لهرن جي لالاڻ ۽ پونم
سکر لينڊز ڊائون پل تان ٽريفڪ پنهنجي روانيءَ سان پئي هلي. آسمان تي ڪٿي ڪٿي ڪڪريون پئي اُڏاميون. چاڙهه هجڻ ڪري لب مهراڻ تي ماڻهن جي رش لڳي ٿي هئي. ساڌ ٻيلي ڏانهن به ٻيڙا آيا ۽ ويا پئي. هندو ڪير، مسلمان ڪير، ڪا به خبر نه پئي پئي. پونم ۽ انيل هلندا اچي سنڌو ڪناري تي ويٺا هئا، هو صبح کان وٺي گهمندا رهيا هئا ۽ مختلف موضوعن تي بحث ڪندا رهيا... پونم نيٺ اُها ڳالهه ڪئي جيڪا هن انيل سان فون تي ٿيندڙ ڪچهرين دوران ۽ اڄ صبح ٿيل ڳالهين مان محسوس ڪئي هئي... ”تون دل جو پٿر آهين، انيل!؟“ پونم هٿ ۾ رکيل پٿر سنڌو ۾ اُڇلايو ۽ انيل جي اکين ۾ نيهاريندي چيو....
”مان جواب ڏيان ٿو، پر اِهو ٻڌاءِ ته اهو پٿر ڪٿان آندئي، جيڪو هاڻ تو سنڌوءَ ۾ اُڇلايو!؟“
پونم مرڪي ۽ چيائينس، ”پهرين منهنجي ڳالهه جو جواب ته ڏي؟“
”ضروري آهي ڇا!؟“
”ها ضروري آهي“
”پر ان کان پهرين منهنجي هڪ ٻئي سوال جو جواب ڏي...؟“
”ڪهڙو سوال آهي تنهنجو..!؟“
”تنهنجي دل ۾ اهڙو سوال پيدا ڪيئن ٿيو؟ منهنجي پٿر دل ٿي وڃڻ وارو؟“
”ڳالهه ته اها به اهم آهي...... ته منهنجي دل ۾ اهڙو سوال آّخر ڇا لاءِ اُڀريو..... ڪيترائي سبب آهن........ پر اُهي سڀ بيان ڪرڻ لاءِ وري به توکي ئي چونديس، تون ئي ٻڌاءِ ته منهنجي دل ۾ تنهنجي لاءِ اهڙو خيال ڇو پيدا ٿيو.......؟“
انيل به هڪڙو پٿر سنڌوءَ ۾ اڇلايو، جيڪو سندس اندر ۾ اڀريل آيل پريشانيءَ کي ظاهر ڪري رهيو هو.
”هاڻ تون ٻڌاءِ ته تو وٽ اِهو پٿر ڪٿان آيو!؟“ پونم هلڪو ٽهڪ ڏيندي چيس.
”اِهو پٿر مون تنهنجي ئي پٿرائي دل جي مٿاڇري تان کنيو هو پونم“ پونم مرڪي پئي....
”ان جي معنيٰ تون وري الٽو مون کي پيو پٿر دل سمجهين!؟“
”پونم هتي هر انسان پٿر دل بنجي “جي” رهيو آهي ان ڪري ئي زنده آهي..... نه ته سچ پڇين ته هيءَ ڌرتي هاڻ جيئڻ جيارڻ جي لائق ناهي رهي....“
”انيل تون به ائين سوچڻ لڳو آهين.......!!!؟“
”ها، پونم، هتي هر ماڻهو ايئن ئي سوچڻ لڳو آهي....... توکي خبر آهي ته هتي هندن سان ٿيندڙ ڏاڍاين کي روڪڻ بجاءِ انتظاميه ۽ وس وارن جو ڇا چوڻ آهي... هو چون ٿا ته هتي ته ڪوبه ماڻهون محفوظ ناهي.... نه هنڌو نه مسلمان، نه عيسائي ۽ نه وري ٻيو ڪير... هتي هر انسان جي زندگي داءَ تي لڳل آهي...... هر انسان کي هر وقت ڪنهن به جاءِ تي گولي لڳي سگهي ٿي. پونم، هاڻ ماڻهو ان فارمولي تي جي رهيا آهن ته ماريو، يا پاڻ مري وڃو. تون ڇا ٿي سمجهين ته هي پنهنجو يا پاڻ جهڙن لکين ماڻهن جو جيئڻ به ڪو جيئڻ آهي؟ جنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي گهر ۾ به اِهو احساس آرام ڪرڻ نه ڏئي ته ڪنهن به وقت ڪجهه به ٿي سگهي ٿو... ڌيءَ اغوا ٿي سگهي ٿي، ڀيڻ وهشت جو نشان بنجي سگهي ٿي. زال زهر کارائي، ڪنهن يار سان گهر ڇڏي نڪري وڃي سگهي ٿي. عورتون الڳ ، خوف ۽ نفسياتي مونجهارن جو شڪارآهن پونم ... اهڙي جهان ۾ جيئڻ به ڪهڙو جيئڻ هوندو......!!!؟“.
