مختلف موضوع

ڌرا سُرنگي ڍاٽ

هي ڍاٽ جي منظوم تاريخ آھي، جيڪا راجستان جي چارڻ ڪوي ڊاڪٽر شڪتيڏان ڪَويا لکي لکي آهي، اُها ڍاٽ جنهن جي اَڇن ڌڙن واري ڌرتيءَ جي پنهنجي هڪڙي نرالي سُونھن، ثقافت ۽ سُڃاڻپ رهي آھي. ڍاٽ جي رجواڙن ۽ ريتن جا رکوالا صدين کان سوڍا رهيا آھن. سوڍا جيڪي سُونھن، سورهيائي، ۽ عقُل ۾ مڙني کان مٿڀرا رهيا آھن. سوڍا جيڪي سنڌُ جي سُونهن آھن. سوڍا راجپوت اقوام شاهيءَ جي 36 ڪُلن ۾ شامل پرمار ڪُل سان تعلق رکن ٿا، جن جو ونس اگني ونس آھي. راجپوتن جي تابناڪ تاريخ نہ رڳو راجپوتانا جي ريتيلن ڌڙن ۾ روشن رهي آھي، پر سنڌُ جي ڌرتيءَ تي بہ سورنھن آنا سُونھي آھي. سنڌُ جي مايا ناز شاعر شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ پنھنجي ست سُورمين ۾ ٽن راجپوتاڻين کي ڳايو آھي.
Title Cover of book ڌرا سُرنگي ڍاٽ

مهاڳ: سوڍا راڄ ونس

مهاڳ: سوڍا راڄ ونس

ڀارت پرديش جي اولهه ۾ واقع سنڌ پرڳڻي جو پنهنجو ڪو به آزاد اتهاس دستياب ناهي، ٻين مُلڪن جي تاريخي ڪتابن ۾ موجود ٽڙپکڙ معلومات ۽ مختلف واقعن جي آڌار تي ئي هن خطي جي باري ۾ ٿوري گهڻي ڄاڻ ملي سگهي ٿي. اهو ئي اصلي سبب آهي جو امرڪوٽ جي راڄ گهراڻي سوڍن پرمارن جي تاريخ جي ڄاڻ گهڻي وقت کان نه ملي سگهي آهي، صرف هِتان هُتان جي شڪ تي مُبني، مُبهم ۽ اڌوري معلومات ئي ملي سگهي آهي. اها ڳالهه به ناهي ته راجستان جي ڪُجهه شتريه ونشن سان سوڍن راجپوتن جو پُراڻو تعارف ۽ تعلق نه رهيو هُجي، مارواڙ جي لوڪ تهذيب ”جگديو ڪنڪالي“ ”عُمر مارئي“ ۽ ” مومل ميندرو“ جون ڪهاڻيون تمام گهڻيون مشهور رهيون آهن، سيمينارن ۽ محفلن ۾ رتن راڻا کي ڳايو ويندڙ عام ڳالهه آهي. پاٻوجي راٺوڙ جي جيون ڪٿا ۾ عُمرڪوٽ (امرڪوٽ) جو ذڪر آهي، جتي جي راج ڪُماري سان هن جي شادي ٿئي ٿي، شاديءَ جا ڦيرا پورا ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي پاٻوجي کي چارڻيءَ جي ڍڳين کي چورن کان ڇڏائڻ لئه ڊوڙڻو پوي ٿو، پاٻوجي جي ڪٽار سان چوئنريءَ جا ڦيرا ۽ شاديءَ جي رسم پوري ڪري سوڍي راج ڪماري جڏهن پاٻوجي جي گهر پهچندي آهي، تڏهن پاٻوجي کي امر ٿيل ڏسي ٿي ۽ هُوءَ اُن سان گڏ ستي چڙهي ٿي. انهن ڪهاڻين جي لوڪ مقبوليت جي ڪري ئي ڪهاوت آهي ته ”پرڻيجي ساري پرٿوي گائيجي سوڍا“ سوڍن راجپوتن جي شان ۾ چيل چارڻ ڪَوين جا دُوها هيٺ ڏجن ٿا.

