ڪو ايئن به ياد ايندو آهي
هوءُ مونکي پهريون ڀيرو ڪٿي ملي هئي.............!؟
ڪٿي ملي هئي............؟
ها....... ملي نه هئي ..... پر خواب ۾ آئي هئي....!
خواب ۾ ملڻ به ڪو ملڻ ٿيندو آهي ڇا......!؟
نه خواب ۾ ملڻ ڪو ملڻ ته ناهي ٿيندو ..... پر هن جو خواب ۾ ملڻ به ملڻ جهڙو ئي هو........!
........................
هن مونکي منهنجي نالي سان ئي سڏ ڪيو هو....
ساحل.......!
ساحل........!
مون هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو هو، پر مونکي اُها سڏيندڙ ڇوڪري ڪٿي به نظر نه آئي.
وري سڏ ٿيو....
ساحل......!
مون هيٺ سنڌوءَ جي ڪناري سان ويٺل مردن، عورتن ۽ ٻارن ۾ نهاريو..... هن پنهنجو هٿ هوا ۾ لهرايو...........آئون سمجهي ويس مونکي سڏڻ واري ڇوڪري اها ئي آهي.. جيڪا پنهنجو هٿ هوا ۾ لهرائي اشارا ڪري رهي آهي....... پر پري هجڻ ڪري مون کيس بلڪل به نه سڃاتو... هن جي ايئن سڏڻ تي حيران هئس...... سوچڻ لڳس آخر ڪير ٿي ٿي سگهي!؟
هن وري به سڏ ڪيو......
“ساحل........ پليز هيٺ اَچو.!”
نه چاهيندي به آئون هيٺ لهڻ لڳس...
منهنجي اندر ۾ اهو ئي سوال هو، آخر اها ڪير هوندي........؟
آئون هيٺ لهي ماڻهن جي ڀيڙ مان پاڻ بچائيندو وڃي اتي پهتس، جتي هوءَ بيٺي هئي ... پر هوءَ اتي نه هئي!
اها ٻيڙي جنهن تي بيٺي هوءَ مونکي سڏ ڪري رهي هئي اها ٻيڙي اتي ئي بيٺي هئي، پر خالي هئي.... سج اَڃان هاڻي هاڻي لٿو هو پر درياه جي پيٽ اندر اونداه ٿي وئي هئي. آئون هر هڪ ڇوڪريءَ جو چهرو جانچي ڏسڻ لڳس... ان اميد سان ته متان اها ئي هجي. پر ايئن نه ٿيو... منهنجو نالو ڪنهن به چپن تي نه آندو... آئون وائڙن جيئان ڊوڙندو ڊڪندو رهيس... ڪڏهن اُتر کان ڏکڻ ته ڪڏهن ڏکڻ کان اُتر .... هوءَ ڪير هئي؟ مونکي ڇو سڏيائين؟ هاڻي ڇو نه ٿي ملي؟ انهن ئي سوچن ۾ ڀٽڪي ڀٽڪي مايوس موٽڻ لڳس!
آئون ماڻهن مان نڪري ٿورو ئي اڳتي وڌيو هئس ته ڪنهن پويان کان اچي منهنجي هٿ ۾ هٿ ڏنو
مون ڇرڪ ڀري پوئتي نهاريو ته اها ئي هئي.!
بي انتها خوبصورت ڇوڪري....
هن جو چهرو مونکي ڏٺل ڏٺل ٿي لڳو، پر هن سان ملاقات ڪٿي ۽ ڪيئن ٿي سو ياد نه ٿي آيو.
“ساحل.........!”
“جي............!”
“ساحل مونکي سڃاڻين ٿو!؟” هن هڪ مخصوص ادا ۾ پنهنجي انگن کي لوڏيندي چيو...
هن جو چهرو، هن جو ڳالهائڻ، هن جون ادائون مونکي ڏٺل ڏٺل پئي لڳا.... مون پنهنجي ذهن تي گهڻو ئي زور ڏنو پر مونکي ڪجهه به ياد نه آيو.
“نه... آئون توهان کي نه ٿو سڃاڻان!”. مون چيس.
“مونکي خبر هئي توهان مونکي ڪونه سڃاڻيندا!” هن ڄڻ ناراض ٿيندي چيو...
هن جو هٿ منهنجي هٿ مان آهستي آهستي ڍرو ٿي ويو ۽ هوءَ مونکان ٿورو هٽي بيهي رهي...
“پاڻ اڳ ۾ به ڪڏهن مليا آهيون ڇا!؟”.... مون هن جي نارضگيءَ کي پرکيندي چيو.
“ها پاڻ اڄ کان پهرين به مليا آهيون....”
“مليا آهيون......!؟” مون حيران ٿيندي چيس.
“ها ساحل پاڻ اڳ۾ به مليا آهيون...”
“پر ڪٿي مليا آهيون......!؟”
“ٻڌايان توکي ته پاڻ ڪٿي مليا آهيون......!” هن وري پنهنجو هٿ منهنجي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيو.
“ها... ها... ٻڌايو....” مون چيس.
“ها ته پوءِ ٻڌو......... توهان مونکي پنهنجي لکيل نظمن ۾ ڳولهيو جيڪي توهان گذريل چئين سالن دوران لکيا آهن...” اِهو چئي هن پنهنجو هٿ منهنجي هٿ مان ڇڏايو ۽ سنڌوءَ جي سينواريل پاڻي ۾ الائي ته ڪڏانهن گم ٿي وئي.. چاهيندي به آئون هن کي روڪي نه سگهيس.
هوءَ وئي هلي پر ڪجهه دير آئون پنڊ پهڻ ٿي بيٺو رهيس.
منهنجي ذهن ۾ منهنجا نظم سرگوشيون ڪرڻ لڳا....
نيٺ مونکي اهو نظم ياد اچي ويو.
...................
سنڌوءَ جي ڪناري تي،
ساحل کڙو آهي!
هوءَ ڇوڪري هئي يا مورت!
جنهن ۾ ساهه هو پئجي ويو!
هوءَ سنڌوءَ جي ڇر تي بيٺي نچي،
چنڊ هن جي نرت بيٺي ڏٺي!
سانورا سڀ ملاح مدهوش هئا!
هو پٿر به پئي پاڻي تي تريو!
ستارا سڀ چنڊ کي ها ويجها ٿيا!
هن جي انگن اشارا پئي ڪيا!،
پر گولي هڪڙي آئي هئي
پري ڪنهن ديس کان!
گولي هن جي سيني منجهه هئي لڳي!
سنڌوءَ جي سير تي هوءَ هئي ڪري.
زلزلو ڄڻ ته پوءِ ڪو آيو هيو!
سنڌو هو سڀ ڪنارا لوڙهي ويو.
سنڌو هو ڄڻ سڀ ڪجهه ٻوڙي ويو!
سنڌو هو سڀ ڪجهه لوڙهي ويو!.