”انيل، مون کي لڳي ٿو تنهنجي سوچن تي شام جا پاڇا لهي آيا آهن.... تنهنجين اکين آڏو اوندهه ڇائجي وئي آهي ......... تنهنجي نه رڳو دل پٿر ٿي وئي آهي پر تنهنجو ذهن به مايوسين جو گهر بنجي ويو آهي........ توکي مسئلا ته نظر اچن پيا پر انهن جو حل پري پري تائين نظر ڪونه ٿو اچي... انيل تنهنجي آڏو هڪ اهڙي ديوار کڙي ٿي وئي آهي جنهن کي عبور ڪرڻ تنهنجي وس کان مٿي آهي!“ .
”پونم، تون ڇا ٿي چاهين ته آئون پنهنجي چهري تي مصنوعي مرڪ سجائي.... ِ ڏند ٽيڙي، پنهنجي پاڻ کي اذيت ۾ وجهي به اِهو محسوس ڪرايان ته مان خوش آهيان... منهنجي آس پاس خوشين جون نديون روان دوان آهن... نه پونم ائين ٿي نه ٿو سگهي... اسان جي دلين ۾ پٿرن جا ڍير ڀرجي ويا آهن. اُهي ڍير تمام وڏا آهن پونم، آگر تون منهنجي دل جا پٿر ۽ مان تنهنجي دل جا پٿر کڻي اُڇلايون ته سنڌوءَ جي سير کي ڳنڍو اَچي سگهي ٿو.هي سنڌ، هي ساڻيهه؛ ڪاساين جي هٿن ۾ اچي وئي آهي. اهڙن ڪاساين جي هٿن ۾ جن کي حرام حلال جي تميز ناهي، انهن جو ايمان پيسو ۽ مذهب هٿيار آهي... هنن کي ماڻهون مارڻ لاءِ صرف اشارو ڪرڻ جي دير هوندي آهي. حضرت عزرائيل هنن جو غلام آهي پونم......پونم توکي خبر ناهي شايد ته هن ڌرتي تي ڌارين جي ايتري ته لتاڙ وڌي وئي آهي جو هاڻ هن ڌرتيءَ مان ڪوسلو ڦٽڻ مشڪل ٿي پيو آهي، هتي ته هر ڪو ڀيل ڪرڻ آيو آهي پونم“
”انيل.... ٺيڪ آهي تون سهي ٿو چوين پر اڄ ته آئون هتي انجواءِ ڪرڻ لاءِ آئي هئس.... تون به ايترو پنڌ ڪري نواب شاهه مان هتي آيو آهين، تنهنجي اندر ۾ به ڪجهه خواهشون هونديون. خبر ناهي تنهنجون اُهي خواهشون به الائي ڪيڏانهن هليو ويون آهن، اندر ۾ ئي ڪٿي مري ويون آهن شايد!......اسان کي هنن يادگار لمحن جون تصويرون ٺاهڻ گهرجن ها، فيس بوڪ تي سڀني دوستن کي شيئر ڪجن ها... لب مهراڻ تي گهمندي ڦرندي تون منهنجي سونهن ۽ صورت جي تعريف ڪرين ها، منهنجي وارن ۾ آڱريون ڦيري منهنجي ادائن کي سهڻن لفظن جي ڀيٽا ڏين ها. مون کي اِهو چوين ها ته، پونم، آئون توکان سواءِ رهي نه ٿو سگهان، آئون تولاءِ سڀ ڪجهه ڪري سگهان ٿو... منهنجي ڳلن جي گولاين کي چمي ها.... منهنجي چپن جا ذائقا وٺي ها .....