڃي ٿو تڏهن هو انهن نظمن کي وڏي سڏ جهونگاريندو رهي ٿو، انهن نظمن جي لفظن جي معنيٰ اهي آفيسر سمجهي ڪونه ٿا سگهن پر انهن جو تاثر محسوس ڪري هنن جا لنڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙ ۾ اچي کيس وري تشدد جو نشانو بڻائي، ماٺ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن پر هو ماٺ نه ڪندو آهي نيٺ سندس ٻانهون پويان ٻڌي ۽ وات ۾ ڪپڙو وجهي ڇڏيو هئائون، ڪيترا ڏينهن اها مشق ورجائبي رهي آهي. هن کي ماري ڇڏڻ وارو پروانو اڃان هنن کي نه مليو آهي نه ته هنن لاءِ اها ڪا ڏکي ڳالهه به نه آهي.
نيٺ هنن اهو فيصلو ڪيو ته ڳالهه مڃائڻ لاءِ سندس ئي ٻولي ڳالهائڻ وارو ئي آفيسر مقرر ڪيو وڃي جيئن کيس پنهنجائپ جو احساس محسوس ٿئي ۽ هو ان جي ڳالهه مڃي وٺي. آفيسرن جي ڳالهه اعليٰ آفيسرن کي به سمجهه ۾ اچي وئي ۽ فورن ئي هڪڙو آفيسر مقرر ڪيو ويو، جوائنگ کان پوءِ ان آفيسر کي ڪيهر جي باري ۾ مڪمل بريف ڪيو ويو ۽ هونءَ به هو اهڙن ڪمن جو تجربو رکندڙ ۽ ذميوار آفيسر هيو. ان کان پوءِ آفيسر پهريون حڪم اهو ڪيو ته ڪيهر جا هٿ ۽ وات کوليو وڃي آفيسر جي حڪم جي تعميل ۾ دير نه ٿي، هن پنهنجي ڪرسي کوليءَ جي ويجهو ئي رکرائي ڇڏي، سپاهين جي اچ وڃ ۽ هلڪو هلڪو شور لڳو پيو هو پوءَ اوچتو ئي اوچتو ڪيهر جو آواز گونجيو، اڄ جيڪو هن نظم جهونگاريو هو اهو هن اڳ ۾ اتي ڪڏهن به ڪونه جهونگاريو هو، هن کي ياد هو ته نظم لاءِ کيس سندس بابو چوندو هو ته پٽ هي اهو نظم اٿئي جيڪو مردن ۾ به ساهه ڦوڪي سگهي ٿو پر نظم کي ڳائڻ، جهونگارڻ ۽ ادائگي سان پيش ڪرڻ وارو فن لازمي هجڻ گهرجي.
ڪيهر آلاپ ڏنو
“ها.................”
“هو..................”
“وو................ وو................... وو......................”
“ستو ڇو تون آهين اياڻا اياڻا، ڏنگيندئي ڏنگيندئي وهاڻا وهاڻا
ستو تون ڇو آهين اياڻا اياڻا”.
ڪيهر جي لفظ لفظ کي آفيسر انتهائي غور سان پئي ٻڌو، هن جيئن ئي ماٺ ڪئي ته آفيسر اٿي ان ڏانهن هليو آيو ۽ هڪ سپاهيءَ کي اشارو ڪري ڪرسي کوليءَ جي دروازي وٽ رکرائي ڇڏيائين، آفيسر پهريون لفظ ڳالهايو.
“هيلو ينگ مين............... ڪهڙا حال آهن؟! ڳايو ته ڪمال جو ٿا، توهان سائين ميهر جو ڪلام پئي ڳايو نه توهان؟”
ڪيهر جي لوءَ لوءَ ۾ فرحت ۽ تازگي جو احساس ڦٽي پيو ۽ تڪڙو ئي جواب ڏيندي چيائينس.
“ها ميهر فقير جو ڪلام پئي ڳايم!”
“ميهر فقير ڪيڏو نه عظيم انسان هو، هن جي شاعريءَ ۾ جيڪو فلسفو ماروئڙن ۽ جهانگيئڙن جي دردن جي اپٽار آهي، ان کي سمجهڻ لاءِ صديون گهرجن، ينگ مين صديون”.
