رت ، لڪير۽ سنڌو جي سينڌ
اها شام، اُهو پنڌ ، اُهو ولهار، روز جيئان.... لهندڙسج جي ڳاڙهاڻ وارو وقت، ولهار جي ٽنگ، جنهن ۾ ٻڌل آهي ڳرو پٿر. پٿر جيڪو رڳو پٿر ناهي، پر هڪ شڪل آهي، هڪ صورت آهي، هڪڙو عڪس آهي، هڪڙو انتقام آهي، هڪڙي ميارآهي، هڪڙو ڏوراپو آهي. اهو پٿر موت ڏانهن ويندڙ ننڍڙو رستو به آهي، ته هڪ ڊگهي ۽ هميشه رهندڙ زندگيءَ جو سفر به آهي..... هوهلندو پيو اچي، شهر کان ڳوٺ ڏي...... ٻه ڪلو ميٽر پنڌ، صبح جو ڳوٺ کان شهر ڏانهن ۽ شام جو شهر کان ڳوٺ ڏانهن....... پوروسال گذري ويو اٿس ان پنڌ ۾. هر ماڻهو کيس سڃاڻي، هر شخص ڄاڻي سندس ڪهاڻي، هر روز شهر جي گهٽين ۽ بازارن ۾ ايئن ئي پير گهليندو پيو هلندو آهي ڄڻ ته ڪو سوال هجي، ڪا اڻپوري ڪهاڻي هجي ڪو درد ڀريو افسانو هجي، ڪو راز هجي. ڪا ڪٿا هجي، ڪا ڏک جي اونڌاهي کولي هجي جنهن کي ڪا ننڍڙي ڳڙکي به ناهي، ڪا به خوشيءَ جي هير گهلڻ جو ڪو آسرو اميد به ناهي...!
هر اهو ماڻهو هن جي باري ۾ ضرور پڇندو آهي، جنهن کيس پهريون ڀيرو ڏٺو هوندو آهي، ايئن سمورو شهر ۽ شهر ايندڙماڻهون کيس سڃاڻين، ............... پر هو ڪنهن کي به سڃاڻڻ لاءِ تيار نه آهي.
اچ ولهار توکي ڳوٺ کڻي هلان، اچ ولهار توکي شهر کڻي هلان.............. هاڻ کيس ڪير به نه ٿو چوي، ڇو ته هو ڪڏهن به ڪنهن سان نه ويو نه هليو!....... هن سڀ تڪليفون پاڻ سهڻ ٿي چاهيون. هن سڀ عذاب پاڻ لاءِ پالي رکيا آهن....!
هن جي چاهڻ نه چاهڻ جي باوجود هن تي اخبارن ۾ اسٽوريون ترتيب ڏنيون ويون،ملڪ جي سٺن صحافين هلي اچي هن سان ملاقاتون ڪيون، ڪيترائي سوال هن کان ٿيا پر هن ڪنهن به سوال جو ڪو به جواب ڪڏهن به نه ڏنو...... هنن جي سڀني سوالن جا جواب هنجي اکين مان ٿي ڇلڪيا...
ڪنهن چيو هو ايجنٽ آهي،اسٽبلشمنٽ جو ڪارندو آهي، هو پارٽيِ کي خوار خراب ڪرڻ ٿو چاهي، هو ماڻهن کي پارٽي لائن تان ٿيڙهڻ ٿو چاهي. هن جي ان عمل سان ماڻهن جو سياست تان ويساهه ئي کڄي ويندو. اها سامراجي شازش آهي... اهڙا ۽ ان جهڙا الائي ڪيترا الزام به هن تي لڳا پر هن ڪڏهن به هڪڙو اکر به نه ڳالهايو...
ٻئي طرف اهو لکيو ۽ چيو ويو ته هو پارٽيءَ طرفان پاڻ سان ٿيندڙ ناانصافيءَ جي خلاف خاموش احتجاج ٿو ڪري، هن سياسي پارٽين ۾ ٿيندڙ ويساه گهاتين کي پنهنجي انداز ۾ وائکو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هنجي ٽنگ ۾ ٻڌل اها مورت علامت آهي انهن نام نهاد ليڊرن جي جيڪي پنهنجي عملن سان عوام ۽ سچن ڪارڪنن سان ويساه گهاتيون ڪري انهن کي استعمال ڪري پنهنجا مقصد حاصل ڪندا رهيا آهن....... هو سچي ۽ ايماندار ڪارڪن کي چريو ۽ ڪم عقل سمجهي هر هنڌ رسوا ۽ خوار خراب ڪندي دير ئي ناهنِ ڪندا..
