مختلف موضوع

ڌرا سُرنگي ڍاٽ

هي ڍاٽ جي منظوم تاريخ آھي، جيڪا راجستان جي چارڻ ڪوي ڊاڪٽر شڪتيڏان ڪَويا لکي لکي آهي، اُها ڍاٽ جنهن جي اَڇن ڌڙن واري ڌرتيءَ جي پنهنجي هڪڙي نرالي سُونھن، ثقافت ۽ سُڃاڻپ رهي آھي. ڍاٽ جي رجواڙن ۽ ريتن جا رکوالا صدين کان سوڍا رهيا آھن. سوڍا جيڪي سُونھن، سورهيائي، ۽ عقُل ۾ مڙني کان مٿڀرا رهيا آھن. سوڍا جيڪي سنڌُ جي سُونهن آھن. سوڍا راجپوت اقوام شاهيءَ جي 36 ڪُلن ۾ شامل پرمار ڪُل سان تعلق رکن ٿا، جن جو ونس اگني ونس آھي. راجپوتن جي تابناڪ تاريخ نہ رڳو راجپوتانا جي ريتيلن ڌڙن ۾ روشن رهي آھي، پر سنڌُ جي ڌرتيءَ تي بہ سورنھن آنا سُونھي آھي. سنڌُ جي مايا ناز شاعر شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ پنھنجي ست سُورمين ۾ ٽن راجپوتاڻين کي ڳايو آھي.
Title Cover of book ڌرا سُرنگي ڍاٽ

ڍاٽ سان واسطو ۽ يادون

ڍاٽ سان واسطو ۽ يادون

روايت آهي ته منهنجي جنم ڀومي ڳوٺ ٻرائي جوڌپُور کان به آڳاٽو آباد ٿي آهي ۽ چارڻن جي ڪَويا شاخ جو مٿاسرو (اصل جاءِ) به آهي، جنهن طرح ڏيٿا چارڻن جو مٿاسرو (مَٿل) کاروڙو ڳوٺ (ڍاٽ) ۾ آهي. ڪَويا جي اسان جو وڏو هو، جنهن جي پويان اسان جي ڪَويا شاخ هلي، ۽ ڏيٿاجي جي پويان ڏيٿا شاخ جو وجود پيو. ”ڪوي منشي پرڀوُ سوينڀوُ“ جي مطابق ته ڪوي جي هڪ معنيٰ ايشور به هوندي آهي. جهڙي طرح ڍاٽ جي لوڪ پوجيه مها شڪتي چارڻي ديوي ڏيول ماتا جي پيءُ جو نالو ڀلييوجيءِ ڏاڏي جو نالو سوڍيو جي هو، اهڙي طرح ڪَويا شاخ جو اصل وڏو ڪَوَيو جي هو، جيڪو ناهڙ راوَ پڙهيار (منڊور) کان عزت پرائيندي ٻرائي جي ئي ورتمان واس چنگاواڙا ( پُراڻو نالو سُورا سُڌ) ۾ “سانسڻ” (سوشانسڻ) جاگير جي روُپ ۾ حاصل ڪندي رهي پيو. سرحد سان لڳندڙ سرزمين ٻرائي ڳوٺ ٽيڪم جي ڪَويا کي اُن ئي علائقي جي رهواسي توسير جي اڳواڻ سُونڊا شاخ جي راٺوڙ رهنما تولا سنگاوت پاران بهادريءَ ۽ سُٺن ڪمن ۽ فوجي جٿي جي اڳواڻي ڪرڻ جي ڪري ڀيٽا طور ملي هُئي. ”يتا نام اسٿ گُڻ“ جي مطابق ٻرائي هن علائقي جي 16 ڳوٺن جي چارڻ منڊل ۾ لوڙي ڪاشي (لُگهٽي ڪاشي) جي روُپ ۾ مڃي وڃي ٿي. سرگواسي ڌن ڏانجي لاڙس (چانچڙوا) هڪ گيت ۾ پاڙيسري ڳوٺ ٻرائي جي ڪوي منيشين (شاعرن) جي جنم جي جاءِ جي روپ ۾ بيان ڪيو آهي ته:

ٻَهُو لائق هي گام ٻرائي ڀيڙا وسان گنات ڀائي
راجت هي ڪويا گُڻ راسي ڪويتا ڪرڻ دوسري ڪاسي

مٿي ٻُڌايل بيان جي باوجود گهڻو پڙهيل لکيل ورائي ڳوٺ جو آئون پهريون ماڻهو آهيان. شيرگڊ جي تنهن وقت تي، 103 ڳوٺن جي علائقي ۾ سڀ کان پهرين پرائمري اسڪول ٻالوسر ڳوٺ ۾ آزاديءَ کان هڪ سال اڳ ۾ کُليو ۽ اُنهن ۾ سڀ کان پهرين داخل ٿيندڙن ۾ منهنجو به نالو شامل هو. ڏکين حالتن جي ڪري منهنجي والد صاحب مون کي ٻالوسر مان وٺي مٿاڻيان ۾ مُنهنجي ماسي وٽ ڇڏيو، جتان مون پرائمري ۽ بعد ۾ مڊل اسڪول ٺهڻ سبب اٺون ڪلاس پاس ڪيو. اُنهن ئي ڏينهن ۾ ٻالوسر ۾ سڀ کان پهرين هاءِ اسڪول کُلڻ جي پڪي خبر ٻُڌي 1954-55ع جي اندر منهنجي مڱڻي لاءِ ڪيئي ماڻهو آيا اُنهن ۾ ڪجهه اهڙا به هُئا، جن جي وڏن پنهنجي ڌيئرن جون شاديون پسماندهه ٿري علائقن ۾ اِن کان پهرين ڪڏهن به نه ڪيون هيون. هڪ ئي ذات ۾ ” اڪي وڙيان – ٻي وڙيان“ جهڙو ڀيد ڀاوَ هو. ڪنهن دولتمند يا پاڻ کان وڏي هستيءَ جي مالڪ جي ڇوڪرن کي لالچائي، نشو ڏيئي، يا زوري کنڀي کڻي شادي ڪرائڻ وارا واقعا به ٿيندا هُئا، جيڪي بعد ۾ ويجها رشتيدار ڏيج يا ٽيڪو ڏيئي صلح نامون ڪرائيندا هُئا. ٻالوسر جي اسڪول ۾ نائين ڪلاس ۾ پڙهڻ وقت مون سان به هڪ منصوبابندي وارو اهڙو ئي حادثو پيش آيو، پر مُنهنجي مزاحمت ۽ بحث بازي دؤران مخالفن مان هڪ اهم ماڻهو مون کي چيو ته وڏن وڏن گهراڻن مان آيل آڇن کي ٺُڪرائين ٿو ته هندستان کان ٻاهر وڃي شادي ڪندين ڇا !؟.
آئون ته ڪنهن طرح تلوار کڻي اُتان ٻاهر نڪري آيس، پر ڪجهه ئي عرصي کانپوءِ منهنجي مڱڻي هندستان کان ٻاهر ئي ڍاٽ ۾ ٿي. مُنهنجي ماءُ جي مرڻ وقت آئون ٻالڪ اوسٿا ۾ هُئس بعد ۾ مُنهنجي وماتا جيڪا مُنهنجي ماءُ جي ڳوٺ جي هُئي، سن 1954ع ۾ اُها به گُذاري ويئي. آئون پنهنجي پيءُ جو اڪيلو پُٽ هُئس. منهنجي صرف هڪ ڀيڻ هُئي جيڪا مون کان وڏي هُئي. هُن جون به ساهورن ۾ رهڻ واريون حالتون حق ۾ نه هُيون. بهرحال ٻالوسر هاءِ اسڪول جي پهرين بينچ جي شاگردن سان گڏ امتحاني سينٽر چوپاٽي (جوڌپُور) ۾ مئٽرڪ جو امتحان ڏنو ۽ شاگرديءَ دؤران مُنهنجي شادي کاروڙو (امرڪوٽ) جي ڏيٿا شري ستيڏان (کُمجي ڏيٿا زميندار کاروڙو جو پُٽ) جي ڌيءَ سان تاريخ 7 مئي 1956ع (سنبت 2013 ويساک تٿ ٻارس وار سوموار) تي ٻاڙمير ۾ ٿي. مُنهنجي ڄڃ ۾ ڳوٺ ڀانڊور جو خوبصورت شاعر منشي ناٿو ڏانجي ٻارٽ (سنبت 1934-2018 وڪرمي) به هو جنهن کي ڊنگل ۽ پنگل جا ننڍا وڏا 63 ڪتاب برزبان ياد هُئا. ٻنهي پاسن جا جيترا ڪوي (شاعر)، پڙهيل لکيل، وڌوان، وڪيل، گلوڪار ۽ ٻيا فنون لطيف سان واسطو رکندڙ هُئا ان تعداد ۾ اهڙا ماڻهوءَ ۽ ٻين مختلف ذاتين جا سڀ گڏ ڏسڻ لئه وري نه مليا، چار ڏينهن ڄڃ جي جيڪا خدمت چاڪري ٿي ان جو سِهرو شري نيٻراج ڏيٿا جي سِر ڏانهن وڃي ٿو، جنهن جي لاءِ مُنهنجي ڄڃ م آيل ڪوي برج لالجي ڪَويا پنهنجي هڪڙي سورٺي ۾ هندو مسلم ٻنهي مذهبن ۾ ميٺ محبت حاصل ڪندڙ ۽ بنان رياست جي راجا واري لقب سان ڀيٽ ڏني آهي ته:

