پيش لفظ: پروفيسر محمد سليم ميمڻ
ذوالفقار ڪتاب جو مسودو اٽڪل ڏيڍ سال اڳ مون کي ڏنو هو ڪجهه لکڻ لاءِ، پر ان عرصي ۾ ٻه ڀيرا جايون مٽائڻ سبب مسودو هيٺ مٿي ٿي ويو ۽ ڪنهن شيءِ کي جيترو سانڍي رکبو آهي، اوترو ئي ان کي ڳولهي لهڻ ڏکيو هوندو آهي، سو هن مسودي سان به اها ڪار ٿي. آخر هڻي هٿ ڪيم، دير لاءِ ذوالفقار کان معافي.
ذوالفقار جي شخصيت گهڻ رُخي آهي، غير حڪومتي ادارن جي ڪم ڪار، سکيا ڏيڻ، انتظام هلائڻ ۽ صلاحڪار جي حيثيت ۾ جن ڪجهه سنڌين کي مهارت حاصل آهي، ذوالفقار انهن مان هڪ آهي. سياسي معاملن ۾ سندس ڄاڻ، مهارت ۽ تجزيا پڻ سندس سياسي دانائيءَ جا شاهد آهن، انهن ۾ ذوالفقار پهرين سٿ جي اڳواڻن ۾ شامل آهي، مطلب ته ذوالفقار سنڌ ۽ سنڌ جي ڀلائي ۽ بهتريءَ لاءِ اوهان کي هر هنڌ متحرڪ نظر ايندو.
بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ دنيا جنهن ڏک، افسوس ۽ رنج جو اظهار ڪيو، ذوالفقار ان کي ٽن جلدن ۾ سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ سهيڙي پڙهندڙن کي پيش ڪيو. پاڻيءَ جو مسئلو سنڌ جو وڏو مسئلو آهي ۽ پاڻيءَ سبب آيل ٻوڏن جون تباهڪاريون به خطرناڪ آهن. ذوالفقار ان موضوع تي به انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکي دنيا جو ڌيان ڇڪايو.
سفرنامن لکڻ ۾ به ذوالفقار ٻين کان پوئتي ڪونهي، ان کان اڳ سندس ٻه سفرناما ’دلي درشن‘ اردو ۾ ۽ ’آمريڪا ياترا‘ سنڌيءَ ۾ شايع ٿي چڪا آهن. هي سندس ٽيون سفرنامو آهي، جيڪو بنگلاديش جي سفر بابت آهي. سفرنامن لکڻ ۾ ذوالفقار ٻين کان بلڪل منفرد انداز جو مالڪ آهي، جنهن ۾ هو پڙهندڙن کي مختلف نموني جي ڄاڻ ڏيئي ٿو. وٽس فقط گهمڻ ڦرڻ ۽ جڳهن جاين، تفريحي ماڳن بابت معلومات ڪانهي، حقيقت ۾ ذوالفقار تاريخ جو شاگرد آهي. ان ڏس ۾ سندس تاريخي اڀياس نهايت گهرو ۽ وسيع آهي، نتيجي ۾ هو اتان جي حالتن جو منطقي انداز ۾ تجزيو ڪري ٿو.
زيرِنظر ڪتاب بنگلاديش جي گايءَ واري هنڌ ڍاڪا جي دوري بابت آهي، جتي هو پيپلز سارڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ويو هو، جيڪا ”هڪ نئين ڏکڻ ايشيا جو تصور: عوامي خيال“ جي موضوع تي ڪوٺائي ويئي هئي. پاڻ جيئن ته ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ويو هو، تنهن ڪري سندس سفر ڍاڪا تائين رهيو ۽ هو بنگلاديش جا ٻيا شهر ۽ ماڳ نه ڏسي سگهيو، جيڪي وڌيڪ سهڻا ۽ دلڪش آهن.