“نه آفيسر اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي، بابا سميت سموري نظرياتي شاعرن جي شاعري ان جي لفظن جي معنيٰ، مفهوم، فلسفو بلڪل واضح ۽ چٽو آهي، هتان جو عام ماڻهو انهن جي پيغام کي سمجهي سگهي ٿو، جيئن شاعر پنهنجي آدرشن ۾ چٽا آهن ائين ئي ماڻهو به پنهنجي منزل ۾ چٽا آهن، ٻئي پاسا ڌرتيءَ جي بقا لاءِ ويڙهه نظر اچي ٿي، شاعر سڏ ڏين ٿا ۽ ماڻهو سڏ ورنائين ٿا، بس سڀني کي ڪنهن وقت جو انتظار آهي، ڪنهن خاص وقت جو انتظار..... آفيسر.............!”.
آفيسر گهري سوچ ۾ ٻڏي ويو، ڄڻ هڪدم روشنيءَ مان انڌيري ۾ هليو ويو هجي ۽ رستو وڃائي ويٺو هجي، بي ساختا ٿڌو ساهه ڇڏائجي ويس، کن پل رکي ڳالهائڻ جو بهانو ڳوليندي چوڻ لڳس.
“ڪيهر مون کي هتي صرف تنهنجي لاءِ ئي مقرر ڪيو ويو آهي!”
“مطلب ته تون هنن کان به وڌيڪ ظالم ۽ سفاڪ آهين، هنن منهنجا ننهن ڇڪي ورتا آهن، وار کوهي ڇڏيا آهن، سنڌ سنڌ ٿڏن سان ڀڳو اٿن، هاڻ تون ڇا ڪندين؟ زبان ڪپيندين، اکيون کوٽيندين، ڊرل سان جسم ۾ سوراخ ڪندي يا ساهه ڪڍندين ڇا ڪندين اهو پهرين ئي ٻڌائي ڇڏ!”
“نه نه ينگ مين آئون توسان اهڙو ڪجهه به نه ڪندس، ڪجهه به نه............. مون کي تو جهڙن نوجوانن جي زندگي بچائڻي آهي، مون اڳ ۾ به کوڙ سارن تو جهڙن نوجوانن جون زندگيون بچايون آهن، مان هنن وانگر پنهنجن جو رت ڪونه وهائيندس پر مون وٽ توهان لاءِ هڪ اهم پروگرام آهي ۽ هن وقت تو جهڙا کوڙ نوجوان منهنجي اهڙي پروگرام جو فائدو وٺي رهيا آهن ۽ عيش جي زندگي جي رهيا آهن”.
“ڪنهن کي عيش ڪرائڻ جي بدلي ۾ هنن کان ڪهڙو ڪم ورتو ويندو آهي، اهو آئون خوب ڄاڻان ٿو، اهڙو ڪم ڪرڻ کان بهتر آهي ته مري وڃجي، توهان جي ڏنل زندگيءَ کان موت وڌيڪ بهتر آهي، توهان طرفان ڏنل موت مون لاءِ حيات آهي، توهان طرفان ڏنل زندگي هڪ بدنما داغ جهڙي آهي”
آفيسر وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ پوءِ کل ۾ ويڙهجي ويو.
“سهڻا تو ته ڳالهه ڏاڍي سولي ڪري ڇڏي آهي، هاڻ ته توکي زنده رکڻ ۾ ئي اسان جي ڪاميابي آهي، توکي زنده ڏسي هر ماڻهو اهو ئي سمجهندو ته تون ڪمپرومائيز ڪري آيو آهين ۽ گهڻا ماڻهو ته توکي منهن تي به اها ڳالهه چئي ڏيندا”
“اهو فيصلو توهان کي ڪرڻو آهي ته مون کي جيئرو ڇڏڻو آهي يا ماري ڇڏڻو آهي، باقي مان ڄاڻان ۽ منهنجا ماڻهو ڄاڻين”
آفيسر موبائل تان نمبر ملائي ٿو، موبائل ڪن تي رکي جڏهن رنگ وڃي ٿي ته موبائل ڪيهر ڏانهن وڌائي ٿو.
