اڌ وتايو
رحيم اڄ صبح سان ئي پنهنجي گهران نڪتو آهي، هن کي رات واري ڪيل ڪم جي پريشاني هئي . هن شهر وڃي ڏسڻ ٿي چاهيو ته ڪهڙو ممڻ متو آهي..
هو پنهنجي گهر واري ڀٽ تان لهي شهر ڏانهن هلڻ لڳو. لٺ هٿ ۾، بغل ۾ ڳوٿري، ڊگهي ڏاڙهي، وار وڏا، مٿي تي اڇي ٽوپي، لڏندو لمندو شهر ڏي وڌڻ لڳو. شهر هنن جي ڳوٺ کان ٽي چار ڪلو ميٽر پري آهي...
رستي ۾ مال چاريندڙ ۽ عام ڳوٺاڻا سڀ کيس چڱي طرح سڃاڻين ... هن کي رستي ۾ هڪڙو ٻڪرار ڇوڪرو مليو جنهن کي چيائين، ”ابا ڏي خبر ٻڪريون ڏهڻ ڄاڻي ٿو؟“ٻڪرار”نه“ ۾ ڪنڌ ڌوڻيو، ته چيائينس، ”ڀلا ڪُهڻ ته ڄاڻيندو هوندين؟“ ڌنار ڇوڪري هاڻي هلڪي آواز ۾ چيو ”نه“ ”مطلب ته، تون نه ڏوهڻ جو، نه ڪُهڻ جو!؟“ ڇوڪري ويچاري کڻي شرم کان ڪنڌ هيٺ ڪيو.
”ابا ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو اٿئي، آئون ڪو تنهنجو منڱيندو آهيان ڇا؟“
رحيم کي ڇوڪري سان ڳالهيندي ڏسي آس پاس مال چاريندڙ ڌنار پهنوار ۽ واٽ ويندا به اچي اُتي انهن وٽ گڏ ٿيا.
هن جڏهن ڏٺو ته ماڻهو گڏ ٿي ويا آهن تڏهن انهن کي چوڻ لڳو. ”اسان رڳو ڪُهڻ جي ڳالهه ڪئي ته توهان پهچي ويا آهيو ڀاڱو وٺڻ!“ تنهن تي هڪڙو ڪرڙوڍ همراهه جيڪو شهر کان پئي آيو سو چوڻ لڳو، ”پٽ، تون به رڳو شهر پهچ، تولاءِ اُتي دال رڌي پئي آهي!“ ان تي رحيم کلي چيس، ”ڀائو لڳي ٿو توکي دال مان چيچ به نه ٻوڙڻ ڏني اٿن، نه ته اهڙيون ڳالهيون ڪونه ڪرين هان!“سڀني بيٺلن ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.
”آخرڪهڙي خطا ٿي آهي هن درويش کان؟“ هڪ همراهه وضاحت سان ٻڌڻ ٿي چاهيو.. تڏهن ساڳي همراهه چيو.”درويش ۽ هي! هي آهي وڏو لاهه ماڻهو، هن رات جيڪو ڪارنامون ڪيو آهي اگر تون ٻڌين ته تون پاڻ هن کي جوتا هڻي!“
”ابا ٻين کي نه بڇ، تو پاڻ ئي کڻي اِهو نيڪ ڪم ڪري وٺ“ رحيم کيس ڇنڀيندي چيو. ”نه ابا آئون ڇو گند ۾ هٿ خراب ڪيان!“ ساڳي همراهه جان ڇڏائيندي چيس.
”ها ادا رنون ڪٽڻ سوليون آهين پر مردن تي هٿ کڻڻ لاءِ دل ٿي کپي دل“ رحيم جي اهڙي وار کيس کائي وڌو ۽ ماڻهن ۾ وري ٽهڪڙو مچي ويو... شهر کان موٽندڙ همراهه رکيو پيرن تي زور، ماڻهو به لڳا ان جي پويان، جن کي شايد حقيقت تائين پهچڻ جي تمام گهڻي تڪڙ هئي.