ڪيرت وليان ڪاهيلا دت وليان دوڍا
پرڻيجي ساري پرٿمي گائيجي سوڍا

راڻا امرڪوٽ را گيا جمارو جيت
جيان را منگل ڌمل ۾ گوريجي جس گيت

سوڍا امرڪوٽ را سر ڪٽايا شمشير
واهي هڻيان ويرهر وانڪا ڀارت وير

ايڪ ايڪ سُون آگڙا راڻا امرڪوٽ
پرگٽ هُوئا پرمار وي ماڻينگر منموٽ

ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ڍاٽ ۽ ٿروٽ ۾ گهٽ اچ وڃ جي ڪري راجستان جي شتريه سماج ۾ سوڍا راجپوتن جي باري ۾ معلومات جو ڏُڪار رهيو آهي. هن جو مکيه ڪارڻ شايد اهو آهي ته، تاريخ جي ڪتابن ۾ سوڍن جو ذڪر نه هئڻ جي برابر رهيو آهي هن بابت ڪجهه ڳالهائڻ شايد وڌاءُ نه ٿيندو.

پرما راڄ ونس

ڀارت جي تاريخ ۾ راجپوت راڄ ونسي ڇٽيهه ڪُل مڃيل آهن. جيڪي هن ريت آھن.

دس روي سوُن دس ششي سُون دُئادس رشي پرماڻ
چار هُتاسن تي ڀيو ونس ڇتيس وکاڻ


(ڏهه سوريا ونش، ڏهه چندر ونس، ٻارنهن يادوَ ونس ۽ چار اگني ونس، ٽوٽل 36 ڪُل آهن)
چار اگن ونش ۾ هي شامل آھن 1. چوهاڻ 2. سولينڪي 3. پڙهياڙ ۽ 4. پرمار؛ پرمار جي معنيٰ آهي پر+ مار = ٻين کي ماريندڙ، پرمارن جو اصلي مڪان آبُو جبل مڃيو ويندو آهي، آهستي آهستي پرمارن پنهنجي طاقت جو استعمال ڪندي جلدي ئي ڀارت، اُتر ۾ ڪشمير ۽ ٽهري گڊوال (هماليه) کان ڏکڻ جي ڪرناٽڪ تائين ۽ اوڀر ۾ بنگال کان اولهه ۾ رتناگر ساگر( سنڌ) تائين پنهنجي حڪومت ڄمائي ورتي. ان جي ڪري ئي پرٿوي پرماران تڻي پرٿوي تڻان پرمار“ واري ڪهاوت مشهور آهي، ڇترين جي ڇٽيهه ڪُلن ۾ هڪڙي وقت لڳ ڀڳ سموري هندستان تي صرف پرمارن ئي راڄ ڪيو ۽ پرمارن پرٿوي پتي سڏايو. آبُو جبل کان لهي پرمارن چندراوتي نگري وسائي، جتي سنڌوراج پرمار راڄ ڪيو. رڻ ڌوَجي پرمار چندراوتيءَ کان ڪوچ ڪري اُجين وسايو ۽ پنهنجي بادشاهيءَ جو بنياد رکيو، اُجين ۾ ئي راجا وير وڪرمادتيه پيدا ٿيو، جنهن چڪرورتي سمراٽ سڏايو. ان جي نالي سان ئي وڪرمي ڪئلينڊر يعني، وڪرمي سنبت جي شروعات ٿي. پرمار ڪُل ۾ ئي يشوي راجا ڀوج ٿيو. جنهن “ڌارا” نگري وسائي ۽ پنهنجي راڄڌاني قائم ڪئي. شاعر چيو آهي ته؛

”ايڪ اُجين ڌار ٻيجو آبُو ٻيسڻو“

پنجين ڇهين صديءَ ۾ ڪنهن وقت ڌار کان اچي پرمار راجا ڌرڻي براهه چتور تي پنهنجو راڄ قائم ڪيو ۽ پوءِ راجستان جي اُلهندي حصي تي حڪومت حاصل ڪري ورتي. پرمارن هتي جو راڄ ناگ جاتيءَ کان ورتو هوندو جئين ته هن دُوهي ۾ ڏيکاريل آھي:

پرماران رُوڌابيا ناگ گيا پاتا
همين وچارا آسيا ڪڻ ري جهُونٻي چال

منڊور جي ناگادري ندي، اُتي جو ناگ ڪُنڊ، ناگور (ناگوڌر)، پُشڪر جو ناگ، سيڪر جي آس پاس واري سرزمين انت گوچر وغيره ناگ جاتيءَ جي راجستان ۾ بادشاهي ڪرڻ کي ظاهر ڪري ٿي. راجا ڌرڻي براهه پنهنجي نو ڀائرن ۾ راڄ جي نو ڪوٽن (قلعن) کي ورهايو. تنهنڪري مارواڙ کي نوڪوٽي مارواڙ چوندا آهن. ڪوٽ ورهائڻ بابت شعر هيٺ ڏجي ٿو:

منڊور سانونت هُوئو اجمير سِنڌُ سُو
گڊ پُونگل گجمال هُوئو لوڌروو ڀاڻ ڀُو

آل پال ارٻڌ ڀوجراج جالنڌر
جوگراج ڌر ڍاٽ هُوئو هانسو پارڪر

نوڪوٽ ڪِراڙو سَنجُگتا ٿر پنوار هر ٿاپيا
ڌرڻي براهه ڌر ڀايان ڪوٽ بانٽ جُو جُو ڪيا
ڌرڻي براهه جو وڏو پُٽ ديوراج ٿيو، جنهن آبُو تي راڄ ڪيو. ننڍو پُٽ باهڙراءِ هو، جنهن ٻاڙمير وسايو. راوَ باهڙ جو راوَ چاھڙ ٿيو. چاهڙجي جا ٻه پُٽ1. سوڍاجي 2. سانکلاجي ۽ هڪ ڌيءَ ڪلياڻ ڪُنور (سچيا ماتا) هُئي. سچيا ماتا جو مندر ڪِراڙو جي کنڊرن وچ ۾ اڄ به موجود آهي ۽ ٻيو مندر اوسيان ۾ مشهور آهي. سچيا ٻائيءَ جي شادي جيسلمير جي ڀاٽي راجا سان ٿي هُئي. سوڍاجي جي ڪُل ”سوڍا“ سڏرايو ۽ سانکلاجي جي ڪُل ”سانکلا“ سڏرايو. سوڍا لفظ سنسڪرت ٻوليءَ جي ”سوڍ“ مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي وير، بهادر، سمرٿ وغيره. سوڍن جون مُکيه ڇٽيهه شاخون آهن، جن ۾ “سُرتاڻ” اعليٰ شاخ آهي، جنهن امرڪوٽ تي “راڻا” پدويءَ سان راڄ ڪيو آهي. سوڍي سنڌ ۾ رتي مُغل نالي ظالم بادشاهه کي جنگ ۾ شڪست ڏيئي پنهنجي راڄڌاني رتي ڪوٽ ۾ قائم ڪئي ۽ ”راڻا“ جي لقب سان رتوڪوٽ گاديءَ تي راڄ ڪيو. سوڍاجي جي پيڙهيءَ ۾ راڻا رائيديوجي ٿيو جنهن عمرڪوٽ جو راڄ سومرن کان ڇني ورتو ۽ پنهنجي گادي جو هند عُمرڪوٽ بڻايو.