“ڪيهر هي وٺ تون پنهنجي گهروارن سان ڳالهاءَ”
ڪيهر نه چاهيندي به هٿ اڳتي وڌائي ٿو.
“هيلو......... هيلو امان!
آئون پيو ڳالهايان ڪيهر”
ڪيهر ماءَ جو آواز ٻڌي کيس چيو. هن جي ماءُ به اتاولي انداز ۾ چيس.
“ابا! منهنجا پٽ تون ڪٿي آئين؟ ۽ ڪيئن آهين!؟”
“امان آئون بلڪل ٺيڪ آهيان ۽ هڪڙي دوست وٽ ترسيل آهيان”
“پر پٽ اسان ته ٻڌو آهي ته توکي سرڪار جا ماڻهو کڻي ويا آهن”
“نه امان اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي”
آفيسر هڪدم موبائل ڦري ڇڏيس، موبائل بند ڪري ڇڏيائين.
“تون ڇا ٿو سمجهين ته تنهنجي ماءُ کي خبر نه هوندي ته تون اسان جي قيد ۾ آهين؟”
“ها خبر هوندي، پر مون پنهنجي زبان کان کيس ٻڌائڻ نه پئي چاهيو. منهنجو ائين ڳالهائڻ ئي هن لاءِ وڏي آٿت ۽ سڪون جو باعث هوندو”
“لڳي ٿو ڇورا تنهنجا ڏينهن پورا ٿيڻ وارا آهن” آفيسر ڪاوڙ مان چيس.
“تنهنجي هٿان مرندي مون کي خوشي ٿيندي” ڪيهر به اوترو ئي بردباريءَ سان جواب ڏنس.
“اهي سڀ تنهنجا ڊراما آهن ڪيهر، تنهنجي ٽريننگ ۽ تربيت پئي ڳالهائي، نه ته اسان جي آڏو ته وڏن وڏن جي بولتي بند ٿي ويندي آهي، بس جيئن چئبو آهي ائين لکي ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن”
“پر آئون انهن مان نه آهيان نه ئي منهنجي ڪنهن به قسم جي ڪابه تربيت يا ٽريننگ ٿيل آهي، اسان کي سچ ستيءَ ۾ پيل آهي، اسان سچ ۽ سونهن جا پانڌيئڙا آهيون، اسان جو رهبر لطيف آهي ۽ رهنما نظريو آهي، اسان جي پيرن ۾ تو وانگي زنجير ناهن پيل، پر اسان جي ذهن ۾ شعور جو ڏيئو روشن ٿيل آهي، اهڙو ڏيئو جنهن کي ڪوبه طوفان وسائي نه ٿو سگهي، منهنجي رت ۾ هڪڙو اهڙو رنگ آهي جيڪو دنيا جي ڪنهن به انسان جي رت ۾ نه آهي”
“بس بس ! هاڻ گهڻو ئي ٿيو اڄ رات ئي تنهنجو ڪونه ڪو بندوبست ڪيان ٿو”
آفيسر هليو ويو هو ۽ وڃي پنهنجي اعليٰ آفيسر کي رپورٽ ڪيائين پنهنجي ذهن ۾ آيل نئي پلان جو به ٻڌايائين، بالا آفيسر سندس نئي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ ان پلان کان سهمت ٿيندي، ان کي سرانجام ڏيڻ لاءِ پارٽي جوڙڻ جو حڪم به ڏنو.
رات جا يارنهن ٿيا هئا ته کيس کوليءَ مان ٻاهر ڪڍيو ويو.
هن جو اکيون ۽ هٿ پويان ورائي ٻڌي ڇڏيائون، هو سمجهي ويو ته ها! اڄ سندس آخري وقت اچي ويو آهي، گاڏي هلندي رهي ڏور شهر کان ڏور ويراني ۾ اچي گاڏي بيٺي، سامهون ننڍا ننڍا جبل هيا ۽ ترائين ۾ ڪنڊين ۽ ديوين جو ٻيلو لڳو پيو هو، آفيسر جي پلان مطابق کيس اهڙي ويراني ۾ وٺي وڃي خوف ڏياري معافي نامي تي صحيح ڪرائڻي هئي.
