مُترجم پاران
قاضي امرڪوٽ جا تون توري ڪج تپاس،
مون ناناڻو مرڌر، ڏونگر ڪڇ ڏاڏاس،
ڦُول سندي ڌيئڙي ۽ لاکي جي ڀيڻاس،
لکئي لوڙايو مون پالڻي پيءُ ڪياس،
ويهي پلنگ پاس آئون لوئي ڪيئن لڄايان.
ڪنهن ڪويءَ جي ڪَٿيل هن قديم ڪٿڻيءَ مان اهو پتو پوي ٿو ته مارئي ڪيرا ڪوٽ جي ڪڇي ڄام ڦُول راوَ جي ڌيءُ ۽ ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي هڪڙي سورمي لاکي ڦُلاڻيءَ جي ڀيڻ ھُئي. جنهن جو پاليندڙ پيءُ پالڻي سُوٽھڙ هو. ڄام ڦُول راوَ جي راڻي ميراڏي جي ڪُک ۾ ليٽيل مارئي پنهنجي سج جهڙي سُونهن ۽ حب الوطنيءَ جي ڪري مُلڪان مُلڪ مشهور رهي آھي.
ڀٽائيءَ جتي سورمين کي ساراهيو آھي، اُتي سورمن کي به وڌ کان وڌ واکاڻيو آھي. مومل سان مُحبت ڪندڙ راڻي مينڌري کي ڀٽائي وڏي ڀيٽا ڏني آھي، سوڍو راڻو مينڌرو پڻ اُن ڍاٽ جو راڻو هو، جنهن جي هي تاريخ مون ترجمون ڪئي آھي. سوڍن نه رڳو مُحبت جي ميدان ۾ پاڻ مڃرايو آھي، پر ڌرتيءَ جي سڏُ تي رڻ ڀوميءَ جي ميدان ۾ پڻ ساڻيهه تان سر گهوري سرها ٿيا آھن. هانسيسر جي هانسي کان وٺي امراڻي جي راڻي رتن سنگهه تائين بهادرن ۽ ديش ڀڳتن جي هڪڙي اهڙي مالها آھي جنهن جا موتي اڄ به اُفق تي آفتاب وانگي اوجيس ڪن ٿا. اهڙن سوڍن جي شاندار تاريخ کي لکندي جتي شڪتيڏان ڪويا انجس ڪيو آھي اُتي ان کي ترجمون ڪندي آئون پڻ فخر محسوس ڪيان ٿو. پنهنجو پاڻ کي ڀاڳوندا سمجهان ٿو جو هي سوڀاڳيه مُنهنجي مُقدر جو حصو بڻيو آھي………!!
هن ڪتاب کي سنڌي ويس ۾ آڻڻ جو سِهرو اول ۾ رائسنگهه سوڍي جي سر ڏانهن وڃي ٿو، جنهن جي زرخيز ذھن ۾ اهڙي تخيل جو تصور اُڀريو، ٿيو هيئن هڪ ڀيري سندس ڳوٺ ۾ ڪچهري ڪندي هن ڪتاب جو ذڪر نڪتو ۽ رائسنگهه سوڍي اهو ڪتاب منهنجي هٿ ۾ ڏيندي چيو ته ”امر هي ٽرانسليٽ ڪرين ته تمام ڀلي ڳالهه“
مون ڪتاب وٺندي اول ڪتاب جو سرورق پڙھيو، جيڪو لکيل هو”ڌرا سُرنگي ڍاٽ“ ليکڪ:- ڊاڪٽر شڪتيڏان ڪَويا. ڪتاب جو سرسري طور جائزو ورتم، ڪم جي ڳالهه لڳي، سو رائسنگهه کي هائوڪار ڪري ڪتاب کڻي شام جو واپس پنهنجي ڳوٺ آيس. ٻارنهن مهينا ڪتاب کي نُڪتي کان وٺي زبر تائين پڙھندو رهيس. لکيل ته هنديءَ ۾ هو، پر ٻولي مارواڙي هُئي اُها به ڊنگل لهجي ۾، معنيٰ گاھ گنديءَ کان گهڻو هو، پر ڪم ۾ هٿ وڌم سو ڪٿي ٿو ھٿ ڪڍان. نيٺ ترجمي ۾ لڳي ويس، سانده ٻن مهينن تائين ترجمو ڪندو رهيس، هاڻي رهي تشريح سو ان تشريح ته ماڳهين ترا ڪڍي ڇڏيا. ڇاڪاڻ ته ڊنگل لهجي ۾ هڪڙي شيءِ جا الئه ڪيترا اسم گرامي، مثال طور گهوڙي کي ”پمنگ“ به چون ته ”ورهاس“ به چون، ”ڌجراج“ به چون ته ”ڪيڪاڻ“ به چون، هاٿيءَ کي ”گجراج“ به چون ته ”ماتنگ“ به چون، مينهن کي ”مهکي“ چون، اهڙا الئه ڪيترا لفظ هئا جيڪي وڏي مُشڪلات سان سمجهه ۾ آيا، هڪڙي دوهي جي معنيٰ، ڏھ دُوها پڙھڻ کان پوءِ اندازي سان صحيح ملي ٿي ويئي، ڇاڪاڻ ته ان دوهي جو تاريخي پسمنظر سمجهه ۾ آيو ٿي ۽ ٻي اهم ڳالهه ته ڊنگل لهجي جي شاعريءَ ۾ ڪافيئي جو ورجاءُ تمام گهڻو آھي ائين چئجي ته ڪٿي ڪٿي اجائي ڀرمار ڪئي ويئي آھي، مثال طور هي ڪافيا تمام گهڻا ڏنل آھن، راڻ، جاڻ، آڻ، پرماڻ، راج، ڪاج، ڌاج وغيره. بهرحال ڏکئي ڪم کي به انسان آسان ڪري سگهي ٿو اگر دل ۾ سچائيءَ ۽ ڪم سان عشق هجي ته، مون به سچائيءَ سان محنت ڪري هي قلمي پورهيو سنڌي ادب جي جهوليءَ ۾ وڌو آھي. جهڙو منهنجو حال آھي اوهان اڳيان آھي. وڌيڪ پڙھي پوءِ پنهنجي قيمتي راءِ کان آگاه ڪندا ته وڏا وڙ. . .
ترجمي طور هي منهنجو پهرين تجربو آھي، ان ڪري ان ۾ ڪميون ڪوتاهيون به ٿي سگهن ٿيون ان لئه اڳواٽ معذرت. آئون اول ۾ ٿورائتو رهندس وڪيل رائسنگهه سوڍو جو جنهن اهڙو انمول ڪتاب نه رڳو هٿ ڪري ڏنو پر ترجمي لاءِ همٿائڻ سان گڏ ڇپرائڻ تائين هڙان توڙي وڙان پنهنجي مُحبتن جا گُلاب دل سان آڇيا.
. آئون شڪر گُذار رهندس ڊاڪٽر شڪتيڏان ڪويا جو جنهن ڍاٽ جي تاريخ کي منظوم ڀيٽا ڏيندي ههڙو شاندار ڪتاب لکيو.
اُنهن سڀنيءَ جا لکين احسان جن سدائين منهنجي پورهئي سان پيار ڪيو آھي. مون کي همٿايو آھي.
- امر رائيسنگهه راجپوت
Cell: 0346-3751610