مُسلم راکي ماڻ، سهه هِندوُ راکي سرج
ڏيٿا نيٻ ڏيواڻ، راست بن بڻيو راجا

اڳئن سال سن 1957ع ۾ چيٽ جي پنج تٿ تي کاروڙي (امرڪوٽ) ۾ مُنهنجي وڏي سُهري شري آئيڏان جي ڏيٿا جي ٻنهي ڌيئرن جي شادي ٿي ۽ اُنهن ٻنهي ڄڃن سان گڏ پاسپورٽ ۽ ويزا وٺي آئون به پهريون ڀيرو پاڪستان ويو هُئس. سانگڙ کان کيت سنگهه وِيٺوُ ۽ ”ٻارٽ ڪا گائون“ کان ٻُڌڪرڻجي رتنو ٻنهي سان مُنهنجي ميٺ محبت رهي. ياترا جي عجب ۽ مڌر يادن جي سلسلي جي شروعات ۾ ئي سرحدي ڳوٺ گڊڙو اسٽيشن تي ريل روڪي شري ٺيٻراج جي ڏيٿا جي ناتي اُن جو واسطيدار سمجهندي ڪيئي نوجوان هٿن ۾ چانهه جون ڪٽليون ۽ لڏوئن سان ڀريل ٿال کڻي، ڄڃ واري ريل جي ڏٻي ۾ پُهتا ۽ ”جئه ماتا جي ري سا“ چئي سواگت ڪندي پنهنجي هٿن سان مٺائي ۽ چانهه جي منوهار ڪرڻ ۾ لڳي ويا. اُنهن پاران جيڪو مان ۽ عزت ملي. اُها هن وقت ۾ ته ”اُهي ڏينهن گُذري ويا“ واري ڳالهه کي ظاهرڪري ٿو. ڇا ته اُنهن اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو هو. اسان جي نالي تان ٻلهيار ٿيا ٿي. ٻئي ڄڃيون جڏهن مقرر وقت تي ڏيولجي جي پاٽ ٿان ڳوٺ کاروڙي جي چونڪ ۾ پهچي ويون، تڏهن ساميئي جي وقت ٻُڌڪرڻجي ۽ کيت سنگهه ٻنهي گهوٽن جي برابر مون کي به هڪڙي گهوڙي تي ويهاري ڍاٽ جي شاندار ثقافت مطابق وڌايو ويو. ڍول، سارنگي، هارمونيم وغيره سان گڏ گُلوڪار شاديءَ جا شُڀ گيت ڳائي رهيا هُئا. نظر اُتارڻ وغيره ۾ روپين جي جَهڙي لڳائڻ ۾ اسان به ڪا ڪمي نه رکي هئي. شاديءَ جي ٻي ڏينهن ڏيوي ڏيوتائين جي آستان تي وڃي پوڄا ڪري ”جات“ ڏيڻ واري رسم پوري ڪئي. پنج ڏينهن تائين ڄڃون رُڪيون ۽ سوڍن سردارن سان گڏ ئي ان علائقي جي سڀني ذاتين جي اهم ماڻهن جي موجودگيءَ جي ڪري محفل جو مان ڪيئي ڀيرا وڌي ويو هو. موقعي تي من منوهار، ادب، موسيقي ۽ تاريخ جي لحاظ سان محفل ڏيواليءَ جي ڏيئن جئين جرڪي رهي هئي. پنج ڏينهن تائين ڄڃ جي متل محفل جي وچ ۾ هڪڙي ڏينهن تمام اهم ڪرم ڪرڻو هو جو وڏيلي ٺڪاڻي جي عقلمند، تاريخ جي ڄاڻ رکندڙ، ڏيٿن جي گهڻ گُهري، حفاظت ڪندڙ، ۽ سموري راجسٿان جي اهم گهراڻن ۽ واقعن جي پُوري پروڙ رکندڙ شري ٺاڪر ڀيرجي جو درشن ڪري اُن کان آشيرواد وٺڻو هو. اسان ٽنهي جمائي راجائن جي ڪاڪي سُهري شريمان برڌ ڏانجي ڏيٿا، جُگت ڏانجي رتتوُ، (ٻارٽ ڪا گائون) ۽ اسانجي ٻين نوجوان ساٿين سميت ٺاڪر وڏيلي ۾ پنهنجو مان وڌائڻ لاءِ پهتاسين. ٺاڪر ڀيرجي هڪ وڏن پاون واري پلنگ تي ويٺل هو ۽ اسان سڀني سِر جُهڪائي سلام ڪيو. مونکي اڄ به ياد آهي ته، جئين ئي ورڌ ڏانجي ڏيٿا اسان ٽنهي ڄمائين جو تعارف ڪرائيندي چيو ”هي آهن شري کيت سنگهه جي سانگهڙ“ ته ٺاڪر ڀيرجي جو جواب هو ” ها سانگهڙ جا وِيٺوُ“ ”هي آهن شري ٻُد ڪرڻجي ٻارٽ ڪا گائون“ ته جواب ۾ ”ها ٻارٽ ڪا گائون را رِتنوُ“ ”هي آهن شري شڪتيڏان جي ورائي“ جواب ۾ ”ها ٻرائي جا ڪَوِيا“ ۽ پوءِ مون ڏانهن مُنهن ڪري چيائون ته “ ٻرائي جو ڪَوِيا رامڏانجي شاعر هوندو هو ۽ ڇپني ۾ مون وٽ رهيو هو“ مون اڻ ڄاڻائي ۾ اُن نالي کي صحيح نه مڃيو ۽ چيو ته ورائي ۾ صالوُجي ڪَوَيا ۽ بعد ۾ چمنجي ڪَوِيا ته وڏا شاعر ٿيا. چمنجي ”سوڍائڻ“ ڪتاب لکيو. ٿي سگهي اُهو هُجي، پر ٺاڪُر صاحب پوري وشواس سان پنهنجي ڳالهه ورجائي ته اُهو ”رامڏانجي ڪَويا ئي هو“ آئون چُپ ٿي ويس. مون ته عام شاعرن جي لسٽ ۾ به هن جو نالو نه ٻُڌو هو. ڳوٺ پُهچي مون هي ڳالهه پنهنجي والد صاحب سان ڪئي، تڏهن والد صاحب گوونڏانجي مُنهنجي غلطي ٻُڌائيندي چيائون ته ”رامڏانجي ڪَويا ته پنهنجي ئي خاندان جو هو. ڏُڪار ۾ هُو ڍاٽ ۾ رهيو هو. سنبت 1975 وڪرمي جي مها بيماري ۾ ڳوٺن جا ڳوٺ سُڃا ٿي ويا هئا. اُن ئي بيماي ۾ هو به پنهنجي پنجن ڀائرن سميت فوت ٿي ويو هو. هُن جي رهڻ واري گهر جا سڃا کنڊر ڏيکاريندي مون کي چيائون ته هتي رهندو هو. مٿي بيان ڪيل ڳالهه ٻُڌي آئون حيران ٿي ويس. اُن مهان ماڻهو لئه دل ۾ پيار جو ديپ جاڳي پيو ته، سنبت 1956 جي قحط ڏُڪار ۾ سؤ ڪوهن جي دُوري کان پنهنجي گُذر سفر لئه ”مارواڙ کان ڍاٽ“ ۾ پهتل هڪ عام ماڻهوءَ جو نالو، ڳوٺ ۽ گُڻ اڄ تائين ياد آهن. جيڪو ديس مشهور راڻا رتن سنگهه جو پوٽو ۽ جيسلمير جي مهاراول شري گرڌرسنگهه جو سُهرو آهي. اهڙو حافظو ته مالڪ جي نعمت هوندو آهي. جيڪو مون جيسلمير جي سرگواسي راڄ ماتا سوڍيءَ ۾ ضرور ڏٺو هو. هُوءَ وڏيلي جي ٺاڪرُ ڀيرجي جي سپوٽ ڌيءَ (هوانڪنور ٻائي جيلال) ۽ موجوده ٺاڪر جيتمال سنگهه ( ڍاٽ ڌرا- جوڌپوُر) جي پوجئه ڦُڦُي هُئي. سن 1957ع ۾ جڏهن مون پهريون ڀيرو عمرڪوٽ شهر ڏٺو هو. تڏهن راڻا رتن سنگهه سوڍي جي وفادار ۽ ديومالائي گهوڙيءَ جي سُنبن جا چٽا نشان قلعي جي ديوار تي ڏٺا هئا. راڻي رتن سنگهه کي قلعي ۾ گول ٺهيل سيڙهين واري اوچي مقام تي لوھ جي وڏي کنڀي تي تقريبا ٻه اڍائي فوٽ جي تِکي سولي تي لٽڪايو ويو هو. انگريزن جي اهڙي ظلم جي ڪري سج اُڀرڻ کان لهڻ تائين چئي ويندڙ انگريز شاهي جو خاتمو ٿي ويو. جڏهن ته امر قرباني ڏيندڙ راڻا رتن سنگهه لوڪ گيتن ۾ ڳائجي پيو ۽ هڪ عام ماڻهوءَ مان مهاتما ٿي ويو. امرڪوٽ جي پهرين ياترا جا به يادگار لمحا اڻ وسرندڙ آهن. هڪڙو ته من مِٺي مُومل (ماڙيچي) جي امر عاشق ”راڻا مينڌرو جو محل“ جتي کنڊر جي ڳاڙهين سِرن ۾ پيار جو اُجرو پنڇي ساهه کڻي رهيو هو. ائين لڳي رهيو هو ڄڻ مومل سان ماڻو ڪندڙ راڻو سُر راڻي ۾ ڪجهه ڳائي رهيو هُجي، جنهن کي ٻُڌي روح کي راحت اچي وڃي. افسوس ته سچي محبت وارو اهو منظر هاڻ ڪنهن کي شايد ئي ڏسڻ ۾ اچي. ٻي يادگار گهڙيءَ ۾ گهرو ڏُک سمايل هو. جڏهن آئون دوستن سان گڏ امرڪوٽ جي بازار گهُمي رهيو هئس. تڏهن هڪڙو ڏٻري ڏيل وارو غريب پوڙهو مسلمان مُنهنجي مٿي تي جوڌپُري ڦينٽو ٻڌل ڏسي مون وٽ آيو ۽ پڇڻ لڳو ته ” توهان جوڌپوُر جا آهيو“ مون هائو چيو ته اُهو اُداس ماڻهو پُرنم اکين سان مون کي چوڻ لڳو ته ”مُنهنجي هڪڙي چانهه پيئندا ته مونکي خوشي ٿيندي“ آئون به جوڌپوُر ۾ ڄائو هُئس پر هت اچي تمام گهڻو ڏُکي آهيان. هڪڙي گلاس ۾ هوٽل مان چانهه کڻي آيو، ۽ پيئڻ جي منوهار ڪرڻ لڳو. منهنجي پاسي واري نوجوان منع ڪئي، پر مون چانهه جون ٻه سُرڪيون ڀري هُن کي اُڪير مان ڀاڪر پاتو ۽ هُن جيان هڪ اڻ کُٽندڙ اُداسيءَ ۾ وڃائجي ويس. ائين لڳو ڄڻ هُن کي هُن جو وطن ملي ويو هُجي. مُنهنجي ٻي اهم ياترا سن 1963ع فيبروري جي آهي. سنبت 2019 ڦڳڻ ساهي پنچون جي ڏينهن مُنهنجي سالي شري اندر ڏانجي ڏيٿا جي شادي ڍاٽ جي مشهور ڳوٺ چارنور جي سُکوجي گُهوَڙ جي ڌيءَ تاران ديويءَ سان مقرر ٿي. ڄڃ اُٺن ۽ گهوڙن سان ويئي هُئي. هيڏانهن ته هُئي کاروڙي جي زميندار ڏيٿا ستيڏانجي جي وڏي پُٽ جي شاديءَ ۽ هوڏانهن سڀ کان دولت مند ۽ با اثر ڪنواريتا. ڏهه ڪوهن جي مطابق چار ڏينهن اچڻ ۽ چار ڏينهن وڃڻ جا ٽوٽل 8 ڏينهن ياترا ۾ اچڻ ۽ وڃڻ جا الڳ رستا، وچ ۾ دعوتن جي ڪري ڪُل چوڏهن ڏينهن ۾ ڄڃ واپس آئي. انهن ڏينهن ۾ مُنهنجي ڳوٺ ۾ پوسٽ آفيس نه هئڻ ڪري شاديءَ جو خط (ڪَنڪوُ ڇنڊيل) دير سان مليو. بهرحال سڄي ڊُڪ ڊوڙ باوجود آئون هڪڙي ماڻهو چتراجي سُٿار سان گڏ ڪٿي گاڏي ته ڪٿي اُٺ سان ڪنهن طرح وچ رستي ۾ ڄڃ ۾ شامل ٿي ويس. ديسي گيهه جي خوشبُو، ڍاٽ جا مٺا لوڪ گيت، سُگهڙ چارڻن جي محفل، هندوُ مُسلم سڀني ذاتين جا ملوڪ ڄاڃي، ڪنواريتن جي پاسي کان سوڍا لڇمڻ سنگهه (ڇاڇرو) جيڪو انهن ڏينهن ۾ پاڪستان جي پارليامينٽ جو سيڪريٽري هو. اسان جي آجيان لئه بيٺو هو. ڄڃ ۾ ايندي ويندي کارڪون ۽ پتاشا رستي ۾ بيٺل ٻارن ۾ ٻُڍن ۾ ورهائيندا وياسين. مون کي ياد آهي ٽوٽل 9 مڻ ميوا، ڳُڙ ۽ مصري وغيره گهر کان وٺي پهچڻ تائين پڪا ورهاياسين، فقير محمد علي شاهه (زميندار) گهوڙي تي سُوار هو. وچ رستي ۾ تقريبن پنج ڀيرا نماز پڙهي ۽ ڍاٽ جي اُجري ريت (واريءَ) سان وضو ڪيو. مُنهنجي ڀر واري اُٺ تي سوار ڄاڃي جي هٿ ۾ ريڊيو هو، اتفاق سان جئه پور آڪاش واڻيءَ تان پاٻوُجي راڇند ڊنگل پاٺ مُنهنجي (شڪتيڏان ڪَويا) آواز ۾ نشر ٿيڻ لڳا. خبر پوندي ئي سڀئي اُٺ ۽ گهوڙا رُڪجي ويا. نشريات جي آخر ۾ ڇند پڙهندڙ جي روُپ ۾ منهنجو نالو ريڊيو تي ٻُڌي ڪيترائي ماڻهو خوش ٿي مُنهنجي سُهري ۽ وڏي سُهري آئيڏانجي صاحب کي مُبارڪ ڏيڻ لڳا. اُن وقت جئه پوُر جي نشريات سنڌ ۾ ٻُڌڻ ۾ ايندي هُئي. مون کي چڱي ريت ياد آهي، شير راجسٿان جئه نارائڻ جي وياس جي گُذاري وڃڻ تي شري مَٿُوراداس جي ماٿُر (تنهن وقت راجسٿان حڪومت ۾ وزير) راجسٿاني زبان ۾ پوجئه وياس جي کي پيءُ برابر ٻُڌائيندي شرڌانجلي ڏني هُئي. ڍاٽ ۾ ڏيول مان جو درشن ڪري، اُتي جي ڳوٺ جي خوبصورت ۽ پيرن پيادل ياترا ڪري واپس ڀارت ورڻ کانپوءِ اُنهي سال 1963ع ۾ جوڌپوُر يونيورسٽي جي هندي شعبي ۾ سڀني کان پهرين چونڊ ڪميٽي پاران سڀني شعبن جي پروفيسر جي هڪ ئي لسٽ موصول ٿي. ان ۾ منهنجو به نالو هو. چارڻ ڪميونٽي ۾ يونيورسٽيءَ ۾ هندي ادب پڙهائيندڙ آئون پهريون ماڻهو هئس. مٿي ذڪر ڪيل مُنهنجي سڀ کان اڻ وسرندڙ ياترا (ڍاٽ پاڪستان) جي وقت ساهورن ۾ سس، سهرو، وڏو سُهرو، ڪاڪي سُهرو،سالو، ساليون سڀ حياتي هُئا ۽ اُنهن جو مون سان پيار بي لوث هو. مون کي ديوتا برابر سمجهندا هُئا. سن 1963ع جي پاڪستان ياترا جي وقت مُنهنجي پهرين پُٽ وريندر جي عمر صرف 3 سال هُئي ياترائن ۾ سڀ کان اهم ۽ تلخ تجربن تي ٻڌل ياترا آهي جيون ياترا، هي دوُهو ڪيترو نه سُٺو ۽ ٺهڪندڙ آهي ته؛