پٿر جو وزن ڏينهون ڏينهن ويو ٿي ڳرو ٿيندو، ٽنگ وئي پئي سڄندي، سنگهر جو ڦٽ ويو پئي گهرو ٿيندو، هن کي ڪابه پرواهه نه هئي... پر اندر جي ڦٽن جا زهري تير چڀندا هئس، لڇندو هو اندر ۾، جلندو هو اندر ۾، سڏڪندو هو اندر ۾، روئندو رڙندو هو اندر ۾......!
ها اها پارٽي هئي جيڪا هن جي هئي، جنهن لاءِ هي هو. جنهن لاءِ هن پنهنجي جواني جا ڏينهن راتيون قربان ڪري ڇڏيا هئا.ان ئي پارٽيءَ طرفان شهر ۾ احتجاجن جو هڪڙو ڊگهو سلسلو شروع ڪيو ويو هو. اهي هن جا عروج وارا ڏينهن هئا..... هر هنڌ، هر جاءِ تي هو اڳيان اڳيان هو. بينر لڳرائڻ، چاڪنگ ڪرڻ، جهنڊا ٺهرائي لڳائڻ، مظاهرن ۾ به اڳيان، پوليس جون لٺيون کاڌائين، ٿاڻن ۾ واڙيو ويو، ڪورٽن ۾ گهليو ويو، قتل ٿيڻ جون ڌمڪيون ڏنائونس، وڏيرن پنهنجن غنڊن هٿان ڪٽرايس، گهران چوريون ٿيس. اهو سڀ ڪجهه هن پنهنجي سر تي سٺو، پر ڪڏهن به پوئتي نه هٽيو. ڇو ته هن پوئتي هٽڻ سکيو ئي نه هو.......هن کي ماڻهن جي اجتماعي ڀلائي گهربل هئي، جنهن لاءِ هو جدوجهد ۾ هو. اهو احتجاج ٽي مهينا هليو.
نيٺ ٽن مهينن جي مسلسل عوامي جدوجهد جي نتيجي ۾ انتطاميا پارٽي جي ليڊرن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ راضي ٿي.
جتي ڳالهيون ٿي رهيون هيون ان آفيس جي ٻاهران ماڻهن جو هجوم متل هيو، سڀ ليڊر اندر هئا شهر جو اڳواڻ ته ولهار هو ٻيا ته مرڪزي نمائندا هئا جن کي قيادت هتي ڳالهين لاءِ موڪليو هو. هڪ طرف سرڪاري آفيسر ۽ ڪجهه حڪمران پارٽيءَ جا ليڊر ويٺا هئا ۽ ٻئي پاسي احتجاجي پارٽي جا اڳواڻ.
ميٽنگ شروع ٿيڻ کان لمحو پهرين سندس ئي پارٽي جي هڪ وڏي اڳواڻ انتظاميا جي هڪ آفيسر کي اشاري سان اهو چيو ته ولهار کي ٻاهر ڪڍڻو آهي. هن ٿيل اشارو به ڏٺو پر سمجهي نه سگهيو. خبر تڏهن پيس جڏهن ٻن اهلڪارن اچي سندس کنڀڙن کان جهلي کيس کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي. ان کان پهرين جو هو کيس گهلي ٻاهر ڪڍن، سندس ئي پارٽي جي اڳواڻ مصنوعي ڪاوڙ ڏيکاريندي اهلڪارن کي ڇنڊ پٽيندي چيو.
”اڙي ڇڏيوس......... هو پاڻ ئي وڃي ٿو ٻاهر..........انڌا آهيو ڇا“
ايتري ۾ سرڪاري بينچن واري پاسي کان به آواز آيو. ”ڇڏيو ابا، ڇڏيو! وڃي ٿو ٻاهر، تڪڙ اٿو ڇا!؟“ هو هڪ پل ۾ سڀ ڪجهه سمجهي ويو هو.....
هو اٿيو، هال ۾ ويٺل هر ماڻهوءَ جي نظر هن ۾ کتل هئي پر هن جي نهار هڪ ئي وقت ڄڻ هر هڪ کي گهائل ڪري وئي، اها نهار ڄڻ ڪنهن تير وانگر زوڪاٽ ڪندي ويٺلن جي اکين مان پار ٿيندي وڃي ڀت سان ٽڪرائي.. بس هڪ لمحي لاءِ هر ماڻهو لرزي ويو....
