اجنـبـي پـکـيءَ کـان بـارسـلـونـي واري ڇـوڪـريءَ تـائـيـن
ها بلڪل ائين راجن جون ڪهاڻيون ۽ مان ڪجهه دير هڪ ٻئي کي ڏسندا رهياسين ۽ نيٺ مرڪي پياسين. اسين اڳ جا واقف آهيون. پراڻا دوست آهيون.
هون به ماڻهوءَ ۽ ڪهاڻي جو پراڻو تعلق آهي. اها ڪهاڻي ئي آهي جنهن ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ جي ويجهو رکيو آهي. جنهن ماضي کي مستقبل سان ۽ حال کي ماضيءَ سان ملائي رکيو آهي. جنهن ڀت تي لڳل سال جي ڪلينڊر کي فالو ڪرڻ بدران ماڻهوءَ جي دل جي هر هڪ ڌڙڪي جو ۽ هر لهر جو حساب ڪتاب رکيو آهي. جنهن جذبي جي احساساتي تاريخ رقم ڪئي آهي. تاريخ جنهن جي آئيني ۾ ماڻهو پنهنجو ماضي، حال ۽ مستقبل ڏسي ۽ محسوس ڪندو رهيو آهي ۽ ڪندو رهندو. مان ۽ راجن جون ڪهاڻيون قديم دوست آهيون. ان ڏينهن ”اجنبي پکيءَ“ جي اکين ۾ نهاريو ته محسوس ٿيو انهن اکين ۾ منهنجي به ڪنهن خواب جو عڪس موجود آهي. عڪس جيڪو ٽٽل نه آهي سڄو ۽ صحيح سلامت آهي، عڪس جنهن ۾ هڪ حسين خواب جو آکيرو آهي.
آکيرو ۽ پکي
پکي ۽ آکيرو
راجن جي هن ڪهاڻيءَ ۾ وڻ جي ٽاريءَ تي ويٺل هي اجنبي پکي هڪڙو اڻ اجنبي خواب آهي. خواب جيڪو ڪهاڻيءَ جي نائڪا جي نيڻن ۾ وسرام ڪري ٿو ۽ هو ان خواب ۾ وسرام ڪري ٿي.
محبت هڪ عجيب شيءَ آهي ۽ هڪ پراسرار دنيا آهي محبت. ڪافي وقت اڳ هڪ ٻاهرين ملڪ جي ڪهاڻي پڙهي هئم جنهن ۾ هڪ ڇوڪري ڪنهن انسان بجاءَ هڪ ڪتي سان پيار ڪري ٿي. اهو سندس ڪو رد عمل ري ايڪشن آهي، پر جي رد عمل نه به هجي ته ڇا ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ بدران ڪنهن ٻي مخلوق سان محبت نه ٿي ٿي سگهي؟
راجن جي هي ڪهاڻي پڙهي مون کي هاليوڊ جي فلم داشيپ آف دي واٽر ياد آئي، جنهن ۾ هڪ گونگي ڇوڪري پاڻيءَ مان هٿ آيل پاڻيءَ جهڙي ڪنهن عجيب الخقت شيءَ سان محبت ۾ متبلا ٿي وڃي ٿي.
ها،
محبت ڪنهن سان به ٿي سگهي ٿي.
پکيءَ سان،
جانور سان،
گل سان،
پوپٽ سان،
موسم سان،
ماڻهوءَ سان.
ڪنهن سان به
هڪ سٺي ڪهاڻيءَ جو اهو وڏو ڪمال آهي جو اها پڙهندڙ کي تخليقي نوع ۾ زندگيءَ جو هڪ نئون، اڻ ڇهيل ۽ منفرد رخ ڏيکاري وڃي ۽ ان طرح پڙهندڙ وٽ محسوس ڪرڻ، ڏسڻ، سوچڻ ۽ تصور ڪرڻ جو هڪ ٻيو نئون ۽ منفرد جهان پيدا ٿي وڃي.
سچ ته راجن جي هي ڪهاڻي هڪ رانجهو لکان دا مٽ آهي. هن ڪهاڻيءَ تي مان هن آرٽيڪل جي صورت ۾ گهڻو ڪجهه لکڻ کان قاصر ان ڪري آهيان جو هيءَ ڪهاڻي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ نه آهي پر محسوس ڪرڻ لاءِ آهي. منهنجي راءَ ۾ وڌ ۾ وڌ اعليٰ ڪهاڻي آهي جيڪا محسوس ڪرڻ لاءِ وجود ۾ آئي هجي.
بلڪل ائين راجن جي ٻي ڪهاڻي بارسلونا واري ڇوڪري پڙهندڙ کي پنهنجي آغوش ۾ ڀري ٿي وٺي. هيءَ مڪمل طور تي هڪ آرٽسٽڪ ڪهاڻي آهي جنهن کي ڪوبه پڙهندڙ ڪڏهن به وساري نه سگهندو. بلڪ ڄڻ ته هي ڪهاڻي ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻي آهي.
هڪ خواب جي ڪهاڻي
هڪ ڪهاڻي جو خواب.
هر ڪهاڻيڪار کي هميشه هڪ اهڙي ڪهاڻيءَ جي ڳولا رهندي آهي جيڪا سندس دل جي گهڻو ويجهو هجي. ان ڪهاڻي جي ڳولا ۾ ڀٽڪندي هو ڪافي ڀليون ڪهاڻيون لکي ويندو آهي، پر پوءَ به محسوس ٿيندو آهي، ته نه هيءَ اها ڪهاڻي نه آهي جيڪا دراصل مان لکڻ چاهيان ٿو.
اها چاهنا، اها ڊوڙ، اها اڃ وڏي وٿ آهي هڪ ڪهاڻيڪار لاءِ، اها جي ختم ٿي وڃي، ته شايد هو ڪا ڪهاڻي ته ڇا پر شايد ڪنهن ڪهاڻي جي هڪ سٽ به هوند نه لکي سگهي.
اهو ڪهاڻيڪار ئي هڪ دلربا ڪهاڻي کي نه ڳوليندو آهي پر ڪهاڻي به هڪ دلربا ڪهاڻيڪار کي ڳوليندي آهي ۽ ان دلربا ڪهاڻيءَ بارسلونا واري ڇوڪريءَ جي روپ ۾ پنهنجي دلربا ڪهاڻيڪار راجن مڱريو کي ڳولهي ورتو آهي ۽ هن ڪتاب ۾ شامل ٻيون ڪهاڻيون به انهيءَ دلربائي جو عڪس آهن.
مان بطور هڪ پڙهندڙ ڏاڍي پيار ۽ خوشيءَ سان ٻن دلربا شخصيتن جي انهيءَ حسين ملاقات جو حسين منظر ڏسي دل ئي دل ۾ مرڪي رهيو آهيان ۽ منهنجي هٿن ۾ ٻنهي لاءِ ٻه تازا گلاب جا گل آهن جيڪي آئون ٻنهي کي ڏيان ٿو ۽ پوءَ هن دلڪش ملاقات کي ٽربيوٽ پيش ڪرڻ لاءِ دير تائين تاڙيون وڄائيندو رهان ٿو-
[b]
منور سراج
نوابشاهه
4 اپريل 2018[/b]