ڪئي ڦُلي ڪئي ڦُول رهي جڌپي نئي نيوھ
ڪيتي باغ جهان ڪي کِل کِل سُوک گيوھ

جنهن سمي ڀارت ۾ هنگامي حالتون هيون. پاڪ-ڀارت لاڳاپن ۾ رنڊڪ هُئي. اهڙو به هڪ موقعو آيو هو جو ڪنهن هندستاني هِندُو کي پاڪستان ياترا جي لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ ۾ ڪيئي مهينا لڳي ويندا هئا. مُنهنجي سُهري شري ستيڏانجي ڏيٿا جو المناڪ موت دل جي دوري پوڻ سبب تاريخ 8 سيپٽمبر 1976ع تي سوجهاڪي جو پنهنجي گهر ۾ ٿيو. مُنهنجي سس ته هونئين ئي بيمار رهندي هُئي جئين ئي اهڙي ڏک جي خبر تار وسيلي منهنجي ڳوٺ پُهتي، تئين ئي مُنهنجي گهر واريءَ جو روئي روئي ان ڪري بُرو حال ٿيو ته، پيءُ صحتمند هوندي به گُذاري ويو ته، منهنجي بيمار ماءُ جي هاڻ ڪهڙي حالت هوندي؟ اُن کي زنده ڏسي سگهڻ مڪمن هوندو يا نه؟ ڪيئي سال گذري چُڪا هُئا هڪ ٻئي کي ڏسندي. ماءُ ۽ ڌيءَ جو وڇوڙو حياتيءَ جو وڏي ۾ وڏو حادثو هوندو آهي. مُنهنجي والد صاحب مون کي چيو ته ”ڪنهن به حالت ۾ هُن کي سندس ماءُ سان ملائي اچ“ آئون دهليءَ ۾ لڏو لاهي ويهي رهيس. اُن وقت جي صوبائي گهُرو وزير محترم رامنواس مرڌا جي ڀرپُور ڪوشش سان، اُن وقت جي ڀارتي پرڏيهي ترجمان جگت مهتا پاڪستان جي اختيارين کي خط لکيو، مُنهنجي نالي تي مرڌا صاحب جي بنگلي تي لکيو. جواب ۾ عزت جي نگاهه سان مون کي اختيارين وٽ حاضر ٿيڻ جو خط مليو آئون اُتي پهتس ته خود ويزا ڏيندڙ آفيسر مون کي چانهه پياري ۽ پاسپورٽ (منهنجو ۽ منهنجي زال جو ۽ واسيديو ٻن ڇوڪرن سميت) منهنجي حوالي ڪيا. صرف ويهه ڏينهن جي ويزا ملي. دهليءَ کان امرتسر، لاهور، ميرپور کان ٿيندي امرڪوٽ پهچڻ واري هن مشڪل سفر ۾ ضرورت مطابق خرچ ڪرڻ لاءِ پورا پئسه به کڻڻ نه ڏنائون. هٿ جي مُنڊي به ڪسٽم وارن جمع ڪري ڇڏي ۽ رُڳي رسيد ڏنائون. ڏُک جي ڪارڻ مُنهنجي مٿي ٿي ميٽي رنگ جو پٽڪو ٻڌل هو. اُن جي جاءِ تي وڏيلي جي ٺاڪر جيتمال سنگهه مونکي کاروڙي ۾ اچي چُنڙي جو پٽڪو ٻڌرايو. تاريخ 21 جنوري 1977ع تي جوڌپوُر کان نڪري واپس تاريخ 15 فيبروري 1977ع تي پهتس. ٻئي ڏينهن مهاشوراتري جو ميلو هئڻ ڪري مون 17 فيبروري 1977ع جو يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجو ڪم ڪار سنڀاليو. جاگير جو راڻو چندرسنگهه ۽ وڏيليءَ جو ٺاڪر جيتمالسنگهه سوڍا ٻئي سردار مُنهنجي ساهورين کاروڙي ۾ ساڳي ڏينهن آيا. مون کي دعوت به ڏني ۽ واپس ڀارت اچڻ وقت ٻنهي مشهور سوڍن سردارن پنهنجي مرضي مطابق پنهنجون گاڏيون لاهور تائين مون کي ڏيئي ڍاٽ جو ثقافتي مهمانوازيءَ جو شان ۽ مان رکي پنهنجي سوڍڪي سيوکائي جو ثبوت ڏنو. ان اڻ وسرندڙ ياد جو احوال ”ڌرا سُرنگي ڍاٽ“ جي ذريعي ظاهر ٿيو. مذڪوره ڪتاب ”ڌرا سُرنگي ڍاٽ“ جي لکڻ جا ٻه اهم مقصد آهن هڪ ته تاريخي ۽ ٻيو ثقافتي، شاعريءَ جي شروعات علم جي ديوي سرسوتيءَ جي نانءُ سان ڪئي آهي ۽ پوءِ وشيشت مُني پاران آبو جبل تي ويهي يگيه ڪرڻ، اُن ۾ دخل اندازي ڪندڙ شيطانن کان بچاءُ لاءِ منترن آڌار چار ڇتري ڪُل (پڙهيار، پرمار، سولنگي ۽ چوهاڻ) پيدا ڪرڻ جو احوال ڏنل آهي. پرمار لفظ جي معنيٰ آهي پر+مار= ڌارين کي ماريندڙ، دشمن جو ناس ڪندڙ ان ڪري پرمار جي سڃاڻپ ئي بهادري واري آهي ”سوڍائڻ“ ئي هڪڙو واحد ڪتاب آهي جيڪو سوڍن جي تاريخ اُجاگر ڪري ٿو. سوڍائڻ جو ليکِڪ چمن جي چارڻ تمام اعليٰ پائي جي شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. اُن سوڍائڻ جي شروعات شري گڻيش جي نالي سان هڪ گاهي ڇند سان ڪئي آهي ۽ اُن ۾ ”سهه ڏاتار ڪهيجي سوڍا، سورج ونس اُجاگر سوڍا“ جو ذڪر ڪنهن شڪ جي بنياد تي ناهي ڪيو پر حقيقي معنيٰ ۾ ڪيو آهي. باهه ته اصل ۾ سج جو ئي سوَروپ آهي ٻئي اصل ۾ هڪ ئي آهن.
اڳتي ڍاٽ، پارڪر جي اهم سوڍا حُڪمرانن جي نالن سميت ڪجهه اهم واقعن، اُن علائقي جي مهمان نوازي، ديوي ديوتائن، سنت ساڌوئن، راڻن جي جان نشينن جي حقيقي رشتن (ڪيترن ئي هندن تي پُٽ بدران ننڍو ڀاءُ گادي تي ويٺو هو، پر راوَن جي پيڙهي ۾ اُن کي پُٽ طور ئي ڏيکاريل آهي) جو احوال اچي ٿو. سوڍا حڪمرانن پاران راج ڪوي جي روُپ ۾ کاروڙو ڳوٺ ”ڪروڙ پسا“ سان گڏ دان ڪيو ويوهو. هن ڳالهه جي گواهي بابت پُراڻو ڇپايو اُتي جي پُراڻي وحيءَ ۾ مليو آهي. سواڙي جو اشٽ ديو ۽ سچيا ديويءَ جو روايتي پرڪرڻ ته نئين انداز سان ڊنگل ۾ ملي ٿو. نه ڄاڻ ڪيترن مشهور ماڻهن جي جنم ۽ مرڻ جون صحيح تاريخون، هُمايون جو بيگم حميده بانو سميت امرڪوٽ ۾ پناهه وٺڻ، اڪبر جي جنم جي تاريخ، سنبت، سال، مهينو، تٿ ۽ وار سميت بيان ڪيو آهي. انگريزن ۽ ٽالپرن جي حُڪمراني وقت رعيت تي ٿيندڙ ظلمن جي خلاف مزاحمت ڪندڙ راڻا رتن سنگهه جي واسطي اُن جي مددگار آزادي پسند باغين جا ڪجهه نالا، رتن سنگهه کي انگريزن پاران سوليءَ تي لٽڪائڻ وارو وڪرمي سنبت ۽ سال ڪجهه دوهن ۾ بيان ڪيل آهي. جيڪو تاريخي لحاظ سان ڄاڻن ضروري آهي. جئين سوڍا واگهه سنگهه (وجئراجوت) ڳوٺ ڏاهلي جو ذڪر، هڪ چارڻ جو هڪ ”ٻالوچڻ“ گيت جي راڳ تي موهت ٿي اُن راڳيءَ سان پنهنجي ڌيءِ جو رشتو ڪرڻ، سوڍا ونش جي انيڪ بهادرن جو گئو ماتا جي بچاءُ لاءِ جنگ جي ميدان ۾ وڃڻ جا انيڪ واقعا وغيره وغيره.
تاريخي اهميت وارن دُوهن جي مالها.

اگن ارڪ ايڪو ارٿ، اَسُرِ وڌوُسڻ آک
پرماران سوڍا پرٿم، سوُرج ونس شاخ

باهه ۽ سورج جي فلاسافي معنيٰ هڪ ئي هئڻ جي ڪري سوڍا سورج ونس آهن ۽ پرمارن جي شاخن ۾ سوڍا پهريون نمبر ۽ سڀني کان وڌيڪ مشهور آهن. امرڪوٽ جا سوڍا گادي دار هئڻ ڪري سُرتاڻ شاخ اهميت واري مڃي ويندي آهي.

شِو واڙي سچيارو، آڏو اِشٽ انوپ
سوڍي ني ور سنپيو ڀيو ڍاٽ رو ڀُوپ

هن ڳالهه جو پُراڻو ڇپايو ۽ شِو واڙي جي حوالي سان سوڍن جي ”شِو ڀڳتي“ جو ذڪر ”بانڪيداس جي لکڻي“ ۾ پوئتي ڏنو ويو آهي.

سُت چاهڙ سوڍو سُپهه، هال رتو گڊ ھيل
اگياري سو اڪياسي، ماهه سُڌ تيرس ميل

سوڍا پرمار چاهڙ جي پُٽ (ڪراڙو کان لڏي) سڀ کان پهرين ڍاٽ ۾ رتو ڪوٽ تي حڪمراني ڪئي هئي. هُن جي تاريخي ڄاڻ پهرون ڀيرو ڇپجڻ ۾ اچي رهي آهي. 1181 وڪرمي سنبت ماگهه ساهي تيرس جو ڏينهن. هي ڄاڻ سوڍن جي راج ڪوي جي مشهور ڳوٺ کاروڙو، (جتي مُنهنجا ساهورا آهن) ۾ هڪ پُراڻي هٿ اکرن واري لکت ۾ ملي (سن 1977ع ۾)
عمرڪوٽ جي راڻا جئه ڀرم جي پُٽ راڻا جسهڙ پرمار (سوڍا) ڏيٿا جنف چارڻ کي ”ڪروڙ پسا“ جي رسم ۾ اڌ ڪروڙ روڪ رقم ۽ اڌ ڪروڙ جي عيوض ۾ کاروڙي ڳوٺ جي جاگير دان ڪئي هئي. سنبت 1291 وڪرمي ۾. جئه ڀرم جي پُٽ جسهوڙ ۽ جنف ڪَوي جي هن تاريخي ڳالهه بابت ڇپايو هيٺ ڏجي ٿو. جيڪو اُن ئي پُراڻي هٿ اکرن واري لکڻي مان مليو آهي.
سهس ڌين سلوار، اسي ڌرواهڻ اگل
ترڻ سؤ کونڏي تيس جڪي دُوجڻي مهاجل
سانڍي ڪرها سؤ سات دُڙڪ پچاس دُئاگل
ڀجڙ ويسان دس ڀلا جڪي باج جهڙا ويگاگل
اڌڪوڙ گرٿ جسهڙ اُچٿ ايڪاڻئو پرمار هُو
جنف نان ڏيدي کاروڙو سمنت واري جئه ڀرم سَهوُ
مٿي ٻُڌايل وارتا سان واسطو رکندڙ دُوها ”ڌرا سُرنگي ڍاٽ“ ۾ 13 ۽ 14پڙهڻ جهڙا آهن، جن ۾ کاروڙي جي ڏيٿا چارڻن کي راڻپ واري لقب سان نوازڻ واري ڄاڻ به موجود آهي. مارواڙ ۾ اگڙاوا (ضلع جالور) جي روهڙيا ٻارٽ ۽ ڍاٽ ۾ کاروڙي جي ڏيٿا، انهن ٻنهي ڳوٺن کي حُڪمرانن پاران راڻپ جو لقب مليل آهي.
ڍاٽ جي لوڪ ديوتا پٿوري پير جي جنم تاريخ، وار سميت پهريون ڀيرو هن شاعري واري ڪتاب جي ذريعي ڇپجڻ ۾ اچي رهي آهي. سوڍا ڀاڻ جي پُٽ مانڏڻ جي ڌرم پتني (زال) سونل جي ڪُک مان پٿورو جو جنم سنبت 1556 وڪرمي سُڌي ساتم سومر جي ڏينهن ٿيو. دوها 9-8 حاضر آهن.