سڀني کي ويندو ڏسي رحيم کي به لڳو بل چوڻ لڳو، ”الله الله پرائي ڀٽ کوٽڻ لاءِ لوڪ ڪيڏو نه ديوانو آهي!“
هو لُڏندو لمندو شهر ڏانهن روانو ٿيو ، رستي تي هڪ ڳوٺ ۾ يارهين شريف جون ديڳيون پئي پڪيون. رحيم لڏندو اچي اتي پهتو، نِم جي ڇانو هٺيان لڳل نلڪو هلائي هٿ منهن ڌوئي پاڻي پيئڻ لڳو. کيس ڏسي يارهين جي رڌ پچاءَ جو ڪم ڪندڙن جي اکين ۾ شرارتون ڀرجي آيون، پر اڳيان به رحيم هو. پاڻي پي واندو ٿيڻ کان پوءِ انهن ڪم ڪندڙن کي چوڻ لڳو، ”بابا يارهين جون ديڳيون چاڙهيو ويٺا آهيو؟ ڀلا اُهو توهان وارو يارهين وارو کائڻ به ايندو يا؟“ ان کان پهرين جو هوهن تي ڪو وار ڪن هن اڳ۾ ڳالهه اڇلي سڀني جا منهن بند ڪري ڇڏيا.پر ٿورو ماٺ کان پوءِ هڪ فاٽ کاڌو، ”ها، ها ڇو نه ايندو، اسان جو ايمان آهي هو ضرور ايندو!“
”بلي بلي هاڻي ئي ٿي خبر پوي..... “ رحيم طنز مان چيو.
”رحيم ڪا به غلط ڳالهه نه ڪجاءِ نه ته“ ڳوٺ جي چڳي مڙس وارننگ ڏيندي چيس.
رحيم توبهن جي انداز ۾ ڪنن تي هٿ رکيو ۽ هڪڙي همراهه کي چيائين، ”ابا اِها اجرڪ ته مونکي ڏي!“
”نه نه آئون اجرڪ توکي ڇو ڏيان؟“
”اڙي مون ۾ ڪا باهه آهي ڇا جو تنهنجي اجرڪ سڙي ويندي!“ ايتري ۾ ٻئي همراهه اجرڪ واري کي چيو، ”اڙي ڏينس ڏينس، ڏسون ڇا ٿو ڪري اجرڪن کي...!“ همراهن کي به هو روشو ڏسڻو. رحيم پهرين اجرڪ وٺي زمين تي وڇائي ڇڏي ۽ پوءِ ٻيون اجرڪون وٺندو ويو ۽ وڇايل اجرڪ ۾ گڏ ڪندو ويو. سڀ کيس حيرت مان ڏسندا رهيا ته آخر هي ڪري ڇا ٿو!. هن سڀني اجرڪن کي وڇايل اجرڪ ۾ ٻڌي کڻي هڙ ٺاهي ۽ چوڻ لڳو، ”ابا يارهين وارو ايندو ته سهي نه؟“
”ها ها ڇو ڪونه ايندو!“ سڀني هڪ آواز ٿي چيو.
”ابا پڪ ٻڌايو ڪٿي ايئن نه ٿئي جو توهان پنهنجو نقصان نه ڪري ويهو“ رحيم جي اهڙي ڳالهه تي سڀ پريشا ٿي ويا، ”نڀاڳا الله نه ڪري جو نقصان ٿئي“ هڪ بزرگ ڄڻ سڀني جي اندر جي ترجماني ڪندي جواب ڏنس.
”چڱو ته پوءِ وارو ڪيو، سڏيو يارهين واري کي ته اچي توهان جون اجرڪون باهه مان ڪڍي، نه ته سڀ سڙي رک ٿي وينديون..!“ ٻڌل سڀ اجرڪون کڻي ٻرندڙ چر ۾ اُڇلايائين ۽ پاڻ وٺي مٺيون ڀيڙي ڀڳو.
”اڙي پڪڙيوس، پڪڙيوس، متان وڃي، متان وڃي“ هو اڳيان اٺ ڏهه همراهه سندس پويان. ڀڄ ڀڄان، ڀڄ ڀڄان. پر هو وڏو ڇانڊڻ مڙس، همراهه فرلانگ مس ڀڳا ۽ ٺري بيهي رهيا.
رحيم وڃي ناري جي پتڻ تي ساهه کنيو. ناري جي ٿڌي پاڻيءَ مان منهن ڌوتائين ۽ ٻيڙي ۾ چڙهي ناري جي هن پار اُڪري ٿيو شهر ڏي روانو.