امراڻو امراوتي ڌرا سُرنگي ڍاٽ
راجي سوڍا راجوي پهه پرماران پاٽ

راڻا جسهڙجي ولد جئه ڀرم امرڪوٽ تي وڪرمي سنبت 1282 ۾ پنهنجي حڪومت ڪئي ۽ اُن حادثي ۾ سندس مددگار چارڻ جنف ڏيٿا کي کاروڙو جي جاگير ”ڪروڙپساوَ“ ۾ تحفي طور دان ڪئي. جتي اڄ به اُن خاندان جا ماڻهو شري پيرڏان ۽ شري ڏيوي ڏان رهن پيا. ڪجهه وقت کانپوءِ ايران کان ارغونن جو حملو ٿيو ۽ اُنهن هن علائقي کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو. اُهي ڪلهوڙن کان شڪست کائي ڀڄي ويا. ڍاٽ تي ڪُجهه عرصو دائود پوٽن جو به قبضو رهيو، جيڪي پوءِ ٽالپرن (ميرن) کان شڪست کائي ڀڄي ويا. ٽالپرن ڪجهه عرصو امرڪوٽ تي راڄ ڪيو بعد ۾ سڄي سنڌ انگريزن جي قبضي هيٺ اچي ويئي. ڍاٽ جو راڄ هميشه لاءِ سوڍن جي هٿ مان نڪري ويو. انگريزن ڍاٽ پرڳڻو جوڌپور صوبي کي ليز تي ڏيئي ڇڏيو. جوڌپور جي مهاراجا هن پرڳڻي کي پنهنجي صوبي ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر انگريزن کي ائين قبول نه هو. انهن سمورو پرڳڻو ٿرپارڪر جي نالي سان پنهنجي وس ڪري ورتو. پرڏيهي حملن کان پهرين امرڪوٽ تي سوڍا راجائن جو راڄ رهيو، پر هن عرصي ۾ جن راڻن راڄ ڪيو اُنهن جي باري ۾ معلومات ميسر ناهي صرف ٽي نالا عام ماڻهن جي ياد ۾ اچن ٿا.
1. راڻا اوتار ديو: هن جي شادي مارواڙ جي راوَ چُونڊا جي ڌيءَ سان ٿي هُئي.
2. راڻا همير: راڻا اوتار جي جان نشين جي باري ۾ ڪا به معلومات موجود ناهي. راڻا اوتار کانپوءِ راڻو ڏوڏو، راڻو چانپوءِ راڻو گانگو ٿيو.
3. راڻا پرشاد: راڻي گانگي کانپوءِ راڻو پَتُو عرف پرشاد عمرڪوٽ جي گاديءَ تي ويٺو. هوُ پنهنجي عرصي ۾ تمام مشهور رهيو. دهليءَ جي بادشاهه هُمايون امرڪوٽ ۾ هن وٽ پناهه ورتي ھُئي. راڻي هن جي جنگ ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪئي. هُمايون جي پناهه وقت سندس بيگم حميده بانون سن 1542ع ۾ مهان بادشاهه اڪبر اعظم کي جنم ڏنو. راڻي پرشاد بيگم کي بادشاهي عزت ڏني، راڻي پرشاد کانپوءِ امرڪوٽ جي سوڍن جي تاريخ نه ٿي ملي. سوڍن جو امرڪوٽ تي سن 1439ع کان 1709ع تائين راڄ قائم رهيو. انگريز شاهي ايسٽ انڊيا ڪمپني ٽالپرن کان هارائي ڍاٽ پرڳڻي تي پنهنجو قبضو قائم ڪري ورتو سوڍن بادشاهي ”راڻا“ پدويءَ سان گڏ پنهنجو راجائي رُتبو ۽ رعب ته قائم رکيو، پر پرڳڻو هميشه هٿن مان نڪري ويو، جنهن جي گادي امرڪوٽ تي رهي جتي ڪيئي نالي وارا راڻا ٿي گُذريا. جيسلمير جي مهاراول پاران راڻي گانگي کان حڪومت ڇني جئه سنگهه کي گاديدار بڻايو ويو. ان کانپوءِ راڻا سُرتاڻ سنگهه (هن جو اولاد سُرتاڻ سوڍا سڏائين ٿا) راڻا آسڪرڻ، راڻا سگرام، راڻا کيم سنگهه، راڻا سگرام سنگهه دوم، راڻا سورج سنگهه، راڻا سٻل سنگهه، راڻا مهراج دوم، راڻا ڀڀوت سنگهه، راڻا صورت سنگهه، راڻا پيرڏان سنگهه، راڻا جسونت سنگهه، راڻا ارجڻ سنگهه ٿيا. موجودهه وقت راڻو همير سنگهه آهي جنهن پنهنجي بنا پرڳڻي راڻا پدوي قائم رکي آهي. ۽ هن وقت پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر آهي. راڻا همير سنگهه جو والد صاحب راڻا چندر سنگهه ننڍي کنڊ جو وڏو نالو آهي. سن 1930ع ۾ جنم وٺندڙ راڻا چندرسنگهه سوڍا جاتي ۾ تمام اهم رهيو. هي ٿرپارڪر سنڌ مان ايم-اين-ايءِ ايم-پي-اي رهيو. اولهه پاڪستان لاهور ۾ اُپ منسٽر رهيو ۽ ترت ئي پوءِ پاڪستان سرڪار ۾ نارڪو ٽيڪس جو وفاقي وزير ٿي رهيو. راڻا چندرسنگهه جي وڏن کي انگريز سرڪار پاران جاگير ۽ ساڙهي ٻنڌياڻ مليل هو. راڻا چندر سنگهه جي شادي راوتسر جي راوت تيج سنگهه ۽ پدم شري لڪشمي ديويءَ جي ڌيءَ سان ٿي. راڻا چندرسنگهه جا چار پُٽ آهن.
1. شري جنگ وجئه سنگهه.
2. شري همير سنگهه.
3. شري ڀوڀت سنگهه.
4. شري پرتيپال سنگهه.
راڻا چندرسنگهه جي فقط هڪڙي ڌيءَ آهي جنهن جي شادي شاهپور ڀيلواڙا جي ٺاڪر پرتاب سنگهه (آئي-اي-ايس) جي پُٽ شري نرپت سنگهه سان ٿي آهي. راڻاچندر سنگهه جا ٻه ڀائر هُئا. اندرسنگهه ۽ بلويرسنگهه. جيڪي پهرين ئي فوت ٿي چُڪا آهن. راڻا چندرسنگهه جو مرتيو پهرين آگسٽ 2009ع ۾ ٿيو.