پر هن کي ٻاهر نڪرڻوهو ۽ هو ٻاهر نڪتو..... اکين جا ڇپر آلا ٿي پيا هئس، سچن ماڻهن کي روئڻ به جلدي ايندو آهي، ته مري به جلدي ويندا آهن. هو به روئندو ماڻهن جي هجوم کي چيريندو ٻاهر نڪتو، ڪنهن ٻانهن کان جهليس ته ٻانهن ڇڏايائين، ڪنهن ڀاڪر پاتس ته ڌڪو ڏنائين، سڏ، هڪلون، پر هن هڪ به نه ٻڌي، هو شهر ڇڏي نڪري آيو. ڪير به هن جي پويان نه آيو اهڙن موقعن تي گهڻو ڪري عوام به بيوفائي ڪري ويهندي آهي هي اها ئي عوام هئي جنهن ملڪ جي عظيم ليڊر کي بنا ڏوهه آيل ڦاهي تي ڪجهه نه ڪيو... اها ئي عوام هئي جنهن پنڊيءَ ۾ ٿيندڙ واقعي تي گهڻو ڪجهه ڪرڻ باوجود به آخر ۾ کپي، کپي، ]گهڻو ڪجهه کپي[ ۾ ئي کپي! وئي. هن سان به اهو ئي ٿيو هو...........
ان ڏينهن به پنڌ هو ۽ ان ڏينهن کان اڄ ڏينهن تائين پنڌ اچي، پنڌ وڃي.
گهر پهتو، عجيب ڪيفيت طاري هئس......
خودڪشي......... ؟
نه نه................
خون؟
نه نه ..................
پارٽي ٺاهيان........؟
پنهنجي پارٽي ..........
نه نه ..............
بک هڙتال ڪيان؟
نه نه ..................
ڇو ڪيان.....؟
ڪنهن جي لاءِ ڪيان.......؟
ڪهڙو فرق پوندو.....؟
ماٺ ڪري ويهي ٿو رهان............!!
............................
ماٺ ڪري ويهي رهيو.
هڪ ڏينهن ڇڏي ٻئي ڏينهن کان سندس پارٽيءَ جي مقامي نمائندن سندس ڳوٺ اچ وڃ شروع ڪئي، هو ڪنهن سان به نه مليو، هن ڪنهن سان به ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.......
ڪنهن سان به نه مليو.
.............
هو زبان تي ڄڻ تالو لڳائي ويهي رهيو.....
...........................................
هڪ ڏينهن هن گهر جي لوڙهي جي پاڙ ۾ اهو پٿر پيل ڏٺو، ٻه اڍائي ڪلو جو لسو ۽ ڊگهو پٿر، جنهن تي ٻارن ڪاري رنگ جا لينگها ٺاهي ڇڏيا هئا، ايئن ڄڻ ڪا شڪل ٺاهي هجين.......
هن کي اهو پٿر هوبهو سندس پارٽيءَ جي ان اڳواڻ جي مهانڊي وارو لڳو جنهن جي اشاري تي هن کي ٻاهر ڪڍيو ويو هو.............!
ولهار پٿر کنيو، پٿر کي ڇيرڻي سان گهڙي ان جي ڳچي ٺاهيائين، ڳچي ٺاهڻ کان پوءِ هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين، پريان کٻڙ جي وڻ سان سندن ڪتو ٻڌو پيو هو. ڪتو وڏي آرام سان ستل هو، هو اٿيو ۽ وڃي ڪتي جي ڪنڌ مان سنگهر کوليائين ۽ کڻي اچي ليڊر جي ڪنڌ ۾ وڌائين.
سنگهر جو ٻيو سرو ڪهڙي مهل ۽ ڪيئن سندس ٽنگ ۾ ٻڌجي ويو هن کي به خبر نه پئجي سگهي، اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن هو ان اڳواڻ، ليڊر، رهنما کي ڄڻ پنهنجي ٽنگ ۾ ٻڌيو پيو گهلي.....
پٿر جو وزن ڏينهون ڏينهن وڃي پيو ڳرو ٿيندو ۽ ٽنگ وڃيس ٿي سڄندي، سنگهر وڃي پئي سندس وجود ۾ لهندي ۽ ان جو گهاءَ وڃي پيو گهرو ٿيندو.