هن کي خبر هئي ته شهر ۾ هن سان ڇا ٿيڻ وارو آهي، هو شهر پهچي اڃان خمونءَ واري هوٽل تي چانهه جو آرڊر ڪري ڪرسي تي ويٺو مس ته پوليس پهچي وئي ۽ کڀني کڻي کيائونس، کڻي وڃي موبائيل ۾ هيائونس.
”ڏاڍو سياڻوٿي پيو آهين!؟“ هڪ پوليس واري کيس دڙڪو ڏيندي چيو، ”ماين جا جوتا پايو پوءِ ٿو وارداتون ڪرين!؟“
”وارداتون! ڪهڙيون وارداتون ۽ ڪهڙا ماين جا جوتا، ابا ڳالهائين ڇا پيو!؟“ رحيم سڀ ڪجهه ڄاڻيندي به اڻڄاڻ ٿيندي چيس...
”بس ٿاڻي تي پهچندين ته خبر پئجي ويندئي پٽ!اصل ۾ صوبيدار صاحب هدايت ڪئي آهي ته توکي ڪجهه به نه چئون، نه ته آئون توکي ٿاڻي تي پهچڻ تائين اُڊيڙي نه ڇڏيان هان!. وڏيرو توتي ڏاڍو ڪاوڙيل آهي!“ سپاهي باهه ڪڍندي چيس.
”وڏيري جو مون وري ڪهڙو واٽر ڀڳو آهي! هو مون تي ڇو ڪاوڙيل هوندو؟“
”ٿاڻي تي پهچندين ته سڀ خبر پئجي ويندئي وڏيرو خود ٿاڻي تي ويٺو آهي“ سپاهي کيس خوف ۾ مبتلا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي چيو.
ٿاڻي تي پهتا ته پهرين کيس وڏيري جي سامهون آندو ويو جيڪو صوبيدار جي ڪمري ۾ ويٺو هو. رحيم کي ڏسي چوڻ لڳو، ”تو ڪم ته اهڙو ڪيو آهي، دل ته چوي ٿي توکي گولي هڻائي سڀني جي جان ڇڏائي ڇڏايان. پر وري سوچيان ٿو ته الله الائي ڪهڙي ڳالهه ۾ راضي آهي، اڳ ۾ تو جيڪو ڪيو اُهو تون ڦٻي ويو هئين، تڏهن جج صاحب تنهنجي ونگار وهي ويو هو. پر هن ڀيري تون لازمي ٽيپ کائيندين. ٽيپ کائيندين ته پاڻ ئي سڌري ويندين“ وڏيري ٿڌو ساهه ڀريو وري صوبيدار سان مخاطب ٿيندي چيائين.”صوبيدار مهرباني ڪري هن کي جلد کان جلد ڪاغذي ڪاروائي ڪري ڪورٽ ۾ پيش ڪيوس آئون هن کي جلد کان جلد جيل ۾ اذيتناڪ سزا ڀوڳيندي ڏسڻ ٿو چاهيان“
”ها سائين بلڪل“ صوبيدار وڏيري سان ها ۾ ها ملائيندي چيو.
جلد کان جلد ڪاغذي ڪاروائي ڪري رحيم کي ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۾آندو ويو ۽ سندس مخالف وڪيل هن جي خلاف دليل ڏيڻ لڳو،”سر هي شخص ڏسڻ ۾ انسان آهي، پر هن جي حرڪتن مان ته ائين ٿو لڳي جيئن هي انسان جي روپ ۾ هڪڙو شيطان آهي، سر هن شخص هميشه رڳو ماڻهن جي جذبن سان کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هي پهرين به اهڙي قسم جا ڪيس ڀوڳي چڪو آهي سر تڏهن هن تر جي مقدس ترين بزرگ جي قبر تان پڙ لاٿا هئا پر تڏهن به جج صاحب هن جي سادگي کي ڏسي هن تي رحم کائي هن کي بري ڪري ڇڏيو هو، پر سر هن ڀيري ته هن حد ڪري ڇڏي آهي هن ان ئي مزار کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي سر ان کان وڌيڪ آئون ڪجهه به چوڻ نٿو چاهيان باقي سڀ اختيار توهان جي هٿ ۾ آهن. بس سر مونکي ايترو چوڻو آهي“ وڪيل پنهنجي جاءِ تي ويهي رهيو.