ڪانفرنس جي مقصديت، شرڪت ڪندڙن جي سوچ ۽ ڳڻتيءَ جو احوال به ليکڪ نهايت اثرائتي ۽ سنجيده انداز ۾ ڪيو آهي، جنهن ۾ مذهبي، فرقيوار، نسلي، لساني دهشتگردي ۽ اڻسهپ تي جتي وڏا بحث ٿيا، اتي پنجاب جي اڳوڻي گورنر سلمان تاثير جي شهادت جي ڳالهه به ڪئي. ليکڪ ان موقعي تي پنهنجي ذهانت ۽ ڦڙتيءَ سان ان ڏس ۾ نندا جو هڪ ٺهراءُ تيار ڪرائي بحال ڪرايو، جنهن تي ڪانفرنس ۾ سڀني شرڪت ڪندڙن صحيحون ڪيون ۽ ذوالفقار پنهنجي ذهن ۽ ضمير تان بار لهندي محسوس ڪيو ۽ ان پڪي پهه جو به اظهار ڪيو ته سچ ۽ حق جي واٽ لاءِ ڪنهن ڊپ ڊاءُ کان سواءِ جاکوڙ جاري رکجي. مون پڙهندي سوچيو ڪاش اهڙو ٺهراءُ اسين پنهنجي ملڪ ۾ بحال ڪرائي سگهون ها.
اوڀر بنگال اسان جي ملڪ جو حصو هو، ۽ اسان جي بنگالي ڀائر به اسان جا هم وطن هئا، پر وقت ۽ حالتن اسان جي (اولهه پاڪستانين) جي بي رحم روين، کين ڌار وطن لاءِ جاکوڙ ڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ بنگالي اسان کان ڌار ٿي ويا. هونئن به اسان وٽ بنگالين لاءِ عجب سوچ هئي، ’بکيو بنگالي‘ جو اصطلاح مان ننڍي هوندي کان ٻڌندو اچان ٿو. وڏا اڪثر هٻڇ، يا ڪا شيءِ گھرڻ تي چوندا هئا ته ’بکيو بنگالي آهين‘. هاڻي جڏهن اسان هنن کي ’رجسٽرڊ بکيو‘ جو خطاب ڏيئي چڪا هئاسين ته پوءِ انهن لاءِ عزت ۽ مان جو تصور اسان لاءِ شايد ڪو ڏکيو ڪم هو.
آزاديءَ کي 42 سال گذرڻ کان پوءِ به ڍاڪا جي صورتحال جو ذڪر ڪندي، ذوالفقار اتان جي غربت، پٺتي پيل هجڻ، انهن جي تڪليفن ۽ اهنجن جو جهڙيءَ ريت ذڪر ڪيو آهي، تنهن تي هڪ حساس دل گهڻو ڪجهه سوچڻ تي مجبور ٿئي ٿي.
1970ع جي شروعاتي ڏينهن ۾ مون کي به اوڀر پاڪستان وڃڻ جو موقعو مليو هو. ان وقت منهنجو سؤٽ انجينيئر جبار، انٽرونگ اسڪالرشپ تي East Pakistan University of Engineering & Technology ۾ سول انجينيئرنگ جو شاگرد هو. اوڀر پاڪستان مان اٺ شاگرد، اولهه پاڪستان انجينيئر جي تعليم پرائڻ ايندا هئا، ۽ اولهه پاڪستان جا اٺ شاگرد اوڀر پاڪستان تعليم پرائڻ ويندا هئا، کيس ان وقت 150 روپيا ماهوار اسڪالرشپ ملندي هئي. جبار ٻه سال اتي پڙهيو ۽ پوءِ حالتن خراب ٿي وڃڻ کان پوءِ جنگ کان اڳ موٽي آيو. ان دؤر ۾ پي آءِ اي جي ٽڪيٽ توڙي سامونڊي جهازن جي ٽڪيٽ ملڻ محال هو. جبار کي به ڏاڍي ڊڪ ڊوڙ ۽ جاکوڙ کان پوءِ ابرار قاضيءَ (جيڪو هاڻي سياسي اڳواڻ آهي.) جي مدد سان ٽڪيٽ ملي، جيڪو ان وقت پي آءِ اي ۾ نيويگيٽر هوندو هو. ان دؤر ۾ جهازن ۾ پائليٽ کي جهاز جي اُڏام جي رستي جي رهنمائي ڪندو هو. موجوده دؤر جا جهاز ته تمام گهڻا جديد آهن جن ۾ رهنمائيءَ لاءِ هر قسم جون سهولتون موجود آهن.