ڪيهر کي گاڏي مان لاهي هيٺ جهنگ ۾ اهو آفيسر وٺي وڃڻ لڳو ته سپاهي به ان جي پويان اچڻ لڳا، پر هن سختيءَ سان انهن کي اشاري سان اتي ئي بيهڻ جو چيو، آفيسر ڪيهر کي ٻانهن کان جهلي جهنگ جي وچ ۾ وٺي آيو، ڪيهر جا هٿ ۽ اکيون به کولي ڇڏيائين. ان کان پوءِ کيس سمجهائڻ واري انداز ۾ چوڻ لڳو،“ڪيهر! تون اگر صحيح ڪري به ڏيندين تڏهن به ڪو فرق نه پوندو، تنهنجي زندگي بچي ويندي. هي تنهنجي فيصلي جي گهڙي آهي، هن لمحي توکي پاڻ فيصلو ڪرڻو آهي ته تون زنده رهڻ ٿو چاهين يا موت کي گلي ٿو لڳائين”
ڪيهر اندر ۾ ڀڙڪيل باهه کي ٻاهر ڪڍندي چيو،“هن وقت به منهنجو اهو ئي فيصلو آهي جيڪو اڳ۾ هو آئون تنهنجي گوليءَ سان خوشيءَ سان مرڻ چاهيندس”
آفيسر کي ته اڳ ۾ ئي خبر هئي ته کيس ڇا ڪرڻو آهي، رڳو آخري ڪوشش جي طور تي هن ڪيهر کان پڇي ورتو هو. آفيسر پنهنجي پرس مان ڪجهه پئسه ڪڍي ڪيهر جي کيسي ۾ وڌا ۽ ڪيهر کي چنڊ جي سڌ تي ڊوڙڻ لاءِ چيو، اهو به چيائينس ته صبح جو سوير ڪنهن روڊ تان گاڏي ۾ چڙهي ڪٿي گم ٿي وڃجان، پر ڪيهر ائين ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. هن کي اهو خدشو هو ته آفيسر مون کي پويان کان گولي هڻي ڪڍندو، هو پٺيءَ ۾ گولي کائي مرڻ نه پيو چاهي، ان ڪري آفيسر کي چوڻ لڳو.“اگر مارڻو اٿئي ته سڌو ئي مار، آئون تنهنجي گولي سيني ۾ کائڻ چاهيندس، ڀڄندا ته ڀاڙيا آهن آئون ڀڄڻ وارن مان ناهيان!”
“ڪيهر تون مون کي غلط پيو سمجهين آئون جيڪو چوان پيو اهو ئي صحيح آهي، آئون توکي پٺيءَ ۾ گولي نه هڻندس پر هوائي فائر ڪندس ته جيئن هنن کي خبر پوي ته مون گولي تو تي هلائي آهي”
“پر ان کان پوءِ هو توکي جيئرو نه ڇڏيندا؟”
“نه ڪيهر هو مونکي ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهن، هو منهنجا ماتحت آهن، منهنجي حڪم جا غلام آهن، آئون هنن جي حڪم جو طعبيدار نه آهيان، تون ويساه رک مونکي ڪجهه به ڪونه ٿيندو”
ڪيهر کي آفيسر جي ڳالهه تي اعتبار اچي ويو ۽ هو تيزيءَ سان اڳتي وڌڻ لڳو. وڏين ٻن پهاڙين جي وچ وارو لنگهه عبور ڪري اڃان هو هن پاسي هيٺ ئي لٿو هو ته جهنگ ۾ زوردار فائر ٿيو، ڪيهر کي سمجهه ۾ ڪجهه ڪونه آيو ته ڇا ٿيو آهي.
سپاهي ڊوڙي ان جاءِ تي پهتا. آفيسر کي رت ۾ لت پت ڏٺائون! آفيسر جي هٿ ۾ ريوالور هو، هن پاڻ ئي پاڻ کي ماري وڌو هو ڇو ته آفيسر کي اڳ۾ ئي خبر هئي ته ڪيهر کي فرار ٿيڻ ۾ مدد ڪرڻ جي ڏوه ۾ کيس ڪهڙي سزا ملڻي آهي...!