”رحيم تون پنهنجي صفائي ۾ اگر ڪجهه چوڻ چاهين ٿو ته چئه!“ جج رحيم ڏي نيهاريندي چيو.
”سائين جيڪو ڏوهه مون تي مڙهيو ويو آهي، اُهو مون نه ڪيو آهي ها باقي اِهو ڏوهه ڪنهن ڪيو آهي ان کي آئون ضرورسڃاڻان“ اِهو ٻُڌي هال ۾ ويٺل سڀني ماڻهن جي منهن تي حيرت ڇانئجي وئي.
”اڇا اگر توکي اها خبر آهي ته اهو ڪم ڪنهن ڪيو آهي ته پوءِ ٻڌائي، ان جو نالو کڻ لنوائين ڇو پيو؟“ جج ڄڻ همٿ ٻڌائيندي چيس..
”سائين آئون ٻڌائيندس ضرور پر منهنجي زندگي جي ذميواري توهان کي کڻڻي پوندي.........!“
”ها ها هي قانون، هي انتظاميا، اسان سڀ توکي تحفظ جو يقين ٿا ڏيون، توکي ڪجهه به ٿيو ته ان جا ذميوار اسين آهيون“ جج انتهائي اعتماد سان چيس.
”سائين اگر اوهان اهڙي يقين دهاني ڪرائي رهيا آهيو ته پوءِ ٺيڪ آهي، آئون ٻُڌايان ٿو“ ڪجهه ٻڌائڻ کان پهرين رحيم هال ۾ ويٺلن ڏانهن نهاريو جن مان گهڻا رڳو اڄوڪو رونشو ڏسڻ آيا هئا. هنن ڏسڻ ٿي چاهيو ته رحيم پنهنجي جان ڪئين ٿو ڇڏائي! رحيم جون نظرون سموري هال کان ٿينديون وڃي وڏيري تي کتيون، جيڪو هيبت ناڪ نهار سان کيس ڏسڻ لڳو. رحيم ڄاڻي واڻي ڪنڌ هيٺ جهڪائي ڇڏيو. هال ۾ ڄڻ خاموشيءَ جو راڪاس گهمي ويو. بس ان ئي لمحي جج ڪا ڳالهه محسوس ڪندي چيو، ”ها رحيم ڳالهائي ماٺ ڇو ڪئي اٿئي!؟“
”سائين وڏيرو اکيون ٿو ڏيکاري، مونکي ڊپ ٿو لڳي هن جو مقصد آهي ته آئون سچ نه ڳالهايان!“ رحيم کي به هئي وڏيري کي چپ ڏيارڻي.
”اڙي ڪهڙو آهي وڏيرو جيڪو هن کي اکيون پيو ڏيکاري؟ اُٿي بيهي!“ جج جو ايئن چوڻ وڏيرو سسي صفا ڪرسي ۾ گهڙي ويو. پر صوبيدار کهري آواز ۾ چيس،”وڏيرا نورمحمد خان اُٿي بيهه، جج صاحب جي ڳالهه سمجهه ۾ ڪونه آيئي ڇا!؟“ وڏيرو مرندي مرندي نيٺ ڏاڙهي کنهيندي، ٽوپي ٺاهيندي مٿي اُٿي بيٺو، ”سر، سر، حڪم!“
”اڙي هيڏانهن اچي ڪٽهڙي ۾ ڳالهاءِ!“ جج دڙڪي سان چيس. وڏيرو ٿڙندو ٿاٻڙندو اچي ڪٽهڙي ۾ بيٺو.
”اڙي رحيم کي ڇو پيو اکيون ڏيکارين!؟“
”نه سر مون ته اکيون ڪونه ڏيکاريون آهنس، هن کي جيڪو چوڻو آهي سو ڀلي چوي!“
”اڇا ته هن کي ڪورٽ ۾ ڳالهائڻ لاءِ به توکان اجازت وٺڻي پوندي! هن کي ڪجهه به ٿيو نه......... ته ان جو ذميوار تون هوندين، هاڻ هل، هلي پنهنجي جاءِ تي ويهه“
وڏيرو اندر ۾ شڪرانه پڙهي وري وڃي ساڳي ڪرسي تي ويٺو. سنڌ جو وڏيرو هجي يا رئيس سردار هجي يا سيد پر هر ڪو غريب غربي لاءِ شينهن هوندو آهي پر قانون جون اکيون ڏسندي ئي ڄڻ ڪڪڙ ٿي پوندو آهي.