آيو سونل ري اِينڏر سوڍا ونس سَڌير
مانڏڻ سُت ڌر ڍاٽ ۾ پرگٽ پٿورو پِير

پنري سوڇپڻ پوڻان سُڌ مگسر ساتم
هُوئو سوم ني ڀاڻ هر جاڻ پٿورو جلم

بادشاهه اڪبر جي جنم ڀومي به امرڪوٽ آهي. هن شاعريءَ واري ڪتاب ۾ تاريخي لحاظ سان هر ڳالهه جو ذڪر ڪيل آهي، پر پنهنجي پاران ۾ صرف ٻه دُوها حاضر آهن جن ۾ هُمايون جي پناهه وٺڻ ۽ اڪبر جي جنم تاريخ جو صحيح احوال آهي ته:

ساهه هُمايون لِي سرڻ جلميو اڪبر جيٿ
وانٽِي ڪَستوري وڙي امراڻي ڌر ايٿ

پنري سؤ نناڻوي ڪاتي سُڌ ڇٺ ڪوٽ
اڪبر وار اڏيت ني هُوئو جلم همروٽ

پارڪر جو پونجو سوڍو سخاوت سان گڏ ڀڳوان جي وڏن ڀڳتن واري لسٽ ۾ به شامل آهي. هُن پنهنجي ڌيءَ جي شادي، ناڊُولا چوهاڻن ۾ وڏي وير بهادر راجوڌر چوهاڻ سان ڪئي هُئي. جيڪو سوُئي ڳوٺ جي رهواسي ۽ ” جڪتون ڪي واوَ“ جي سوامي هنگول جهڙِي ڀينڪر دهستگرد کي هارائڻ وارو هو. هُن جي بهادريءَ ۽ سُپوٽائيءَ جو احوال کاروڙي جي چارڻ ڪوي سُوجي ڏيٿي سورٺن ۾ ڪيو آهي، جو ”ڏيول جي را ڇند“ جهڙي پُراڻي ۽ مشهور ڪتاب جو ليکڪ هو. هي ڄاڻ اڃا تائين ڪنهن ڪتاب ۾ اچي نه سگهي آهي پهريون ڀيرو هتي بيان ڪئي ويئي آهي ته:

پُونجو سوڍو پارڪر اڌ ڀُت ريجهه امُنگ
راجوڌر چوهاڻ رو سُسرو ڀڳت سُچنگ

ڍاٽ جي ڏاهلي ڳوٺ جي مشهور سوڍي واگهه سنگهه ولد رُگهوناٿ سنگهه (وجئه را) جي باري ۾ هڪڙو لوڪ گيت ڊنگل لهجي ۾ جهانڦلي (ٻاڙمير) جي چارڻ ڪوي ڪيسروجي جهيٻا لکيو هو، جيڪو ڀوج جي شاعري سکيا واري اسڪول ۾ پڙهيو هو. اُن صرف هڪڙي واگهه سنگهه کي ئي بي داغ ڪوٺيو هو. واگهه سنگهه کي نشڪلنڪ ڍاٽي سردار مڃيندي ٻين سڀني ديوتائن، اوتارن، امُلهه شين، ۾ ڪا نه ڪا خامي ڏيکاري آهي جئين باهه ٻاري ٿي، سمنڊ کارو آهي، ڪرشڻ ڪارو آهي، شنڪر رُدر آهي، چندر ما وڌي گهٽي ٿو، راهو جو سر ناهي، ڪيتو جو بدن پورو ناهي، شيش نانگ جي ڦڻ ۾ زهر آهي، برهما به ”گهڙڻ، ڀڃڻ” ۾ آهي، سون ۾ ساهه ناهي وغيره وغيره مٿي ٻُڌايل سڀني ۾ هڪڙي هڪڙي خامي آهي بغير ڪنهن اوگڻ يا خامي جي صرف ڍاٽ جو سردار واگهه سنگهه سوڍو ئي آهي. چار دُوهن واري ”ويليو“ گيت جي آخري ٻن شعرن ۾ ائين چيو آهي ته؛

برهما ويسڪ ڪُنڀ وسياڻ ڪنچڻ واس بنان اَڪليس
اَتي تو ڪَلنڪت اڪُوڪو نڪلنڪ سوڍا ڍاٽ نريش.

هي گيت ٻُڌي سوڍي واگهه سنگهه جي دل ۾ عجيب سوچ پيدا ٿي ته، سڀني ديوي ديوتائن ۽ پڌارٿن ۾ خاميون بيان ڪري مون کي اُنهن سڀني کان مٿي ٻُڌايو آهي. ڪيئي ديوتا جلدي ڪاوڙجي ويندا آهي ڪٿي مُنهنجا ڏُکيا ڏينهن نه اچي وڃن. ان ڳڻتي ۾ اچي واگهه سنگهه ڪوي ڪيسرا جي جهيٻي کي چيو ڪويراج! هينئر توهان ماني کائي اوطاق ۾ سُمهي رهو. سڀاڻي ڳوٺ ۾ رهاڻ ڪري سڀني ڳوٺاڻن جي سامهون توهان کي آئون دان ڪندس، پوءِ اهو گيت قبول ڪندس. قدرت جو عجيب کيل ٿيو. رات جو ڪوٽڙيءَ جي ڇِٿ ڪري پيئي، جنهن ۾ دٻجي گيت جو خالق، مري ويو، اُهو گيت ۽ سوڍو واگهه سنگهه اجر، امر ٿي ويا. هڪڙو دُوهو ان سلسلي ۾ هيٺ ڏجي ٿو جيڪو ڌرا سُرنگي ڍاٽ جي خالق جو لکيل آهي:

وڏ هٿ سوڍو واگهه سنگهه ڏاهلي گج ڏاڻ
جهيٻي ڪيسر جهانڦلي جيرا وڌ حد ڪيا واکاڻ

ڍاٽ جي کانهاڻو ڳوٺ ۾ هڪ ڄڃ آئي، کاڌي کان پوءِ پاڻي جي گهُر ٿي، پاڻي وقت تي موجود نه هو. ويجهي ڳوٺ” پريمي ري ويري“ کان اُٺ جي پخال پُهتي ڪونه هُئي. معمولي دير جي مجبوريءَ کي نه سمجهندي ماڻهن شڪايت ڀري لهجي ۾ چيو ته اسان کي پاڻي کپي جلدي کڻي اچو، اُن تي گهر جي مالڪ ڏيٿا چارڻ گهر ۾ پيل ڍڳين جي نج گيهه جي پخال ڀري اچي ڄاڃين جا هٿ ڌوئارڻ شروع ڪيا ماڻهو حيران ٿي ويا ”گيهه سان هٿ پيو ڌوئارين“ جواب مليو ته ”پاڻيءَ کان ته گيهه جي قيمت مٿي آهي!“ ايتري ۾ پاڻيءَ واري پخال به پهچي ويئي، هي دُوهو اُن جي باري ۾ آهي ته؛

جل ري جگهه جان رو کانهاڻو راکيو خيال
چڙوُ ڪرايو چارڻان گِهرت پخال ۾ گهال

امرڪوٽ جو هڪ پُراڻو نالو ”همروٽ“ به آهي، جيڪو امرڪوٽ يا هميرڪوٽ جو بگڙيل رُوپ آهي اُتي جا به سنت درويش مشهور ٿيا. هڪ ته نجانند (جنهن جو پُراڻو نالو ديوچنده) ۽ ٻيو ان جو چيلو پراڻ ناٿ، جيڪو ”ڌامي پنٿ“ جو باني رهيو. امرڪوٽ ڄائي شري نجانند سواميءَ جو وقت سن 1581ع کان 1655ع، (سنبت 1638 کان 1712 وڪرمي) تائين هو. سوامي پراڻ ناٿ جو جنم سنبت 1675 ڀاڌر پڌ وڌي چئوڏس رويوار جي ڏينهن ٿيو ۽ سنبت 1751 شروڻ وڌي تيرس جي ڏينهن سرگواس ٿي ويو. هن ڪتاب ۾ اُنهن ٻنهي سنتن کي مشهور ساڌوئن واري فهرست ۾ هن ريت شامل ڪيو ويو آهي ته؛

هُوئا سنت همروٽ ۾ جپيو نام اٺ جام
ڏيوچند سُون ڏرسيا نجانند ڄڻ نام

تڻ گادي سامي تپيو ڌامي پٿ ڌجال
پراڻ ناٿ هُوئو سِڌ پُرش اوڌوُ ڀيک اُجال

روهڙي سکر جي مشهور صوفي پير جميل شاهه کي هندُو ملسم سڀ برابر روپ ۾ پوڄين ٿا. جوڌپُور جي رهواسي جلنڌر ناٿ جي مها مندر ۾ جتي نج مندر آهي، اُن جي ٻاهرين حصي تي ڪافي اوچائيءَ سان انهن وڏن ماڻهن جون رنگين شڪليون ۽ نالا لکيا ويا آهن. جن کي سِڌ جلنڌر ناٿ درشن ڏنو هو. هندوُ ڀڳتن سان گڏ جميل پير جي تصوير به نالي سميت آھي. ”پاٻو پرڪاش“ جي ليکڪ مها ڪَوي مُوڙجي آشيا جي لکيل ”ڀاکر ڀُوشڻ“ نالي جي هڪ دُوهي ۾ هي ڳالهه ڏيکاريل آهي ته، پري کان آيل پانڌي جميل پير جي نمسڪار ڪرڻ کانپوءِ گرنار ڏتاتريءَ جي ڌوڻيءَ جو درشن ڪندا آهن. خود شاعر جي لفظن ۾:

آوي جاتري اڙگ سُون، جميل پير جُهار
تپيو دِت سامي تٺي، نامي گر گرنار

سوڍائڻ جي ليکڪ چمن جي ڪَويا پڇمي پير جميل شاهه جا تمام بهترين ڇند جوڙيا هئا، جيڪي سوڍائڻ جي حصي ۾ ڇپيل آهن. جن کي پڙهڻ سان هندو مُسلم ڀائيچاريءَ جو اهڙو آئينو ڏسجي ٿو، جو سمجهڻ مُشڪل ٿي پوي ٿو. ”نبي پڙه نام“ سان گڏ ”رِدي گُڻ رام“ ۽ ”حد ويگوَ ويس ليان ايڪ هِندوُ، ڪيرت ڏيس مهيس ڪلا“ ۽ ”جوگي جميلا ٿياسي ڀلا، اڻ گهڙ اللّه اللّه“ جهڙا صوفيانه شعر اَڀيد ( ڪوبه ڀيد ڀاوَ نه ) جي بهترين شڪل ڏيکارين ٿا. اهڙي طرح امرڪوٽ ۽ کاروڙي جي وچ ۾ روحل واءِ آهي جتي روحل فقير هڪ ڪَنڊي هيٺ ويهي مالها ڦيريندو هو. اُن کي ”ڪنڊڙي وارو پير“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ ۾ کيجڙيءَ کي ڪنڊي چوندا آهن. روحل ڀڳت پهرين سن 1755ع کان1772ع تائين ته، غلام شاهه ڪلهوڙي جو مُلازم هو. بعد ۾ ڇهوٽڻ (ٻاڙمير) جي مشهور سنت شري ڏونگر پُري مهاراج جو چيلو بڻي تپسيا ۾ مگن رهيو. مٿي ذڪر ڪيل ٻئي پير ڍاٽ سان گڏ ٻين علائقن ۾ به پوڄيا، مڃيا وڃن ٿا. هن ڪتاب ۾ انهن بابت ٻه دُوها هيٺ ڏجن ٿا؛