اوڀر پاڪستان جي انجينيئرنگ يونيورسٽي به هوائي اڏي جي ڀر ۾ هئي، جتان جهازن کي لهندي ۽ چڙهندي ڏسندا هئاسون. شيخ مجيب الرحمان جو هڪ پٽ، سندس نالو شايد ڪمال هو، جبار جو دوست هو، ڍاڪا ۾ رهڻ دوران ساڻس ڪافي گڏجاڻيون ٿيون، جنهن ۾ بنگالين سان ٿيندڙ زيادتين، ٻوليءَ کي اهميت نه ڏيڻ ۽ غربت جهڙن موضوعن تي تمام گهڻو بحث ٿيندو هو، پر اهو اندازو ڪونه هو ته ملڪ ٻه اڌ ٿي ويندو. ان وقت ايتري سياسي سمجهه به نه هئي. گهڻو تڻو سائيڪل رڪشا تي سفر ٿيندو هو. ان دور ۾ ڪراچيءَ ۾ به سائيڪل رڪشا جو رواج هو، جن کي مضبوط ۽ طاقتور لياريءَ جا مڪراني هلائيندا هئا، جڏهن ته ڍاڪا ۾ ڪمزور ۽ نٻل، اڌ گوڏ، پٺي اگهاڙا يا ڪن کي بت تي صدريون ڍڪيل هونديون هيون، سائيڪل رڪشا هلائيندي نظر ايندا هئا. انهن جو ڀاڙو وڌ ۾ وڌ چار آنا ۽ سستي عياشي اٺن آنن ۾ ٿيندي هئي. مون کي ڪيترن ئي شهرن جي گهمڻ جو موقعو مليو، جنهن ۾ باريسال جو سهڻو ۽ وڻندڙ شهر به هو، جنهن جي سونهن کي يورپ جي ڪنهن شهر سان ڀيٽي سگهجي ٿو.
ذوالفقار جيئن پاڻ لکيو آهي ته اڀياس کان وڌيڪ مشاهدي ۽ ذاتي مشاهدي تي وڌيڪ ڀاڙيندو آهي، تنهن جي ذهن ۾ ننڍي کنڊ جي تاريخ هڪ فلم وانگر هلندي ٿي رهي ۽ مختلف موقعن تي هو تاريخ جي درين ۾ جهاتيون پائيندو نظر اچي ٿو. ان حوالي سان هڪ سفرنامو گهٽ ۽ سياسي ۽ تاريخي تجزيو وڌيڪ آهي.
مون کي ياد آهي، جڏهن بنگال ڌار ٿيو هو ته هڪ رپئي ۾ ٻه ٽڪا ملندا هئا، هاڻي صورتحال ان جي برعڪس ٿي ويئي آهي، ٻن روپين ۾ هڪ ٽڪو ٿو ملي، معنيٰ اسان جي ڪرنسي 44 سالن ۾ بنگلاديش جي ڪرنسي جي ڀيٽ ۾ 300 سيڪڙو ڪري پئي آهي.
نائن اليون جي واقعي کان پوءِ پاڪستان مٽاسٽا جي ناڻي ۾ جيڪا تيزيءَ سان گهٽتائي آئي، يا غيرقانوني طريقن سان جيڪو پرڏيهي ناڻو آندو وڃي ٿو، يا اڄ ڪلهه ڪرنسي ايڪسچينجن وسيلي وري ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪليو پيو وڃي، ذوالفقار ان تي گهري ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي نظر اچي ٿو. هو ڄاڻ ڏيئي ٿو ته 85 لک بنگالي ٻاهرين ملڪن ۾ رهن ٿا، جيڪي مختلف حيثيتن ۾ ڪم ڪندي ساليانو ذري گهٽ 10 بلين آمريڪي ڊالر بنگلاديش موڪلين ٿا.