انگريزن سان بغاوت:

ٽالپرن کي شڪست ڏئي انگريزن هي علائقو ته پنهنجي هٿ هيٺ ڪري ورتو پر پوري ٿرپارڪر ۾ غيريقيني واري صورتحال، بربادي، ظُلم ۽ حملن جو زور وڌي ويو. سوڍا به پنهنجو دٻدٻو قائم رکڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ لڳا. انهن دعويٰ ڪئي ته اسان جي حُڪم کي پوري ٿر ۾ مڃيو وڃي ۽ اُنهن کي راجائن وارا حق ڏنا وڃن. پاليٽيڪل ايجنٽ ڪرنل ٽائروٽ عرف تروٽ بغاوت کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ سوڍن جي ڪيئي گُهرجن کي مڃڻ جو پڪو پهه ڪري ورتو هو، پر هي جيڪو ڏيئي رهيو هو، اُهي سوڍا قبول نه ڪري رهيا هئا، ان ڪري تروٽ سوڍن جي انڪار کانپوءِ امرڪوٽ کان ڏهه ميل مفاصلي تي موجود ڳوٺ کيجڙيالي جي محمل علي شاهه سيد کي ڍاٽ ليز تي ڏيئي ڇڏيو. ڍاٽ جي عوام هن فيصلي جي خلاف ڀرپور بغاوت ڪئي محمد علي شاهه بغاوت کي ڪُچلڻ جي ڪوشش ڪئي عوام تي پنهنجي من ماني هلائيندي، زوري وصوليون ڪرڻ لڳو. اهڙي ظلم خلاف عوام عُمرڪوٽ جي راڻي وٽ فرياد کڻي وئي پر اُتان ڪو به فائدو نه مليو. اُن وقت ڍاٽ ۾ راڻي کانپوءِ هڪ سوڍي جوڌي رتن سنگهه پُٽ اڻند سنگهه جو ئي رُتبو عوام ۾ تمام گهڻو مقبول هو. محمد علي شاهه جي تمام گهڻي اتياچار جي ڪري عوام رتن سنگهه وٽ دانهن کڻي ويئي ته انصاف ڪيو وڃي، پر اهڙي شڪايت تي ڌيان نه ڏيندي تروٽ چيو ته، رتن سنگهه هن ليز واري معاملي ۾ مداخلت نه ڪري ۽ هن مسئلي کان پري رهي. هن کي ڪجهه زمين جي لالچ ڏني، پر هن قبول نه ڪئي. ڍاٽ جي جنتا جي دانهُن ڪُوڪن کي ڪنائيندي سوڍي رتن سنگهه محمد علي شاهه جي ظلم خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو ۽ کيس گولي هڻي ماري ڇڏيو. عوام رتن سنگهه کي ڍاٽ جي راڻپ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ تروٽ کي ليز ختم ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو. راڻا رتن سنگهه کي انگريز سرڪار گرفتار ڪري مقدمو هلايو ۽ آخرڪار سزا موت ڏيڻ جو فيصلو ٻُڌايو ويو. فيصلي جي خلاف بمبئي پريزيڊنسي کي گورنر ان ڪائونسل جي آڏو اپيل داخل ڪئي ويئي. اپيل