مختلف موضوع

ڌرا سُرنگي ڍاٽ

هي ڍاٽ جي منظوم تاريخ آھي، جيڪا راجستان جي چارڻ ڪوي ڊاڪٽر شڪتيڏان ڪَويا لکي لکي آهي، اُها ڍاٽ جنهن جي اَڇن ڌڙن واري ڌرتيءَ جي پنهنجي هڪڙي نرالي سُونھن، ثقافت ۽ سُڃاڻپ رهي آھي. ڍاٽ جي رجواڙن ۽ ريتن جا رکوالا صدين کان سوڍا رهيا آھن. سوڍا جيڪي سُونھن، سورهيائي، ۽ عقُل ۾ مڙني کان مٿڀرا رهيا آھن. سوڍا جيڪي سنڌُ جي سُونهن آھن. سوڍا راجپوت اقوام شاهيءَ جي 36 ڪُلن ۾ شامل پرمار ڪُل سان تعلق رکن ٿا، جن جو ونس اگني ونس آھي. راجپوتن جي تابناڪ تاريخ نہ رڳو راجپوتانا جي ريتيلن ڌڙن ۾ روشن رهي آھي، پر سنڌُ جي ڌرتيءَ تي بہ سورنھن آنا سُونھي آھي. سنڌُ جي مايا ناز شاعر شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ پنھنجي ست سُورمين ۾ ٽن راجپوتاڻين کي ڳايو آھي.
Title Cover of book ڌرا سُرنگي ڍاٽ

ليکڪ پاران: پرستاونه

ليکڪ پاران: پرستاونه

ڌرا سُرنگي ڍاٽ جي من موهيندڙ مواد جي شروعات ڪيان ٿو، جوڌپوُر جي مهاراجا مانسگهه (حُڪمراني جو وقت سن 1860ع کان 1900ع ) جي هن خوبصورت دُوهي سان جيڪو هن ريت آهي ته:

مهيلان سِروهر ماروي مردان ماروُ ويس
راگان ماروُ راگڻي ديسان مارو ديس

مذڪوره دوهي جي معنيٰ هي آهي ته، عورتن ۾ سڀني کان سرس ۽ سُندر ماروي آهي، مردن ۾ مارواڙ جا مرد مڙني کان مٿي آهن. راڳن ۾ ماروُ راڳڻي سڀني کان وڌيڪ روح کي ريجهائيندڙ آهي ۽ ملڪن ۾ مارواڙ جو ڪو مَٽ ئي ناهي، مارو ديش پُراڻي زماني م مَرُو منڊل، مَروُ ديش ۽ نوڪوٽي مارواڙ جي نالي سان سڏيو ويندو هو. بادشاهت جي نوڪوٽن جي ايراضي تمام وسيع هُئي پر پرمارن يا پڙهيارن جي بادشاهي وقت سهوليت مطابق گادي وارو هند بدلجندو رهيو هو. ڪڏهن آبوُ (اربُد)، ڪڏهن منڊور (منڊپوُر) ته ڪڏهن ڪِراڙو (ڪِراٽ ڪُوپ) تخت گاهه رهيا. نوڪوٽي مارواڙ جي راڄ شاهيءَ جي مرڪز جا نالا هيٺ ڏنل دوهي ۾ نمايان آهن.