ان موقعي تي تجزيو ڪندي ٻڌائي ٿو ته پاڪستان تي جيڪي انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ مذهبي جنونيت جا ليبل هئڻ سبب پاڪستان پورهيتن ۽ ٻين پيشه ور شعبن ۾ انفرادي قوت جي وڃڻ جا موقعا گهٽجي رهيا آهن، جڏهن ته بنگلاديش لاءِ اهي موقعا وڌي رهيا آهن، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته افغان جنگ ۾ آمريڪي ساٿاري ٿيڻ سان، اسان پنهنجي پير تي جيڪا ڪهاڙي هنئي آهي، تنهن جي نتيجي ۾ مذهبي نفرت، دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ مذهبي جنونيت جي وڌڻ سان گڏوگڏ اسان کي هڪ پاسي امن امان جو مسئلو درپيش آهي ته ٻئي پاسي اقتصادي طور تي تباهيءَ جي ڪنڌيءَ تي وڃي رهيا آهيون.
بنگلاديش ٺهڻ کان پوءِ به بنگالي ڀارت وسيلي غيرقانوني طور پاڪستان اچي پورهيو ڪندا هئا. ڪراچيءَ ۾ ڪيتريون ئي بنگالين جو ڪالونيون هيون، جنهن ۾ اُتر ناظم آباد ۽ فيڊرل بي ايريا جي ڀر ۾ واقع موسيٰ ڪالوني مشهور آهي، جنهن ۾ ڪو غير شخص نٿو گهڙي سگهي. ڪراچيءَ ۾ ڪڪڙين جي فارمن ۽ دڪانن تي بنگالي ڇوڪرا ڪم ڪندا هئا، پر آهستي آهستي اهي نار جي ملڪن ڏانهن هليا ويا، جو روپيءَ جو ملهه ڪري پيو آهي. اڳي هو هڪ پاڪستان روپيو مائٽن کي موڪليندا هئا ته ان جي عيوض کين ٻه ٽڪا ملندا هئا، تنهن ڪري توهان کي دبئي، ابوظهبي، قطر، عمان ۽ بحرين ۾ هر هنڌ ۽ هر پاسي بنگالي نظر اچن ٿا، جو پاڪستانين کان به گهٽ اجوري تي ڪم ڪن ٿا.
بنگلاديش جي معاشي ترقيءَ جو ذوالفقار نهايت اثرائتو تجزيو ڪيو آهي ۽ بنگال ۾ معاشي ترقي آڻيندڙ هڪ مکيه ڪردار ڊاڪٽر يونس سان ملاقات ٿيس، جنهن تي خوشيءَ جو اظهار ڪري ٿو ۽ ملاقات مان جيڪو لاڀ پرائي ٿو، تنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هر بنگالي پنهنجي ملڪ جي ترقيءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ لاءِ پتوڙي رهيو آهي. الطاف شيخ وانگر هو بنگلا جي هر معاملي ۽ مسئلي کي پنهنجي ملڪي معاملن ۽ مسئلن سان ڀيٽي ٿو. گرامين بئنڪ جي نوبل انعام ماڻيندڙ ڊاڪٽر يونس سان ملاقات وقت کانئس پاڪستان جو نوبل انعام ماڻيندڙ ڊاڪٽر عبدالسلام نٿو وسري، جنهن کي طبيعات جي شعبي ۾ گهڻا ورهيه اڳ سندس اعليٰ تحقيق جي مڃتا ۾ نوبل انعام مليو، پر احمدي هئڻ جي ڏوهه ۾ کيس ملڪ ڇڏڻو پيو. اهو ايذائيندڙ خيال جڏهن سندس حساس دل ۾ اچي ٿو ته سندس ڇا ڪيفيت ٿي هوندي، اسين اندازو لڳائي سگهون ٿا.
اها ساڳي ڪار انسانيت جي هڪ ٻئي مسيحا ڊاڪٽر اديب الحسن رضويءَ سان به ٿي، جنهن کي شيعه هئڻ جي ڏوهه ۾ گهڻو عرصو ملڪ کان ٻاهر رهڻو پيو.