”ها رحيم هاڻي ڳالهه کولي ٻڌاءِ“ جج رحيم لاءِ ڄڻ سڀ رستا صاف ڪري ڇڏيان.
”سائين سچي ڳالهه اها ته مزار کي باهه وڏيءَ وڏيريءَ پاڻ ڏني آهي پنهنجي هٿن سان!“
”وڏي وڏيري!؟“ جج حيراني مان رڙ ڪندي چيو.... ۽ ڪورٽ جي هال ۾ ويٺل سڀني ماڻهن جون اکيون سوال بنجي وڏيري کي گهورڻ لڳيون. وڏيرو ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو پر بي وسيءَ جي زنجير ٽوڙڻ هن جي وس ۾ نه هو. سموري هال کي ڄڻ نانگ سونگهي ويو. پر جج وري به خاموشيءَ کي ٽوڙيندي ڳالهايو، ”رحيم تون اهو ڪهڙي بنياد تي پيو چوين ته ان مزار کي وڏيري جي وڏيءَ گهر واريءَ باهه ڏني آهي!“ جج جي ڪيس ۾ دلچسپي وڌي وئي هئي.
”سائين وڏي وڏيريءَ اصل ۾ سالن کان پئي مزار تي باسون باسيون ۽ دعائون گهريون هن ڪيترائي ٻڪر مزار تي قربان ڪيا ۽ لکين روپيا مٺائي ۽ پڙن تي وڃائي ڇڏيا پر هن بزرگ وڏيريءَ جي هڪ به نه مڃي ۽ کيس سڄي عمر اولاد نه ٿيو، پوءِ نيٺ وڏيري نورمحمد مجبور ٿي ٻه ٽي سال اڳ ۾ ٻي شادي ڪئي. سال کن ته ان کي به اولاد نه ٿيو پوءِ ننڍي وڏيري به مزار تي ٻڪر ڏنا ۽ مٺايون ورهايون نيٺ بزرگ ان جو عرض اگهايو ۽ ننڍي وڏيري کي ماشاء الله ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ پٽڙو ڄائوآهي، پر ان تان وڏي وڏيريءَ کي آئي ڪاوڙ سو وئي رات جي پيٽ ۾ مزار تي تيل هاري باهه ڏئي آئي، جنهن جو ثبوت عورتاڻي جوتن جا نشان به آهين، پر توهان کي اگر پوءِ به اعتبار نه آهي ته کيس ڪورٽ سڳوري ۾ گهرائي پُڇي ڏسوس. هوءَ ڏوهه قبولي ٿي ته ٺيڪ آهي اگر نٿي قبولي ته پوءِ جيڪا چور جي سزا اُها منهنجي سزا“ رحيم جي ڳالهه نه صرف وڏيري کي سن ڪري ڇڏيو پر ويٺلن جون به وايون بتال ٿي ويون.
جج گهري سوچ ۾ پئجي ويو. وڪيل حيران پريشان ٿي ويو، وڪيل اٿي ڪجهه ڳالهائڻ چاهيو پر جج روڪي ڇڏيس. جج ڪاروائي برخاصت ڪرڻ کان اڳ چيو، ”ايندڙ سومر تي وڏيريءَ کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ته جيئن معاملو ڪليئر ٿي وڃي، ٻيءَ صورت ۾ ڪورٽ ڪنهن سازش جو انديشو سمجهندي مجرم کي ريلف ڏيڻ لاءِ مجبور به ٿي سگهي ٿي“
جج آخري جملو چئي چيمبر ۾ هليو ويو. وڏيرو نور محمد هارايل جواري وانگي منهن لٽڪائي ڪورٽ کان ٻاهر نڪتو...... کيس وڪيل پويان رهڙي اچي پهتو....”نور محمد، او نور محمد!“ وڏيري ٻڌڻ باوجود ڪو به جواب نه ڏنس.... وڪيل ڳالهه جي حساسيت کي سمجهندي وڏيري جي ٻانهن جهلڻ کان اڳ ۾ کنيل هٿ روڪي ڇڏيو...