ڍاٽ ڪراڙو پارڪر لوڌروو جالور
آبوُ پوُنگل ناگور سون نوڪوٽان منڊور

جئين ته مٿي ڏنل دوهي ۾ پهرين نالو ڍاٽ (عُمرڪوٽ) سرزمين جو آيو آهي. ڀارت جي ڪوٽ وارن شهرن ۾ تمام پُراڻو به عمرڪوٽ عُرف (امرڪوٽ) ئي آهي. سِنڌُو سڀيتا جي شاندار ۽ سرس ثقافت جي ارتقائي سرزمين به اُها ئي آهي. سناتن تهذيب جي ترقي سڀني کان پهرين ڍاٽ جي ڍولڻ ڌرتي کان ٿيندي مانڊ-ڌرا (جيسلمير سرزمين) ۾ پهتي، جتي مانڊ (ماڙ) راڳ جي پيدائش ٿي، اُنهي سرزمين جي پُراڻي شهر لُدروا (لودرپُور) ۾ مومل جي ميڙي ۽ اُن جي ڀر ۾ ئي پراڻي ڪاڪ نديءَ جا وڏن وڏن پٿرن سان ٻَڌل گهاٽ اڄ به ڏسي سگهجن ٿا. لوڪ تهذيب جي لاکيڻي لهر ڍاٽ کان مانڊ ويندي ٿڙواٽ (مَروُ سٿل) جي دڙن ۾ پهچندي، رُوپونتين (رجڪڻن) ۾ اهڙي رِل مِل ٿي جو اُٺن جي اعليٰ نسل کي به ”ٿڙواٽ هوئاڪن ڍاٽ تڻي ٿڙي“ ڊنگل ڇندن ۾ هڪ جهڙو ئي واکاڻيو ويو. ٿڙي (ٿڙوٽ) جي لاءِ ”ري ڌوڙان آڙا ديس جگا“ حقيقت ۾ سُجاڳيءَ جو سڏ آهي، ته ڍاٽ جي دڙن جي مٺي منوهار به گهٽ اهميت واري ناهي. مشهور لوڪ گيت نانگور (ناگودر) ۾ آيل هي دُوهو ڪيڏو نه من موهيندڙ آهي.

آئو ناگودر سومرا ڍاٽ تڻي ڌوري
رهو اجوڻي راتڙي سيڻان ري ٿوري

راجسٿاني لوڪ گيت ”ڀوم پرکو هي نران، ڪهان پرکو بند“ يا ”نران سوائي ناريان“ جهڙين لوڪ ڪهاوتن ۾ به صورتمند ۽ سيرت مند راجپوتياڻين جي لاءِ ڍاٽ ۽ ٿڙوٽ ٻئي سرزمينون برابر مشهور رهيون آهن.

اُر چوڙي ڪر پاتلي جيڪاري ري ٻاڻ
جي سُک چاهو جيو رو تو ڌڻ ڍاٽيچن آڻ

(وڏيءَ ۽ ويڪري ڇاتيءَ ۽ سنهي چيلهه سان سدائين جيءَ جيءَ ڪري سڏ ڏيندڙ سوڍيون ئي آهن جي زندگيءَ ۾ سُک ڏسڻ چاهين ٿو ته زال ڍٽ ڌڃاڻي وٺي اچ. )
يا
گوپيان هُوتي ڪرشڻ ري ڪرتي رنگ رليان
ڪرشڻ سَڌايا دُوارڪا وي ٿاڪ رهي ٿڙيان

جيڪڏهن ڪرشن جون گوپيون هُجن ها ته اُن سان رنگ رليون ملهائين ها، پر ڪرشن رهيو دُوارڪا ۽ اُهي سُندريون ڍاٽيچيون ٿر جي ٿاڪن ۾ رهجي ويون. ڍاٽ ۽ پارڪر ٻنهي جي سڃاڻپ سوڍن جي ديس واري آهي، جتي سوڍن شترين جي آدي پُرش سوڍا پرمار پنهنجي راڄڌاني ڪِراڙو (ٻاڙمير) کان دولت ۽ طاقت سميت پڌاريو. شوواڙي ۾ ويٺل سچيا ديويءَ جي حُڪم سان ڍاٽ جي رتو ڪوٽ نگر تي حُڪومت ڪئي. (سنبت 1181 وڪرمي. ماگهه سُڌي تيرس جي ڏينهن ) سوڍي جي پُٽ چاچڪ ديو راڻا عُمر سومري کان راڄ کسي عُمر ڪوٽ تي پنهنجي فتح جو پرچم لهرايو. اُن وقت سال بابت گُمان هوندي به امراڻ ڌرتي تي سوڍن جي بادشاهي واري ڳالهه سڀني جي مڃيل آهي. شو واڙي بادشاهه شو هئڻ جي ڪري ئي پتراچار ۾ شڀ سماچار واقع آهي ”سوڍا لکي مهاديو جي را پرتاب سوُن “ (بانڪيداس جي لکت مطابق ”مهيچا لکي مليناٿ جي را پرتاب سُون“ ”ڀاٽي لکي لکميناٿ جي را پرتاب سُون“ ”منگڙيا ميهاجي کي پوڄين“ ”هندا چامنڊا کي پوڄين“ ”ديوراج ناگڻيچيا کي پوڄين“ ”گوگاديو گوسائين کي پوڄين“ سوڍي کي سچيا ديوي کان مليل آشيرواد جو ذڪر ڪجهه هن ريت آهي:

شو واڙي سچياءِ سياءِ هُوئي سُر راڻي
سوڍا اُوٺ کاگ سُهاءِ ڍاٽ ڏيڌو ڌڻياڻي

دل ميلي بل لاک کاگ اُوجڙا کٽڪي
سوڍان نان سُومران جهيڪ واجيو جهٽڪي

کَٽ وسي اُوسر توُٽا کنگا هُوران وڙي هَلاويو
ٻاري سوورس ٻياسي سوڍا امرڪوٽ آويو

تڏهن کان وٺي اڄ تائين ڍاٽ ۽ پارڪر ۾ سوڍن جو ئي ذڪر رهيو آهي. سوڍن جي سورهيائيءَ ۽ سخاوت مُلڪان مُلڪ مشهور آهي. شادي جهڙي شُڀ موقعي تي سوڍن جي گُڻن سان ڀريل لوڪ گيت ڳايا وڃن ٿا. هي ڪهاوت ته سڀني کي ياد هوندي ته ”پرڻيجي ساري پرٿوي گائيجي سوڍا“ (شاديون ته سڄي دُنيا ڪري ٿي پر ڳائجن صرف سوڍا ئي ٿا) راجستان جي مشهور چارڻ شاعرن ۾ دُرسا جي آڍا جو نالو تاريخ ۾ امر آهي. مهاراڻا پرتاب کي آزاديءَ جو عشق ڏياريندڙ، ڊنگل جو شاعر ڪوي منيشي دُرسا آڍا جو چيل هڪ دوُهو پُراڻن هٿ اکرن ۾ مليو آهي، جنهن ۾ ٽن آڳاٽن راجائن جي رحم دليءَ ۽ عقلمنديءَ جو ذڪر ٿيل آهي. پر سوڍن جي پوري قوم ۾ ڪَوين کي ”سانسڻ“ (سوساشن) جاگير خيرات طور ڏيڻ ۾ سڀني کان پهرين سنڌ ڪيو آهي.