ڪي ڪي ڏک به ڄڻ عذاب جيئان هوندا آهن ،اهڙي ڊگهي عذاب جيئان جنهنجو ڪو به انت نه هجي، جنهنجي ڪا به انتها نه هجي. هن به هڪ اهڙو ڏک پرايو هو. جنهن جي خاتمي لاءِ صدين جي جدوجهد ۽ لکين ماڻهن جي سرن جون قربانيون گهربل هونديون آهن، پر هن ان رستي تي هلندي بس رڳو بيوفايون ئي ڏٺيون هيون. هو وڌندو رهيو هو، بس ان آسري تي ته متان ڪو سڌارو اچي پر ايئن نه ٿيو، ڏينهون ڏينهن موقع پرستي پئي وڌندي وئي، هن سڀ ڪجهه برداشت ڪيو. پر ان ڏينهن واري ذلت جو جيڪو وار هن تي ڪيو ويو هو اهو هن جي برداشت کان ٻاهر هو.........
روز جيئان لهو رنڱي سج کي آخري سلاميءَ جهڙي نگاه وجهي هو پنهنجي گهر ۾ داخل ٿيو....
هو سليب جهڙو طوق گهليندواچي کٽ تي ڪريو، سندس زال ڊوڙي پاڻيءَ جو گلاس ڀري آئي..... سندس پٽ جيڪو يارهين ڪلاس ۾ ٿي پڙهيو سو به سندس اڄوڪي حالت کي پرکيندي ڊوڙي آيو ۽ اچي سندس ٽنگن کي زور ڏيڻ لڳو... هن هڪ نظر پنهنجي ٽنگ تي وڌي ۽ پوءِ پنهنجي زال ۽ ٻارن ڏانهن نهارڻ لڳو...
”بابا ٽنگ گهڻي سڄي وئي آهي....... گرمين جي وڌڻ جي ڪري ٽنگ خراب ٿي ويندي....... مهرباني ڪري هاڻ ته..... بابا..............!؟“ پٽ ٽنگ کي زور ڏيندي چيس....
”آهستي… پٽ…. آهستي.....!“ هن وڏي پيڙاءَ مان ڳالهايو....هو گهڻو ڪري گهر ۾ نه ڳالهائيندو هو.
سندس پٽ هن جي ٽنگ مان هٿ ڪڍي بيهي رهيو.... سڀني گهر جي ڀاتين جا مک خوشيءَ ۾ ٻهڪي پيا ، هو سندس آواز ٻڌڻ لاءِ سڪندا هئا.......
”بابا هاڻي گهڻو ٿيو، هاڻ توهان کي هن عذاب مان جان ڇڏائڻي پوندي، ڪٿي ايئن نه ٿي جو ٽنگ ئي وڍائڻي..........!“
”نڀاڳا وائي ته سوَلي ڪر...........!“ ماڻس ڄڻ باهه ٿيندي چيس.......
”سڄڻ.... پٽ سهي ٿو چوي ساران!“ ساران ساهي کڻي وري ڳالهايو، پر هاڻ هن جي توبن جو منهن پنهنجي مڙس ولهار ڏي هو..................... ”تنهنجي ڪري اسان جو ساهه مٺ ۾ آهي، اِها پنڻ واري خواري ڌار آهي، مٽن مائٽن به اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي...... تنهنجا جيڪي دوست، ساٿاري، جيڪي سياسي ڪارڪن چوندو هئين، جن جي پويان راتيون ڏينهن گم هوندو هئين، هتي اچي پوندا هئا ته مهينن جا مهينا ويٺا کائيندا پيئندا هئا، اُهي سڀ ڪيڏانهن ويا؟ آهي ڪو تنهنجي واهر ڪرڻ وارو؟ تنهنجي هن عذاب جهڙي زندگيءَ مان جان ڇڏائڻ وارو.....!؟“
”ساران تنهنجون سڀ ڳالهيون سچ، منهنجي اکين تي، پر منهنجي اندر ۾ جيڪو سچ آهي... ان جي صورت هر ڪنهنکي نظر ناهي ايندي، ساران هتي جيڪي ماڻهن جا ڏک آهن انهن جي اڳيان هي درد ڪجهه به نه آهي. آئون ماڻهن جا ڏک درد گهٽ نه ٿو ڪري سگهان ته پوءِ مونکي به ڪو حق ناهي ته آئون سک سان رهان، هي درد جيڪو آئون پاڻ سان کنيو پيو هلان اهو منهنجي طرفان انهن ماڻهن جا ڏک درد ونڊڻ جو هڪ بهانو آهي...... الائي ڪيترا ماڻهو هوندا هن ڌرتيءَ تي، جيڪي هڪ وقت پيٽ ڀري کائڻ کانپوءِ ٻئي وقت جي مانيءَ لاءِ سوچي پريشان ٿي ويندا هوندا......... آئون