ساڳيءَ ريت جڏهن نذرالاسلام جي مزار تي وڃي ٿو ته ماڻهن جا ميڙ ڏسي کيس سنڌ جي برزگن جون مزارون ياد ٿيون اچن. هو نذرالاسلام جي شخصيت، فن، فڪر، شاعري ۽ حياتيءَ جي مختلف پهلوئن تي پڙهندڙن کي جهڙيءَ ريت پاڻ سان ڀاڱي ڀائيوار ڪري ٿو ان مان اهو احساس ٿئي ٿو ته ڄڻ نذرالاسلام بابت ذاتي طور تي اظهار ڪيو هجي. ان موقعي تي وري کيس شيخ اياز ياد اچي ٿو. هو ٻنهي مهان شاعرن جي شخصيتن، سوچ، فڪر ۽ ڪلام جو تجزيو ڪري ٿو. ون يونٽ ۽ ون يونٽ کان پوءِ جي دور ۾ شيخ اياز جي هڪ شاعر، محرڪ، سياسي ڏاهي ۽ رهبر واري ڪردار تي نهايت پيرائتي روشني وجهي ٿو ۽ بنگالي قوم جي باني بنگابنڌو ۽ شيخ اياز جي وچ ۾ ٿيل رابطن بابت پڙهندڙن کي ڄان ڏيئي ٿو.
ذوالفقار جي لکڻين ۾ صداقت جو عنصر غالب هوندو آهي. ان جو هڪ بنيادي سبب اهو به آهي ته هو جتي به وڃي ٿو، اتان جي برک اخبارن جو اڀياس ڪري ٿو. حقيقت جي گهرائيءَ ۾ وڃي اتان جي حالتن کي پروڙي ۽ پرجهي ٿو. هن سفرنامي ۾ به هو پنهنجي ان عادت موجب هوٽل پهچڻ کان پوءِ وڃي اخبارون وٺي اچڻ جي هڪ دلچسپ واقعي جو ذڪر ڪري ٿو. گڏوگڏ هو عام ماڻهن سان ملي انهن سان حال اورڻ ۽ ڄاڻ گڏ ڪرڻ ۾ ويساهه رکندڙ آهي. اهڙيءَ ريت هو تحقيق جي مڃيل اصولن يعني اڀياس، مشاهدو ۽ فيلڊ سروي ۽ سوالنامن وسيلي ڄاڻ حاصل ڪري ٿو. سندس اهڙي طريقي جي حاصل ڪيل ڄاڻ مستند ڄاڻ هجي ٿي ۽ وري Documentation جو جيڪو کيس شوق آهي ان سان ته هو ان ڄاڻ کي تاريخي دستاويز جو روپ ڏيئي ڇڏي ٿو. انهيءَ تناظر ۾ ’ڍاڪا جو سفر‘ حقيقت ۾ هڪ تاريخي ۽ تجزياتي دستاويز آهي، جنهن مان پڙهندڙ گهڻو ڪجهه پرائي سگهندا، خاص ڪري هو پاڪستان جي ٺهڻ کان ٻه اڌ ٿيڻ، ان کان پوءِ جي صورتحال، بنگالين سان ٿيندڙ ڏاڍ، اتي رهندڙ بهارين جي سوچ، پاڪستان فوج جي ڏاڍاين ۽ ٻين ڪيترن پهلوئن بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهندا، جيڪا ان دؤر جي اخباري سينسرشپ سبب اسان تائين نه پهچي سگهي.
مجموعي طور تي هيءَ ڪاوش ذوالفقار هاليپوٽي جي محنت جو اهڙو ثمر آهي، جنهن مان ساڃاهه وند پڙهندڙ ڀرپور لاڀ پرائي سگهن ٿا.
پروفيسر محمد سليم ميمڻ
73-A/II/I,
34th Street, Off.Khayaban-e-Sahar,
Phase-V, Ext.D.H.A., Karachi.
ڪراچي، 31 ڊسمبر 2014