سوڍا ڏيڻ جَم سانسڻ، جام ڏيڻ ورهاس
سِنڌُر ڏيئو رائسنگهه، رٿ ڏيڻو روهيتاس

جهڙي طرح سوڍا راڻا ڪَوين کي ”سانسڻ“ ۾ جاگيرون ڏيڻ جي ڪري تمام گهڻا مشهور آهن، اهڙي طرح جام نگر (ڪاٺياواڙ) جو جام راول گهوڙا (ورهاس) ڏيڻ ۾ مشھور هو. بيڪانير جو مهاراجا هاٿين جي دان ۾ ۽ بلاڙا جو مشهور ديوان روهيتاس ڪَوي چارڻن کي شاندار رٿ ڏيڻ ۾ مشهور آهن. سوڍن جو پهريون شاعراڻو اتهاس ”سوڍائڻ“ (مها ڪَوي چمن جي جولکيل) جيڪو مُنهنجي ئي اِدارت هيٺ ”راجسٿان پراچيا وِڌا پرتيشٺان“ جوڌپور (راجسٿان) کان سن 1966ع ۾ گرنٿانڪ 84 (شاعر جي ٻين رچنائن سميت) ڇپجي چُڪو آهي. پوجيه شري مُني جن وجئه جي پاران سوڍائڻ ۾ لکيل اهم ڳالهين ۾ ۽ مُنهنجي تفصيلي مهاڳ ۾ سوڍن جي تاريخي فخر جي گهڻن پاسن ۽ اُن ڌرتيءَ جي شاندار ثقافت سميت سوڍن جي سورهيائيءَ ۽ هوشياريءَ کي اُجاگر ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ويئي آهي. موجوده صفحن جي لڳ ڀڳ اڌ ۾ اکرن ۾ معنيٰ ۽ آخر ۾ نالا ڇند ڏيئي ٽوٽل 336 صفحن تي مشمتل ڪيل سوڍائڻ ۾ مُنهنجو 92 صفحن وارو مُهاڳ بسنت پچمي سنبت 2022 (سن 1966ع) جي ڏينهن پورو ٿيو، اُن ڏينهن سرڪاري سرٽيفڪيٽ موجب آئون 26 سالن جو نوجوان هُئس. اهو به هڪڙو عجيب اتفاق آهي ته مها ڪَوي چمن جي ڪَويا جي لکيل سوڍائڻ ڪتاب جي رچنا 1933 وڪرمي سنبت ۾ مڪمل ٿي ۽ ان جي نڪٽتم (ويجهي) خاندان ۾ جنم وٺندڙ، هنن لکڻين جي خالق ۽ مالڪ (شڪتي ڏان ڪويا) جي مذڪوره ڪتاب ” ڌرا سُرنگي ڍاٽ“ جي چپائي ٺيڪ 133 سال بعد يعني سنبت 2066 وڪرمي ۾ ٿي رهي آهي. ”سوڍائڻ“ جو ڇپائيندڙ شري جالم سگهه سوڍو هو ته ”ڌرا سُرنگي ڍاٽ“ جو ڇپائيندڙ جيتمال سنگهه سوڍو آهي ” سوڍائڻ“ جو ڇپائيندڙ اسلامڪوٽ جو سوڍو هو ته، ”ڌرا سُرنگي ڍاٽ“ جو ڇپائيندڙ امرڪوٽ جو سوڍو آهي. جالم سنگهه ۽ جيتمال سنگهه ٻنهي جي راس هڪڙي آهي. اصل ڀومي به ٻنهي جي اسلامڪوٽ ۽ عمرڪوٽ آهي، ٻئي ڪوٽن وارا هڪ جهڙا نالا آهن. انگريزن جي حڪومت وقت رتن راڻو ئي رعيت جي رڪشا ڪندڙ هو. ان جو ٺڪاڻو وڏيلي (امراڻو) هو، جيڪو ٺاڪرُ جيتمال سنگهه جي جنم ڀومي هُئي ته، سوڍائڻ جي ليکڪ جي خاندان ۾ جنم وٺندڙ شڪتيڏان ڪويا جي جنم ڀومي ڳوٺ جو نالو به ٻارائي آھي. عمرڪوٽ جا سوڍا سُرتاڻ آهن ته، ٻارائي جا چارڻ ڪوياڻ آهن. سوڍا ٻئي ڍاٽ جا آهن ته چارڻ ٻئي ٿڙوٽ جا آهن. سوڍائڻ جي ليکڪ ڪوي چمن جي چارڻ ڍاٽ جي اڪثر ڳوٺن ۾ ڀرمڻ ڪندي لڪشميءَ ۽ ڪيرتي حاصل ڪئي ته ” ڌرا سُرنگي ڍاٽ“ جي ليکڪ (شڪتيڏان ڪويا) به ڍاٽ جي گهڻن ڳوٺن ۾ ڀرمڻ ڪندي گرهه لڇمي ۽ ڪيرتا حاصل ڪئي. هي عجيب اتفاق ته، پورب جنم جي سٺن ڪمن جو ڦل ئي آهي نه ته هن طرح جا خوبصورت اتفاق ته تمام ناياب هوندا آهن.