پير وڙي پڇماڻ پت، سنڌ ۾ جميل شاهه
سکر ڌڻي پُوجي سهي رل مل دونون راهه

ڀلو هُوئو روحل ڀڳت ڌر امراڻ ڍاٽ
ڪنڊڙي واڙو پير ڪهيجي پوجي تاپس پاٽ

هن کانپوءِ شاعرن ۽ فنڪارن بابت گهڻي عزت مان، ۽ قدر جا انيڪ مثال ڏنل آهن. جن ۾ سوڍن سان گڏ سمان، جاڙيجا وغيره ۽ ٻين گهڻين ذاتين ۾ جنم وٺندڙ، امر ڪيتي جي ڪري جڳ مشهور ٿيندڙ ۽ لوڪ گيتن جي نائڪن جهڙو نصيب حاصل ڪندڙ شامل آهن. سوڍو کينئرو ته چونئريءَ ۾ ڳايو ويندو آهي، منڊور جي راوَ چُونڊا جي ڌيءَ ڦُول ڪنور سان امرڪوٽ جي راڻي اوتار ڏي شادي ڪئي هُئي، اُن ڄڃ ۾ سوڍن ٽي هزار توکر (گهوڙا) ريجهه (دان) ۾ ڏنا هُئا. اهڙو بيان هڪ ڊنگل گيت ۾ آيل آهي، جيڪو هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي. وڏن سخي ڏاتارن جي ساراهه ۾ چيل دُوهن (25 کان 33) جي بعد ۾ لوڪ گيتن جي خوبصورت لڙهيءَ ۾ هڪ ٻي نائيڪ ۽ نائيڪا جي مهما ڏنل آهي ته، ٻئي طرف “ٻالوچڻ” گيت جي انوکي راڳ تي موهت ٿي، قطار سان گڏ آيل نوجوان ڀيرڏانجي پُٽ ساڌوُلوجي (سانگڙ جا رهواسي) کي “جاڙيپا” (ٻاڙمير ) ڳوٺ جي چارڻ رتنوُ ڪلوجي پنهنجي ڌيءَ پرڻائي ڏني. سنبت 1958 وڪرمي جي هي حقيقي ڪٿا آهي، پر اڄ ته اُن راڳ ”ٻالوچڻ“ (هڪ بلوچ عورت جي سُونهن جو ذڪر) کي ڳائڻ وارو ڪو ماڻهو ئي نٿو ملي. مُنهنجا رشتيدار اُنهن ٻنهي شين ۾ ڀڙ هئڻ ڪري آئون پوري حقيقت ڄاڻان ٿو. هن سلسلي ۾ هي دُوهو حاضر آهي؛

ڀيري سانگڙيئي ڀلي، ٻالوچڻ گائي
ڪلي رتنُو ڪوڏ سُون، پُتري پرڻائي

ڍاٽ سنگيت جو ڳڙهه رهيو آهي. راڳ ۾ رس ۽ راڳڻين جي پرک ۽ پروُڙ جا ڪيئي خوبصورت مثال ملن ٿا. کانهاڻو ڳوٺ جي هڪ چارڻ راڻجي پُٽ رڻڇوجي (ٻارٽ ڪلوجي جو پوٽو) ۾ هڪ اهم خوبي هي هُئي ته، گيتڪار عورتن جي وچ ۾ گَلي جي آواز سان ٻُڌائي ڏيندو هو ته گهڻن عورتن جو مُنهن هِن طرف آهي، هُن جي گلي ۾ ”ڪنٺلو“ پاتل آهي، هُوءَ حاملا آهي، ھُوءَ سهاگڻ آهي يا ڏُهاگڻ آهي. معلوم ڪرڻ کانپوءِ ڳالهه سؤ سيڪڙو صحيح ثابت ٿيندي هُئي. اُن سلسلي ۾ هن ڪتاب جو هي دُوهو پڙهڻ لائق آهي:

پاتو راگان پارکُو، رڻڇي رو سُت راڻ
هُوئو لکاڻي کانهڻي، چَترُ ڪنٺ پهچاڻ

اِتهاس ۾ مشهور ڍاٽ جا دَڙا، سَپُوٽ سوڍن جي دوستيءَ ۾ اعليٰ پائي جو احساس، ڍاٽي ڌجراج (اعليٰ گهوڙا) وغيره جي باري ۾ چوڪڙيو “ڌراسُرنگي ڍاٽ” ۾ حاضر آهي؛

ڌن ڌن ڌورا ڍاٽ را جوڌ سجو را ڄاڻ
نورا ڪَر ڪَر نيهه سُون سورا رکي سُڄاڻ

هوئي جگ ۾ هوڪبا، راڳ تڻو انو راڳ
پورس انمي پاگ ۾ ڀل سوڍا وڏ ڀاڳ

ڌرتي اُوجڙ ڍاٽ ري والهي واٽ وسيس
ٿِروُ امامو ٿاٽ وهي هاٽ رهاڻ هميس

سوڍان رنگ ليڌا سدا ريڌا گُڻ راجاڻ
ڪيڌا اڀري ڪُوياڻ ڏيڌا سانسڻ ڏاڻ

سُوروير سوڍاڻ ۾ جلمي ٿيٽوُ جاڻ
لي ڪرپاڻ رڻ ڌر لڙي، اُوتبنگ پڙ امراڻ

سانڀل ڪيرت سنڌڙي نرمل ڀڙڪي نُور
سوڍا ريجهاڙو سَڪل، پرمل جس ڀرپوُر

ڍاٽ انوُکو جس گهڙت هي هيت ري هاٽ
جُونو تِلڪ لِلاٽ جگ، ڌُرو تاري جُيون ڍاٽ

ان طرح هڪ پُراڻو دُوهو پيش ڪرڻ سان ان تاريخ جي صحيح طرح پروڙ پوندي.

ڪيهر لنڪي گوريان سوڍو ڀنور سُڄاڻ
بڙ جُهڪيا لانٻي سَران، آيو ڌر امراڻ
هي” لانٻو سرووَر“ ڀارت ۾ سڀنيءَ کان وڏو ۽ ويڪرو تلاءَ آهي. سڀ کان پهرين هن کي بند جي روپ ۾ ٺاهڻ وارو امرڪوٽ جو راڻو ”دُرجن شال“ هو. جنهن جو اولاد پارڪريا سوڍا سڏائيندا آهن. ڍاٽي گهوڙن جو اعليٰ نمونو مون خود گڻگور ۾ ڏٺو هو. ڍاٽ جي ٺڪاڻي وڏيلي (ڀڏيلي) جي جوشيلي جوان شريمان سروپسنگهه سوڍي کي سونن زيورن سان سينگاريل گهوڙي تي سُواري ڪندي سرموڙ روپ ۾ ڏٺو هو.

ورهاسان ناسان وجي، پرٿمي ٿڙڪي پوڙ
گجب ڍاٽ گڻگور ري، ڏيٺي واهه گُهڙ دوڙ

طور انوٺي تريوٽ پيچ مولئي پاڻ
تن ڪَسيا جَرڪس تُري سُڀٽ جڪي سوڍاڻ

آڏُو شِو رو اِشٽ هي، ڏيوي مان ڏيول
جبرا جوڌ جوان جگ، آڇي اوڌ اول

ڍاٽ جي تاريخي فخر ۾ هي ٻه مثال وڏي اهميت رکن ٿا. راجسٿان جي لوڪ ديوتائن يا پنج پيرن ۾ سڀ کان وڌيڪ مشهور ۽ پُراڻا لوڪ پوجئه مها پُرش پاٻوُجي راٺوڙ ۽ رامڏيوجي تُونئر ٻئي ڍاٽ جي سوڍن جا جمائي هُئا، سوڍي سُورجمل جي ڌيءَ ڦُول ڪنور جي شادي پاٻوُجي راٺوڙ (ڪولُو) ۽ رامڏيوجي جي شادي سوڍي دلجي جي ڌيءَ نيتل ٻائي سان ٿي. ان حوالي سان به هڪ دُوهي ۾ ٻنهي لوڪ ديوتائن جا ساهورا امرڪوٽ ۾ ٻُڌايل آهن. اهڙي طريقي جو دُوهو هن ڪتاب جي شروعاتي حصي ۾ ڏنل آهي؛

امرڪوٽ پرڻيا اُوڀي مهي ٻنڌي سِر موڙ
تُونئر رامسا پير تيُون، رنگ پاٻُو راٺوڙ

ڍاٽ جي سوڍن جي باري ۾ هڪ نئي ڄاڻ هن ڪتاب ۾ شامل آهي بادشاهه هُمايون کي سرڻ ڏيڻ واري راڻي پتو (پرشاد) جو نالو هر ڪنهن ٻُڌو آهي. راوَن جي ونشاولي (پيڙهي) ۾ راڻي پرشاد جو جان نشين ته سُرتاڻ ڏيکاريل آهي، پر پيڙهين جي نالن ۾ عام طور تي ته جان نشين کي پُٽ سمجهندا آھن. راڻو پتو عُرف پرشاد جي پُٽ جي طور راڻو سُرتاڻ لکيو ويو آهي. صحيح حقيقت هي آهي ته راڻي گانگي جا ٻه پُٽ هُئا. پتو ۽ سُرتاڻ. ٻاهرين حُڪومتن جي مُداخلت سان راڻو پتو کي تخت تان هٽائي حُڪومت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجي دُور انديشي کان ڪم وٺندي، سُرتاڻ امرڪوٽ جي راڄ جي واڳ سنڀالي ورتي، جنهن جي ڪري اڄ تائين سُرتاڻ سوڍا ڍاٽ جا گاديدار راڻا بڻيل آهن؛

راڻ گانگ امراڻ ري تنوج پتو سُرتاڻ
تپڌاري سُرتاڻ رو جميو راجس جاڻ

امرڪوٽ ۾ سُرتاڻ سوڍو گاديدار بڻيو تنهن کانپوءِ جون پيڙهيون هن ريت آهن، راڻا آسڪرڻ، راڻا سگرام سنگهه ۽ راڻو مهراج (پهريون) تائين حُڪومت ۾ ٻاهرين حملن جو جنهجهٽ شروع ٿي ويو. جئين ته هُن ڪتاب جي ڇپائيندڙ ۽ هن وقت جي سوڍا سماج ۾ سڀ کان وڌيڪ پڙهيل عقلمند ۽ سُرتاڻ شاخ جي شان ٺاڪر جيتمال سنگهه سوڍي ڪتاب جي مهاڳ ”سوڍا راڄ ونش“ جي وچ ۾ صاف لکيو آهي ته ” ڪجهه وقت کانپوءِ ايران کان ارغونن جو حملو ٿيو اُنهن هن علائقي کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو. اُهي ڪلهوڙن کان شڪست کائي ويا. ڍاٽ تي ڪجهه وقت دائود پوٽن جو به قبضو رهيو. جيڪي پوءِ ٽالپرن (ميرن) کان هار کائي ڀڄي ويا. ٽالپرن به ڪجهه عرصو امرڪوٽ تي راڄ ڪيو بعد ۾ سڄي سنڌ انگريزن جي هٿ هيٺ اچي ويئي. ڍاٽ جو راڄ هميش لاءِ سوڍن جي هٿ مان نڪري ويو. کڻي ليز تي يا ٻين سببن جي ڪري پر سنبت 1839 کان 1970 وڪرمي تائين امرڪوٽ جوڌپوُر جي ماتحت رهيو. مهراج وجئه سنگهه جي وقت کان شروع ٿيو مهاراجا مانسنگهه جي شروعاتي ڏهه سالن تائين بڻيو رهيو. تڏهن ڪويراج ”بانڪيداس“ اُتي جو سفر ڪري ”همروٽ ڇتيسي“ لکيو هو. اُن ۾ شامل هڪ دُوهو هي آهي؛