منظور به ٿي، پر ڪن ماڻهن جي دغا جي ڪري رڪجي ويئي ۽ انگريز سرڪار طرفان مليل معافي نامون تڏهن ڏيکاريو ويو جڏهن هزارين ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ راڻي کي ڦاهي ڏني پئي ويئي. تڏهن راڻا رتن سنگهه چيو معافي سوڍا ناهن وٺندا، هُو سُوليءَ جو سينگار ٿي صحرائن ۾ سدا لئه سُرخرو ٿي ويو. رتن سنگهه جا ٻه وڏا ڀائر اڳ ۾ ئي رتن سنگهه کي ڇڏي ٽالپرن سان گڏ ويا هليا. ڍاٽ جي عوام رتن سنگهه جي ٽن پُٽن موهڙسنگهه، رڻ جيت سنگهه ۽ جيوراج سنگهه سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪندي کين عزت ڏيڻ ۾ ڪا به ڪمي نه رکي آهي، رتن سنگهه کي ڍاٽ جو راڻو مڃيو ويو. رتن سنگهه جا ٽيئي پُٽ ٻالڪپڻ ۾ هُئا. رتن سنگهه جي ننڍي ڀاءُ امرسنگهه پنهنجي ننڍڙن ٻالڪ ڀائيٽين جو ساٿ نه ڏنو ۽ اُنهن کي پنهنجي قسمت جي سهاري ڇڏي ڏنو. ٽيئي نابالغ، جڳهه جڳهه تي ڀٽڪندي ڍاٽ ۾ پنهنجي عزت ۽ ڳالهه کي قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. هن ڪم ۾ انهن جي مدد ”ٿاني ڪا تلا“ جي سنگراسي سوڍن ڪئي. سنگراسي سوڍن جو وڏو ڀڳوجي سنگراسي محمد علي شاهه کي مارڻ ۾ رتن سنگهه سوڍي سان گڏ هو. هن کي ”ڪاري پاڻي“ واري سزا ملي ۽ انڊمان ڪوبار جي جهنگلن ۾ رهايو ويو. نابالغ هئڻ جي ڪري رتن سگهه جا پُٽ راڻپ واري پدوي کان محروم ئي رهجي ويا، پر حقيقت ۾ رُتبو ۽ دٻدٻو انهن جوئي رهيو. موهڙسنگهه ۽ رڻجيت سنگه ته بنان اولاد جي ئي هي دنيا تياڳي ويا. جيوراج جا ٻه پُٽ هئا. ڀيرجي ۽ سونجي، انهن جي جان نشينن ڍاٽ تي پنهنجو رُتبو برقرار رکيو جيڪو سماجي ۽ راڄنيتي مسئلن جي ڪري پاڪستان ڇڏي، ڀارت ۾ جوڌپور (راجستان) اچڻ تائين ائين جو ائين قائم هو. ڀڳوجي جو ڪٽنب به جيسلمير هليو ويو. ڏيوي ڪوٽ ۾ سڪونت پذير ٿيو جتي ڀارت سرڪار طرفان1971ع جي جنگ ۾ مهاجرن جي رُوپ ۾ زمين ڏني ويئي. ڀيرجي ۽ سون جي جو اولاد جوڌپور ۽ جئه پور ۾ رهي پيو، انهن ۾ ڪجهه واپار ڪن ٿا ته ڪجهه مختلف کاتن ۾ نوڪريون ڪن ٿا.

جيتمال سنگهه سوڍا
141- ڍاٽ ڌرا پولو دوتيه.
_آستا اسپتال پاوٽا جوڌپور 342006 (راج)