به انهن کان ئي گهرندو آهيان، ڪنهن مير، پير، رئيس، وڏيري يا سيٺ کان ناهيان گهرندو...... مون ڪڏهن به ڪنهن وڏي گاڏيءَ واري جي اڳيان هٿ نه ٽنگيو آهي.......... آئون جن ماڻهن کان پني هي جيڪا زندگي “جي” رهيو آهيان اها زندگي مونتي وڏو بوجهه آهي، پٽ تون به انهن ئي پن جي ڏوڪڙن تي پڙهي رهيو آهين، توکي انهن جي پارت هجي..... تون ڪنهن پوزيشن تي پهچي انهن ماڻهن جي خدمت ضرور ڪجانءِ، انهن جو رت نه چوسجان....“
”بابا توهان ايترا مايوس ڇو ٿيا آهيو، توهان چاهيو ته وري به ڪو ڪم ڪري سگهو ٿا، ماڻهن جي خدمت ڪري سگهو ٿا بس رڳو هن عذاب مان جان ڇڏائي ته ڏسو“
”پٽڙو سهي پيو چوي، هتي اهي به ماڻهون جيئن پيا، جيڪي غريب مسڪين آهن قرض کڻن ٿا اُهو لاهڻ لاءِ وري ٻيو قرض کڻن ٿا. وري ڪمائي ڪجهه کائن ٿا ڪجهه وڃائن ٿا پر اهڙا مايوس ڪونه آهن جهڙو تون ٿيو آهين!“ جوڻس جي اندر جو سانوڻ اوهيرا ڪري وسڻ لڳو..
...............................................
”اڄوڪي رات بس اڄوڪي رات هن سنگهر جي آخري رات آهي، صبح اسان هاسپيٽل هلنداسين.“ هو پنهنجن چيل لفظن مان مطمعن پئي لڳو.
بس رڳو سندس اهو چوڻ جي دير هئي گهر ۾ ڄڻ خوشين جا پن ڇڻي پيا.... هر ماڻهون اڏامڻ لڳو... مٽن مائٽن ويجهن عزيزن ڏانهن نياپا ٿي ويا...
...............................................
صبح ڏهين وڳي هن جي ٽنگ مان سنگهر کلي چڪي هئي..... هو هاڻ مطمعن هو يا پريشان... هن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو.... پر هن کي اها خبر هئي ته شهر کي هن جو انتظار هوندو، اوسيئڙو هوندو، هن جو ڪيترا ئي اهي ماڻهو راهون ڏسندا هوندا جن سان هو روز ويهي ڳالهيون ڪندو هو. اهي ڳالهيون، جيڪي هنن جي سمجهه سوچ کان وڏيون هونديون آهن. تڏهن به هو کيس غور سان ٻڌندا آهن.... ۽ هو خيالن ئي خيالن ۾ ڄڻ وڏن وڏن جلسن ۾ تقرير پيو ڪندو هوندو آهي، ان ڪري هنکي جلد کان جلد اتي پهچڻ جي تڪڙ هئي.
ڊاڪٽر کيس آخري ڀيرو ڏسي روانو ٿيو ته هو ٽپ ڏئي اٿيو.... پر نرس روڪيندي چيس “اڃان “ڊرپ” لڳائڻي آهي ............”
............................................
ڊرپ هلي ختم ٿي ...........
هو تڪڙو تڪڙو منڊڪائيندواسپتال کان ٻاهر نڪتو، روڊ تائين پهتو ته سندس مٿي کي چڪراچي ويو. هن کي ايندڙ ويندڙ گاڏيون ڌنڌليون ڌنڌليون نظر اچڻ لڳيون...
هو روڊ جي وچ تي اچي ويو..... روڊ تي گاڏين جي هارونن جا رڻهاٽ ٿي ويا، بريڪن جي چرڙاٽن ۾ ڪنهنکي ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو ته آخر ٿيو ڇا آهي! ان دوران هڪ ٽوئيٽا ڪرولا کي ڊرائيور اهڙي ته زور سان بريڪ هنئي جو گاڏيءَ جو پويون حصو واڪجي وڃي ولهار جي مٿي ۾ لڳو جيڪو اڳ ۾ ئي روڊ تي ڪريل هو.... هن کي هڪ لمحي لاءِ هوش آيو ۽ ٻئي لمحي هن جي رت جا ڇنڊا روڊ تي ڦهلجي ويا ۽ ڪجهه رت روڊ جي لهواري تي وهي هليو ۽ هڪ ڊگهي لڪير ٺاهي بيهي رهيو....اهڙي لڪير جهڙي ڪا سنڌوء جي سينڌ هجي.....!.