وجئه ڀُوپ ري وار ۾ ، ڌڻي مان جوڌاڻ
مارواڙ نوڪوٽي مجهه رهي ڍاٽ امراڻ

مٿي بيان ڪيل احوال ۾ ڪو به گُمان ناهي ڇاڪاڻ ته، اُن ڏکئي وقت ۾ خُدا جي قدرت سان ڪي المناڪ حادثا پيش آيا هئا، ڍاٽ تي قضا جو قهر ڪڙڪي پيو هو. راڻي مهراج جا ٻه پُٽ هُئا. وڏو ڪيسرسنگهه ۽ ننڍو ڪونپجي، ظالم ماڻهن جو هن علائقي تي قبضو ۽ دهشت ڦهليل هُئي. راڻي ڪيسر سنگهه جي وقت چارڻن جي سڀ کان اهم ڳوٺ کاروڙي مان سرڪاري محصول وصول ڪرڻ وارو ڪڙو حُڪم ان آڌار تي ڏنو ويو ته، اهو پئسو شاهي خزاني ۾ جمع ٿيندو. چارڻن جو سانسڻ (سو شاسڻ) سڀني رجوڙان ۾ شروع کان ئي سرڪاري ٽيڪس کان آجو رهيو هو. رڳو چارڻ ئي نه، پر ان ڳوٺ جا رهواسي سڀئي ٽيڪس کان آجا هُئا. ڪٿي هڪ اڌ قانون ٽوڙڻ وارو واقعو پيش ايندو هو ته، چارڻ مرد ماڻهو ”تگو“ (احتجاج) ڪندا هُئا. جتي عورتون ”جمر“ (جوهر) ڪندي جيئريون باهه ۾ ٻري مرنديون هيون ۽ اُتي حُڪمران کي ”شراپ“ (بد دُعا) ڏيئي برباد ڪري ڇڏينديون هُيون. راڻي ڪيسر سنگهه جي وقت به ائين ٿيو هو، چاهي مٿئين حڪمرانن جو دٻاءُ هو، پر حالت بگڙي ويئي هُئي ۽ کاروڙي ڳوٺ جا سڀئي ماڻهون ”اوچالا“ (لڏي) ڪري ٻئي هنڌ هليا ويا. بعد ۾ ڪيسرسنگهه کي اُن جي ننڍي ڀاءُ ڪونپجي ماري وڌو. حالتون جڏھن شنڪرداس جي غلط نظرن جي ور چڙهي ويون تڏهن راڻي کينئراج حالتن کي مُنهن ڏنو ۽ راڄ جي واڳ سنڀالي، جنهن جو اولاد هڪڙو جاگير جو وارث بڻيو ۽ ٻيو پُٽ ٺاڪر وجئه سنگهه جو اولاد ٺاڪر وڏيلي جا وڏا ٿيا. ”يٿا نام اسٿت گُڻ“ جي مطابق اُھي وجئه، سورج، مهاسنگهه، اڻندسنگهه، رتن جهڙا تيجسوي ۽ تپوٻلي سوڍا سردار ٿيا. رتن راڻا جو نالو پوري هندستان ۾ مشهور لوڪ گيت جي ذريعي گونجي ٿو ۽ جيستائين ڪائنات قائم آهي هي نالو اجر ۽ امر رهندو. جاگير ۽ وڏيلي (ڀڏيلي) جي اهم جان نشينن جا نالا دُوهن تي مُشتمل شاعريءَ ۾ بيان ڪيا ويا آهن. پر ”رتن راڻي را ڇند“ ته الوڪڪ ۽ مٺي ڊنگل تخليق آهي. اُن ۾ پرمار ونش جي پيدا ٿيڻ کان وٺي رتن راڻا جي آزاديءَ جي عشق ۽ ساهه ڏيئي ويساهه ڏيڻ واري قرباني تائين تاريخي معلومات سان گڏ سارسي ڇند، ڇپايه ۽ دُوها پنهنجي نرالي نوعيت سان نروار آهن؛
هن ڪتاب ۾ ”سرتاڻ سوڍا ٺاڪر وڏيلي شاخ“ بابت ڏنل دُوهو، هن ونش جي وڏائي سان گڏ اُن جي اصولن، بهادريءَ ۽ ايماندريءَ کي ڀرپور نموني ظاهر ظهور ڪري ٿو؛

ڌجا ڦڙوڪي ڌرم ري مُوڪي ڪدي نه ماڻ
چُوڪي نهين ڪُلوٽ چلڻ سوڍ جڪي سُرتاڻ

هن کانپوءِ راڻي رتن سنگهه جو ساٿ ڏيندڙ انگريزن کان باغي ۽ آزاديءَ جي عاشق نوجوانن ۽ ويجهن ساٿين جا نالا وڏي عزت ۽ شان سان بيان ڪيا ويا آهن، جن جي شان ۾ شاعري حاضر آهي. جنهن کي پڙهي دل پرسن ٿي ويندي؛

رهيو ساٿ رتنيس ري سوڍو ڀڳُو سُچنگ
سنگراسي ڀڙ اُنڙ سُڻ ريڻوَ آکي رنگ

ڪارونجهر ڏونگر قلعو نڊر سوڍ نختيت
اڙ تروٽ انگريز سُون رهيو ڀڙ رڻ کيت

ڦنڦيڙڻ فرنگي ني راڻ رتن ري سِتٿ
سميڙ، امرو رامسي سوڍا تهُون سمستٿ

ڀوجاڻي رجوٽ ڀلي سام ڌرم سِر موڙ
رتن راڻي منتري راکيو رنگ ڏيسل راٺور

ديس ڪاج اڻ ديس ري ڌار فرنگي ڌيس
تجيو ليز نهين پراڻ تڪي، رنگ سوڍا رتنيس

رتن سنگهه جي ياد ۾ ”جُهراوا“ جي رُوپ ۾لوڪ گيت ”رتن راڻا“ ڳوٺ ”باليوا“ (ضلع ٻاڙمير) جي شوڏانجي ٻارٽ جو جوڙيل آهي جيڪو تمام گهڻو دل کي وڻندڙ ۽ روح کي راحت ڏيندڙ رس ڀرئي راڳ ۾ رچيل آهي. راڻي رتن سنگهه جي راڻيءَ ڳوٺ ڦوگورو (تعلقه –شو) جي ڀٽياڻي هُئي. اُن جي پُٽ ٺاڪر جيوراج سنگهه ننڍپڻ ۾ ئي يتيم ٿي وڃڻ باوجود پنهنجي گهراڻي جي اوچائي، عزت ۽ مان اڳي کان وڌيڪ روشن ڪيو. جيوراج سنگهه جا ٻه پُٽ ٺاڪر ڀيرجي ۽ ٺاڪر سون جي ٿيا. جن راجپوتي ڌرم کي روشن ڪندي. ڍاٽ ۽ پارڪر سان گڏ جيسلمير تائين پنهنجي اثر جي ڌاڪ ڄمائي. ڏيول ماتا جي پاٽ آسٿان کاروڙي جي ڏيٿي کُومجي، ستيڏان جي کي گود ورتو. کومجي جي مري وڃڻ کانپوءِ سوڍن جي ڏنل ڏيٿن واري جاگير تي ٻين ڌارين ماڻهن پنهنجو حق ڄمائڻ جي ڪوشش ڪئي گود ۾ آيل ٻار جي سچي مُحافظ ۽ گهڻ گُهري ٺاڪر ڀيرجي، سونجي ۽ آئيڏان سنگهه نگراجوت انهن ٽنهي، پنهنجي گهر جو خرچ ڪري ڏيٿن جي جاگير ۽ جائيداد کي بچايو اُن احوال جا دُوها هيٺ ڏجن ٿا.

سوڍ ڀڏيلي را سري رتن هرا ڪُل رُوپ
ڀير سون ٻهون ڀرات رو اُوجل سُجس اَنُوپ

اڙوي پاڙي اڙگلان ويهڪ گود وِواد
رکيو ڏيٿان رو رِجڪ دي سوڍان امداد

ان کانپوءِ ٺاڪر جيوراج سنگهه جي خاندان جي وڏ ماڻهپائي، سناتن ڌرم سان مُحبت، پنهنجي جنم ڀوميءَ ۽ وڏن جي عزت کي ساڳي طرح برقرار رکڻ جي جستجوُ، ادب ذوق هُئڻ جو ذڪر ڪيل آهي. ” نر ناناڻي جائي“ يا ”ماما جيان را مارڪا، ڀونڏا ڪيون ڀاڻيج“ واري ڪهاوت مطابق هي دُوهو ڏسو؛
سروپ سنگهه، رُگهويرسنگهه، هر، دلپت اِت هيج
ٻاکاسر ٻلونت را ڀڙ چيارون ڀاڻيج

ان سلسلي ۾ رتن سنگهه جي خاندان ”سپوٽ نرَرتنان“ ۽ انهن جي جنم ڀومي جا گُڻ وڌيڪ پڙهڻ جهڙا آهن؛

ٿاٽ ڀڏيلي ٿيٽ سُون سُجس منڏيلي ساج
ڌاڪ هُوتي امراڻ ڌر انجس مَرُوڌر آج

رجوٽ راڻي رتن ري مهي ڪُلوٽ مجبوُط
ريت سناتن راکڻي سوڍا گهڻا سَپُوت

مٿي ڏنل سموري تعارفي احوال کانپوءِ وڌيڪ شاخن جي ويجهي ماضي ۾مشهور ماڻهن جي تاريخي لحاظ کان اهميت بيان ڪيل آهي، جيڪا سوڍا ونس جي نوجوانن جي اڏولتا ۽ بهادريءَ کي بنائي رکڻ لئه به سٺو سنوئڻ ثابت ٿيندي. ان سلسلي ۾ ڇاڇرو، اسلامڪوٽ، گوڌيار، ڪيرٽِي، حويلي، ڇور، جاگير ۽ پاٻوهر وغيره جي اهم ماڻهن سان گڏ سُرتاڻ، ڀوجراج، گنگڏاس، نرا، نٻا، رام، ساڏُول، وجئه را، پنچاڻ وغيره جي خاص ٺڪاڻن جو به ذڪر آهي.

وشِش ورڻاوَ -:

انهن دُوهن ۾ لانٻي تلاءَ جي مٿئين حصي ۾ پٺار ڀُوميءَ جو ذڪر آهي، اُتي” لنڪڙو“ آسٿان آهي جنهن کي لنڪيو به چيو ويندو آهي. سانئري واگهاڻيءَ جا اُٺ اُتان کان ئي پاٻوجي راٺوڙ وٺي آيو هو. لنڪيو جو مطلب لنڪا جي طرف سمجهڻ سراسر غلط آهي. ان حصي ۾ ڍاٽ جي ٺاٺ ۽ عروج سان گڏ سوڍن جي شاندار ثقافت ۽ تهذيب جو تدارڪ به ڪيل آهي. گُڻن سان ڀريل سوڍن جي شان ۽ مان کي مون خود اکين سان ڏٺو آهي، اُنهن جو مهمان ٿي رهيو آهيان، اُنهن جي هڪڙي جهلڪ ته ڏسو؛

هوئا دمامي ديوتا سُوپ راگ سُڀياڻ
رنگ جمتو رهاڻ ۾ سانپرت ڌر سوڍاڻ

ساڪر ري روٽي سري پرگهل ٿال پرساءِ
سو وُن ري ٻاڄٺي سج ڪَوي رو مان ڪراءِ

ڪلا اُمنگي ڪورڻي پنگي سووَن پاٽ
ريتان چنگي راکڻي ڌرا سُرنگي ڍاٽ

اُن کانپوءِ ”شري رتن راڻي را ڇند“ آهي. هن حصي جي شروعات ۾ هڪ دُوهو ۽ 12 سارسي ڇند، هڪ ڇپايو (سنبت 1923 وڪرمي ۾ راڻي جي ديهانت واري تاريخ) ۽ آخر ۾ هڪ دُوهو ڏنل آهي، جنهن ۾ راڻي رتن بابت ڪٿيل ڇَندن جو تعداد بيان ڪيل آهي. سڀني سارسي ڇندن ۾ چوٿين نمبر واري مصرع ساڳي آهي. هڪڙي ڇند جو مثال هيٺ ڏجي ٿو؛

انياءِ ميٽڻ سيس ارپڻ رهي سوڍان ريت هي
سُولي چڙهيو هِت ديس ري گونجي جُهراوو گيت هي
همروٽ گڊ سُم منڏيا هينست پراڻ تياگ پُمنگ هي
امراڻ ڌرتي ڪري انجس رتن راڻا رنگ هي

”سنڌوُ سورنڀ“ هن ڀاڱي جي تقريبا ٻه درجن دُوهن ۾ ماضي، وچئين دؤر ۽ حاليه وقت تائين سنڌ ۽ سوڍاڻ علائقي (سنڌوُ روپي سمنڊ) ۾ پوڄيا ويندڙ پيرن، ديش ڀڳتن، سنتن لوڪ ديوتائن، ڀڳتي، ستي، ساڌوي عورتن، شاعرن، ۽ گھڻين ذاتين جي وڏن ماڻهن وغيره جي سُهڻي تعارفي جهلڪ گهڻي پيار سان تخليق ڪئي ويئي آهي. ان بابت ٻه دُوها حاضر آهن؛

