اداسي، بيوسي ۽ پاڇولو
هن جي هٿ ۾ چانهه جو ڪپ آهي. هو ڳوٺ جي ننڍڙي هوٽل تي ويٺو چانهه پي رهيو آهي. ڍڪ ڍڪ تي سندس اکيون اڳيان بيٺل ڀت تي پوندڙ سندس پاڇولي تي آهن. هو پاڻ کي ڪجهه هلڪو ۽ اُداسي کان آجو سمجهڻ لڳو آهي. هُن پنهنجي اندر ۾ هميشه هڪ اُداسيءَ کي پئي محسوس ڪيو آهي. هن گهڻو ئي سوچيو ۽ ويچاريو آهي، پر ڄاڻي نه سگهيو آهي ته هن ايتري اُداسي جو آخر پسمنظر ڇا آهي؟ آخر اهڙا ڪهڙا ڏک ۽ الميا آهن جن کيس ايترو اداس رهڻ تي مجبور پئي ڪيو آهي........! وڏا ڏک ۽ الميا ته ماڻهو کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندا آهن، ماڻهو يا ته ڪنهن جو قتل ڪري جيل هليو ويندو يا ته پاڻ خودڪشي ڪري ڇڏيندو آهي. پر هيءَ اُداسي ته ڄڻ ڪوسلو پائزن هجي، جيڪو کيس ذرو ذرو پيو نپوڙي ۽ نهوڙي!. نه جيئڻ ٿو ڏي نه ٿو مرڻ ڏي.
اڄ صبح سان هُو بستري مان اُٿي اڱڻ تي اچي آرس ڀڃڻ لڳو ته کيس محسوس ٿيوته هن جي آرس ڀڃڻ سان ٺڪاءَ سندس پاڇولي مان نڪتا آهن. ان ئي لمحي سندس اندر ۾ اِهو خيال بيهي رهيو ته هن جي اداسيءَ جو ڪارڻ سندس پاڇولو ئي آهي. جيڪو کيپ هڻي سندس وجود ۾ ويهي رهيو آهي...... ۽ ويٺي ويٺي وجود کي پيو جڪڙيندو وڃي!
“ها سچ به منهنجي اُداسي جو ڪارڻ هي پاڇولو ئي آهي!” هن پاڻ ئي پاڻ سان ڳالهايو.
اهڙي قسم جا کوڙ سارا پور کيس هر وقت پوندا رهيا آهن. ڪڏهن کيس لڳندو آهي ته سندس ماءُ جو وڇوڙو هن جي اداسيءَ جو ڪارڻ آهي، جيڪا سندس شعور جي اک کلڻ کان اڳ ئي هي جهان ڇڏي وئي هئي. ڪڏهن ڀاسندو اٿس ته هو اُداس پيءُ جي انهن لڙڪن جي ڪري آهي جيڪي هن سندس ماءَ جي قبر مٿان ويهي لاڙيا هئا.
ماءُ جي مرڻ کان پوءِ پيءُ پنجويهه سال جيئرو رهيس پر پوءِ به هُن ٻي شادي نه ڪئي. هن باقي سموري زندگي زال کي ياد ڪندي گذاري ڇڏي، اهڙي ياد جنهن ۾ هڪ کڻي ائين چئجي ته هڪ اڻ لکي اُداسي هئي.
پيءُ جي موت کان پوءِ ئي اُداسيءَ هن تي واسو ڪري اچي ويٺي آهي. هُن پوءِ ان اُداسيءَ کي ورثي ۾ مليل ڪنهن شيءَ جيان پئي سمجهيو آهي.