منهنجي هٿن جي گرمائش پاڻ ۾ سمائي ڇڏين ها..... انيل مون اِهو به پئي چاهيون ته پاڻ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي سنڌو جي سيني تي ترون ها، هڪٻئي کي سنڌوءَ جي لڙاٽي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻون ها.... پوءِ هلي ساڌ ٻيلي جا مندر گهمون ها.... پر تو ته منهنجي دل ۾ ڦٽل هر سلي کي اسرڻ کان اڳم ۾ ئي ڄڻ چيڀاٽي ڇڏيو......... منهنجي دل جي رات جون راڻيون هڳاءُ ڇڏي ويون آهن انيل.... منهنجي اندر ۾ اڪ ۽ ٿوهر ڦٽي پيا آهن ان ڪري آئون، هاڻ ڪنهن اهڙي ديس ۾ وڃڻ چاهينديس جنهن ديس جو آسمان هميشه بادلن سان مهڪندڙ هجي ۽ انهن مان وسندڙ مينهن ۾ رڳو نينهن جا سلا ڦٽندا هجن.........انيل مون کي اِها خبر ئي نه هئي ته تون پنهنجي اندر ۾ هڪڙو زخمي شخص آهين.......... اَهڙو زخمي شخص جنهن جي ٻوٽي ٻوٽي ۾ ڄڻ ماتم متل آهي، جنهن جي رڳ رڳ ۾ ڄڻ رت جي بجاءِ ڪربلا روان دوان آهي.... انيل مان توکي وڌيڪ زخم ڏيڻ نه ٿي چاهيان ڇو ته منهنجو ساٿ به توکي زخم ئي ڏئي سگهي ٿو ۽آئون نه ٿي چاهيان ته منهنجي طرفان به توکي زخم ملن.ان ڪري هاڻ آئون ڪنهن اهڙي ديس ۾ وسڻ چاهينديس، جنهن ديس جو آسمان هميشه بادلن سان مهڪندو هجي ۽ انهن مان وسندڙ مينهن ۾ رڳو نينهن جا سلا ڦٽندا هجن...“
پونم اڳ چيل لفظن کي وري دُهرايو. هي اهي لفظ هئا جن ۾ صرف وڇوڙي جا اسرار ئي سمايل هئا. پونم سمجهيو پئي ته هن جي اهڙين ڳالهين تي انيل ڪو رد عمل ضرور ڏيکاريندو پر ايئن ٿيو ڪونه ۽ چوڻ لڳو، “پونم هي سنڌو آهي، جنهن هن ماءُ کي جنم ڏنو آهي..... پونم، اها ماءُ جنهن کي ڌرتي چئجي ٿو. جنهن مان اسان ڦٽا جنم آهي.......!” هو اڃان به ڳالهائي رهيو هو...... پر پونم وڌيڪ ڪجهه به ٻڌڻ لاءِ تيار نه هئي.... ۽ هوءَ ٽپ ڏئي اٿي بيٺي، هن موبائيل پنهنجي پرس مان ڪڍيو ۽ سنڌوءَ جي سير جي حوالي ڪري ڇڏيو........... ڇو ته هن کي هاڻ انيل وڌيڪ ڪنهن به قسم جو رابطو رکڻ نه ٿي چاهيو، هوءَ هلي وئي پر انيل ڄڻ ڪجهه به ڏٺو!...... هن جو ڌيان اڃان به سنڌوءَ جي لازوال لهرن جي لالاڻ ۾ هو، جيڪي لهندڙ سج جي عڪسن ۾ رنگين ٿي ويون هيون. پونم ويندي ويندي ڪيترا ئي ڀيرا مڙي انيل ڏي نهاريو به پر هن جي ڌيان ۾ هڪ اهڙو گيان هو جنهن جون پاڙون پاتال ۾ کتل هيون.