ڏيوي سُون ٿانڪ ڏيپي، پُسپ سُڳند پرماڻ
موتي جُيون درياءُ مجهه سنڌ ۾ تِيوُن سوڍاڻ

پال ڌرم رڻ پوڍيو کل ڌل جهونجي خاص
سنڌ ۾ ڏاهرسين رو امر هُوئو اتهاس
اپڻيات ري ياد“ واري حصي جي دوهن ۾ سن 1957ع کان وٺي هن وقت تائين ڍاٽ ڌرا ۾ جنم وٺندڙ سڀني ذاتين جي سپُوٽ ماڻهن، اُنهن جي گُڻن، ڍاٽ جي مهمان نوازيءَ ۽ عام زندگيءَ ۾ خاص انسانيت جهڙن گُڻن سان ڀريل ماڻهن کان متاثر ٿيندي به دلي طرح پرڻام ڪيان ٿو. اُنهن سان بي حد پيار هوندي، انسانيت جي ناتي، ڪَٿيل نو دوها نموني جي روُپ ۾ ڏنل آهن. هي ڀاڱو ” ڍاٽ را پرسند چارڻ“ تاريخ، ادب ۽ ڏات ٽنهي نظرن سان اهم آهي. ڏيٿا چارڻ جي پيدائش کان وٺي پوري ڍاٽ علائقي جي پُراڻي زماني کان نئين دؤر تائين انيڪ گڻوان، پڙهيل لکيل، ڀڳتن، شاعرن، سنگيتڪارن، ”جمر“ جوهر ڪرڻ وارين ستين عورتن، ڏاتارن جو بنيادي تعارف ڏنل آهي. سوڍائڻ علائقي جي ڪنهن به ڄڳهه جو رهواسي هُجي اُن جي ياداشت شاعريءَ ۾ وڌيڪ هوندي آهي ڇاڪاڻ ته، سنسڪرت ۾ ننڍڙي پر تمام بهترين هدايت ڪئي ويئي آهي ته ”يا ڪويتا سا ڪنٺگتا“ مطلب جيڪا ياد ٿي سگهي اُها ئي شاعري آهي. دُوها ته اڻ پڙهيا به ياد ڪري سگهن ٿا. انهن دُوهن ۾ ڪيئي نيون ڳالهيون پهريون ڀيرو سامهون آيون آهن. مثال جي لاءِ چارڻن ۾ چوڏهن مشهور ڀڳت ٿيا آهن، ڇپائيي ۾ سڀنيءَ جا نالا ڇهه مصراعن ۾ ممڪن آهن، پر دُوهي جي ٻن مصراعن ۾ ته ڪن مهان ڀڳتن جا نالا ئي ممڪن آهن؛

آلُو اِيسر آسڪرڻ ماڌُو مَٿُورا داس
ٽيلي ٻارٽ تيجسي نج گُڻ ڀڳت نواس

مٿي ڏنل دُوهي ۾ ٻُڌايل آلُو (الو ناٿ ڪَويا)، اِيسر (ايسرا پرميسرا سڏيو ويندڙ) مهان ڀڳت ڪوي ايسرداس، آسڪرڻ (ايسرداس جو چاچو آسوجي ٻارٽ) ماڌُو (”رام راسُو“ جهڙي شاعريءَ جو ليکڪ ۽ ڍڳين جي حفاظت ڪندي پنهنجو ساهه ڏيندڙ ڀڳت) ماڌُوداس جي ڏڌواڙيا، ٽيلي ٻارٽ تيجسي واري مصرع ۾ ته تيجسي ٻارٽ جو ڳوٺ ٽيلو (نرهرداس جو اوتار چريتر جي ليکڪ جو ڳوٺ) ٻُڌايل آهي. ماڌُو سان گڏ مَٿوُرا داس لفظ ته گهڻن جو ٻُڌل هوندو، پر اڄ ڏينهن تائين ان جي جنم ڀوميءَ ۽ تخليق وغيره سڀ ڪجهه نامعلوم ئي رهيو. هڪ پراڻي هٿ اکرن واري لکت مان سڀ کان پهرين مون کي معلوم ٿيو ته مَٿوُراداس ڏيٿا شاخ (ڍاٽ-پارڪر علائقي جي) جو چارڻ هو. جنهن ”راگهوَ راسُو“ نالي رام ڀڳتي سان ڀريل شاعري تخليق ڪئي هُئي ”ڌار سُرنگي ڍاٽ“ ۾ ان حوالي سان هي دوُهو حاضر آهي؛

ڀاڻو ڪُل ۾ هري ڀڳت ڏيٿو مَٿُورا داس
”راگهوَ راسو“ ڄڻ رچيو اڙ چَهوُن ڪوٽ اوُجاس

اهڙي نموني جا ٻه چار مثال پڙهڻ جهڙا آهن.

موٽو تاڪب مٺڙيو جُونجهو ڏيٿو جاڻ
ڀُج پڙيو ڪائب ڀلي پرگٽ ڍاٽ پهچاڻ

سُت راجوڙ ڏيٿو سري ملهارو مهراڻ
سداورت راکيو سدا کاروڙو کُوماڻ

جس ڏيٿي رو جگمگي مرُوڌر ڍاٽ تمام
منڏيو ٻاڙمير مگ نينٻراج رو نام

ويڏو ڏيٿو ويدگان هُوئو ڍاٽ ۾ هيڪ
ويڏاڻِ جڻ سُون وسي نام امر ڀڙ نيڪ

ان کانپوءِ ”ڏيول-چرت“ ۾ ڍاٽ جي ڪُل ديوي ۽ چارڻ گوتر ۾ مشهور ديوين جي مالها ۾، پهرين مصرع ۾ مهان ديوي ڏيول ماتا جو ديومالائي چريتر بيان ڪيل آهي، راجسٿان ۾ شري ڪرنيجيءَ جو نالو سڀني جو ٻُڌل آهي. ديش نوڪ کان لڏي بيل گاڏي ۾ ڪرنيجي پنهنجي موسيري (ماسات) وڏي ڀيڻ ڏيول جي سان ملڻ لئه ڍاٽ (کاروڙو) ۾ آئي هُئي، اُن وقت کوهه ۾ ويٺل اڻندي کاتي جي آهُو ڳوٺ ۾ ياد ڪندي ئي حفاظت ڪئي هُئي. اُن بابت پُراڻو دوُهو اڄ تائين هلندو اچي؛

آهُو ۾ تُٽي ورت ڪُوئي مَجهه پيٺانهه
اڻندو کاتي تاريو مان کاروڙي ٻيٺانهه

هنگلاج ماتا جو اوتار مڃي ويندڙ مهان شڪتي شري ڏيول جي جيون ڪٿا ۽ قدرتي معجزن جو پهرين دوُهن ۾ کولي احوال ڏيڻ، بعد شري ”ڏيول جي را ڇند“ واري حصي ۾ هڪ دوهو، اَٺ ريڻڪي ڇند، چار ڇهپيا، ۽ آخر ۾ هڪ دُوهي سان گڏ هن اهم باب کي مڪمل ڪيو ويو آهي. ڏيول جي جو جنم ته ماڙوا (تعلقو پوڪرڻ) جي ڀليوجي سنڍائچ جي گهر ٿيو هو. ماءُ پيءُ جي اڪيلي ڌيءَ هُئي، شاديءَ جي وقت ٻين اٺ نياڻين سان گڏ ”نوَ تورڻئي مگري“ ۾ جتي نوَ دُرگا جي نموني هڪڙي ئي وقت گڏ شادي ٿي ھئي اُهي پٿر جا وڏا کنڀا، هڪ ٻئي سان ڪافي پري اڄ تائين بيٺا آهن، مون خود وڃي ڏٺا آهن. ان جون ڇهه ئي ڌيئرون ديوين جي روُپ ۾ پوڄيون وڃن ٿيون. ٻُوٽ ۽ بهچراءِ جي مشهوري راجسٿان، گُجرات ۽ ڪڇ ۾ ڪُجهه وڌيڪ آهي. ڏيول جي والد صاحب جي گذاري وڃڻ تي خود پنهنجي مائٽن ۾ ويئي ۽ والد جي گهريلو نوڪر ويگڙ ذات جي ميگهواڙ کي سمورو مال، ملڪيت دان ۾ ڏيئي ڇڏيو، جاگيري ختم ٿيڻ وقت اُن ميگهواڙ جي اولاد کي سرڪاري معاوضو مليو. ڪرنيجيءَ جي مڙ ۾ ڍڳين جي حفاظت ڪندڙ دسرت ميگهواڙ جي به روزانو پوڄا ٿئي ٿي. ان طرح ڏيول جي به سمريا سڏ ڏيندڙ، سڀ ڪجهه ڏسندڙ لوڪ ديوي ٿي. روزانو پڙهڻ لئه مُنهنجي لکيل ڏيول جي جي 8 ريڻڪي ڇندن ۾ سڀني جي چوٿين مصرع هي آهي ته

”مهمائي ويس هٿي ڏيول مان، ڀلي ڪري تُون ڀليائي“

”ڏيول-چرت“ کانپوءِ ”پرمار ونشي ديويان“ جي نالي واري ڀاڱي ۾ ديوين جا نالا، پاٽ آسٿان، پيءُ جو نالو ۽ ٻن ٽن چارڻين ديوين ۾ انهي نالن سان مشهور ديوين جي فرق سان ڪُل ڇهه پرمار ونش ۾ پيدا ٿيل ديوين جي واسطي، دُوها ۽ هڪ ڇهپايو (ٻن لحاظن کان) ڇپيو آهي. مٿي ڏنل روزانو پڙهڻ جهڙن ڏيول جي جي ڇَندن کانپوءِ ”ڪوَي – پرچئه“ واري ڀاڱي ۾ مون پنهنجو مڪمل تعارف دُوهن ۾ بيان ڪيو آھي، ڍاٽ سان واسطو پُورب جنم جي سُٺن ڪمن جو ئي ڦل آهي. آخر ۾ بيان ڪيو آهي ته ”سوڍائڻ“ جي شاعر ڪَوي چمن جي ڪَويا جو ڏاڏو ڪرنيڏانجي ۽ منهنجي والد صاحب سرڳواسي گووند ڏانجي جو ڏاڏو هرسنگهه ٻئي سڳا ڀائر هُئا، اهڙي طرح مها ڪَوي مُنهنجي والده صاحب جو ويجهو واسطيدار ڀائر هو. مطلب مُنهنجو وڏو پيءُ هو. سالن جو وقفو ڪيترو ئي هُجي، پر حققيت اها ئي آهي. پوءُ مُنهنجي ڍاٽ ۾ ساهورن ۾ پهريون ڀيرو کاروڙي پهچڻ جي ٻن ڏينهن کانپوءِ مون پوجئه ٺاڪر ڀيرجي سوڍا (وڏيلي) سان ملاقات ڪري ادبي ڪچهري ڪئي هُئي، ان ئي ڀيرجي جي پوٽي ٺاڪر جيتمال سنگهه سوڍي جي اصرار تي مون هي شاعراڻون ڪتاب ”ڌرا سُرنگي ڍاٽ“ پايه تڪميل تائين پهچائي، ماتا ڏيول جي پيرن ۾ هڪ سورٺي ذريعي ارپڻ ڪيو آهي. ڪتاب جي منصوبي ۽ لکڻ بابت ٻُڌايل ڪُل 9 دُوها، جيڪي شُڀ انگ طور به سُٺو سنئوڻ آهن، ايترا ته سادن لفظن ۾ لکيل آهن جو عام پڙهندڙ جلدي ئي سمجهي سگهي ٿو. تخليق 2065 وڪرمي سنبت ۾ ٿي، پر ڇپائي (پهريون ڇاپو) سن 2009ع سنبت 2066 وڪرمي ۾ مڪمل ٿي. اصل ڪتاب ”ڌرا سُرنگي ڍاٽ“ کي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ آخر ۾ ڪجهه گيت ڏيئي ڪتاب کي منظر عام تي آڻڻ لاءِ مڪمل ڪيو ويو آهي.