ڪڏهن وري ائين ڀائيندو آهي ته سندس اُداسي جو ڪارڻ زال جو اُهو ڏک آهي جيڪو هوءَ ڄڻ ڏاج ۾ کڻي آئي آهي. سندس زال جو پهريون مڙس روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ شادي کان پوءِ ستين مهيني گذاري ويو. جنهنجي صدمي ۾ هن جوچئن مهينن جو ٻار ضايع ٿي ويو هو. اُداسيءَ جو ڪارڻ هُن پنهنجي طبيعت جي اُن بي رُخي کي به پئي سمجهيو آهي، جنهن جي ڪري هو دنيا جهان کان الڳ ٿلڳ رهڻ لڳو آهي. مٽ مائٽ، يار دوست سڀني کان پري اڪيلو ئي اڪيلو. سموري سماج کان ڏور. اداسيءَ وارن سببن تي سوچڻ کان پوءِ هوان نتيجي تي پهتو آهي ته اُنهن سڀني کان پاسيرو ٿيڻ ۾ به سندس ڪو ڏوهه ناهي، هُنن جي روين جا رستا ايترا ته ڪٺن ۽ ڪنڊن سان ڀريل آهن جو اُنهن تي هلڻ مشڪل ٿي پيو هئس. هنن جي عقيدن جي احترام واري پل صراط تي هلڻ هن لاءِ ڏاڍو مشڪل ٿي پيو هو... ان پل صراط تي هلڻ سان ڪرڻ يقيني هو. هن ڪرڻ نه ٿي چاهيو پر هن جيئڻ ٿي چاهيو! پنهنجي مرضيءَ سان. ڪڏهن وري کيس اهو به لڳندو آهي ته سندس اُداسيءَ جو وڏو ڪارڻ بس، هڪ ڏينهن جي عمر پائڻ وارو سندس پٽ آهي جنهنجي قبر ٻارن واري ان قبرستان ۾ آهي، جتان هو لنگهندو آهي ۽ اُها قبر سندس اکين ۾ روزانو هڪ اداسي لاهي ڇڏيندي آهي ۽ پٽ جي ڄمڻ کان وٺي مرڻ، ۽ مرڻ کان وٺي قبر ۾ دفن ٿيڻ تائين جي اداس منظرن ۾ هو ڪيترا ئي ڏينهن ڀٽڪندو رهندو آهي.
ڪڏهن وري کيس اهڙي اداسيءَ جو سبب سندس سڪي ويل اُهي لڙڪ لڳندا آهن جيڪي هُن جي اکين ۾ پيءُ جي مرڻ کان ٿورو پوءِ ئي ساوا ٿي وري سڪي ويا هئا.
اُهي ۽ انهن جهڙيون کوڙ ساريون ڳالهيون سوچي اداسيءَ جي ڪارڻ کي هميشه ڳوليندو رهيو آهي. پر هو ڪڏهن ڪجهه گهڙين لاءِ ڪڏهن ڪجهه ڪلاڪن لاءِ ته ڪڏهن ڪجهه مهينن جي لاءِ ئي ان ڳالهه تي بيٺل رهندو آهي.
پر پاڇولي وارو ڪارڻ کيس آخري ڪارڻ ٿو لڳي، ان کي اِهو يقين پختوٿي بيهي رهيو آهي ته پاڇولو اُن سان اُٿندو ۽ اُن سان گڏ ويهندو آهي. هو ننڊ ۾ هوندو آهي ته هو کيس ڳوليندو آهي. هُن جي ننڊ اصل ۾ پاڇولي جي ننڊ آهي ۽ هُن جي جاڳ پاڇولي جي جاڳ آهي ۽ اصل ڪارڻ سمجهڻ کانپوءِ هُو اِن راز کي ڪجهه وقت لاءِ ڏاڍو خراب سمجهندو رهيو پر جلد ئي هن اهو سمجهي ورتو ته پاڇولي جي خوشي ئي اصل ۾ سندس خوشي آهي. ان ڪري کيس هر وقت ان کي خوش رکڻ گهرجي ۽ اهڙو ڪجهه نه ڪرڻ گهرجي جنهن سان سندس پاڇولو اداس نظر اچڻ لڳي. بظاهر ته هو اهو سوچي مطمعن ٿي ويو آهي پر هن کي اها خبر ئي ناهي ته هن جي اداسيءَ جو ڪارڻ ته اڃان ٻيو ڪجهه آهي اهو ڪجهه جنهن کي سمجهڻ لاءِ صدين جا سفر ڪرڻا هوندا آهن...!!