اڀياس

1- گيت راڻا اوتارڏيو (امرڪوٽ) جو:-
هن ۾ امرڪوٽ جو ڳاٽ تمام اوچو ٿيو آھي! ڇاڪاڻ ته منڊور جي راوَ چونڊاجي جي راجڪُماريءَ (ڦُول ڪنور) سان شادي ڪرڻ وقت راڻي اوتار ڏي ٽي هزار گهوڙا يجمانن کي دان ڪيا هئا. جنهن جو سبب هي هو ته سوڍي کينئري پنڌرنهن سؤ گهوڙا جيسلمير ۾ سانڀيلي کان چونئري تائين پهچڻ لئه يجمانن کي دان ۾ ڏنا هُئا. ان واقعي بابت چونئريءَ جي وقت ”سوڍو کينئرو“ گيت ڳايو ويندو آھي. ان جي هڪ پيڙھي کانپوءِ ”ٽي هزار گهوڙا“ راڻي اوتار دان ۾ ڏنا.
2- گيت راڻا رتن سنگهه جو:-
ويرڀاڻ ڏيٿا (کارچي) جو لکيل: هن گيت ۾ انگريزن کان ليز حاصل ڪري غريبن سان ظُلم ڪندڙ محمد علي شاھ سان مقابلو ڪندڙ راڻا رتن سنگهه جي رعيت سان محبت جو ذڪر آهي.
3- سوڍا سونجي وڏيلي (ڀڏيلي) جو گيت:-
جُونجهار ڏيٿا (مٺڙيو) جو لکيل: ٺاڪُر ڀڏيلي جي سوڍي سون سنگهه جي ساراھ ۾ رچيل هي گيت تمام خوبصورت آھي. تاريخ جي ڄاڻون ڀيرجي جو ننڍو ڀاءُ سون سنگهه ڍاٽ ۾ تمام گهڻو مقبول هو.
4- سوڍا سوائي سنگهه وڏيلي(ڀڏيلي) جا ڇَند:-
کومڏان لانگيڏان جي ٻارٽ (ڀيماويري) جا لکيل: ٺاڪُر ڀڏيليءَ جي مشھور سوڍي ولد سونجي جي شان ۾ رچيل هنن ڇَندن ۾ سوائي سنگهه جي بهادري، مهمان نوازي، رحم دلي ۽ سُلڇڻائي جي سُندر شڪل ڊنگل ريڻڪي نموني ۾ تمام بهترين سليقي سان ڏني ويئي آھي.
5 - سوڍا دولت سنگهه جا ڇَند (اُٺ جا واکاڻ) :-
جيمل جي جهيٻا (جهانڦلي) جا لکيل: ڊنگل ادب ۾ انسانيت خدمت ڪندڙن جي هميشه واکاڻ واري ريت رهي آھي. وڏن ماڻھن سان گڏ اُنهن جي مددگار سُواري اُٺن، گهوڙن ۽ هاٿين وغيره جي ٺاھُ ٺُوھ، سينگار ۽ تيجسوي رُوپ کي ڇَندن ۾ بند ڪري، ٻُڌائڻ ۾ گُڻ پوڄا جي تهذيب جهلڪندي آھي. جوڌپور جي مهاراجا گجئه سنگهه جي هاٿين جا ”رومڪ ڇَند“ ” گجئه سنگهه ديئا گجراج ڪمنڌج اِندر جيسي رٿ آرهتا“ آسوپ ٺاڪر ناهرخانجي پاران دان ڪيل گهوڙن جا ڇَند، ”ورهاس ايسا ونسواڻ وڌارڻ دان سي ناهر خان ديئي“ جي طرح دولت سنگهه سوڍي پاران ڪوي جيملجي جهيٻا ڳوٺ جهانڦلي کي بنان گُهرئي ۽ گهر ويٺي اُٺ جو دان ڪرڻ سان گڏ ٻاجهر سان ڀريل ڳوڻ تُحفي جي رُوپ ۾ موڪلي ڏني ته، اُن ٻُڍي شاعر ڏُکئي وقت ۾ اهڙي مدد ملڻ تي خوش ٿي اُٺ جي واکاڻ وارا ڇَند سرجيا. جيڪي تمام گهڻا مشھور ٿيا. هن موضوع تي ڪجهه روشني وجهڻ وڌاءُ نه ٿيندو. جيملجي جهيٻا پنهنجي دؤر جو بهترين شاعر هو. اُن جي زبان پَرندي هُئي. اُن معمولي ماڻھن پاران ڪيل غير معمولي ڪمن تي شاعري لکي اُنهن کي تاريخ ۾ امرتا بخشي ڇڏي.
ادبي حوالي سان تمام وڏو ڪم ڪيو هو، پر ٻُڍاپڻ ۾ هٿ تنگ ٿي ويو، گهر ۾ ڪوبه ڪمائڻ وارو نه هو. ڏُڪار پوڻ ڪري اولهه راجستان ۾ غريب ۽ بي سهارا ماڻھن جي حالت نازڪ هُئي. سوڍو دولت سنگهه ڍاٽ جي ڳوٺ ڇوڙ جو رهواسي، گنگڏاس شاخ جو تمام مشھور ۽ اثر و رسوخ وارو ماڻھو هو. جيسلمير جي مها راول مُولراججي دولت سنگهه سوڍي کي کوهڙي ڳوٺ سنبت 1842 وڪرمي ۾ عنايت ڪيو هو. جتي ستين پيڙھيءَ ۾ ان جو اولاد اڄ به رهي پيو. گُڻن سان ڀريل رحم دل سوڍي جڏھن ڪوي جيمل جي جهيٻا جو حال احوال معلوم ڪيو تڏھن ڪنهن ماڻھوءَ کان خبر پيئي ته ڪَويسر جي حالت بُري آھي. اهو معلوم ڪندي هن دياوان سوڍي جي درياءَ جھڙي دل ڀرجي آئي. هن ڇا ڪيو جو چار مڻ ٻاجهري سان ڀريل ڳوڻ، هڪ سانڍ (اُٺڻي) تي پلاڻي تُحفي طور موڪلي ڇڏي. ٻاجهريءَ سان ڀريل ڳوڻ ۽ برسات پوڻ تي پوکڻ لئه ”جوڙو“ ٻئي مهرباني طور گهر ويٺي ملڻ تي ڪوي ڌنيواد ۽ شُڀ ڪامنا ڏني. اُٺ جي باري ۾ ”رومڪند ڇَند“ ٺاهڻ وارو ذھن ٺاهي ورتو. پُراڻي زماني ۾ ڪيئي شاعر اڻ پڙھيل هئڻ ڪري شاعري زباني ياد ڪندا هئا. مون اهڙا ٻه شاعر اکين ڏٺا جيڪي ٻنيءَ ۾ هر هلائيندي به رومڪند ۽ ريڻڪي جهڙا ڇَند ۽ ڊنگل گيت تمام بهترين نموني سرجي وٺندا هئا. ننڍو وڏو ڪتاب جوڙي زباني ياد ڪري ڇڏيندا هئا. سرڳواسي آسُوڏانجي سَنڊائچ ڳوٺ ماڙوا (پوڪرڻ) ته زندگيءَ جي اٺين ڏهاڪي ۾ ”رامڏي رُوپڪ“ نالي اعليٰ پائي جو ڪتاب زباني جوڙي ٻُڌائي ڇڏيندو هو. جيڪو پنهنجي هٿ اکرن ۾ لکي نه سگهندو هو. جيمل جي جهيٻا به لکڻ ۾ شايد ڪمزور هو جو ڳوٺ آڪلي (ٻاڙمير) جي پنهنجي رشتيدار نوجوان شاعر ڀڳوڏان پُٽ هرداسجي جهيٻا کي هي ڇَند لکڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ خوبصورت روپ ڏنو. جهيٻي جا لکيل ”اُٺ جا واکاڻ“ جهڙا ڇَند ٻئي ڪنهن به شاعر نه سرجيا هئا. اُنهن ڇَندن جي سرجڻ جو وقت سنبت 1842 وڪرميءَ کان 1850 وڪرميءَ جي لڳ ڀڳ آھي. سنبت 1812 وڪرميءَ ۾ ڀينڪر ڏُڪار پيو هو تڏھن جيسلمير جي ”جينجهڻياري“ ڳوٺ جي سَپوٽ ۽ رحم دل ڀاٽي مُولچند ”سداورت“ هلائي هُئي. ڏُڪار سبب سنڌ ڏي لڏي ويندڙ غريب ۽ بي سهارا خاندانن پاران اڻھوند ۽ مُشڪلاتن جي ننڍڙن ٻارن کي انهي ڀاٽي سردار جي ڀروسي ننڊ ۾ ڇڏي وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ آڌي رات جو اُھي معصومن کي ڀري ننڊ ۾ اڪيلا ڇڏي سنڌُ لڏي ويا. ٻئي سال برسات پوڻ وقت واپس ڳوٺ ورندي ممتا جي مارين مائرن جڏھن پنهنجن ٻارن کي کلندي ڪُڏندي خوش ڏٺا تڏھن انهن جي اکين ۾ خوشيءَ جا لُڙڪ لڙي پيا. ان ڀاٽيءَ جي مدد ۽ رحم دليءَ جي باري ۾ جيمل جي جهيٻا جو لکيل هي سورٺو پڙھڻ وٽان آھي:

مُوڪيا ماويتريهه ٻاڙڪيا ٻاروتري
جادم جَتن ڪريهه موٽا ڪيڌا مُولچند

سنبت 1812 وڪرميءَ جو ته هي سورٺو آھي. سنبت 1842 وڪرميءَ ۾ کوهڙيءَ جو ڳوٺ سوڍي دولت سنگهه کي مليو. ان کانپوءِ جيمل جي جهيٻا جي لکيل ڇَندن جي ڪَڙي ملائڻ سان اها پڪ ٿئي ٿي ته، هُو حياتيءَ جي اٺين ڏھاڪي ۾ هو. آخري ڏينهَن ۾ لاهور جي سِک بادشاھ رڻجيت سنگهه سان ملڻ لئه ويو ۽ اُتي ئي هن جو موت ٿيو. ان بابت هي سورٺو آھي ته:

اڙ مُرڌر سُون آڻ ڪترا گُڻ ڏگڙي ڪيا
جيمل رو جيراڻ لکيو ھُوتو لاهور ۾

سوڍا دولت سنگهه جا ڇَند ”اُونٽ را وکاڻ“ ڪيئي ماڻھن پاران سکڻ جي دؤران سلسليوار نمبر ۽ ڇَند بدلجي وڃڻ ڪري، ڪيئي وڃائجي ويا. اتفاق سان مون پاران ٽن ماڻھن جي واتان ٽيپ رڪارڊ ڪيا ويا هئا. اُھي ٽيئي وڏا مري ويا. هڪ ٻن ٻين ماڻھن کان ۽ هڪ پينسل سان لکيل پنو ڪٿان هٿ آيو. اُنهن سڀنيءَ کي گڏ ڪري، سليقي سان ترتيب وار ٻه دوها، ٻارنهن رومڪند ڇَند، ۽ آخر ۾ هڪ ڇپايو ڏيئي، هن ڪتاب ۾ ان ڪري شامل ڪيم ته، جيئن ڍاٽ ۾ جنم وٺندڙ هڪ سپوٽ گنگڏاس سوڍي دولت سنگهه جي تاريخي اهميت هميشه محفوظ رهي. ھُن جو ذڪر اِتهاس جي پَني ۾ هميشه امر رهي. اُنهن ڇندن جي تقريبن اڌ صدي گُذري وڃڻ کانپوءِ ”سوڍائڻ“ جي سرجڻهار مها ڪوي چَمن جي ڪويا، سڻ ڌري (ٻاڙمير) جي راول وڀوت سنگهه جا ڇَند رومڪند ”اُونٽ را وکاڻ“ هڪ دُوهو، ٻارنهن ڇَند ۽ آخر ۾ هڪ ڇپيو لکيو هو. اُن جي برابريءَ جا ڇَند اڄ ڏينهن تائين ڊنگل ادب ۾ ناهن ملي سگهيا. ڪٿي ڪٿي اکر ڪٽجي ويا هئا، پر منهنجي والد صاحب سنڀالي رکيا هئا، جنهن سبب سوڍائڻ جي اڀياس ۾ مون انهن کي به سن 1966ع ۾ ڇپائي ڇڏيو هو.

آخر ۾ هڪڙو احوال ته جڏهن مون ”ڌرا سُرنگي ڍاٽ“ کي پنهنجي ڳوٺ ٻرائي ۾ لکي پورو ڪيو تڏهن امر ٻلڌاني ”راڻي رتن سنگهه جا ڇند سارسي“ فون تي ٺاڪر ارجڻ سنگهه چوهاڻ (جهوٽڙا-جالور) کي ٻُڌايا، تڏهن هُو ايترو ته خوش ٿيو جو هن ڪتاب کي ڇپائڻ وارو سڄو ڪم قبول ڪري ورتو. اهڙي ادب ذوق، سماجي خدمت گار ۽ سڄڻ جا لک ٿورا مڃان ٿو. بعد ۾ ٺاڪر جيتمال سنگهه سوڍا جيڪو سوڍا شوشل ويلفيئر جو باني ۽ راڻي رتن سنگهه جي وڏ گهراڻي سان تعلق رکندڙ آهي. مون کي هڪ نياپي ۾ چيو ته ”راڻي رتن سنگهه ۽ ڍاٽ پرڳڻي جي گهڻين يادگرين کي جنهن ڪتاب ۾ دل سان لکيو ويو آهي ”سوڍائڻ“ کانپوءِ جي صرف هڪڙي اهڙي تخليق کي آئون پاڻ پنهنجي پاران ڇپائڻ جو پڪو ارادو ڪري چُڪو آهيان“ ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ کي تڪليف ڏيڻ جي ڪا به ضرورت ناهي. پوءِ به بنان ڪنهن لالچ جي نيڪ دل سان آڇ ڪندڙ مُنهنجي گهڻگُهري، ادب ذوق ٺاڪر ارجڻ سنگهه سوڍا لئه نيڪ تمنائون. باقي ٺاڪر جيتمال سنگهه ۽ اُن جي خاندان جي باري ۾ ڪجهه لکڻ لاءِ مون وٽ لفظ ئي ناهن…بس ايترو چوندس ته؛ جيوم شرڌه شتمو
دُوهو
هينوڙي هندا حرف هي البيلو اِتهاس
ڌرا سُرنگي ڍاٽ ري خوبي آهج خاص

شڪتيڏان ڪَويا
ڏياري-سنبت 2066 وڪرمي
پولو-2 جوڌپُور راجسٿان.